سودو
هڪ بادشاهه پنهجي وزير تي اچي ڪاوڙيو ۽ کيس موقوف
ڪري ڇڏيائين ۽ چيائينس ته مون وٽ رهندي جيڪا دولت
گڏ ڪئي اٿيئي سابه واپس موٽائي ڏي. تنهن تي وزير
جواب ڏنو ته سائين جن جو حڪم اکين تي آهي، پر
منهنجي عمر جا جيڪي سال اوهان وٽ گذريا آهن اهي به
مون کي موٽائي ڏيو. بادشاهه کي اهو سودو نه وڻيو.
موڪليندڙ: وسيم گل شيخ
·
سنڌيڪار: اخلاق انصاري لاڙڪاڻو
فن امر آهي
هو هڪ سنگتراش هو، پٿر کي ٽڪي مورتون ٺاهيندو هو.
سڄا سڄا ڏينهن ويٺو پٿر تي ٽڪ ٽڪ ڪندو هو، ماڻهو
هن جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا پر وقت اهڙو اچي ويو
جو هو پنهنجي ڪم کان تنگ ٿي ويو ۽ جڏهن بک کان پيٽ
۾ ڪوئا ڊوڙڻ لڳندا هئس ته بيزار ٿي چوڻ لڳندو هو
ته ”پٿرن کي ٽڪ ٽڪ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جڏهن ته
سدائين بکون ٿو ڪاٽيان ته هيءَ زندگي ڪهڙي ڪم جي!“
هڪ ڏينهن اُس ڏاڍي تکي هئي سج جا ڪرڻا هن جي جسم
کي ڪاتيءَ وانگر وڍي رهيا هئا. تڏهن به هي ڪم کي
لڳو رهيو. اوچتو هن نغارن جا آواز ٻڌا. ڏٺائين ته
هڪ وڏو جلوس هن ڏانهن اچي رهيو هو. اها بادشاهه جي
سواري هئي. بادشاهه سنهري تخت تي ويٺو هو. هن جي
ساڄي کاٻي ٻه سپاهي چمڪندڙ وردي پايو ۽ هڪ مور جا
کنڀ کڻي بيٺو هو. اڳيان اڳيان سپاهي کليل تلوارون
کڻي هلي رهيا هئا. سنگتراش جڏهن بادشاهه جو اهو
ٺاٺ ڏٺو تڏهن سوچڻ لڳو ”ڪاش! مان به بادشاهه هجان
ها ۽ سڀني ماڻهن کان مٿي ۽ طاقتور“. اهي لفظ سوچڻ
سان ئي هن کي محسوس ٿيو ته هو پري ڪنهن سٺي جڳهه
تي پهچي ويو آهي ۽ ان وقت ئي هڪ آواز ٻڌائين ”وڃ
تون بادشاهه بڻجي ويو آهين“ ۽ سچ پچ بادشاهه ٿي
ويو. اهڙو بادشاهه جيڪو سنهري تخت تي سوار هو ۽
هاڻي هن جي تخت جي ساڄي کاٻي اهي ئي ورديءَ سان
سپاهي ۽ درٻاري هئا. اهو ڏسي هن غرور مان چيو ”مان
بادشاهه آهيان ۽ دنيا ۾ مون کان سواءِ ڪو به
طاقتور نه آهي“.
ٿوريءَ دير۾ سج جا تکا ڪرڻا، سندس سڄي جسم کي
جهورڻ لڳا. مور جا کنڀ ۽ ڇاپرو به هن کي سج جي تکن
ڪرڻن کان بچائي نه سگهيا. گرم گرم سيون اڃا به
سندس جسم ۾ چڀڻ لڳيون. دل ئي دل ۾ سوچيائين: ”هي
سج مون کان به طاقت ۾ وڌيڪ آهي، ڪاش مان سج هجان“
آواز آيس: ”وڃ توکي سج بڻايو ويو“ ۽ هي سج ٿي ويو.
سج ٿي هو اهڙو ته خطرناڪ اڀريو جو سايون ٻنيون سڪي
ويون، وهندڙ نديون ۽ واهه خشڪ ٿي ويا، رنگ برنگي
گل ڪومائجي ويا، ٻاريون سڙي رک ٿي ويون. پکي سڙي
سڙي مرڻ لڳا، ٻار ڪراڙا ۽ جوان ڦٿڪڻ لڳا. اهو سڀ
ڏسي سج ڏاڍي غرور سان چمڪڻ لڳو. هن جي اُس اڃا به
تيز ٿي وئي. گهڻو ڪري سڀ شيون سڙي رک جو ڍير بڻجڻ
واريون هيون. تڏهن يورب کان هڪ ڪارو ڪڪر آيو.
