سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر 1976ع

باب: --

صفحو :4

·   مرلي ڌرم مٽلاڻي – سکر

مرلي جي ڪرامت

سندس اصلي نالو ته ڪجهه ٻيو هو پر کيس ڳوٺ جا ماڻهو ڪمون ڪوٺيندا هئا. جو ڪمون جوڳي هو ۽ ان ڳوٺ ۾ مرلي وڄائيندو هو تنهن تي ماڻهو کيس ڪجهه پئسا يا روٽي وغيره ڏيندا هئا. اهڙي طرح سندس گذرسفر ٿيندو هو. انهي ڳوٺ ۾ موتي نالي هڪ ڇوڪرو رهندو هو. جو تمام شرارتي ڇوڪرو هو. سڄو ڏينهن ڳوٺ جي ٻارڙن سان پيو وڙهندو هو، ڳوٺ جا ماڻهو هن مان تمام تنگ اچي چڪا هئا، موتي کي مرلي وڄائڻ جو تمام شوق هوندو هو، هو هميشه ان جوڳي جي مرلي چورائڻ جا وجهه پيو ڳوليندو هو. هڪ ڏينهن هو جيئن هڪ گهٽي مان لنگهيو ته سندس نظر ان جوڳي تي پئي، جيڪو گهر وڃي رهيو هو ۽ گهٽي ۾ ڪو به ماڻهو ڪو نه هو، موتي تڪڙو وڌي جهمپ هڻي سندس مرلي کسي وٺي ڀڳو جوڳي رڙيون ڪيون. پر هو ڀڄي ويو، رڙين تي ڳوٺ جا ماڻهو مڙي آيا. ڳالهه معلوم ٿيڻ تي موتي جي گهر ويا، پر هو مڃي ئي ڪونه چئي: ٻيو ڪو هوندو. مان ته صبح کان ٻاهر نڪتو ئي ڪو نه آهيان. ڳوٺاڻن کي ان غريب جوڳي جي غريبي تي رحم اچي رهيو هو سو انهن موتي کي ڏاڍا ايلاز ڪيا پر هن ڪجهه به ڪو نه باسيو. مجبور ٿي ڳوٺاڻن ڪجهه پئسا گڏ ڪري جوڳي کي ڏنا. جوڳي ماڻهن کي دعا ڪندو ۽ موتي کي پٽيندو هليو ويو. ٻه ٽي ڏينهن گذريا هڪ ڏينهن موتي ڪمري جو در ڏيئي مرلي وڄائڻ لڳو. مڄاڻ ان ڪمري جي پاسي ۾ هڪ ٻر هو، جنهن ۾ هڪ نانگ رهندو هو. نانگ مرلي جي آواز تي مست ٿي ٻاهر نڪري آيو. جنهن جي موتي کي خبر ڪو نه پئي. پر هن کي ان وقت خبر پئي جنهن مهل نانگ بلڪل ويجهو اچي پهتو هو. ۽ کن پلڪ ۾ ڪا شي موتي جي جسم ۾ داخل ٿي وئي. ۽ هڪ رڙ ڪمري ۾ گونجي رڙ تي گهر وارا ڊوڙي آيا. جيئن ته دروازو اندران بند هو انڪري هنن دروازو ڀڳو پر هنن جي پهچڻ کان اڳ امانت جو پکي پڃرو ڇڏي پرواز ڪري ويو هو. ۽ موتي کي مرلي جو شوق ڏاڍو مهانگو پيو هن هڪ غريب ۽ ضرورتمند جوڳي جي دل رنجائي ۽  ڏکويو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس موت جو منهن ڏسڻو پيو.

·  ايم الطاف سومرو –داد لغاري

ايمانداري

پراڻي زماني ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾، هڪ غريب ڪاٺير رهندو هو. هو روز صبح جو جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويندو هو ۽ شام جو ڪاٺيون وڪڻي واپس گهر ايندو هو. هڪ ڀيري جيئن ئي ڪاٺيون ڪري رهيو هو، تيئن هن جي ڪنن تي گهوڙي جي ٽاپ ٽاپ جو آواز آيو. ڪاٺير تمام ڊنو ۽ چيائين: يا خدا! هي ڪهڙي مصيبت آهي. الائجي جي چور آهن، الائجي جي ڇا؟ هاڻي ته مون کي ماريندا ڪاٺير ائين چئي هڪ ويجهي وڻ تي تڪڙو تڪڙو چڙهي ويو. قدرت الاهي، جنهن وڻ تي ڪاٺير هو. ان ئي وڻ جي هيٺان اهي گهوڙي سوار اچي ترسيا. هاڻي ڪاٺير ڏاڍو ڊڄڻ لڳو. گهوڙن وارا هيٺ لٿا، هڪڙي وڏو ڪپڙو وڇائي ان تي ڪا شيءَ ڳوٿرين مان ڪڍي کڻي وڌي، ڪاٺير ڏٺو ته انهن ڳوٿرين ۾ تمام گهڻا سون جا سڪا ۽ گنيون هيون. ٻئي چور پاڻ مال تان اچي وڙهيا هو چوي ته ٻه حصا مان کڻان ۽ هو چوي ته ٻه حصا مان کڻان. اوچتو اتان شينهن نڪري آيو شينهن جي گجگوڙ ٻڌي چور اٿي ڀڳا. پر شينهن ٻنهي کي ماري ڇڏيو. شينهن جي وڃڻ کان پوءِ ڪاٺير هيٺ لٿو. مال گهڻو ڏسي سمجهي ويو. ته چورن پڪ بادشاهه جي چوري ڪئي آهي. سو ڇو نه هي حقيقت بادشاهه کي ٻڌايان ته اهو انعام به جهجهو ڏيندو اهو خيال ڪري ڪاٺير سڌو بادشاهه جي درٻار ۾ آيو ۽ سڄو احوال بادشاهه کي ٻڌايائين. بادشاهه وڃايل مال هٿ ڪري گهڻو خوش ٿيو ۽ ڪاٺير جي ايمانداري ڏسي، بادشاهه کيس ايتري ته دولت ڏني جو ڪاٺير سڄي ڄمار  پئي خوش گذاريو.

