سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل سيپٽمبر 1974ع

باب: --

صفحو :4

هن جهنگ ۾ ڳولا ڪئي ليڪن ٻڪرين جو ڪٿان به پتو نه پيو. اوندهه به ٿي وئي هئي. هوءَ اُداس ۽ پريشان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي رهي. هن گهڻائي آواز ڏنا پر ڪو جواب نه آيو. هوءَ روئڻ لڳي، پر روئڻ مان ڇا ٿو ٿي سگهي. مالڪ ته پنهنجون ٻڪريون گهرندو، هوءَ هن کي ڇا جواب ڏيندي. هوءَ هنن کي وري ڳولڻ لڳي ۽ ڏاڍي ٿڪجي پئي. هن جي پيرن ۾ هلندي هلندي لڦون پئجي ويون هيون. آخر هوءَ هڪ وڻ تي چڙهي چئني طرفن ڏانهن ڏسڻ لڳي. ڌڻ ڪٿي به نظر نه ايس. اونده ٿي وئي هئي ۽ هاڻي ته جهنگ ٽپي گهر واپس وڃڻ به هن لاءِ مشڪل هو. هن رات جهنگ ۾ گذارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان وڻ تي ويٺي رهي. ٿوري دير کانپوءِ هن ڏٺو ته هڪڙو ماڻهو هيٺ گهمي رهيو آهي. ان کي سٺا ڪپڙا ڍڪيل هئا. ائين معلوم پئي ٿيو ته ڄڻ هو ڪنهن ملڪ جو شهزادو هو. جميله ساهه روڪي چُپ چاپ، ان ڌارئين نوجوان کي ڏسندي رهي. اهو ماڻهو سامهون جبل ڏانهن وڌيو ۽ هڪ وڏو پٿر هٽائي اندر هليو ويو. جميله کي ڏاڍي حيرت لڳي ته هن ويران جهنگ ۾ هي نوجوان غار ۾ ڪيئن ٿو رهي. هن کي ڀئو نٿو ٿئي. هن جي سمجهه ۾ ڪجهه به نٿي آيو پر اهو سوچي هوءَ مطمئن ٿي ته هن خوفناڪ جهنگ ۾ هوءَ اڪيلي نه آهي بلڪ هڪ ماڻهو ٻيو به آهي جو غار ۾ رهي ٿو. جيئن تيئن رات ختم ٿي، سج نڪتو. جميله جي اک کُلي ۽ هوءَ وڻ تان هيٺ لهڻ لڳي پر اوچتو اهو ڏسي ڇرڪي ويئي ته سامهون جنهن غار ۾ رات هن هڪ اجنبي کي داخل ٿيندي ڏٺو هو هاڻي اتان هڪ شينهن ٻاهر نڪري رهيو هو. هي اهو شينهن هو جنهن جي پير مان هُن تير ڪڍيو هو. شينهن ڊوڙندو ڊوڙندو جهنگ ۾ غائب ٿي ويو.

جميله هن فيصلو ڪيو جيستائين ٻڪريون نه ملنديون هوءَ جهنگ ۾ رهندي. پوءِ هن سوچيو ته سامهون واري غار ۾ ڏسڻ گهرجي. هوءَ آهستي آهستي غار ۾ ويجهو پهتي، اندر هلي ويئي. غار ۾ گهڻائي ڪمرا هئا. جتي ضرورت جون سڀ شيون موجود هيون. کائڻ پيئڻ جو سامان، ڪپڙا ۽ بسترا سڀڪجهه موجود هو ليڪن هي سامان بيدرديءَ سان هيڏانهن هوڏانهن پيو هو. ائين پئي لڳو ڄڻ اتي سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪونه هو. جميله کي بک لڳي رهي هئي. پهريائين ته هن پيٽ ڀري ماني کاڌي. کاڌي کائڻ کان پوءِ هوءَ ڪمرن کي ٺيڪ ڪرڻ لڳي. هن گهڻيون شيون ڇنڊي چڱي نموني ڪري رکيون پئي. هاڻي ڪمرا صاف ۽ سٺا پئي معلوم ٿيا.

هوءَ غار مان ٻاهر نڪري آئي ۽ ٻيهر ان وڻ تي وڃي ويٺي. اوندهه ٿيڻ ۾ ٿوري دير هئي. اهوئي رات وارو ماڻهو آيو ۽ غار ۾ هليو ويو: جميله وڻ تي ويٺي رهي. صبح جو هن ڏٺو ته شينهن وري غار مان نڪري رهيو آهي، ۽ جهنگ جي طرف هليو ويو. شينهن کي هن ڪڏهن غار ۾ داخل ٿيندي نه ڏٺو هو ۽ نه وري هن نوجوان کي غار مان نڪرندي ڏٺو هو. اهڙيءَ طرح ٽي ڏينهن گذري ويا  ليڪن هوءَ اڃا تائين اهو نه سمجهي سگهي ته هن غار ۾ ڪير ٿو رهي. ماڻهو يا شينهن يا ٻيئي؟ هڪ ڏينهن هن ماڻهوءَ کان پڇڻ جو فيصلو ڪيو. رات جو جڏهن نوجوان جي اچڻ جو وقت ٿيو تڏهن هوءَ غار ۾ ويهي رهي. ٿوري دير کان پوءِ هو نوجوان به آيو ۽ چوڻ لڳو”مان توهان جو ڏاڍو شڪرگذار آهيان. ان ڏينهن توهان منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي. توهان نه اچو ها ته الائي ڇا ٿي گذري ها.“ جميله نوجوان جي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي حيران ٿي. هوءَ چوڻ لڳي ته ”توهان مون کي سڃاڻو ٿا، ليڪن مان ته توهان کي ڪونه سڃاڻان. مان ته پهريون دفعو اوهان کي ٿي ڏسان.“

نوجوان جيڪو اصل ۾ شهزادو هو، تنهن کلي چيو ته ” تو هن شينهن کي وساري ڇڏيو جنهن جي پير مان تير ڪڍي پٽي ٻڌي هيئه؟

”مان اهوئي شينهن آهيان. هڪ ديو مون کي قيد ڪري رکيو آهي جو ڏاڍو ظالم آهي. هن ئي تنهنجون ٻڪريون کاڌيون آهن. پريان جبل تي رهي ٿو.“

جميله چيو:” اها ته ڏاڍي عجب جي ڳالهه آهي!“

”ها، جيڪڏهن اهو ديو توکي ڏسي وٺندو ته توکي به جانور بنائي ڇڏيندو.“

”ڇا هُن کان بچڻ جي ڪا ترڪيب نه آهي؟“

”آهي ڇو نه، پر پنهنجي ڳچيءَ  ۾ مصيبت ڪير وجهي! ‎“ شهزادي جواب ڏنو.