ڏسندي ئي ڏسندي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ سڀ سج اڳيان
اچي ڇانئجي ويا ۽ سڀ سج اڳيان اچي بيٺا. سج پنهنجي
تيز ڪرڻن سان انهن ڪڪرن کي ساڙڻ چاهيو. پرهر ڪڪر
انهن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ لڳو ۽ آسمان مان مينهن وسڻ
شروع ٿيو. اهو ڏسي سج پنهنجي دل ۾ چيو ”مون کان
طاقتور هي ڪڪر آهن ڪاش! مان ڪڪر هجان ها“ آواز آيس
”وڃ توکي ڪڪر بڻايو ٿو وڃي“ ۽ هو ڪڪر بڻجي ويو.
ڪڪر ٿيڻ سان هو زمين تي تمام گهڻو وسيو. بادشاهه ۽
سج ٿي هن پنهنجي طاقت کي آزمايو. ۽ هاڻي ڪڪر ٿي
دنيا کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لڳو. هو پنهنجي سيني ۾
سانڍيل کنوڻين کي دنيا تي ڪيرائڻ لڳو، ۽ تيز وسڻ
لڳو ايتري تائين جو جل ٿل هڪ ٿي ويا. درياهه ڪنارن
کان اُٿلڻ لڳا. چئني طرفن کان ٻوڏ اچڻ لڳي. هن ٻوڏ
۾ هر هڪ شيءَ وهڻ لڳي پر هڪ جبل نه چريو جون لهرون
جبل سان ڪافي ٽڪرايون. پر جبل جيئن جو تئين اٽل
بيٺو رهيو.
جبل کي ڏسي ڪڪر سوچيو ”ڪاش مان جبل هجان ها. آواز
آيس: وڃ توکي جبل بڻايو ٿو وڃي“ ۽ هو جبل بنجي
ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ جبل، ڪنهن جي قدمن جو آواز
ٻڌو. ڪو ماڻهو جبل جي ويجهو آيو. هن جي هڪ هٿ ۾
ڇيڻي ۽ ٻي هٿ ۾ هٿوڙو هو. هو هڪ سنگتراش هو. هو
جبل جي ويجهو آيو ۽ هن پنهنجي ڇيڻي رکي زور سان
هٿوڙو هنيو ته جبل رڙ ڪئي ته ”هي سنگتراش مان کان
به وڌيڪ طاقتور آهي.“
آواز آيس ”فنڪار ئي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي
۽ فن ڪڏهن به نٿو مري هو سدا حيات آهي“ جبل دل ئي
دل ۾ سوچيو. ”ڪاش مان فنڪار هجان ها.“ آواز آيس.
”وڃ توکي ساڳي صورت ڏجي ٿي“ ۽ هو وري سنگتراش بنجي
ويو. بيشڪفن امر آهي.
·
سنڌيڪار: ظهير احمد ميمڻ ٽنڊو محمد خان
نڀاڳو تحفو
هڪڙو پادري ڏاڍو لالچي هوندو هو، نه رڳو چڱي کاڌي
جي شين جي هن کي لالچ هوندي هئي پر ٻيون شيون به
هٿ ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن ٻهراڙي ۾ گشت ڪندي هڪڙي
غريب زال جي گهر آيو انهيءَ وٽ لوهه جو ديڳڙو ڏسي
انهي جي هٿ ڪرڻ جي اچي خواهش ٿيس. هو انهي جي
تعريف ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته اهڙو مزي جهڙو ٿانءُ
مون اڳي ڪڏهن ڪين ڏٺو. تنهن تي انهي ويچاري زال
چيو ته اهو اوهان جي ملڪ آهي سڀاڻي آئون اوهان ڏي
ڏياري موڪلينديس. پادري چيو ته مائي ائين ته توکي
پاڻ زياده تڪليف ٿيندي اهو تنهنجو تحفو آئون پاڻ
سان کنيو ويندس. آخر جڏهن هو اُتان موڪلائي اٿي
هليو. تڏهن رستي ۾ ڪڏهن هٿ ۾ ۽ ڪڏهن ڪڇ ۾ کنيو پئي
ويو. پنڌ پري هو ۽ ڏينهن گرم هو تنهن ڪري اڌ پنڌ
تي پهچڻ کان اڳ ئي هو ٿڪجي پيو. لوهه جي ديڳڙي ۾
ڪجهه بار گهڻو هو. رستي تي ماڻهن جي گهٽ آمدرفت
ڏسي هن جي دل ۾ خيال آيو ته انهي کي مٿي کڻان جو
انهي ڪري تڪليف گهٽ ٿيندي ان ڪري ٽوپي لاهي هٿ ۾
ڪيائين رومال پيشاني تي رکي. ديڳڙو اونڌو ڪري کڻي
مٿي تي رکيائين رستو ڇڏي هڪڙو پيچرو ورتائين ته ڪو
ماڻهو نه ڏسي. رستي تي هڪڙي ڪسي آئي. جنهن تان ٽپ
ڏيڻو پيس. ٽپ ڏيندي ديڳڙو کسڪي مٿي تان ڍرڪي ڳچي
تائين اچي پيس. پوءِ منهن ڪڍڻ لاءِ گهڻا ئي مٿا
هنيائين پر مٿي مان ديڳڙو نڪري نه سگهيس. اتي
ماڻهو ڪو به ڪو نه هو تنهن ڪري دانهن ڪرڻ مان
فائدو ڪو نه ٿي سجهيس. پر جي ڪو ماڻهو ويجهو هجي
ها ته ديڳڙي مان سندس آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي ها بلڪ
گهٽجي مرڻ جو ڊپ هئس. تنهن کانسواءِ وري سج جي
گرمي ڪري اچي لوهه تتو ۽ منهن ۽ ڳچي سڙڻ لڳيس.