 انسان جي واسطي سڀ کان وڏي خوشقسمتي ۽ حياتي جو سڀ کان وڏو انعام اهو آهي ته  هو پنهنجي ۾ ڪنهن اهڙي خاص ڪم ڪرڻ جو لاڙو پيدا ڪري ڇڏي جنهن سان هن کي پورو پورو شوق هجي ۽ ان ڪرڻ سان خوشي حاصل ٿئي. (ايمرسن)

-موڪليندڙ: نجم ناز پنهور سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.

·  زاهده پروين ميمڻ – خيرپور ميرس

بي اتفاقيءَ جو نتيجو

ڪنهن جهنگ ۾ هڪ ڪڪڙ ۽ هڪ بدڪ رهنديون هيون. هنن جي پاڻ ۾ ڏاڍي پڪي سهيلپ هئي. هو گڏ تلاءَ تي وينديون هيون. بدڪ تلاءُ ۾ وهنجندي هئي، ڪڪڙ وري اتي سائي سائي ڇٻر تي گهمندي هئي، انهي کان سواءِ انهن ٻنهي جو گهر هڪ ٻئي جي ويجهو هو. انهي جهنگل ۾ هڪ لومڙي به رهندي هئي. لومڙي هر وقت انهيءَ تاڙ ۾ رهندي هئي ته ڪنهن طريقي سان ڪڪڙ ۽ بدڪ ۾ جهيڙو ٿي ۽ ان ٻنهي کي جدا ڪري ڇڏيان. هڪ ڏينهن وجهه وٺي هن ڪڪڙ جا سڀ آنا کائي ۽ هڪ آنو بدڪ جي در وٽ اڇلائي ڇڏيو جڏهن ڪڪڙ پنهنجا آنا گم ڏٺا ته هو گهر کان نڪتي هن کي اهو ڏسي ڏک ٿيو ته هن جا آنا بدڪ جي گهر جي اڳيان ڀڳل پيا هئا، هو تکو بدڪ جي گهر وئي ۽ هن سان وڙهڻ لڳي ته تو منهنجا آنا کاڌا آهن. ۽ اهڙي طرح ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو. نيٺ ڪڪڙ وڙهي پنهنجي گهر هلي ويئي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ لومڙي بدڪ جا سڀ آنا کائي ڇڏيا ۽ هڪ آنو ڀڃي ڪڪڙ جي گهر وٽ اڇلائي وئي. جڏهن بدڪ اهو حال ڏٺو ته چڙ ۾ باهه ٿي وئي ۽ ڪڪڙ کي مارڻ لڳي. لومڙي اتي ئي ڄارين ۾ لڪي ٻنهي جو جهيڙو ڏسندي رهي، جڏهن ٻئي وڙهي بيهوش ٿي ويون ته هو ڊوڙندي آئي ۽ ٻنهي کي ماري کائي ڇڏيائين. اهڙي طرح ٻنهي کي نااتفاقيءَ جي سزا ملي وئي.

پيارا ڀائرو، اسان سڀني کي گهرجي پاڻ ۾ اتفاق رکون، جيڪڏهن اسان سڀني ۾ ٻڌي هوندي ته ڪو به دشمن اسان ڏي  نظر کڻي نه ڏسندو.

جيڪو شخص بدلي جي طريقن تي غور ڪندو رهي ٿو، ان جا زخم  سدائين چڪندا رهن ٿا؛ ۽ جيڪو شخص پنهنجي دوستن جي هر خطا تي ڏمر ڪندو آهي ان جا دشمن گهڻائي  هوندا آهن.         (بو علي سينا)

-موڪليندڙ: سڪندر علي پنهور، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

·   افسر حسين شاهه –شڪارپور                [مزاحيه ڊرامو]

قابل ڊاڪٽر

] ڊاڪٽر جي اسپتال. ڊاڪٽر پنهنجي ڊريس ۾ نڪ تي عينڪ رکيو، ڳچي ۾ اسٽيٿا اسڪوپ، مريض جي انتظار ۾ ڪرسي تي ويٺو آهي. دوائن جون شيشيون رکيل آهن. ڊاڪٽري جا ڪجهه چارٽ ٽنگيل آهن. ڪمپائونڊر پنهنجي ڪوٺي جي ٻاهران انتظار ۾ بيٺو آهي.[

(ايتري ۾ خميسو ۽ سندس پٽ (مريض) اچن ٿا).

خميسو: ڊاڪٽر صاحب اسلامالي

ڊاڪٽر: سلام خميسا خان ڪر خبر خير ته آهي.

خميسو: ڊاڪٽر صاحب هن ڇوڪر کي (اشارو ڪري) تپ چڙهي ويو آهي. الاجي جي ڇا اٿس، هن کي مهرباني ڪري ڏسوس.

]ڊاڪٽرڇوڪر جي نڪ کي(مٿي ڪري) ۽ اکين کي (ڦاڙي) ڏسي ٿو.[

ڊاڪٽر: هن ڇوڪر کي ته خطرناڪ بيماري آهي، گهڻا ڏينهن ٿيا اٿس ڇا تون بگڙيو آهي.

خميسو: ڊاڪٽر صاحب اول ته نڙيءَ ۾ نوابشاهه اٽڪي پيس، گهڻي ئي ڪوشش ڪيون پر ڪو نه نڪتو. پوءِ ته اچي الٽيون ٿيس، الٽين ۾ آلجبرا ۽ جاميٽري نڪري ويون اٿس ۽ ڇِڪ ڇِڪ سان ڇنڇر نڪري پيو وڃي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڇنڇر سان گڏ جمع به.