جميله پڇيو: ”ڇا توهان کي ڪجهه معلوم آهي؟“

شهزادي وراڻيو: ”هو ڏاڍاو ظالم آهي، هن کي مارڻ آسان ڪم نه آهي. رڳو هن کي خوش ڪري ڪم ڪڍي سگهجي ٿو.“

”آخر هو ڪيئن خوش ٿي سگهندو؟ ٻڌايو ته مان ڪا ڪوشش ڪريان. توهان کي هن حالت ۾ ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي.“

”هن کي رڳو هڪ نموني خوش ڪري سگهجي ٿو،“ شهزادي چيو. ”جيڪڏهن پرستان جي راڻي نيلم پريءَ جا وار آڻجن!“  ”سي به ڪيئن ۽ هار ٺاهڻ لاءِ گهڻا وار کپن؟“ ڇوڪريءَ پڇيو.

”ها، ڪم ته مشڪل آهي. پر نيلم پريءَ جي هڪ خاص نوڪرياڻي آهي جا ان کي ڦڻي ڏيندي آهي ۽ چوٽي ڪندي آهي. ان کان سواءِ نيلم پري پنهنجي وارن کي ٻي ڪنهن کي به هٿ لائڻ نه ڏيندي آهي.“

”توهان فڪر نه ڪريو. مان ڪنهن نه ڪنهن نموني وار وٺي اينديس،“ جميله چيو. ”توهان رڳو ان جو ڏس پتو ٻڌايو. مان وار کڻي اينديس ۽ توهان کي ديو جي قيد کان آزاد ڪرائينديس.“

شهزادي هن کي نيلم پريءَ جي ملڪ جو رستو ٻڌايو. جميله ان جي تلاش ۾ نڪتي. لڳاتار پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هوءَ نيلم پريءَ جي ملڪ پهتي. ڪوشش ڪري نيلم پريءَ جي محل ۾ نوڪري حاصل ڪيائين. نيلم پريءَ جي محل ۾ ته هوءَ پهتي پر نيلم پريءَ تائين پهچڻ آسان ڪم نه هو. راڻيءَ وٽ هن جون خاص نوڪرياڻيون وڃي سگهيون ٿي. پر هڪڙي ترڪيب سان هن نيلم پريءَ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪڻ شروع ڪيو. هوءَ روز پنهنجا وار نئين نموني سان ٺاهي محل ويندي هئي. ايتريقدر جو ڪڏهن ڪڏهن هن جا وار نيلم پري کان به سٺي نموني ٺهيل هوندا هئا. هڪ ڏينهن نيلم پري هن جا وار ڏسي حيران رهجي وئي. هن جميله کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ پنهنجن وارن ٺاهڻ جو ڪم هن جي حوالي ڪيو. هاڻي جميله روز نيلم پريءَ جا وار ٺاهڻ شروع ڪيا. ڦڻي ڏيڻ وقت ڪجهه وار ڦڻي ۾ رهجي ويندا هئا ۽ ڪجهه وار ٽُٽي هيٺ ڪرندا هئا. جميله هڪ-هڪ وار کڻي رکندي هئي. آهستي آهستي هن وٽ نيلم پري جي وارن جو وڏو ڇڳو جمع ٿي ويو. ايستائين جو هن وارن جو هڪ هار به ٺاهي ڇڏيو. بس هاڻي جميله کي ترسڻ جي ضرورت نه هئي. هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجو سامان کڻي جهنگ ڏانهن رواني ٿي. جهنگ ۾ پهچڻ سان هوءَ ڏڪڻ لڳي. هن جي ڪنن ۾ ديو جي ساهه کڻڻ جو آواز اچي رهيو هو. ڏسندي ڏسندي هن جي سامهون اچي بيٺو. هاڻي جميله کي ڏاڍو ڀؤ ٿيو ۽ هوءَ ڀؤ ۾ ٿڙڪڻ لڳي. پر اوچتو هن کي نيلم پريءَ جي سونهري وارن جو خيال آيو. هن جلدي ٿيلهي مان هار ڪڍي ديو جي اڳيان رکيو. ديو ڇرڪ ڀري هڪدم پوئتي هٽيو ۽ پوءِ خوش ٿي کلندي جميله جي هٿ مان نيلم پريءَ جو سهڻن وارن وارو هار کڻي ورتو. هن وارن کي غور سان ڏٺو، پوءِ سنگهڻ لڳو. ۽ خوش ٿي چيائين: ”تنهنجو تحفو وٺي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. چئه توکي ڪهڙي شيءِ جي ضرورت آهي؟ اسان تنهنجي خواهش پوري ڪنداسين.“

جميله چيو: ”جيڪڏهن اوهان خوش آهيو ته ان شهزادي کي آزاد ڪريو جنهن کي اوهان شينهن بنايو آهي. ۽ منهنجون ٻڪريون جيڪي اوهان کائي ويا آهيو اهي واپس ڪريو. “

ديو اهو ٻڌي ڏاڍو کليو ۽ چيائين: ”شهزادي کي ته مان آزاد ڪري ڇڏيان ٿو پر اي چري ڇوڪري! تنهنجون ٻڪريون مان ڪٿان آڻيان؟ ڇا اهي منهنجي پيٽ ۾ اڃا تائين جيئريون هونديون؟ ان جي بدلي ۾ مان توکي سون ۽ هيرا جواهر ڏيندس.“ پوءِ ديو هن کي غار وٽ وٺي آيو. ۽ شهزادي کي هن ماڻهو بنايو ۽ آزاد ڪيو. هن ٻنهي کي گهڻا هيرا جواهر ڏئي روانو ڪيو. جميله پهرين ريڍار وٽ آئي ۽ هن کي ٻڪرين جي قيمت کان وڌيڪ هيرا جواهر ڏئي خوش ڪيائين. پوءِ شهزادو جميله کي پنهنجي ملڪ وٺي ويو. شهزادي جا ماءُ ۽ پيءُ ورهين جي جدائي کان پوءِ پٽ سان ملي ڏاڍو خوش ٿيا. سڄي ملڪ ۾ خوشيون ٿي ويون. ڪجهه وقت کان پوءِ شهزادي ۽ جميله جي ڏاڍيءَ ڌام ڌوم سان شادي ٿي وئي ۽ هو کل خوشي سان زندگي گذارڻ لڳا.

