سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل سيپٽمبر 1974ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

سيپٽمبر 1974ع

شوڪت حسين شورو

گذارش

پيارا ٻارو!

سڀ خوش باش ۽ سرها آهيو نه_

اوهان جي پڙهائيءَ جو ڇا حال آهي؟ ڪيترن ٻارن اها شڪايت  ڪئي آهي ته کين درسي ڪتاب بازار ۾ نٿا ملن. هوڏانهن ماستر صاحب ڪتاب نه آڻڻ تي کين مارين ٿا. ٻارن جي چوڻ موجب اهو ساڻن سراسر ظلم آهي. جيڪڏهن ڪتاب بازار ۾ نٿا ملن ته ان ۾ سندن ڪهڙو ڏوهه! واقعي ٻارن جي اها ڳالهه واجبي آهي. ڪتاب ڇپائيندڙن توڙي استاد صاحبن کي ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وئڪيشن ختم ٿيڻ کان پوءِ سمورن ڪلاسن جي ڪتابن جو بازار ۾ هئڻ ضروري آهي. پر جيڪڏهن ڪن اڻٽر سببن جي ڪري ڪي ڪتاب بازار ۾ نٿا ملي سگهن، ته ان لاءِ اسين ٻارن ۽ استاد صاحبن کي هڪڙي تجويز پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. مڊل ۽ هاءِ اسڪولن ۾ ڪتابن جو بئنڪون قائم ڪيون وڃن. جيڪي ٻار جمع امتحان پاس ڪن تن کان سندن سمورا درسي ڪتاب وٺي ان بئنڪ ۾ جمع ڪيا وڃن ۽ جيڪي ڪتاب بازار ۾ نه ملي سگهن سي ٻارن کي ڏنا وڃن. اهي غريب ٻار جيڪي ڪتاب خريد ڪري نٿا سگهن تن کي به ان بئنڪ مان ڪتاب ڏنا وڃن. ان لاءِ ضروري آهي ته ٻار پنهنجن نون ڪتابن کي حفاظت سان سانڍي پڙهن، جيئن اهي ٻئي سال سندن ٻين ڀائرن کي ڪم اچي سگهن. جيڪڏهن استاد صاحب ۽ ٻار ان تجويز تي عمل ڪن ته جيڪر گهڻا مسئلا حل ٿي وڃن.

الله توهار

اوهان جو ڀاءُ

شوڪت حسين شورو.

 

بيت-سُر سريراڳ

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه

(1)

ٻيڙياتا! ٻيئي، تو نه ڦٻنديون ڳالهڙيون،

سڄيون راتيون سمهين، ڀَرُ سُکاڻ ڏيئي،

صُباحَ سڀيئي، پار پُڇندءِ خبرون.

(2)

بندر جان ڀَئِي، ته سُکاڻيا نه سُمهو،

ڪَپَرُ ٿو ڪَن ڪري، جئن ماٽيءَ منجهه مَهيِ،

ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪجي، ناکُئا!

(3)

لهرين ليکوناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪنُن ڪارا،

آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،

اُٿي اسارا! ويِرِ وڙهنديءِ ويسِرا!

(4)

سُتين سنجهيئِي، وِڄ کِنونديءِ ويسِرا!

ويرَ وَري ويئِي، اَسارن تان اوچتِي.

 

• ڪيهر شوڪت

]ڪهاڻي[

زندگيءَ جو موهه

 

ان ڏينهن مان ڪراچيءَ مان ڳوٺ آيو هوس. ڪراچيءَ مان ڳوٺ اچڻ ڪري گهر جا سڀ ڀاتي هميشہ جيان ويڙهي ويا هئا:

”ادا، مون لاءِ ڇا آندو اٿئي؟ مون لاءِ...... ڇا آندو اٿئي؟ مون لاءِ.... هر ڪو پڇي رهيو هو.

