گذارش
پيارا ٻارؤ،
سنڌ جو عظيم دانشور، شاعر، اديب، محقق ۽
مؤرخ مولانا غلام محمد گرامي گذريل 15 سيپٽمبر
1976ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
اناالله وانا اليھ راجعون.
مولانا گرامي، سنڌ جي ادبي دنيا ۾ هڪ ڄاتل
سڃاتل شخصيت هئي، جنهن سنڌي ادبي بورڊ جي مشهور
رسالي ”مهراڻ“ جي 21 سال ايڊيٽريءَ جا فرائض انجام
ڏيڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ڪتابن جا مسودا لکيا. جن
مان ڪي ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ڪن جا مڪمل مسودا سندس
ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. مرحوم گرامي صاحب نه
رڳو علمي ادبي حيثيت جي لحاظ کان هڪ عظيم انسان هو
پر انساني اخلاق، قرب ۽ پيار جو مجسمو هو سندس
رهاڻ ۾ ويٺل هر شخص ڪچهريءَ جو لطف حاصل ڪرڻ سان
گڏوگڏ پنهنجي علمي ۽ ادبي معلومات ۾ به واڌارو آڻي
سگهندو هو. سنڌ ۾ اهڙين شخصيتن جي تمام ٿورائي آهي
جن ۾ اهي سڀ وصفون موجود هجن جيڪي هڪ ڪامل انسان ۾
موجود هجڻ گهرجن. اسين هن موقعي تي حڪومت سنڌ ۽
سنڌي ادبي بورڊ کان گهر ٿا ڪريون ته هن عظيم عالم
جي علمي ورثي کي نه رڳو محفوظ ڪيو وڃي پر انهن کي
ڇپايو وڃي، جيئن مرحوم جي ڪيل محنت مان سنڌ جو
عوام پورو پورو فائدو وٺي سگهي. ان کان سواءِ سندس
پوين جي مالي امداد ڪري کين تنگدستيءَ ۽ بيچارگيءَ
کان بچايو وڃي.
هي پرچو
آڪٽوبر جو هي پرچو، گذريل مهيني جي دير پوري ڪرڻ
لاءِ تڪڙو شايع ڪري رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته
ايندڙ پرچو هن کان به جلد شايع ڪنداسون. اهڙيءَ
طرح اسين پنهنجن مهربان پڙهندڙن جي مرضيءَ مطابق
کين انتظار ۽ اوسيئڙي کان بچائيندا رهنداسون.
اوهان جو پنهنجو
انورهالائي
·
مولانا غلام محمد گرامي
دعا
]
هي نظم سترهن سال اڳ، مارچ 1959ع جي گل ڦُل ۾ شايع
ٿيو هو. هن پرچي ۾ ساڳيو نظم مرحوم جي يادگار طور،
اڄوڪي نسل جي ٻارن لاءِ ٻيهر شايع ڪري رهيان
آهيون. –ايڊيٽر[
ڪر تون مون کي صلح جو پيغامبر،
جت هجي نفرت، ات آڻيان پيار،
جت خطا ٿئي، ات مان بخشش آڻيان،
جت بگاڙو ٿئي، ات آڻيان سڌار.
جت هجي گمراهي، ات ٿئي صاف سچ،
بدگمان ٿي، ڪين ڪي ڪريان پچار.
جت نراسائي هجي، ات ٿئي اميد،
مان تڙي اونده ٿيان عالم، اجار.
غم تڙي راحت مان آڻيان روح جي،
منهنجو گفتو ٿئي تتل دل ڪاڻ ٺار.
پنهنجو سک ڇڏيان، ٻين لئي سوچيان،
علم کي حاصل ڪريان، ڀانئيان نه عار.
پيار پيو ونڊيان، ورهايان خوش ٿيان،
پيار جي بدران گهران مان ڪين پيار.
بي غرض ٿيان ۽ وساريان پاڻ کي،
پيو ڪيان خدمت، لهان سڀ ڪنهن جي سار.
ٻئي کي ڪريان معاف، تان بخشش مليم،
خلق کي بخشيان، ته خوش ٿئي ڪردگار.
موت کان پوءِ، ٿي ملي اَبدي حيات،
ائين آبد تي ٿي رسي نوري نهار.