•رقيه بنت محمد اسماعيل عرساڻي

مڇ کجي

 

روهڙيءَ شهر پاسي ”مُڇ کجي“ نالي هڪڙو شخص رهندو هو. اهونالو هِن تي ڪيئن پيو، سو اچو ته ٻڌايانوَ. هي ماڻهو هوندو هو ڏاڍو سست. اهڙو ته ٽيڙن ٽُٽل هو جو سُتي پئي ڪو ڪم هاج پوندو هوس ته ڄڻ ٻرو چڙهي ويندو هوس. هڪڙي ڏينهن ڪيڏانهن پرڀرو وڃڻو هوس، سو سنڀري اٿي هليو. اڃا ٻه- چار قدم ئي ڪين ڀريائين ته اچي مڙس کي ٽنگ ۾ سور پيو. ڏينهن به البت تتل هو، سو دل ۾ خيال ڪيائين ته ٻيلي ڇو نه هنن کجين جي ٿڌيءَ ڇانو هيٺان جيڪر ڪا گهڙي ننڊ ڪري وٺان! ائين چئي اتي ليٽي پيو. بس اک پورڻ شرط ننڊ کڻي ويس. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ سجاڳ ٿيو ته ڏسي ته سندس مُڇ تي هڪڙو کجيءَ جو ڏونڪو ڪِريو پيو آهي. دل ۾ گهڻئي شوق ٿيس ته وات ۾ وجهان، پر ايتري تڪليف نٿي پڄيس جو ڄڀ سان ئي کڻي وات ۾ اندر ڪري. اتي ڳڻتيون کائيندي کائيندي هڪڙو واٽهڙو لنگهندو ڏٺائين، ان کي منٿ ڪري چيائين ته  ”ادا، هيءَ کارڪ ته پير سان ئي سيري وات ۾ ته وجهينم.“ تنهن سيري کڻي وات ۾ وڌيس. مُڇ کجي اجهو اهڙن هڏ ويٺلن کي چئبو آهي. اهڙن لاءِ دنيا ۾ انڌيون ۽ ٿاٻا هوندا آهن. جيستائين ڌِڪا ڌوما نه کائين ۽ لتن هيٺ نه لتاڙجن تيستائين مانيءَ ٽڪر به نصيب ڪين ٿئين.

• اياز  ‎”گل“

(نظم)

گلن جهڙا ٻار

 

سندر سندر خوشبوءِ سان ڪر گلشن کي گلزار،

او پيارا گُلن جهڙا ٻار.

علم آهي بي بها خزانو، علم جي شمع گهر گهر ٻار،

او پيارا گُلن جهڙا ٻار.

آڏو تنهنجي رڃ آهي اُٿ، تڪليفن جا ڏونگر ڏار،

او پيار گُلن جهڙا ٻار.

وطن جي آن تان جان لٽائج، روشن مستقبل جا معمار،

او پيارا گُلن جهڙا ٻار،

سنڌ گلشن جو ”گل“ آهين تون، پيار پريت جي خوشبوءِ ڌار،

او پيارا گُلن جهڙا ٻار.

 

سهڻا سخن

•عبدالڪريم راڄپر، لاڙڪاڻو

(1)  مشهوري اعلي عملن جي خوشبوءِ جو نالو آهي (سقراط).

(2) بيعقل جي دل جهڙو ڀڳل ٿانءُ، منجهانئس عقل وهيو وڃي. (حضرت سليمان رضه).

(3) سورهيه کان صابر وڌيڪ، شهر فتح ڪندڙ کان اهو ڀلو جو پاڻ کي فتح ڪري (حضرت سليمان رضه)

(4) علم جي طلب ۾ شرم مناسب نه آهي، ڇو ته جهالت شرم کان وڌيڪ بري شئي آهي. (لقمان).

(5)  تجربو انسان جو بهترين علم ۽ زندگيءَ جون ٺوڪرون تعليم جو بهترين ذريعو آهن (اسپينسر).

(6) انسان جي قابليت سندس زبان هيٺان لڪل آهي

                                          (حضرت علي رضه).

(7) وڻ ميوي سان، انسان دوستيءَ سان ۽ قومون اخلاق سان سڃاڻبيون آهن.(مها ڀارت).

 

•ميمڻ عبدالرسول رحيم بخش، لاڙڪاڻو

1-     وعدا ٿورا ڪريو، جيئن پورا ڪري سگهو.

2-    بي شڪر نه ٿِجي، جو بي شڪريءَ جهڙي مصيبت ٻي ڪانهي.

3-    ٻين جي ڳُجهين ڳالهين ۾ هرگز دلچسپي نه وٺ.

4-    پئسو ويو ته ڪجهه نه ويو، صحت وئي ته ڪي ڪجهه ويو ۽ جي اخلاق ويو ته ڄڻ سڀڪجهه ويو.

5-     دوستيءَ ڪرڻ وقت ڪنهن جي مُهانڊن يا سندن ڏيک ويک ڏانهن نه ڏسجي. صرف اهو ئي ڏسجي ته منجهس سچائي ۽ محبت ڪيتري قدر آهي.

6-    اهو هرگز نه وساريو ته ننڍپڻ سِکڻ ۽ پرائڻ لاءِ آهي، جواني محنت، عبادت ۽ پورهئي ڪرڻ لاءِ آهي ۽ ٻڍاپڻ آرام، سڪون ۽ خيرعافيت سان عمر پوري ڪرڻ لاءِ آهي.

 

•جيرام داس اٻوجهو، ڪاٺڙي

1-     توهان پنهنجي والدين جو چيو نٿا مڃو ته اها اميد نه رکو ته توهان جو اولاد به توهان جو چيو مڃيندو.

2-    نيڪي ڪري وساري ڇڏيو.

3-    ضرورت پوي تيسين ڪجهه به نه ٻول ۽ جيسين بک نه  لڳي تيسين ڪجهه به نه کاءُ.

4-    صحيح معني ۾ وڏو ماڻهو اهو آهي جو نه پاڻ سردار ٿئي ۽ نه ئي کيس سردار بڻايو وڃي.

 


 

•غلام قادر ٿيٻو، ڊاسوڙي.

موڪلون ڇو ضروري آهن

 

منهنجي خيال ۾ ته موڪلون ضروري آهن. رڳو پڙهڻ سان شاگردن جي دل ڀڄي پوندي. يا هنن جو چاهه نه رهندو. پر جيڪڏهن هفتي ۾ هڪ ڏينهن موڪل آهي ته هو راند ڪري ٿو ۽ گهمي ٿو ۽ هن جي دل خوش ٿئي ٿي. گرميءَ جي يا سرديءَ جي موسمن ۾ موڪلون ملڻ ضروري آهن، سو ان ڪري جو گرميءَ ۾ شاگرد سولائي سان پڙهي نه سگهندا آهن، ۽ شاگردن کي اچڻ وڃڻ ۾ تڪليف ٿيندي. ۽ جيڪر سياري جي موڪل آهي ته اها به ضروري آهي ڇو جو سرديءَ جي ڪري شاگردن جي دل نه چاهيندي ته اسڪول وڃي. تعليم جي ماهرن جو به اهو خيال آهي ته موڪل ضروري آهي شاگرد سڄي هفتي ۾ پڙهي ٿو ته هڪ ڏينهن آرام لاءِ آهي يا ڪنهن سير و تفريح لاءِ. باقي هيءَ ڳالهه مائٽن ۽ شاگرد تي دارو مدار رکي ٿي ته شاگرد جيڪر پڙهي يا رلي، مائٽن کي ڪم ڪرائي يا اجايو وقت وڃائي، اسڪول جو ڪم ڪري يا راند ڪري. ان مان ثابت ٿيو ته موڪلون ضروري آهن. خاص ڏينهن تي ياد تازي ڪرڻ لاءِ موڪل ڏني ويندي آهي اها ضروري آهي ڇو جو شاگرد ان ڏينهن جي اهميت جي باري ۾ سوچيندا.