۽ مان سڀني کي سندن پسند جون شيون ڏئي خوش ڪري رهيو هوس، پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ فرزانه لاءِ ٻين شين شڪلين کان سواءِ هڪ هار به آندو هئم- زريءَ جون ٻه لڙهيو- وڏي پتلي سان ۽ پتلي تي ستارن ۽ سرمي جو ڪم ٿيل. اهو هار مون کي هڪ پارٽيءَ ۾ منهنجي پياري دوست پارايو هو ۽ اهو مون پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي ڏئي خوش ڪرڻ ٿي چاهيو.

مون کي يقين هو ته هار ڏسي فرزانه ٽڙي پوندي رابيل جان، پر هي ڇا‎!

مون هار ڪڍي کيس پارائڻ جو ڪيو ته فرزانه پري هٽي وئي.

”نه نه، مان ڪانه پائينديس- ڪا نه پائين....“ فرزانه هيسجي وئي.

مان سندس پٺيان ڊوڙڻ لڳس:

”پاءِ نه من! ڏس هي مون تولاءِ ڪراچيءَ کان آندو آهي.“ مون کيس پيار مان چيو.

”نه نه، مان نه پائينديس، نه پائينديس،“ هوءَ روئڻ لڳي.

”ڀلا فوزيه کي ڏئي ڇڏيان؟“ مون پنهجي سؤٽ جي ڌيءَ نالي چيو. مون کي پڪ هئي، ته هاڻي هُوءَ چوندي  ”نه نه،. فوزيءَ کي نه ڏي. مان ٿي پايان،“ جيئن عام طور ٻار ڪندو آهي. پر هن ڪجهه نه ڪڇيو!

”ڀلا ڇو نٿي پائين؟“ مون پڇيو، پر هن وٽ روئڻ کانسواءِ ڪوئي جواب نه هو. ”ڇو نٿي  پائي؟“  گهر جي سڀني ڀاتين کان پڇيم.

”الاجي!“ ڪنهن وٽ به جواب نه هو! مجبور ٿي جڏهن هار کي بيگ ۾ رکيم تڏهن فرزانه، روئڻ کان بس ڪئي. ۽ مان حيرت جي وهڪري ۾ لڙهي ويس، ته ڇو ههڙو سندر ۽ پيارو هار هڪ ٻار جي من کي موهي نه سگهيو. ٻار ته ههڙيون شيون ڏسي چريا ٿي پوندا آهن ۽ جيسين نه ملنديون اٿن تيسين مٽيءَ ۾ پيا ليٿڙندا ۽ سنگهون وهائيندا آهن.

رات جي وقت ماني کائيندي، مرحوم ماميءَ جون ڳالهيون ياد ڪرڻ لڳاسين. ڏک، ساراهه ۽ سندس موت جون ڳالهيون، ۽ موت جي ڳالهين ۾ ئي هڪ عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه مان ڇوٽڪارو:

”ادا خبر اٿئي ته فرزانه ان ڏينهن تنهنجو آندل هار ڇو نه پاتو هو؟“

منهجي ڀيڻ زاهده چيو.

”الائي .........! مون کي ڪهڙي خبر- تون ئي ٻڌاءِ، ڇو روئڻ لڳي هئي؟“ مون پڇيو.

”ادا، ماميءَ جي مرڻ وقت ماڻهن ماميءَ کي اهڙن هارن سان جهنجي ڇڏيو هو. هوءَ کٽ تي ستل هئي، مايون پار ڪڍي روئي رهيون هيون ۽ فرزانه اهو سڀڪجهه ڏٺو هو.“

زاهدهه ٻڌايو.

”اوهو! پر تو اڳ ۾ ڇو نه ٻڌايو هو؟ مان به چوان ته آخر سندس اکين ۾ ڊپ جا اولڙا ڇو آهن-

ڪيڏو نه هيسجي وئي هئي!“

”مون کي اها ڳالهه ياد ئي نه هئي! اڄ ماميءَ جون ڳالهيون نڪتيون ۽ ماميءَ جي موت وارو منظر ياد پيو ته فرزانه جي روئڻ جو سبب هٿ اچي ويو.“ ”زاهدهه چيو.