ڊاڪٽر: زڪام به اٿس.

خميسو: برابر سائين، ڇوڪر جي بيماري هوش ئي خطا ڪري ڇڏيا آهن. زڪام ته ڏاڍو اٿس ۽ زڪام سان زبرون زيرون سڀ نڪريو وڃنس.

(ايتري ۾ ڇوڪري ڳالهائيو)

ڇوڪرو: ڊُڪُٽر سلملڪم.

خميسو: ڏسو ٿا ڊاڪٽر صاحب، زيرون زبرون هجن ته ڏين نه. سڀ لفظ ائين پيش سان ٿو ڳالهائي.

ڊاڪٽر: ميان شڪر ڪر دير ته ڪئي اٿئي پر وري به گهڻي دير نه ڪئي اٿئي. هن کي  ڏاڍي خطرناڪ بيماري آهي. هن بيماريءَ کي چوندا آهن، ”ريڪٽئنگيولر.“

خميسو: ريٽ....! (اٽڪي پئي ٿو.)

ڊاڪٽر: ميان ڪو بزار ۾ آيو آهين، ڇا جو ريٽ ٿو پڇين. بابا هي اهڙي خطرناڪ بيماريءَ جو نالو آهي جو هفتو سارو وظيفو ڪرين، تڏهن به مس وڃي ياد بيهي. سنڌيءَ ۾ ياد نه بيهندءِ.

خميسو: سنڌيءَ ۾ نالو ڪهڙو اٿس ڊاڪٽر صاحب.

ڊاڪٽر: مستطيل نما.

خميسو: سائين، اهو ته سولو نالو آهي مستقيم شاهه. هونئن ياد نه بيٺو ته پنهنجي مرشد جي نالي سان ياد ڪندوسانس.

ڊاڪٽر: ميان مستقيم شاهه نه پر مستطيل نما. هاڻي ڇڏ ان نالي کي وٺ علاج کي.

خميسو: وارو ڪر ڊاڪٽر. الله ڇوڪر کي ڇٽائيندو تنهنجي ڪوشش سان.

ڊاڪٽر: ته خميسا خان باقي اسان ويٺا ڇا لاءِ آهيون. ڊاڪٽر هاف هاليڊي يورپ جو ۽ ڊاڪٽر نظام شمسي ايشيا جو اهڙن زبردست ڊاڪٽرن جي اسان شاگردي ڪئي آهي. ڪا مسخري آهي.

خميسو: (عجب مان) ڀلا ڊاڪٽر دير ته نه ڪر.

(ڊاڪٽر دوئوان پني تي لکي ڪمپائونڊر کي ڏئي ٿو، جيڪو اهي دوائون ڪجهه دير کان پوءِ کڻي اچي ٿو.

ڊاڪٽر: (ڪمپائونڊر کان دوائون وٺندي) ميان دوا ڪندين لاڳيتو. هيءَ دوا ڏينهن 45 دفعا پياريندينس. ٽيٽران جون ٽڪيون 30 روز، ڪاڪڙي لاءِ ڪيپسول هڪ وقت ۾ 5 ۽ ڏينهن ۾ 35 دفعا. هي اٿئي توشيبا جو تيل. جنهن جي منهن ۽ مٿي تي مالش ڪندين، ڏينهن ۾ 10 ڏهه ڀيرا سمجهه ته هڪ سال ۾ ڇوڪرو نوبنو.

خميسو: خدا تنهنجو ڀلو ڪندو، ڀلا کائي ڇا؟

ڊاڪٽر: ميان کاڌو پيتو بند، متان ڪجهه ڏنو اٿئيس کائڻ پيئڻ سان ٿريءَ ۾ جو نوابشاهه اٽڪيل اٿس سو هيٺ لهي ويندو، نوابشاهه هيٺ لٿو ته بيماري ڦري رامبس ٿي پوندي پوءِ سمجهه ته خدا حافظ.

خميسو: نه سائين تو به منهنجي (ڀلا سائين دوائن جا پئسا؟)

ڊاڪٽر: نه بابا اسان وٽ سڀ ڪجهه خيراتي هوندو آهي، هو خيراتي پيتي رکي اٿئي ان ۾  100 رپين جو نوٽ وجهه پئسي کي هٿ لائڻ اسان لاءِ حرام آهي. (اهو ٻڌي خميسو ڏندڻجي وڃي ٿا.)

·  عاشق علي گوپانگ – لاڙڪاڻو    

اخلاقي سبق

اتحاد

 