]هن ڀاءُ کان پنهنجو نالو لکڻ وسري ويو آهي. هو پنهنجو نالو لکي جيئن ايندڙ پرچي ۾ شايع ڪيو وڃي[.

موضوع نهايت دلچسپ آهي. پر وري رڳو ويهه سٽون ڄڻ ڪوزي ۾ درياءَ بند ڪرڻ آهي.

پيارا ساٿيو، منهنجي خيال موجب ته موڪلون ڏيڻ تمام ضروري آهن. هونئن اسڪول کليل هوندا آهن ته سڄو ڏينهن پڙهڻ جي بلي هوندا آهيون. اسڪول کان واپس آرام ۽ وري اسڪول جو ڪم. مطلب ته ٻيو ڪم ڪار. باقي رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ يا ان ۾ لکڻ جو ته وقت خير سان نصيب ئي ڪو نه ٿو ٿئي. پر موڪلن ملڻ سان ذهن کي واندڪائي ملي ٿي. سڪون سان ڪجهه پڙهي به سگهون ٿا ۽ ڪجهه لکڻ جو به موقعو ملي ٿو. اونهاري ۾ توڙي سياري ۾ موڪلون ملڻ ضروري آهن. استاد ويچارا جيڪي سڄو سال محنت ڪري ڇوڪرن سان مٿو ٿا هڻن، تن کي به ڪجهه آرام ضروري آهي.

اسان به سنڌي رسالا انهن موڪلن ۾ پڙهي سگهون ٿا، ۽ ڪجهه لکي به سگهن ٿا. پياري ٻارن جي رسالي گل ڦل ۾ لکڻ لاءِ به ڪجهه وقت کپي. انهن موڪلن ۾ اسڪول جو ڪم ڪار به لهي سگهندو. ۽ جان کي به ڪجهه آرام ملندو. تنهنڪري موڪلون تمام ضروري آهي. وڌيڪ خيال پنهنجو پنهنجو آهي.

 

•امتياز علي کوکر، سکر.

موڪلون ٻارن لاءِ ضروري آهن. ڇو ته موڪلن ۾ ٻارن کي ٻين جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ ٻار موڪلن ۾ پنهنجو سبق ياد ڪندا آهن موڪلن نه ملڻ ڪري ٻار اسڪول ۾ ويهي مونجهو ٿي پوندو آهي. گرمين ۾ ٻه مهينا موڪلون ته ضرور آهن ڇو ته سنڌ ۾ گرمي پوندي آهي. آخر ۾ مان چوندس ته ٻارن کي موڪلون ملڻ (گرمين ۽ سردين ۾) ضروري آهن.

 

ڇا اوهان کي خبر آهي ته ...

 

•دل عبدالحي ”راهي“ امروٽي.

1-         ”محمد علي پاشا“ پنهنجي وطن آلبانيا ۾ معمولي چوڪيدار هو، جيڪو پوءِ ترقي ڪندي ترڪي حڪومت جي طرفان مصر جو حاڪم بڻيو.

2-        ”ابراهيم لنڪن“ هڪ غريب هاري جو پٽ هو، جو ترقي ڪندي آمريڪا جو صدر بڻيو.

3-        ”آئزن هاور “ هڪ اخبار فروش هو، جو ترقي ڪري آمريڪا جو صدر بڻيو.

4-        ”اسٽالن“ هڪ موچيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو هو، ترقي ڪندي روس جو صدر بڻيو.

5-        ”نيپولين بونا پارٽ“ هڪ سپاهي هو، جيڪو ترقي ڪري فرانس جو حڪمران بڻيو.

6-        ”مِسوليني “ هڪ غريب لوهار جو پٽ هو، جيڪو ترقي ڪري وڃي اٽلي جو ڊڪٽيٽر بڻيو.

7-        ”ايڊيسن“ هڪ اخبار فروش هو، جو بعد ۾ بلب جو موجد بڻيو.

8-        ”قطلب الدين ايبڪ“ هڪ غلام هو، جو ترقي ڪري وڃي بادشاهه بڻيو.

9-        ”نادر شاهه“ هڪ ڌنار هو، جو ترقي ڪري وڃي بادشاهه بڻيو.

10-    ”ڪيٿرائين“ فوج ۾ نوڪرياڻي هئي، جيڪا ترقي ڪندي وڃي روس جي ملڪه بڻي.

11-     ”باٽا بوٽ ڪمپني“ جو مالڪ، هڪ موچي، جو ترقي ڪندي امير ترين ماڻهو بڻجي ويو.

12-    ”هينري فورڊ“ هڪ مزدور هو، جو روزانو 31 پئسا ڪمائيندو هو ۽ پوءِ ترقي ڪندي وڃي فورڊ موٽرن جي سڀ کان وڏي ڪارخاني جو مالڪ بڻيو.

 

•عبدالڪريم راڄپر، لاڙڪاڻو.

1-        اقوام متحده کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڪانفرنس 25 اپريل 1945ع ۾ ٿي.

2-       دنيا جو مشهور نهر ”سويز“ جو نقشو هڪ فرانسيسي انجنيئر ”ڊي ليپ“ ٺاهيو هو.

3-       1883ع شمسيءَ ۾ دنيا جي آبادي 90 ڪروڙ هئي.

4-       دنيا جو سڀ کان ٿلهو ماڻهو ”ڊينٽل ابرٽ“ هو، جيڪو 1859ع ۾ مئو. سندس وزن 365 سير هو.

5-       انسان جي رڳن ۾ رت 65 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي ٿو.

6-       دنيا جو سڀ کان وڏو هيرو 1905ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ مليو. سندس وزن اٽڪل منو سير هو.

7-       دنيا جو سڀ کان پهريون سن  ”سن يوناني“ هو جيڪو پهرين سيپٽمبر 5598ق-م کان شروع ٿيو.

8-       ننڍي کنڊ جي مشهور هيري جو وزن 186 ڪيرٽ هو. سندس ٽي حصا آهن.

9-       فيلڊ مارشل جو عهدو برطانوي فوج ۾  ”شاهه جارج ٻئين“ 1736ع ۾ رائج ڪيو هو.

10-   گلاب جو عطر جهانگير جي راڻي ”نور جهان“ ايجاد ڪيو هو.

11-    ”نوبل پرائيز“ ڊائناميٽ جي موجد ”ڊاڪٽر الفريڊ بي نوبل“ جي نالي سان موسوم آهي.

 

•جيرامداس اٻوجهو، ڪاٺڙي.

1-        استنبول دنيا جو اهو شهر آهي جيڪو ٻن کنڊن ۾ ورهايل آهي.