اڄ مون کي خبر پئي آهي ته ڇو اهڙو سهڻو ۽ پيارو هار هڪ ٻار جو من موهي نه سگهيو هو.

زندگيءَ سان نه رڳو وڏن کي پر ننڍن کي به ايڏو پيار آهي!

 

• سنڌيڪار:اقبال بلوچ

]آفريڪي ڪهاڻي[

 

چالاڪ سيهڙ

 

گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي ته اتر آفريڪا جي هڪڙي ڀاڱي ۾ اهڙو ته اچي ڏڪار پيو جو ماڻهو داڻي داڻي لاءِ محتاج هئا ۽ بک ۾ پاهه پئي ٿيا. ان ڀاڱي ۾ هڪڙو ڳوٺ جيفرين هو. هڪڙي پاسي کان سخت ڏڪار ٻي پاسي کان اونهاري جا گرم ڏينهن ۽ ان سان گڏ گرم لوءِ لڳندي هئي، جو ميوو اتي جو اتي ڪچو ته وڻ ئي سڪيو وڃي. فصلن کي ڪينئون کائي ويو. مصيبت هميشه اڪيلي نه ايندي آهي. مطلب ته جيڏانهن ڪيڏانهن سڃ. جيفرين قبيلي جا ماڻهو تمام سياڻا هوندا هئا. سڪار جي وقت ۾ به هو ڪجهه نه ڪجهه ان بچائي رکندا هئا ته جيئن ڏکئي وقت ڪم اچي. پر ڏڪار به اهڙو منهن اچي ڪڍيو جو بچيل ان به ڪن ڏينهن کان پوءِ کٽي پيو. آخر جيفرين قبيلي جي سردار هڪ ڏينهن قبيلي وارن جو ميڙ ڪوٺايو جتي سردار تقرير ڪندي چيو ته ”توهان کي خبر آهي ته اسان جي هن وقت ڪهڙي حالت آهي. ڪڻي ڪڻي لاءِ سڪي رهيا آهيون. اسان جا ٻار ماني ڀور لاءِ رڙيون ڪري رهيا آهن. انهيءَ حالت ۾ اسان کي ڀر واري شهر مان ان گهرائڻ گهرجي جتي جو سردار منهنجو دوست آهي. توهان مان چار-پنج ڄڻا جارين شهر ڏانهن وڃن ۽ منهنجا سلام ڏئي پنهنجو حال سربستو ٻڌائين.“ اتي اهو ٻڏي سڀ قبيلي وارا ڏاڍا خوش ٿيا. سردار قبيلي مان پنج سگها جوان چونڊيا جيڪي سج اڀري کان اڳ قافلي جي صورت ۾ جارين شهر ڏانهن هلڻ لڳا. قافلي وارا پنهنجي من مستيءَ ۾ اڳتي هلندا رهيا ۽ هنن کي پوين ٻن مسافرن جي خبر نه هئي جن وٽ ڪلهن تي ٻوريون هيون ۽ هنن جي پٺ وٺيو پئي آيا. هي به کاڌي جي ڳولا ۾ نڪتا هئا. هنن مان هڪڙو سيهڙ ۽ ٻيو گدڙ هو، جن جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي هئي ۽ کاڌي لاءِ به ٻئي گڏ نڪتا هئا. هڪڙي ڏينهن هوا به ڏاڍي گرم لڳي رهي هئي. هي همراه به پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيا هئا. ويچاري گدڙ کي ته هلندي هلندي اڀ ساهي وٺي وئي سو ويهي رهيو. بک به ڏاڍي لڳي هيس ۽ پيٽ ۾ به ڪئن ولڙ وٽ لائي ڏنو هو. جڏهن گدڙ جي نظر پنهنجي ساٿي ڀوري سيهڙ تي پئي تڏهن وات مِرڪائي خيال ڪيائين ته ڪيڏو نه سوادي هوندو ۽ رکي رکي وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳس.