دنيا ۾ ڪي اهڙا به ڪم آهن، جيڪي هڪڙي انسان کان ٿي نه ٿا سگهن. پر جيڪڏهن ٽي چار ڄڻا گڏجي اهو ڪم ڪندا ته اهو سولائي سان ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته ٽي چار ڄڻا پاڻ ۾ هڪ ٿي ويا ته ڄڻ متحد ٿي ويا اسان تي اهو فرض آهي ته هڪٻئي سان ٻڌي ۾ رهون. جيڪڏهن ڪنهن ڀاءُ کي ڪا تڪليف اچي ته ان کي پنهنجي تڪليف ڪري سمجهون. جهڙي طرح جسم جي هڪڙي عضوي ۾ سور هوندو ته سڄي جسم ۾ سور هوندو. اسلام ۾ اتحاد جي وڏي تاڪيد ڪيل آهي قرآن شريف ۾ آيو آهي ته: سڀئي مسلمان الله جي رسي کي مضبوط پڪڙيو۽ ٽولا ٽولا نه ٿيو“ هڪڙي پير مرد کي ٽي پٽ هئا پر اهي هر وقت هڪٻئي سان وڙهندا هئا پير مرد سوچيو ته جيڪڏهن مان مري ويندس ته هي پاڻ ۾ وڙهي تباهه ٿي ويندا. پير مرد کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي پئي. پير مرد کي هڪ ٽل سمجهه ۾ آئي، ۽ ٽنهي پٽن کي گهرائي هڪ ڪاٺين جي ڀري ڏنائين ۽ چيائين ته هن کي ٻه اڌ ڪيو. هر هڪ پنهنجو زور آزمايو پر ٻه اڌ ڪو نه ڪري سگهيا. پير مرد چين ته ڀري کولي هڪ هڪ ڪاٺي ڪري ڀڃون پوءِ انهن سڄي ڀري ڀڃي ڇڏي. پير مرد چين ته جڏهن هي سڀيئي گڏ ٻڌل هيون ته توهان هنن کي ڪو نقصان نه پهچايو پر جڏهن هي جدا ٿيون ته سولائيءَ سان ڀڄي پيون، منهنجي مرڻ کان پوءِ توهان جو اهو حال ٿيندو انهيءَ کان اڳ توهان جو به اهو حال ٿي هڪٻئي سان اتحاد ڪيو. اسان تي اهو فرض آهي ته هڪٻئي سان ٻڌي ۾ رهون. ڀٽائي چيو آهي:

 

وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾“

اوهان جو امتحان

ماهه آگسٽ ۾ ڏنل امتحان جا جواب هن هيٺ ڏجن ٿا.

1-4 جولاءِ 2- اسلام آباد 3- 1955ع.

اسان کي ڏاڍو ڏک آهي جو هنن سوالن جا صحيح جواب تمام ٿورن ٻارن موڪليا آهن. ڪيترن ٻارن جا ٻه جواب صحيح هئا پر قاعدي موجب هن هيٺ رڳو انهن ٻارن جا نالا شايع ڪجن ٿا جن جا ٽيئي جواب صحيح آهن:

ڳوٺ محمد آگري کان: محمد يوسف ڀٽي ۽ محمد شفيع ڀٽي. هالا کان؛ علي اڪبر ابڙو. نوابشاهه کان: پرويز احمد قريشي، مختيار احمد قريشي، مسعود احمد قريشي، اياز احمد قريشي، ۽ ممتاز احمد گل قريشي، مٺياڻي کان: محرم الدين مغل.

اوهان جو امتحان -18

هڪ پيتيءَ ۾ ڪل رقم 105 رپيا آهن. ان ۾ ٽن قسمن جا سڪا پيل آهن. جيترا رپيا آهن، ان جي اڌ جيترا اڌيا آهن ۽ جيترا اَڌيا آهن ان جي اڌ جيتريون پائيون آهن. ٻڌايو ته هر هڪ سڪو ڪيترو ڪيترو آهي.

صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 22 نومبر 1976ع آهي. جواب سان گڏ هن رسالي ۾ جدا ڏنل ڪوپن موڪلڻ ضروري آهي هڪ لفافي ۾ ڪيترا به رسالي ۾ جدا ڏنل ڪوپن موڪلي سگهجن ٿا پر هڪ ئي ڪوپن تي رڳو هڪ نالو قبول ڪيو ويندو.


 

*گل محمد جوکيو لاڙڪاڻو

س: قائد اعظم جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟

ج: پونجا.

*امتياز شوڪت ابڙو هالا

س: دنيا ۾ گلابي گلن جا گهڻا قسم آهن.

ج: اٽڪل 800.

*حسن علي لسڪاڻي

س: پاڪستان ۾ ڪپڙي جو وڏي ۾ وڏو ڪارخانو ڪهڙي شهر ۾ آهي.

ج: ڪراچيءَ ۾.

*اعجاز حسين شيخ مٽياري

س: انسان ڇا آهي؟.

ج: مٽي جو بوتو.

*يونس قمر شيخ  مٽياري

س: دنيا ڇا  آهي؟

ج: مهمان سراءِ.

*مٺو شاهه ٺٽو

س: ڪليم الله ڪهڙي نبي سڳوري جو لقب هو.

ج: حضرت موسيٰ عليه السلام جو.

*ايف ايم سومرو ڪنڌڪوٽ

س: اهو ڪهڙو ڪتاب آهي جيڪو دنيا ۾ گهڻو پڙهيو پيو وڃي؟.

ج: قرآن شريف.

*ذوالفقار علي ميراڻي، ڳڙهي ياسين.

س: دنيا ۾ مشڪل کان مشڪل ڪم ڪهڙو آهي؟

ج: نفس کي مارڻ.

*اعجاز حسين شيخ، مٽياري.

س: سڀ کان پهريائين چنڊ تي پير ڪنهن رکيو ۽ ڪڏهن رکيو هو؟

ج: آرمسٽرانگ، جولاءِ 1969ع ۾.

*عاشق علي گوپانگ  لاڙڪاڻو.

س: انهيءَ شخصيت جو نالو ٻڌايو جنهن پنهنجي هٿن سان زهر جو پيالو پيتو.

ج: سقراط.

*نظير بيگم ناز دڙو

س: قرآن شريف جو پهريون حافظ ڪير هو.

ج: حضور پاڪ جن پاڻ.

*رشيد شهناز قمبر

س: ٽيلي ويزن ڪنهن ايجاد ڪئي هئي؟

ج: لوئي بائرڊ.

*جئپالداس- ٽي ڇاٻڙيا

س: ڪنڊا گل جي حفاظت ڪن ٿا پر انهن کي ڇا ٿو ملي؟

ج: گلن جو قرب.

 

*شاهنواز هوت بلوچ جهڏو

1- نماز مومنن لاءِ معراج آهي.