اوچتو ياد پيس ته ويجهڙائي ۾ هڪڙو لوهار جو دڪان
آهي. ۽ اتي وڃڻ جو ارادو ڪيائين ٿاٻا کائيندو انهي
وٽ ويو. هن جو حال ڏسي ماڻهو پهرئين ته کليا پر
پوءِ مٿس قياس آين. لوهار جي دڪان تي وٺي ويس ۽
پنهنجو مٿو جهڪائي هن جي سنڌاڻ تي رکيائين. لوهار
مترڪو کڻي چيو ته پادري صاحب زور سان ڌڪ هڻان
ڪيئن. پادري ويچارو ڇا ڪڇي لوهار ڌڪ هڻي. ديڳڙو
ڀڄي وڌو. تازي هوا ۾ ساهه کڻڻ ۾ پادري بهتر حال ۾
آيو. ۽ ديڳڙي کان سواءِ اچي گهران نڪتو.
چڱا ڪم
جيڪو ماڻهو مري مقام داخل ٿيو. تنهن جو موٽڻ نه
ٻڌوسون نه ڏٺوسون. اهڙي ريت ويل وقت به وري هٿ نه
ايندو تنهنڪري ماڻهو کي گهرجي ته دنيا ۾ چڱا ڪم
ڪري ۽ آخرت لاءِ سامان ڪٺو ڪري جيڪو ئي کيس نيٺ ڪم
ايندو.
موڪليندڙ: آفتاب حسين يوسف زئي.
·
سنڌيڪار: نظير حسين ٽالپر ٽنڊو جان محمد
دولت جا داڻا
گهڻي وقت جي ڳالهه ڪن ٿا ته ڪنهن شهر ۾ چار گهاٽا
دوست رهندا هئا. سندن زندگي تمام ڏکي گذرندي هئي
تنهن ڪري هي شهر ڇڏي. ٻي شهر ڏانهن روانا ٿي ويا.
هلندي هلندي کين رات پئجي ويئي. هيڏانهن هوڏانهن
ڏٺائون ته ڪٿي ڪا روشني ته ڪانهي. پري کان کين
روشني جي ٽمڪ ڏيکاري ڏئي رهي هئي چارئي ڄڻا
اوڏانهن روانا ٿي ويا. ويجهو وڃي ڇا ڏسن ته هڪ
فقير آهي جيڪو عبادت ۾ مهو آهي هي کيس ڏسندا رهيا.
ٿوري دير کان پوءِ فقير عبادت کان واندو ٿيو.
پنهنجي گهر ۾ مهمان ڏٺائين تمام گهڻو خوش ٿيو.
کانئن خبرون چارون پڇيائين. چئني ڄڻن پنهنجي سڄي
حقيقت ڪري ٻڌائي. درويش کي مٿن رحم اچي ويو. ۽ هن
چار داڻا زيتونن جا ڪڍيا. هڪ هڪ داڻو سڀني کي
ڏنائين ۽ ڪجهه ٻج به ڏنائين ۽ هدايت ڪيائين ته
جنهن جو داڻو جتي ڪري اهو اتي ئي ويهي کوٽي. چئني
هدايت کي هينئن سان هنڊايو. رات فقير وٽ گذاري.
صبح جو سفر تي روانا ٿي ويا. هلندي هلندي هڪ جو
داڻو ڪري پيو اهو ويهي اتي کوٽڻ لڳو. ٻيا دوست
کانئس موڪلائي اڳتي هلڻ لڳا. ۽ هي کوٽي کوٽي ٿڪجي
پيو. پر ڪجهه به نه وريس. دل ۾ خيال ڪيائين ته
ايتري محنت ڪئي اٿم ڇو نه هي ٻج ڇٽي ڇڏيان. سو ٻج
کوٽيل زمين ۾ ڇٽي ڇڏيائين. باقي ٽي هلندا رهيا.