2-       سڀ کان وڌيڪ سون ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿئي ٿو.

3-       اقوام متحده جو جهنڊو ٻن رنگن: نيري ۽ اڇي جو ٺهيل آهي.

4-       پاڪستان جو سڀ کان پهريون موسمي راڪيٽ جو نالو رهبر پهريون هو.

 

•عبدالعزيز رنگريز،ميرپوربٺورو.

1-    گلن ۾ سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ گل ”اورڪڊ “ آهي.

2-   دنيا جو سڀ کان وڏو گل ”سن ڊيو“ جي نالي سان آهي، جيڪو اوڀر هندستان ۾ ٿئي ٿو.

3-   دنيا جي سڀ کان پهرين اخبار ”جوليس قيصر“ نالي هڪ شخص جاري ڪئي.

4- دنيا ۾ سڀ کان گهڻا چانور چين ۾ ٿين ٿا.

5- روزانه ”نيويارڪ ٽائمز“ جيڪا آمريڪا مان نڪرندي آهي: تنهن ۾ روزانو 715 ايڊيٽرن جو بورڊ ڪم ڪندو آهي.

6- نيويارڪ ٽائمز روزانو 90 صفحن جي هوندي آهي ۽ آچر جو ايڊيشن اٽڪل پنج سئو صفحن تي مشتمل هوندو آهي.

7- نيويارڪ ٽائمز جو وزن ساڍا ٽي سير هوندو آهي.

 

 

کل ته سهي

 

•ميمونه بنت شمس الدين عرساڻي

 

(1)

سعيد (وڏي ڀاءُ کي) ادا، توهان چوندا آهيو نه، ته جانورن تي رحم ڪرڻ گهرجي. مون به هڪ غريب ٻليءَ تي رحم ڪيو.

وڏو ڀاءُ: اهو ڪيئن؟

سعيد: مون کيس توهان جي حصي وارو کير پياري ڇڏيو.

(2)

ماءُ؛ (پٽ) ڏس پٽ، ٻاهر ڪو فقير صدا هڻي رهيو آهي، تون هن کي آنو ڏئي اچ.

پٽ: (واپس اچي آنو موٽائي ماءُ کي ڏئي ٿو) امان، فقير ته ٻاهر ڪو نه هو. بابا گانو ڳائي رهيو هو.

(3)

هڪ عورت ستون مڙس ڪيو هو. جڏهن اهو به مرڻ لڳو تڏهن زال چيس ته مون کي ڪنهن جي حوالي ڪري ٿا وڃو؟ مڙس جواب ڏنس ته اٺين مڙس جي.

 

• زبير احمد سومرو

ٻه زال مڙس هوندا هئا. ٻنهي جو پاڻ ۾ ڏاڍو جهيڙو هلندو هو. زال ٿلهي ۽ مڙس سنهو هوندو هو. هڪ دفعي هڪ پاڙي واري، مڙس کان پڇيو: يار، ڀلا توهان جي زندگي جي گاڏي ڪيئن هلندي، هر وقت جهيڙوئي جهيڙو!“ مڙس چيو: ”ادا، ڪمال آ تنهنجو، هڪ ڦيٿو ٽيڪٽر جو ۽ هڪ ڦيٿواسڪوٽر جو، ٻڌاءِ ته اها گاڏي ڪيئن هلندي؟“

 

•روحي ميمڻ، لطيف آباد

(1)

هڪ ماڻهو خودڪشي ڪرڻ لاءِ ريل جي پٽڙيءَ تي سمهي پيو ۽ گڏ ٻه مانيون پاڻ سان رکيائين. هڪ ماڻهوءَ کانئس پڇيو: ”ادا، هي مانيون ڪنهن لاءِ رکيون اٿئي؟“ ان ماڻهو جواب ڏنس: ”ادا، جيڪڏهن گاڏي ليٽ ٿي وئي ته هي مانيون کائيندس.“

(2)

ڪنهن باغ جي در تي لکيل هو:

”باغ ۾ وڃڻ منع آهي“.

هڪ ماڻهو اوڏانهن ويو ته چوڪيدار کيس پڪڙي ورتو. هن شخص چوڪيدار کي ٻه رپيا ڪڍي ڏنا. چوڪيدار هن کي ڇڏي ڏنو ۽ چوڻ لڳو: ”توهان وري هيڏانهن ڪڏهن ايندا؟“

 

• حنيفه رحيم قاضي، حيدرآباد.

صاحب پٽيوالي کي چيو، ”اڄ ته تون چانهه پيار مزو ٿيندو.“ نوڪر ويو ۽ خالي ڪوپ آڻي ميز تي رکيائين. صاحب پڇيس ته ڇو خالي ڪوپ کڻي آيو آهين؟ نوڪر چيس ته:  ”ڀريل ڪوپ ته هرڪو پي ويندو، مزو تڏهن ٿيندو جڏهن خالي ڪوپ پيئندو.“

 

•خالد اڪبر ٽالپر، ٽنڊو محمد خان.

(1)

استاد: جيڪو اڄ مون کي مٺائي کارائيندو سو جنت ۾ ويندو.

شاگرد: سائين، آءُ مٺائي ته کارائيندس پر جنت ۾ ڪو نه ويندس.

استاد: ڇو؟

شاگرد: سائين، بابي چيو هو ته ڪيڏانهن به نه وڃجانءِ، موڪل ملي ته سڌو گهر اچجانءِ.

(2)

هڪ ڪاڻو فلم ڏسڻ ويو، ٽڪيٽ هئي هڪ رپيو. پر ڪاڻي ڏنا اٺ آنا، تنهن تي ٽڪيٽ واري چيو، ته ”ميان رپيو ڏي.“ ڪاڻي ٺهه پهه جواب ڏنو ته ”رپيو وڃي وٺ سڄن کان. آئون ته ڪاڻو آهيان!“

 

•خورشيد احمد سهيڙ، نوابشاهه سنڌ .

هڪ موالي نشو ڪري رستي تان وڃي رهيو هو ته هڪ ٽانگو پان پان ڪندو آيو. موالي آواز ٻڌي هڪ ماڻهو جي گهر جي دروازي تي وڃي چنبڙي پيو. صبح ٿيو ته گهر جي مالڪ دروازو کوليو ۽ موالي پٽ تي ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو: ”نيٺ ٽانگو مٿان چاڙهي وئين!

 

•واشديو. بي. ڪٽاريه شڪارپور سنڌ .