2- حج ۽ عمرو ڪرڻ وارا خدا جا خاص مهمان آهن.

3- درودشريف هر مشڪلات جو علاج آهي.

4- وعدا ايترا ڪريو جي پورا ڪري سگهو.

*اعجاز علي ٽالپر، ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر

دل اها ڌارجي جيڪا سنئين راهه تي آڻي،

ملڪ اهو ڀلو جنهن ۾ فساد نه هجي.

*نعيم احمد ”ناز“ پنو عاقل

1- جنهن ماڻهوءَ پنهنجو قدر سڃاتو سو هلاڪ نه ٿيندو.

2- جنهن جي زبان مٺي تنهنجا ڀائر گهڻا.

3- احسان، دشمن جي زبان وڍي ڇڏي ٿو.

4- ادب، انسان جو زيور آهي.

5- بخيلي، حرص ۽ هٺ، انسان کي هلاڪ ڪن ٿا.

                                (حضرت علي رضه)

*ايم الطاف سومرو- داد لغاري

1- انسان کي ڪيترائي نقصان هن سبب کان پهچن ٿا، جو هو ماڻهن سان مشورو نٿو ڪري. (افلاطون)

2- سچ ايمان جي ڪنجي آهي.       (حضرت علي رضه)

3- قرآن شريف سڀني ڪتابن جو مغز آهي. (حضرت عمر رضه)

4- سٺا ڪتاب سٺا ماڻهو پيدا ڪن ٿا.              (شيڪسپيئر)

5- سٺو ڪتاب انساني روح جي پرورش ڪري ٿو.    (ملٽن)

*مختيار سومرو ڪنڌڪوٽ

1- پاڙيسري کي ستائڻ وارو دوزخي آهي، ڀلي ساري رات عبادت ڪري ۽ سمورا ڏينهن روزيدار هجي.                     (حديث)

2- شرڪ کان پوءِ، خلق کي ايذاءُ پهچائڻ بدترين گناهه آهي. (حديث)

3- مظلوم جي بددعا کان ڊڄو، جو ان ۽ خدا تعاليٰ جي درميان ڪوئي پردو نه آهي.                        (حديث)

4- جو وچٿري واٽ ٿو وٺي سو مفلس نٿو ٿئي.       (حديث)

* مسڪين اوٺو سيوهڻ

1- بزرگ بنجڻ کان اڳ ۾ علم حاصل ڪريو.

2- جو آدمي پاڻ کي عالم سڏائي اهو جاهل آهي ۽ جو پنهنجو پاڻ کي جنتي ٻڌائي اهو جهنمي آهي.

* عبدالغني پنهور امر، ميرپورپراڻي

1- علم حاصل ڪرڻ، سڀڪنهن مسلمان مرد توڙي زال تي فرض آهي.                                             (حديث)

2- جيڪو شخص علم جي ڳولا ۾ گهر کان ٻاهر نڪتو سو جيسيتائين موٽي گهر اچي، تيسيتائين ڄڻڪ خدا جي رستي ۾ آهي.       (حديث)

3- حضرت عمر فاروق رضه کان ڪنهن پڇيو ته تلوار ٺاهڻ لاءِ سٺو لوهه نٿو ملي؟ پاڻ مرڪي فرمايائون: الله وارن جي هڏين کي لوهه سمجهو. وري ڪنهن چيو ته هڏيون لوهه نٿيون ٿي سگهن. ته پاڻ فرمايائون: محمد صلعم کي مڃيندڙن جا هٿ لوهه کان وڌيڪ سخت ۽ ميڻ کان وڌيڪ نرم هوندا آهن.                                                                                                    (حضرت عمر رضه)

 

* گل حسن چوهاڻ، دڙو.

هڪ ماڻهوءَ سوچيو ته گهر ۾ کوهه کوٽايان، پر اهو خيال ڪيائين ته جيڪا کوهه مان مٽي نڪرندي سا ڪيڏانهن ڪندس؟ اهو سوچي هن پنهنجي دوست کان صلاح پڇي جنهن تي ان دوست چيو ته يار! اها به ڪا سوچڻ جي ڳالهه آهي. جيڪا کوهه مان مٽي نڪرندي، اها ٻيو کوهه کوٽي ان ۾ وجهي ڇڏج.

*شاهه نواز نظاماڻي ٽنڊو قيصر

مريض: (ڊاڪٽرکي) ڊاڪٽر صاحب، جيڪڏهن مان پنهنجو ڏند ڪڍايان ته سور ته ڪو نه ٿيندو؟

ڊاڪٽر: هرگز نه، توهان کي بيهوش ڪري پوءِ ڏند ڪڍندس.

مريض: چڱو، ڪيترا پئسا وٺندين.

ڊاڪٽر: پنج رپيا. اهو ٻڌي بيمار پنهنجي کيسي مان گهڻي ئي پئسا ڪڍيا. ڊاڪٽر چيو: ترسو ڏند ته ڪڍان.

مريض: نه نه، آءٌ انهيءَ ڪري رپيا ڳڻيان ٿو ته متان اوهان مون کي بيهوش ڪري، منهنجا پئسا نه ڪڍي وڃو.

*محمد حافظ هنڱورو، ڳوٺ پير ڏنو هنڱورو

هڪ عورت جنهن جي نظر ڪجهه گهٽ هئي سا رانديڪن جي دڪان تي رانديڪا ڏسي رهي هئي. رانديڪا ڏسندي ڏسندي اشارو ڪري پڇيائين ته  اهو جپاني گڏو گهڻي جو آهي.

نوڪر جواب ڏنو: مائي معاف ڪر اهو گڏو نه آهي پر اسان جي دڪان جو مالڪ آهي جنهن جو قد ننڍڙو آهي.