انهن مان به هڪ جو داڻو ڪري پيو انهي به پنهنجي
پهرئين دوست وانگر ٻج کوٽيل زمين ۾ ڇٽي ڇڏيو باقي
رهيا ٻه انهن به ائين ڪيو. آخر برسات جي موسم آئي
ڌڻي جي فضل سان برسات وٺي ٻج ڦٽي نڪتا اڄ ننڍا ۽
سڀاڻي وڏا آخر اچي تمام وڏا وڻ ٿيا. نيٺ گل ڦل
تائين اچي رسيا. تمام گهڻو ميوو ٿيو. چئني دوستن
گڏجي واپار ڪيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ وڏا امير ٿي
ويا. هڪ ڏينهن چئني ئي خيال ڪيو ڇو نه فقير سان
ملي اچون ۽ خبرون چارون پڇي اچونس. انهيءَ خيال
سان فقير ڏانهن روانا ٿي ويا. ٿورن گهڻن ڏينهن کان
پوءِ وڃي فقير کي رسيا. ڏسن ته اڳي وانگر عبادت ۾
مشغول آهي. هي وڃي ادب سان بيهي رهيا. ٿوري وقت
کان پوءِ عبادت کان واندو ٿيو. کانئن خبرون چارون
پڇيائين. سڀني پنهنجي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. اهي
ڳالهيون ٻڌي فقير کين چيو ته داڻا ته بهانا هئا.
دولت ڪا ايڏي خاص نه آهي. جيڪا انسان جي هٿ لڳي
تنهن ڪري سچ چيو اٿن: ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي.
پر هي ڳالهه ياد رکجو ته دولت جي ايتري لالچ به نه
ڪجو. جو زندگي تان هٿ ڌوئڻا پون.
ٽي شخص هميشه غم ۾ مبتلا آهن:
1. حاسد.
2. دولتمند.
3. مفلس.
ٽي شخص مهل ۾ پرکبا آهن.
1. صابر، مصيبت ۾.
2. بهادر، مقابلي ۾.
3. دوست، ضرورت ۾.
ٽي شيون ڪنهن جو انتظار نه ٿيون ڪن.
1. وقت.
2. گراهڪ.
3. موت.
-موڪليندڙ: ”اختر“ سمون لاڙڪاڻو.
·
نثار بزمي
هڪ سوچ هڪ سبق
اسان جو ڳوٺ ”مرزاپور“ هڪ چڱيرو ۽ وسندڙ ڳوٺ آهي.
منهنجي گهرجي ڀرسان هڪ هندو ”ڪندن مل“ جو گهر آهي.
ان جا ٻار پاڙي جي مسلمانن ٻارن سان گڏ کيڏندا
ڪڏندا ۽ اسڪول ۾ پڙهندا آهن. ڪجهه هندوستاني ٻار
به انهن ۾ شامل هوندا آهن. جيڪي هاڻي سنڌي چڱيءَ
طرح ڳالهائي سگهن ٿا.
اسڪول کان موٽي هي معصومڙا منهنجي گهر جي هڪ وڻ
هيٺيان اچي رانديون رچائيندا آهن. ڳاڙهن ٻيرن جهڙا
ڳاڙها ۽ ڪي ميرڙا ميرڙا ڪارڙا ٻار راند ڪندي پاڻ ۾
وڙهي پوندا آهن. مان پيار۽ پاٻوه مان وڃي کين
پرچائيندو آهيان. پوءِ هو خوش ٿي ٽهڪ ڏيندا آهن.
نه ڪينو نه ڪلفت، نه وير نه وڇوڙو. وڙهن به گڏ،
کائن به گڏ ته کلن به گڏ. جهٽ سوا جو جهڳڙو وري
اها ئي الفت، اهو ئي رنگ. اڳي کان اڳرا.
ڪڏهن نم جي ڏار ۾ پيل پينگهه تي وارو وٽي ڪري پيا
لڏندا ڪڏهن اک ٻوٽ راند ڪري پيا روح ريجهائيندا.
ڪڏهن دلا ۽ مٽڪا کڻي ويٺا ڳائيندا وڄائيندا. ڪڏهن
ڪيئن ڪندا ته ڪڏهن ڪيئن. ٻار بادشاهه آهن. بلڪ
بادشاهن جا به بادشاهه آهن. نه ڳڀي جي ڳولا، نه
اکين ۾ اوسيئڙو، نه دل ۾ دک. مرڪن جا مڻ کنيو پيا
گهمن. |