هڪڙي دفعي ٽن چورن هڪ گهوڙو چوري ڪيو. ٻه ڄڻا جهنگ ۾ ويٺا ۽ ٽئين کي گهوڙو وڪڻي ۽ سودي سامان وٺي اچڻ لاءِ موڪليائون. چور گهوڙو ساڻ ڪري اڃا ڪجهه پنڌ مس هليو ته رستي تي هڪ شخص مليس جنهن کي هٿ ۾ هڪ ٿالهه هو. هن چور کان پڇيو: ”ڪيڏانهن گهوڙو ڪاهيو پيو وڃين؟“ چور وراڻيو: ”گهوڙو وڪڻڻ شهر پيو وڃان.“ شخص چيس ته ”هي ٿالهه جهل، آءُ گهوڙي تي سواري ڪري ٻن منٽن ۾ ٿو موٽان.“ چور هن کان ٿالهه ورتو ۽ گهوڙو ڏنائين. اڌ ڪلاڪ گذريو، ڪلاڪ گذريو پر شخص واپس نه آيو تڏهن چور ٿالهه کڻي پنهنجن ساٿين وٽ ويو. ٻنهي پڇيس: ”ڪيتري وڪڻي آئين؟“  ”جيتري ورتو هئوسين، اوتري وڪيوسين، باقي هي ٿالهه اتر ۾ مليو آهي“، چور جواب ڏنو.

 

•مير محمد اميرالبحر، دادو.

ننڍڙو نينگر: امان هيءَ ليمي جو ٻوٽو ايترو وڏو ٿيو آهي، آخر هن ۾ ليمان ڪڏهن ٿيندا؟

ماءُ: انتظار ڪر پٽ! صبر جو ميوو مٺو ٿيندو آهي.

نينگر: مگر امان، ليمون ته کٽو ٿيندو آهي!

 

•اياز علي کوکر، سکر.

هڪ ڏينهن هڪڙو ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ڪنهن شهر ۾ ويو ۽ ڊبل بس جي مٿئين حصي ۾ چڙهيو. جڏهن بس هلي ته رڙيون ڪرڻ لڳو. ماڻهن پڇيس ته ڇا ٿيو ته چوڻ لڳو: ”بس بنا ڊرائيور جي هلي ٿي، ڪاٿي ٽڪر نه ٿي پوي!“

 

• عبدالغفور ميمڻ، بدين.

ماءُ: رات جو مون ڪٻٽ ۾ چار لڏون رکيا هئا، انهن مان ٻه پيا آهن، باقي ٻه ڪيڏانهن ويا؟

پٽ: امان رات جو مون کي ڏسڻ ۾ ئي ٻه لڏون آيا، نه ته چار ئي کائي ڇڏيان ها!

 

•حاجي سومرو، بدين.

هڪ ملان وٽ هڪ شخص آيو ۽ چوڻ لڳو: ”سائين، منهنجي ڪڪڙ جا ٻچا، سرڻ کنيو ٿي وڃي، مهرباني ڪري ڪو تعويذ لکي ڏيو.“ ملان چوڻ لڳو: ”ميان ڪو ڪتو ٻلو پاڻ وٽ رک.“ شخص چيو:”سائين، اسان جي لاءِ ڪتو ٻلو تون آهين.“

 

•ممتاز علي مستانو، پنگريو.

پيءُ: شاهد، تون رمضان ۾ به کائڻ نٿو ڇڏين!

پٽ: بابا، رمضان ۾ ڪير ٿو کائي، مان ته پليٽ ۾ ٿو کان.

.... .... ....

استاد: انيلا، ٻڌاءِ نڪ ڇا جي ڪم ايندو آهي.

انيلا: سائين عينڪ پائڻ، ناس ڪرڻ ۽ ٻيڙيءَ جي دونهن ڪڍڻ لاءِ ڪم ايندو آهي.

 

•عنايت علي ڀٽي، حيدرآباد سنڌ.

جج: (چور کي) تو هيءَ چوري تمام گهڻي چالاڪيءَ سان ڪئي آهي. چور: سائين، سڄي زندگي ۾ توهان پهريان ماڻهو آهيو جنهن منهنجي فن جي نيڪي ڪئي آهي.

 

•آفاق انصاري، لاڙڪاڻو.

مهمان: جڏهن به مان کاڌي جي ميز تي کاڌو کائڻ ويهندو آهيان ته اوهان جي ٻلي مون کي چتائي ڇو ڏسندي آهي؟

ميزبان: ويچاري پنهنجي پيالي کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي هوندي.

.... ... ...

انور: توهان کي ادب سان ڪجهه شوق آهي.

احمد: ائين ٿورو.

انور: ته چئبو اوهان بي ادب آهيو.

•جيرامداس اٻوجهو، ڪاٺڙي.

هڪ ڇوڪر اسڪول هڪ ڏينهن ويندو هو ته ٻه ڏينهن گهر ويٺو هوندو هو. پيءُ کيس چيو ته ”ابا، اسڪول ڇو ڪو نه ويندو آهين؟، ڇوڪر جواب ڏنو ته ”بابا، توهان چوندا آهيو ته روز ڪنهن هڪ جاءِ تي وڃڻ ڪري عزت گهٽجي ٿي.“

.... ..... ......

هڪ وڪيل چور کي ڪيس مان آزاد ڪرايو.

چور وڪيل جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيائين ته ”مان توهان جي گهر ايندس.“ ان تي وڪيل کلندي چيو: پوءِ ڏينهن جو اچجان.“

 

•علي اڪبر سومرو، ٽنڊوالهيار.

پٽ:بابا، مان پنهنجي شاديءَ تي نانيءَ کي ڪو نه گهرائيندس.

پيءُ: ڇو پٽ؟

پٽ: بابا جڏهن نانيءَ شادي ٿي ڪئي ته مون کي ڪٿي گهرايو هئائين.

 

•امتياز احمد قاضي، مٽياري.

استاد: مون تنهنجو مضمون ڏٺو آهي. بلڪل غلط آهي مان تنهنجي پيءُ سان شڪايت ڪندس.

شاگرد: سائين، اهو ته منهنجي پيءُ لکيو هو.

•غلام نبي جمالي، ٽنڊوڄام.

مراد: ادا، استاد جنهن ڪرسيءَ تي ويهندو آهي ان کي پاسي کان ٻانهون ڇو آهن؟

سعيد: اهو انهيءَ ڪري ته متان اسان جو استاد ڪرسيءَ تان ڪري نه پوي.

 

•محمد انور ڪوٽائي، ميرپور بٺورو.

استاد: اهو پکي ٻڌاءِ جنهن کي ڏند نه هجي؟

شاگرد: (سوچي سوچي) اهو، اهو منهنجو ڏاڏو ٿي سگهي ٿو، جنهن کي ڏند نه آهن.

 

•الهورايو ڄامڙو، شڪارپور.

(1)

اختر: (اڪبر کي) يار، اڄ مان تولاءِ هڪ مٺي خوشخبري آندي آهي.

اڪبر: ادا، ٿورو سوير کڻي اچين ها، هاڻي ته کٽاڻ کائي ويٺو آهيان.

(2)

هڪ بيوقوف: تون پرائي ٻڪري ڇو ٿو چورائي وڃين. قيامت جي ڏينهن اها ٻڪري تنهنجي قميص جي ڪپڙي کان پڪڙي شاهدي ڏيندي ته هن مون کي چورايو هو.