* محمد سلطان سمون جهرڪ

مسافر: (ٽانگي واري کي) مارڪيٽ جو گهڻو وٺندي.

ٽانگي وارو: هڪ رپيو.

مسافر: ميان مون وٽ هڪ بسترو به آهي، ان جو گهڻو وٺندين.

ٽانگي وارو: ڪجهه نه.

مسافر: ته پوءِ بسترو کڻي وڃ آءٌ پوءِ ايندس.

*ايف ايم سومرو ڪنڌڪوٽ

ٻه بيوقوف پاڻ ۾ يار هئا، هڪڙو فلم تي ويو. انهي فلم جو نالو هو، ”بنارسي ٺڳ“ جڏهن هو فلم تان موٽيو تڏهن ٻئي پڇا ڪيس ته ادا فلم ڪهڙو هو.

چيائين ته ادا، ”بنا پئسي ٺڳ“.

* نواز علي شيخ مٽياري

هڪ گهر ۾ هڪ مهمان آيو سڀ کاڌو کائي ويو. ميزبان جو پٽ بک برداشت ڪري نه سگهيو ۽ روئڻ لڳو. تنهن تي پيءُ چيس: پٽ روءُ نه مهمان وڃي ته پاڻ گڏجي ٿا روئون.

*انعام علي ميراڻي لاڙڪاڻه

ماءُ: (پٽ کي) اُس تي ڇو ويٺو آهين؟

پٽ: امان گرمي ٿو لاهيان.

*علي گوهر ابڙو، ڳوٺ صوڀوخان منگسي

هڪ موالي: (ٻئي کي) ادا، سج ڪهڙي پاسي کان اڀرندو آهي.

ٻيو موالي: ادا، پاڻ ته پرديسي آهيون خداکي خبر ته هتي سج ڪهڙي پاسي کان اڀرندو آهي.

*محمد رمضان چاڪي، ننگرپارڪر

هڪ شخص ڪنهن وڪيل وٽ آيو ۽ چيائين ته ” مون هڪ شخص کي مُڪ هڻي ٻه ڏند ڀڃي ڇڏيا آهن.ان شخص مون تي ڪيس ڪيو آهي. اوهان مهرباني ڪري منهنجي ڪيس جي پيروي ڪريو. وڪيل پڇيو ته تو اِن کي مُڪ ڇو هنئي.ان شخص جواب ڏنو ته هن مون کي هڪ سال اڳ ۾ گينڊو چيو هو. وڪيل چيو هڪ سال کان پوءِ آخر ڪهڙي سبب تو مڪ هنئي. ڇو ته ان وقت ئي مڪ هڻي حساب برابر ڪرين ها. ان شخص جواب ڏنو ته سائين درحقيقت ان وقت مون گينڊو ڏٺو ئي ڪو نه هو. ڪالهه جو ڏٺم ته مون کي خبر پئي ته هن مون کي ڇا چيو هو، تنهن ڪري مون کيس مڪ وهائي ڪڍي.

 


 

 

-844 نالو: پير بخش ولد الهه بخش  خاصخيلي. پڙهندڙ ڇهون. عمر: 12 سال. وندر: رسالا پڙهڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ. ائڊريس: ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ملير ڪراچي.

-845 نالو: رفيق احمد ميمڻ. پڙهندڙ: ڏهون. عمر 15 سال. وندر: اخبارون ۽ رسالو گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوان جتوئي تعلقه مورو ضلع نواب شاهه.

-846 نالو: بشير احمد پڙهندڙ: ڪلاس نائون. عمر: 11 سال. وندر: والي بال راند ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سعيدآباد نئين.

-847 نالو: قربان علي شيخ. پڙهندڙ: ڪلاس اٺون. عمر: 13 سال. وندر: اسڪولي ڪم ڪرڻ ۽ قلمي دوستي  رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه.

-848 نالو: عابد حسين ولد محمد هاشم. پڙهندڙ: ستون. عمر: 12 سال. وندر: ملڪ جي خدمت ڪرڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ. ائڊريس: عابد عبدالله منزل ڏيپلو.

-849 نالو: غلام محمد ميجر ميمڻ. پڙهندڙ: ٽيون. عمر: 8 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ گلن جهڙا ٻارڙا پڙهڻ. ائڊريس: عابد حسين ولد محمد هاشم ميمڻ نزديڪ پيرواري ،مسجد ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر.

-850 نالو: محمد خان نور محمد ٿهيم. پڙهندڙ: درجون چوٿون. عمر 12 سال. وندر: ادبي شوق. ائڊريس: ڳوٺ ڪمن ٿهيم پوسٽ آفيس شهدادپور.

-851 نالو: مقبول احمد ميمڻ. پڙهندڙ: نائون. عمر: 10 سال. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ رسالا پڙهڻ وغيره. ائڊريس: هاءِ اسڪول نيو جتوئي.

-852 نالو: محمد عظيم ولد عبدالحڪيم. پڙهندڙ: پنجون. عمر: 12 سال. وندر: ونجهوٽي راند. ائڊريس: ڳهڻو ڪلهوڙو پوسٽ آفيس ڳاڙهي موري، خيرپور ميرس.

-853 نالو : سامجي مل پٽ کجومل. پڙهندڙ: درجو پنجون. عمر 10سال. وندر: راند کيڏڻ ۽ کلڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول دڙو.

-854 نالو: عطاءُ الرحمان ميمڻ. پڙهندڙ: اٺون ڪلاس. عمر: 14 سال. وندر:  قلمي دوستي ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس ٻيلو تعلقه سجاول.

-855 نالو: پرديسي مظفر علي شاهه بخاري. پڙهندڙ: درجو: نائون. عمر: 14 سال. وندر: فوٽو ويو ڪارڊس گڏ ڪرڻ، ۽ خطن جا جواب جلد ڏيڻ. ائڊريس: ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشنل آفيسر نواب شاهه.