”مان هن کي پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ ڦاسائي گهر ڏي ڇو نه کڻي وڃان، گدڙ خيال ڪيو ته ڇا لاءِ مان ايڏو ڊگهو سفر جارين شهر ڏانهن ڪيان.  ’بک بڇڙو ٽول،  دانا ديوانا ڪري‘ سو هن چوڻ موجب گدڙ جي به نيت خراب ٿي پئي ۽ اکيون ور ور ٽمڪائي سيهڙ کي گهوري رهيو هو. سيهڙ ڄاڻي ورتو ته گدڙ جي نيت ٺيڪ نه آهي.

’گدڙ جي نيت ٺيڪ نه ٿي ڏسجي مان هن کي ڪيئن ڌوڪو ڏيان. ۽ بيوقوف بنايان؟‘ سيهڙ خيال ڪيو،  ’مان هن کي ضرور بيوقوف بنائيندس. ۽ بهانو ڪري، ڪري پوان ته مون کي به بک بي ستو ڪري ڇڏيو آهي.‘

اوچتو سيهڙ سنهي رڙ ڪري پٽ تي ڪِري پيو. او، او، او هن غشي واريءَ حالت ۾ رڙ ڪئي.  ”مان اڳتي هلڻ کان بيوس آهيان جو مان ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهيان. ۽ تون پنهنجو سفر مون کان سواءِ جاري رک.“

”او نه، مان تو دوست کي اڪيلو ڪيئن ڇڏي ڏيندس!“ گدڙ خوشامدي ٿي چيو.

”پر تنهنجي ڪٽنب کي کاڌو کپي،“ سيهڙ ياد ڏياريندي چيو، ”هو تنهنجي راه تڪي رهيا هوندا ۽ توکي ضرور وڃڻ گهرجي نه ته هو تنهنجي آسري پٺيان بک ۾ پاهه ٿي مري ويندا.“ آخرڪار گدڙ ٻچن جو سوچي صلاح مڃي اڪيلو پنهنجو سفر جاري رکيو، قافلو گهڻو اڳ ۾ نڪري ويو هو پرهي به هنن جي پٺيان جبلن ۾ غائب ٿي ويو. جڏهن گدڙ اکين کان گم ٿي ويو تڏهن سيهڙ خيال ڪيو ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. هن خيال ڪيو ته پريان وڻ جي هيٺيان ڪجهه وقت آرام ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن سج لهڻ جو وقت ٿئي ان وقت پنهنجو سفر جاري رکڻ گهرجي. ڪجهه وقت آرام ڪيائين ته سج به لهه ڀرو ٿيو ڇاڪاڻ ته اتر آفريڪا ۾ ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿينديون آهن سو اسان جو سيهڙ اهو خيال ڪري سمهي رهيو ته صبح جو پنڌ پوندس. هڪ ٿڪ ٻيو بک، سو اگهور ننڊ کڻي ويس. سڄي رات پئي خواب لڌائين، ڪڏهن پاڻ کي ڪٿي پيو ڏسي ته ڪڏهن ڪٿي.