ٻيو بيوقوف: ته چڱو ٿيو جو مون کي ٻڌائي ڇڏئي، هاڻي مان وڃڻ سان قميص ئي لاهي ڇڏيندس.

 

(3)

هڪ ٺوڙهو ماڻهو: (حجام کي) منهنجا وار ڪٽ، پر پهرين پئسا ٻڌاءِ ته گهڻا وٺندين؟

حجام:سائين، هڪ رپيو.

ٺوڙهو: ٻين کان ٿو وٺين اٺ آنا ۽ مون کان وري رپيو، جڏهن ته وار به مون کي ڪونهن.

حجام: سائين، اها ئي ته ڳالهه آهي.

توهان جي وارن ڳولهڻ ۾ سڀ کان گهڻي دير لڳندي.

 

هنن سان ملو

 

 

112. نالو:عبدالرشيد ولد الهورايو نوناري،

(پڙهندڙ ٻيو درجو سنڌي.)

عمر: 7 سال.

وندر:گل ڦل پڙهڻ.

پتو: پرائمري اسڪول عبدالحڪيم خان نوناري، تنگواڻي روڊ، ڪنڌڪوٽ سنڌ .

 

113. نالو: ممتاز علي  ”مستانو“ (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون.)

عمر:15 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: معرفت محمد يوسف ميمڻ، پنگريو، ضلع حيدرآباد سنڌ .

 

114. نالو: محمد موسيٰ پرياڻي، (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون-بي.)

عمر: 12 سال.

وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: جاويد بوٽ هائوس، شاهي بازار، دادو.

 

115. نالو: مظفر علي نوناري، (پڙهندڙ ڪلاس ٻيو.)

عمر:7 سال.

وندر: ملهه وڙهڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ.

پتو: معرفت سڪندر علي نوناري، شڪارپور روڊ، ڪنڌڪوٽ.

 

116. نالو: محمد هاشم نوناري ”گل“، ولد مير حسن نوناري، (پڙهندڙ ڪلاس ستون-الف.)

عمر: 13 سال.

وندر: تصويرون ڇاپڻ ۽ پينٽنگ ڪرڻ.

پتو: شڪارپور روڊ، ڪنڌڪوٽ سنڌ.

 

117. نالو: اياز علي ابڙو، (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون.)

عمر: 13 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ، قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: بنگله نمبر 100، يونٽ نمبر 3 لطيف آباد حيدرآباد سنڌ.

 

118.نالو: پروانو محمد بچل ولد حاجي عبدالمجيد قريشي، (پڙهندڙ ڪلاس نائون)

عمر: 14 سال.

وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ،

ائڊريس: عالماڻي محلو، نزديڪ جامع مسجد، نصرپور سنڌ.

 

119.نالو: ضمير علي ڀٽو، (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون).

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: لاهوري محلا لاڙڪاڻه.

 

120.نالو:عزيز الرحمان سومرو(پڙهندڙ ڪلاس نائون).

عمر:13 سال.

وندر: ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: معرفت نظير احمد سومرو انسپيڪٽر ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن آفيس، خيرپور.

 

121.نالو: پپو مڪيش ڪمار ڏاواڻي.

عمر: 13 سال.

وندر: دوستي رکڻ، گهمڻ، فلم ڏسڻ.

ائڊريس: ڏيپچند ديوان لعل، وائين مرچنٽ شاهي بازار، ڪنڌڪوٽ. ضلعو جيڪب آباد.

 

122.نالو: محمد منير بلوچ، (پڙهندڙ ڪلاس نائون).

عمر: 15 سال.

وندر: قلمي دوستي ۽ رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: خادم جنرل اسٽور تلهار سنڌ.

 

123.نالو: شنڪر لعل، شهزادو (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون).

عمر: 15 سال.

وندر: ويو ڪارڊ گڏ ڪرڻ گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور، تعلقو ڪنڌ ڪوٽ.

 

124.نالو: محمد يعقوب ولد حاجي عبدالمجيد قريشي، (پڙهندڙ ڪلاس ستون).

عمر: 12 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ ٻارن جا ماهوار رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ پراو نشلائيزڊ هاءِ اسڪول نصرپور.

 

125.نالو: گهنشام داس ولد جيسا رام (پڙهندڙ ڪلاس ڏهون).

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ، گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: مارڪيٽ روڊ نمبر 2، نواب شاهه.

 

126.نالو: غلام حيدر هاشماڻي ولد حاجي ڀليڏنو(پڙهندڙ ڪلاس نائون_الف).

عمر: 14 سال.

وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ-قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب جلد ڏيڻ.

ائڊريس: معرفت حاجي ڀيليڏنو، پراڻي مارڪيٽ، شڪارپور.

 

127.نالو: محمد قاسم سولنگي (پڙهندڙ ڪلاس يارهون.)

عمر: 15 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ، رسالا پڙهڻ ۽ تقريرن ۾ حصو وٺڻ.

ائڊريس: معرفت محمد ايوب هيئر ڪٽنگ سيلون، اسٽيشن پڊعيدن سنڌ.

 

128.نالو: عبدالغفور ولد حاجي عبدالرحيم ميمڻ(پڙهندڙ ڪلاس ڇهون).

عمر: 11 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: ايم حنيف ميمڻ گيهه مرچنٽ اسٽيشن روڊ بدين سنڌ.

 

129.نالو: غلام حسين زرداري ولد گهنور خان زرداري (پڙهندڙ ڪلاس نائون_اي).

عمر: 14 سال.

وندر: ٻارن جا رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سرهاري، ضلعو سانگهڙ.

 

130.نالو: عبدالغفور ولد حاجي عبدالرحيم ميمڻ (پڙهندڙ ڪلاس ڇهون).

عمر: 11 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: ايم حنيف ميمڻ گيهه مرچنٽ اسٽيشن روڊ بدين سنڌ.

 

 

سلام ۽ سنيها

 

محترم ايڊيٽر صاحب،

اسلام عليڪم: گل ڦل کي نئين دؤر ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ٿي آهي. ان لاءِ اهان جي محنت کي ساراهيان ٿو. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته ٻارن طرفان ايندڙ مواد کي اڃا خبرداريءَ سان جاچيو وڃي. گذريل ڪن پرچن ۾ چين بابت هيٺين غلط معلومات ڏني ويئي آهي:

1-    چيني زبان ۾ الف ب جا 214 اکر آهن(اپريل 1974ع ص39).

2-   چين جي سڪي جو نالو ين (يان) آهي (مئي 1974ع ص 40).

3-   چين جو قومي نالو ”ڪوچنگ“ آهي (آَگسٽ 1974ع ص 32) عرض آهي ته:

1.    چيني زبان ۾ الف ب آهي ئي ڪا نه. 214 اکر ڪنهن زبان ۾ ڪيئن ٿا ٿي سگهن. 214 پد آهن: چوُ: چي، چنگ، چي، چا، چُنگ، چنگ، چانگ، چيانگ، چُوانگ وغيره. اوهان ڏٺو ته قصو اسان واري اکر جي تصور کان ٻي طرح آهي.