-856 نالو: رامچنداَسناڻي. پڙهندڙ: درجو: ڏهون. عمر: 16 سال. وندر: ادب سان چاهه ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ.

-857 نالو: محمد اعظم جهانگير. پڙهندڙ: ڪلاس اٺون. عمر 13 سال. وندر: اسڪولي ڪم ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه.

-858 نالو: عبدالحق پٽ محمد خان ورياهه. پڙهندڙ: پنجون. عمر: 14 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽيءَ راند. ائڊريس: پرائمري اسڪول بچل ورياهه وايا ٽنڊو آدم.

-859 نالو: ابراهيم پٽ محمد خان ڀٽي. پڙهندڙ: پنجون. عمر: 14 سال وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽيءَ راند. ائڊريس: پرائمري اسڪول بچل ورياهه وايا ٽنڊو آدم.

-860 نالو: محمد حاجن ولد محمد ابراهيم ورياهه. پڙهندڙ: چوٿون. عمر 14 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽيءَ راند. ائڊريس: پرائمري اسڪول بچل ورياهه وايا ٽنڊو آدم.

-861 نالو: محمد مدني ولد حاجي بلاول ورياهه. پڙهندڙ: چوٿون. عمر 9 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ  ۽ والي بال. ائڊريس: پرائمري اسڪول بچل ورياهه وايا ٽنڊو آدم.

-862 نالو: غلام المصطفيٰ ولد حاجي ابراهيم ورياهه. پڙهندڙ: درجو چوٿون. عمر: 10 سال: وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽيءَ راند. ائڊريس: پرائمري اسڪول بچل ورياهه وايا ٽنڊو آدم.

-863 نالو: محمد اسماعيل ولد نصرو ورياهه. پڙهندڙ: چوٿون درجو. عمر: 11 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽيءَ راند. ائڊريس: ائڊريس: پرائمري اسڪول بچل ورياهه وايا ٽنڊو آدم.

-864 نالو: علي محمد ولد جمعو ورياهه. پڙهندڙ: چوٿون درجو. عمر: 12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ٻيا آکاڻين جا ڪتاب پڙهڻ. ائڊريس: پرائمري اسڪول بچل ورياهه وايا ٽنڊو آدم.

-865 نالو: تاج محمد ولد حاجي علي محمد ورياهه. پڙهندڙ: چوٿون درجو. عمر: 11 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽيءَ راند. ائڊريس: پرائمري اسڪول بچل ورياهه وايا ٽنڊو آدم.

-866 نالو: فضل ڪريم صديقي. پڙهندڙ: ڪلاس اٺون. عمر: 13 سال. وندر: پڙهڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس پاٽ ضلع دادو.

-867 نالو: حاجي عبدالرحمان کتري، پڙهندڙ: چوٿون سنڌي. عمر: 10 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: معرفت محمد اسحاق کتري ڏيپلو.

-868 نالو: هوتچند کتري. پڙهندڙ: اٺون ڪلاس. عمر: 15 سال. وندر: عام معلومات ياد ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول کاهي.

-869 نالو: رميش لعل ڪي ماکيجا. پڙهندڙ: چوٿون. عمر: 8 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ راند ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول حيات پتافي.

-870 نالو: راجا واشديو. پڙهندڙ: ڪلاس اٺون. عمر 16 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار.

*مس نظير بيگم ناز دڙي مان لکي ٿي:

ڀاءُ انور، السلام عليڪم.

عرض ته مون پهرين خط ۾ توهان سان واعدو ڪيو هو ته آءٌ توهان کي انسانيت جو واسو ڪهاڻي جا ڪجهه اکر لکي موڪلينديس. ادا، ان ڪهاڻي جا ڪجهه اکر هينئر لکي ،موڪلي رهي آهيان. توهان اها ڪهاڻي هنن ڀائرن جي ڪهاڻي سان ٽڪرائجو ته توهان کي ڪيئن ٿي لڳي. جيڪڏهن ساڳي لڳي ته پوءِ اها مکڙيون ڪتاب تان نقل ڪيل آهي پر جيڪڏهن ٻئي نموني لڳي ته پوءِ شايد ڀائرن ترجمو ڪري موڪلي آهي. ادا، مون کي ائين نه ڪرڻ گهرجي جو هروڀرو آءٌ ڪنهن ڀاءُ يا ڀيڻ جي نقل ٿيل ڪهاڻي پڪڙيان.

پر جيئن ته توهان ان ڪهاڻي جو فيصلو اسان پڙهندڙن تي ئي ڇڏيو آهي ته پوءِ اسان جو فرض آهي ته اسان ان سلسلي ۾ توهان جي مدد ڪريون.

] ادي، اوهان جي مهرباني، ڪهاڻي هوبهو ساڳي اها آهي، جيڪا اوهان نقل ڪري موڪلي آهي. انڪري اسين اها ڪهاڻي ڪو نه ڇاپينداسون ۽ لکندڙن کي صلاح ڏينداسون ته هو آئيندي ترجمو يا نقل ڪن ته اهو صاف لکي موڪلين، انهيءَ ۾ سندن به ڀلائي آهي. ۽ رسالي لاءِ به نيڪنامي آهي.[

*محمد عابد حيدرآباد کان لکي ٿو:

سائين، مان هر مهيني گل ڦل رسالو وٺي پاڻ وٽ محفوظ ڪندو ويندوآهيان. ۽ دوستن کي ڏيکاريندو آهيان. پر افسوس جو مون وٽ مارچ 1975ع ۽ 1976ع جا رسالا ڪونهن. اوهان مهرباني ڪري مون کي ڏياري موڪليو يا ڪنهن کان وٺي ڏيو.