·
انور هالائي
]سوانح
حيات[
مولانا غلام محمد گرامي
سنڌي ادب جي تاريخ، هر دؤر ۾ اهڙا علمي ۽ ادبي شخص
پيدا پي ڪيا آهن، جيڪي پنهنجو وارو وڄائي وڃڻ کان
پوءِ به سدا حيات بنجي ويا آهن. مولانا غلام محمد
گرامي به سنڌ جو اهو سپوت هو، جنهن جي سموري زندگي
سنڌي علم و ادب جي تخليق ۽ تحقيق ۾ گذري. سندس
سموريون لکڻيون سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن، جنهن
مان سنڌ جا ماڻهو تاابد فائدو پيا وٺندا رهندا.
گرامي صاحب جي پنهنجي زندگي، ان ڏيئي وانگر هئي،
جيڪو پاڻ ٻري آسپاس کي ته روشن ڪري، پر سندس دامن
۾ اوُندهه ئي اُوندهه هجي. تاريخ جي هن عظيم شخص
به سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌين لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، محنت
ڪئي، جدوجهد ڪئي. اهي علمي ۽ ادبي شهپارا پيش ڪيا
جن تي پنهنجا ته پنهنجا پر ڌاريان به فخر ڪرڻ ۾
عار ڪو نه ٿا سمجهن ۽ سندس ذاتي زندگي نهايت
ڪسمپرسي ۽ اونداهيءَ ۾ گذري.
مولانا غلام محمد گرامي، پنهنجي ڳوٺ تعلقي ميهڙ ۾
30 ڊسمبر 1920ع تي ڄائو. سندس والد جو نالو جاڙو
خان هو. سندس وڏن مان خاندان جو پريو مڙس، برادي
خان اول، شورڻ-چوٽي، ديري غازي خان مان آيو ۽
1840ع ڌاري ميرن جي ڏنل جاگير ڊرگهه بالا (ضلعي
دادو) ۾ رهيو ۽ اتي جي لغارين سان مٽي مائٽي
ڪيائين. ٿي سگهي ٿو ته اها جاگير ماڻڪاڻي ميرن
وٽان مليل هجي، جي پڻ ڊرگهه بالا ۾ رهندا هئا ۽
پوءَ ميرپورخاص ڏي آيا. خانه جنگيءَ ڪري اهو سارو
خاندان ڇڙوڇڙ ٿي ويو، ۽ لاڙڪاڻي، ميهڙ ۽ قمبر
تائين وڃي پهتا. گرامي صاحب جو شجرو ان ڪٽنب سان
هن طرح ملي ٿو: غلام محمد گرامي ولد جاڙو خان ولد
ماهي خان ولد شهداد خان ولد مراد خان ولد برادي
خان اول. گرامي صاحب جي ڏاڏي کي ٽي نياڻيون ۽ ٻه
پٽ هئا. جن مان وڏي نياڻي پريل خان لغاريءَ کي ڏني
ويئي، ٻي نياڻي به ساڳئي شهر ۾ قريشي خاندان ۾ ڏنل
هئي. هن خاندان جا باقي بچيل مٽ مائٽ هن وقت جوهي،
ڊرگهه بالا، ٻُٽ گل محمد، ميرو خان جمالي، ميهڙ،
قمبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهن ٿا.
گرامي صاحب ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾
تعليم ڪا نه ورتي پر ڳوٺ جي مدرسي ۾ تعليم حاصل
ڪئي. هو فارسي ۽ عربيءَ جو ماهر هو. سندس جيڪي
علمي ادبي لکتون موجود آهن. اهي سندس ذاتي مطالعي،
مشاهدي، تجربي ۽ محنتن جو نتيجو آهن.
سال 1936ع ۾ سندس شادي ٻُٽن سراين جي قريشين مان
پنهنجي پڦاٽ سان ٿي. جنهن مان هڪ پٽ محمد شبير اٿس
(جنهن تازو بي. اي. پاس ڪئي آهي) ۽ ٻه نياڻيون اٿس
جيڪي اڃا اسڪول ۾ پڙهن ٿيون.
گرامي صاحب جا ناناڻا پليءَ پوٽا آهن. ان خاندان
مان مشهور درويش رحيم فقير پليءَ پوٽي (ماڙي تعلقو
ميهڙ) جي نياڻيءَ مان پاڻ پيدا ٿيو.