2.   چين جي سڪي جو نالو ”يُوان“ آهي.

3.   چين جو نالو ”چنگ ڪو“ آهي. هن آگسٽ 1974ع جي پرچي ۾ ڊاڪٽر خالده جي ترجمي ڪيل افساني ۾ ليکڪ جو نالو لوهسون ڄاڻايل آهي، جيڪو به غلط آهي. صحيح نالو”لوُشنُ“ آهي. انگريزي هجي luhsun سبب غلط فهمي ٿي آهي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

سنڌ يونيورسٽي

]محترم جوڻيجا صاحب، خط لکڻ لاءِ مهرباني. اوهان جن غلطين ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. تن لاءِ اسين ٿورائتا آهيون. اميد آهي ته ٻارڙا انهن غلطين کي سڌاري پڙهندا. ايڊيٽر[.

 

ادا شوڪت،

جيئي سنڌ: گل ڦل جو پرچو پڙهيم خاص پرچو نه هو بلڪ هڪ بيت ”سنڌ ڌيءَ“ پرچي کي سينگاريو هو. ادا، گذريل مهيني فياض علي ”فياض“ جي تجويز سٺي هئي. ناقابل اشاعت ڪهاڻيون، نظم ۽ مضمون جي لسٽ لکڻ ضروري آهي. جيئن ٻارن کي خبر پئجي سگهجي، جنهنڪري ٻارن جي همت وڌندي.

ادا، مان هڪ ڪهاڻي”غلاميءَ جي زندگي“ مئي جي مهيني ۾ موڪلي هئي، پر افسوس جو توهان نه ئي ڇپي ۽ نه جواب ڏنو.

اوهان جو ڀاءُ، ”مسڪين“ آصف علي قاضي.

]ادا، في الحال ڪن مجبورين سبب ناقابل اشاعت مواد جي فهرست شايع نٿا ڪري سگهون ۽ ها، ٻي ڪا سُٺي ڪهاڻي لکي موڪل._ايڊيٽر[.

 

محترم جناب ايڊيٽر صاحب،”گل ڦل“

ادل! عرض ته آءُ به عنوان”زنده رهڻ جي لاءِ هوا نهايت ضروري آهي“، هڪ مضمون ننڍڙن جي معلومات لاءِ لکي موڪليان ٿو.

اگر اوهان صاحبن ان کي ايندڙ پرچي ۾ جاءِ ڏيئي شايع ڪيو ته پوءِ اها منهنجي همت افزائي ٿيندي.

مون ”انارڪلي“ نالي هڪ ننڍڙو تاريخي ناول  هڪ سئو صفحن تي مشتمل اردو ناول تان ترجمو ڪيو آهي. منهنجي مرضي هئي ته ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايان، بلڪ ڪن اڻ ٽر سببن جي ڪري ائين ڪري نٿو سگهان. سو هينئر خيال ڪيو اٿم ته ٻارڙن جي وندر خاطر اوهان پنهنجي رسالي ۾ کيس قسط وار شايع ڪري سگهو ته پوءِ آءُ اوهان ڏانهن پوسٽ ذريعي موڪلي ڏيان، يا وري کيس ڪتابي صورت ڏيئي سگهو ته پوءِ ان باري ۾ به مون کي لکي موڪليو.

وزير علي ايم. سومرو، چڪ

]ادل، اوهان جو موڪليل معلوماتي مضمون شايع ڪري رهيا آهيون. ناٽڪ”انارڪلي، ٻارن جي لاءِ مناسب نه ٿيندو. باقي اوهان ٻارن جي پسند کي ذهن ۾ رکي ٻيو ڪو ناٽڪ موڪليو، ته ضرور شايع ڪنداسين_ايڊيٽر[

محترم ايڊيٽر:

السلام عليڪم- گذارش ته گل ڦل جي اڳوڻي دؤر ۾ خان صاحب مريد علي جون ترجمو ٿيل آمريڪي ڪهاڻيون ڇپبيون هيون. جن جو ترجمو عام وڻندڙ هو. تازو گل ڦل پڙهندي علي بخش صاحب جي ترجمو ٿيل ڳئون ۽ سيهڙ ڏٺم جنهن ۾ رڳو لفظي ترجمو ٿيل هو ۽ ترجمو ڪرڻ وقت ٻارن جي مزاج کي نظر ۾ ڪونه رکيو ويو آهي. ان ڪري هڪ آمريڪي ڪهاڻيءَ جو ترجمو خدمت ۾ عرض رکان ٿو. مون ڪوشش ڪري ٻارن جي سمجهه وٽان ترجمو ڪيو آهي ۽ ماحول ۾ به ان لحاظ سان معمولي ڦير گهير ڪيل آهي. اگر همت افزائي ڪندا ته آئينده به اهڙيون ڪوششون ڪندو رهندس. هيءَ پهرين ڪوشش آهي. اميد ته ڪهاڻي شايع ڪندا.

شبير احمد راڄپر، پڊعيدن.

]ڀاءُ، تنهنجي ڪهاڻي پهتل آهي. پر توکي شايد خبر ڪانهي ته ”بهار جي چوري“ اڳ ۾ شايع ٿي چڪي آهي. اها ڪهاڻي پهرين ”آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون“ ۾ ڇپي هئي ۽ پوءِ اسان گل ڦل فيبروري 1974 ۾ ڇپي هئي._ايڊيٽر[

ادا السلام عليڪم:

جولائي جي رسالي ڏاڍو مزو ڏنو. اسان سنڌي ٻار اوهان جا ٿورائتا آهيون جو اهڙو بهترين رسالو ڪڍيو اٿو. ادا ٻارن جو جيڪو مواد ڇپڻ جي لائق نه آهي، انهن ٻارن جي نالن جي لسٽ شايع ڪندا ڪريو ته جيئن ٻارن کي گهڻو انتظار نه ڪرڻو پوي. جيڪڏهن هي منهنجو مواد ڇپڻ جي لائق نه هجي ته پوءِ لسٽ ۾ منهنجو نالو به ضرور لکندا.

حنيفه رحيم قاضي، حيدرآباد.

]ادڙي، رسالو توکي وڻيو، اهو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. جن ٻارن جو مواد ڇپائي جي لائق ناهي، تن جي نالن جي لسٽ شايع ڪرڻ في الحال مشڪل آهي. ٻار هڪڙي ئي پني تي معلومات، پروليون، لٽڪا چٽڪا قلمي دوستيءَ لاءِ نالا لکيو موڪلين انهن کي ڌار ڌار ترتيب ڏيڻ ۾ ئي ڳچ وقت لڳيو وڃي._ايڊيٽر[.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com