] ادا، اهي رسالا بوڪ اسٽال تي به ڪو نه آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڀاءُ وٽ هجن ته اهو محمد عابد، گلشن منزل مساڻ روڊ ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد سان لکپڙهه ڪري.[

*حيدرآباد کان اعظم پرويز لکي ٿو:

ادا، ايڊيٽر صاحب، مان هر مهيني گل ڦل پڙهندو آهيان پر منهنجو خط رسالي ۾ نه هوندو آهي شايد مون سان ڪاوڙ آهي. اگر ڪاوڙ هجي ته معاف ڪندا. مون اڳي به ٻه يا ٽي خط موڪليا آهن پر هڪ جو به جواب نه مليو آهي مهرباني ڪري هن خط کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ نه وجهندا، مهرباني.

]ادا، اوهان جو هي پهريون خط آهي ۽ جواب حاضر آهي هاڻي ته ڪاوڙ لٿي يا نه؟[

*پني عاقل کان شيخ نعيم احمد ناز لکي ٿو:

محترم انور هالائي صاحب،

اوهان سالنامي لاءِ صلاحون ۽ مشورا گهريا آهن. جنهن لاءِ عرض آهي ته هن ڀيري سالنامي ۾ جيڪڏهن ٻارن جي مکيه تنظيمن جو تعارف ۽ سندن ڪارڪردگي شايع ڪريو ته بهتر ٿيندو. ڇو ته اڄ ڪلهه ٻارن جي تنظيمن تمام گهڻو زور ورتو آهي ۽ اسان انهيءَ زور کي ٽوڙڻ نٿا چاهيون پر اڀارڻ ٿا چاهيون.

مثلاً: گلن جهڙا ٻارڙا سنگت، ٻارن جي ٻاري سنگت، ٻارن جي دنيا سنگت ۽ انهي کان سواءِ ٻيون به مرڪزي تنظيمون آهن، جن جو تعارف سالنامي کي چار چنڊ لڳائي سگهي ٿو.

]ادا، هي رسالو ٻارن جو آهي. جيڪڏهن ٻارن جي تنظيمن جي اڳواڻ اسان کي پنهنجي تنظيمن بابت مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي جو احوال ڏياري موڪليندا ته اسين خوشيءَ سان شايع ڪنداسون.[

*نئين آباد کان محمد رمضان قريشي لکي ٿو:

السلام عليڪم، عرض ته ماهه آگسٽ جو گل ڦل مون کي 29-آگسٽ تي مليو. پڙهي توهان کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.

”اوهان جو امتحان“ سٺو ۽ معلوماتي ڪالم آهي پر ماهه آگسٽ جي ڏنل سوال جا صحيح جواب موڪليندڙ ٻارن جا نالا ماهه سيپٽمبر ۾ شايع ٿي وڃڻ گهرجن جيئن ٻار وڌ ۾ وڌ حصو وٺن. وڏا ٻار انتظار کي ته سمجهي سگهن ٿا پر ٻار انتظار ڪري نٿا سگهن.

رسالي ۾ رڳو هڪڙو صفحو فوٽن جو ڏيڻ مان ڪهڙو فائدو. جڏهن ته هي رسالو ٻارن لاءِ وقف ٿيل آهي ته پوءِ سڄي رسالي ۾ فقط تصويرن جو هڪ جدا پنو ڏيڻ ڪا مهرباني ڪانهي ڪوشش ڪري ٻارن جون گهڻي کان گهڻيون تصويرون شايع ڪري رسالي کي خوبصورت بڻايو وڃي.

کل ته سهي، هنن سان ملو، سلام سنيها سٺا ڪالم آهن پر ڪوشش ڪري ايندڙ سموري ٽپال کي انهن ڪالمن ۾ باقاعدگي سان جڳهه ڏني وڃي، انهن ڪالمن لاءِ ٻارن کي مهينن جا مهينا انتظار ڪرايو نه وڃي.

باقي آکاڻيون مضمون افسانه وغيره ڀلي واري سان ٺاهي سڌاري شايع ڪندا ڪريو.

منهنجي لکڻ جو مقصد ته جيترن گهڻن ٻارن جا نالا ۽ تصويرون رسالي ۾ شايع ٿيندا اوترو وڌيڪ گل ڦل لاءِ ٻارن کي چاهه پيدا ٿيندو. جڏهن ٻار انهيءَ رسالي کي پسندا ڪندا ته ظاهر آهي ته انهيءَ جي سرڪيوليشن به وڌندي.

]ادا، اوهان جون صلاحون وڻيون. جيترو ٿي سگهندو اوترو انهن تي عمل ڪيو ويندو. اوهان کي اها خبر هجي ته اسان رسالي جو مواد هڪ مهينو اڳي پريس ۾ موڪليون ٿا، انڪري لاڳيتي ٻئي مهيني ۾ امتحان جو جواب ۽ ٻارن جا نالا شايع ڪرڻ اسان لاءِ ممڪن ڪونهي. ٻارن لاءِ جيڪو اسان البم جو هڪ صفحو ڏيون ٿا، ان کي ڪن فني مجبورين سبب وڌائي نٿا سگهون. ان هوندي به اسين هر مهيني 12 کان 16 تائين ٻارن جا فوٽا شايع ڪريون ٿا. ٻارن وٽان مواد اسان وٽ ايترو پهتل آهي جو جيڪڏهن هڪ مهيني ۾ ٻارهن گل ڦل ڪڍجن ته به مواد جيڪر بچي پوي. انڪري سڀني ڪالمن کي وارو ڏيڻ ۾ اسان مجبور آهيون. اميد آهي ته وقت به وقت اهڙين صلاحن سان نوازيندا رهندا.[ والسلام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com