مرحوم گرامي صاحب 1943ع ۾ جامع عربيه تحريڪ جي
سلسلي ۾ حيدرآباد آيو ۽ پوءِ هميشه لاءِ هتي ئي
رهي پيو. 1951ع کان 1954ع تائين ٽريننگ ڪاليج
فارمين ۾ فارسيءَ جو استاد ٿي رهيو. 1955ع کان
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۾ ملازم ٿيو. ۽ پهريائين
”مهراڻ“ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. ۽ علامه
دائودپوٽي جي وفات کان پوءِ سال 1958ع کان مهراڻ
جو ايڊيٽر ٿيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين مهراڻ کي ساهه
سان سانڍيندو رهيو، ان طرح سڄي عمر ادب ۽ صحافت
سان لاڳاپيل رهيو.
گرامي صاحب جي قلمي ۽ صحافي زندگيءَ جي شروعات
’هلال پاڪستان‘ جي افتتاح سان ٿي، ۽ ”عبرت“ جي ٻئي
دؤر ۾ ڪالم نويس هو. رسالي آفتاب ڪراچي، عرفان
لطيف حيدرآباد، شاعر حيدرآباد، پاسبان هالا،
الزمان هالا ۽ ترجمان ميرپورخاص جو ايڊيٽر پڻ ٿي
رهيو.
مرحوم گرامي صاحب هڪ خوش خلق، کلمک ۽ وڏي همدردي
رکندڙ انسان هو. ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ محفلن جو مور
هو. ڪو به ماڻهو سندس صحبت مان خوشيءَ سان اُٿي
وڃڻ ڪو نه قبول هو. سندس اها هڪ خاص خوبي هئي، جو
ٻئي سان همدردي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو هو. پر
پنهنجي سيني جا زخم ائين لڪائي ڇڏيندو هو جو اڳلي
کي احساس ئي ڪو نه ٿيندو هو ته سندس سامهون ڪو
ڏکايل يا ستايل شخص ويٺو آهي. سنڌيءَ ٻولي جي حق
۾، مخالفن کي اهي علمي ادبي ٺوٺا چٻايائين جي اڄ
تائين ياد ڪندا رهندا.
گرامي صاحب، ’مهراڻ‘ رسالي کي پنهنجي قلمي طاقت
سان دنيا جو هڪ مڃيل ۽ مستند رسالو بنائي ڇڏيو.
سنڌ جي هر ادبي محفل ۾، مشاعري ۾، ڪانفرنس ۾،
گرامي صاحب جيڪي ڪجهه پيش ڪيو آهي، اهو ايندڙ نسل
لاءِ مشعل راهه آهي. افسوس، اهڙي عظيم شخص کي موت
مهلت نه ڏني ۽ 15 سيپٽمبر 1976ع تي پنهنجي دوستن،
احبابن، يارن، مٽن مائٽن ۽ مدح خواهن کي رئندو ڇڏي
اچانڪ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
ويا سي وينجهار
هيرو لعل ونڌين جي
تنين سندا پويان
سِيهي لهن ته سار
ڪٽن ڪٽ لهار
هاڻي انين ڀيڻئين.
(شاهه)
ادب ۽ خوشبو
اسان انهن اديبن ۽ فنڪارن کي سلام ڪيون ٿا، جن جي
ادب ۾ ضمير ۽ روح جي روشني ۽ تازگي موجود آهي، جن
جي فن ۾ اصليت ۽ حقيقت جي خوشبوءِ سمايل آهي، پيار
۽ پريت جي خوشبو-پنهنجائپ ۽ ڀائپيءَ جي خوشبو،
انسانيت ۽ محبت جي خوشبو-هن زمين تي وسندڙ مظلومن
سان همدرديءَ جي خوشبو- آپدائن کان نجات ڏياريندڙ
حوصلي جي خوشبو- ظلم ۽ اسبتداد جي خلاف نعره جنگ
بلند ڪندڙ دعوتِ جهاد جي خوشبو.
-مولانا غلام محمد گرامي.
·
سنڌيڪار: ممتاز عباسي لاڙڪاڻو
آسماني لباس
ڪراڙو مارتيني، رحمدل ۽ سخي هو. غريب هوندي به دل
جو صاف ۽ همت وارو هو. گهٽ کاڌي تي شڪر ڪرڻ وارو ۽
محنت مزدوري ڪري پيٽ پالڻ وارو هو، هڪ شام جو
مزدوري کان واندو ٿي جَونَ جي ماني کڻي گهر ڏانهن
اچي رهيو هو، اوچتو سندس ڪن تي ڪنهن بکئي فقير جي
دانهن جو پڙلاءُ پيو:
”الله جي نالي ماني کارايو.“
مارٽيني، هن جي ڏک کي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ پاڻ
کي بکيو رکي فقير کي ماني ڏيئي ڇڏي. اڃا اتان هليو
ئي مس ته هڪ نينگري ٿڌ ۾ ڏڪي رهي هئي. پتڪڙي جان
کي سيءَ ۾ ائين ڏڪندو ڏسي مارٽينيءَ کي مٿس رحم
اچي ويو ۽ هن پنهنجي لوئي ان نينگري کي ويڙهي ڇڏي.
اهڙي طرح هن پنهنجو واسڪوٽ وري ٻي هڪ ضرورتمند کي
ڏنو.
اهڙن لاڳيتن مسئلن ڪراڙي مارتيني جي رزق ۽ مال تي
آزمائشيون آڻي وڌيون. هن ائين ئي سمجهيو هو ته
سڀڪجهه ڏيڻو پوندو. تڏهن به هن الله جو شڪر آندو
ته: ”ياالله! سڀ تعريف تنهنجي آهي. مان اهڙن ماڻهن
کان سٺي حالت ۾ آهيان.“
مارتيني، گهر جي در کي ويجهو پهتو ته هن ڪنهن جو
سڏ ٻڌو:
”مارتيني بابا!“
”جيءُ“ هن مڙي ڏٺو ته هڪ بنهه نٻل شخص اونڌي منهن
ويٺو هو. جسم تي ڪو به لٽو ڪو نه هوس. ٿڌي هوا جي
جهوٽن ۾ سڄو ڏڪي ۽ ٿڙڪي رهيو هو.
”ڇاهي؟وطني“ مارتينيءَ کانئس پڇيو: ”خير ته آهي؟“
”ڪهڙا خير آهن. مان سيءَ ۾ مران ٿو. تن ڍڪڻ لاءِ
ڪو ڪپڙو هجئي ته ڏي نه ته مان مري ويندس.“
اهيو ٻڌي مارتيني چپ ٿي سوچ ۾ ٻڏي ويو ته ڇا ڪري.
کيس چپ ڏسي وطنيءَ کيس ٻيهر ليلايو. مارتينيءَ دل
۾ سوچيو:
”هي غريب سردي ۾ پيو مري، ڇو نه کيس پنهنجا بچيل
لٽا کيس ڏيان. هونءَ به رات آهي ۽ ڪير به کيس
اگهاڙو نه ڏسندو ۽ وري گهر به ته ويجهو آهي.“ اهو
سوچي هن باقي بچيل لٽا به وطنيءَ کي لاهي ڏنا، ۽
پاڻ ڪپڙن کان صفا ڌار ٿي گهر ڏانهن وڃڻ لڳو.
سياري جي رات، آسمان ۾ تارن جي جهرمر لڳي پيئي
هئي. گهر اڳيان پنهجي مارتيني خوش ٿي آسمان ڏانهن
ڏٺو ته کيس حيرت لڳي. هن ڏٺو ته آسمان مان ستارن
جي جهرمر وارو هڪ ٽڪرو اتان اڏامي ڏانهنس اچي رهيو
هو، ۽ کن پلڪ ۾ اهو ٽڪرو هن جي جسم تي اچي لڳو ۽
مارتينيءَ جو اگهاڙو جسم آسماني ستارن جي جهرمر
واري لباس ۾ ڍڪجي ويو. چنڊ پنهنجي چانڊاڻ سميت
سندس پڳ بنجي پيو.
اهو آسمان لباس ڏاڍو گرم هو. کيس ذرو به سيءُ ڪو
نه ٿي لڳو ۽ مارتينيءَ جي منهن ۾ نُور ٻهڪي رهيو
هو. |