نيٺ رات جو به پاسو ورايو، سج اڀرڻ وارو هو ته همراهه جي اک کلي. اڃا جيئن هلڻ ڀيڙو ٿيو ته ڪجهه آواز ٻڌائين. وٺي ڪن اڀا ڪيائين ۽ اوڏانهن ڏسڻ لڳو. ڇا ٿو ڏسي ته ساڳيو قافلو اٺن سان ان جا ڀريل ٻورا کنيو واپس جافرين شهر کان موٽي رهيا آهن ۽ قافلي وارا ڏاڍا خوش ڏسڻ ۾ پئي آيا. اڃا جو کڻي نظر ڪري ته سندس دوست گدڙ ڪلهي تي ان جي ڀريل ٻوري کنيو قافلي جي پٺيان پيو اچي. گدڙ کي به اوٽ موٽ جي پنڌ ماري ڇڏيو هو سو خيال ڪيائين ته جت دوست سيهڙ کي ڇڏيو هوم اتي بيهي ٿورو دم ساهي به کڻان ۽ دوست کي ڏسان ته ڪهڙي حالت ۾ آهي. جيئن گدڙ ويجهو ايندو ٿي ويو تيئن سيهڙ سوچيو ته گدڙ جيڪو ان کنيو ٿو اچي ان ۾ ڀائيوار ڪين ٿجي. آخر هڪڙي ڳالهه سوچي پاڻ کي وٺي پٽ تي ڦٽو ڪيائين ۽ ٽنگون ٻانهو ٽيڙي ڇڏيائين، جيئن ڪو ٻيو سمجهي ته مري ويو آهي. جڏهن گدڙ ويجهو آيو تڏهين ڏٺائين ته سيهڙ مئو پيو آهي، سو دل کي ڏاڍو ڌڪ لڳس. منهنجو غريب دوست ويچارو بک کان مري ويو.“ گدڙ جڏهن گهڻو پري ويو تڏهن سيهڙ ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ گدڙ جي پٺيان ٻئي رستي کان ايڏو ته ڊڪيو جو ايترو سڄي عمر ۾ به ڪو نه ڊڪيو هو. جڏهن سمجهائين ته گدڙ کان گهڻو اڳ ۾ نڪري آيو آهيان، تڏهن گدڙ واري رستي تي ٽنگون ٻانهون ٽيڙي سمهي پيو ڄڻ تي مري ويو آهي.  ”او، نه“، گدڙ رڙ ڪئي، ” هي ٻيو ويچارو غريب. هن ڏڪر اهڙو ته وٺي منهن ڪڍيو آهي جو مان سمجهان ٿو ته هڪڙو به جانور جيئرو نه رهندو.“ ائين چئي گدڙ پنهنجي راهه ورتي ۽ نظر کان غائب ٿي ويو. سيهڙ ڏٺو ته هاڻي گدڙ ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي سو وٺي اڳئن وانگي ڊوڙ پائي رستي تي ٽنگون ٻانهون ٽيڙي مئلن وانگر سمهي پيو.

”اڙي هي ڇا!“ گدڙ رڙ ڪئي هي ٽيون مئل سيهڙ ڏسي رهيو آهيان. مان ته ائين ٿو سمجهان ته هن ٽڪر ۾ رڳو سيهڙ گهڻا مئا آهن. ڇو جو مون کي ٻيا جانور ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿا اچن. جڏهن گدڙ گهر ڌاري پهتو تڏهن خيال ڪيائين ته ڇو نه هي ڳوٿري رکي اهي کڻي اچان. مون کي ياد آهن ته مون پورا پندرهن مئل سيهڙ ڳڻيا هئا. مئل جانور کي کائڻ ۾ مزو ته ڪونه ايندو پر مڙئي ڏڪر کي منهن ڏيئي وڃبو. سو اهو خيال ڪري ڳوٿري رکي، مئلن سيهڙن کي کڻڻ لاءِ پوئتي موٽي ويو. جڏهن گدڙ گهڻو پنڌ نڪري ويو تڏهن سيهڙ ڳوٿريءَ جي ويجهو وڃي پنهنجي سڄي ڳوٿري ڀري گهر ڏانهن راهي ٿيو.

”توکي خبر هئڻ گهرجي ته مان ڪيڏو نه چالاڪ آهيان. جو هڪڙي چالاڪ جانور کي شهه ڏيئي آيو آهيان“، سيهڙ پنهنجي زال سان سربستي ڳالهه ڪئي ۽ زال کان داد وصول ڪيائين.

 

• سنڌيڪار:عبدالرزاق شيخ

(روسي لوڪ ڪهاڻي)

شهزادي سورج مکي

 

هڪ بادشاهه جي ڌيءَ ڏاڍي سهڻي ۽ من موهڻي هوندي هئي. جڏهن وڏي ٿي ته ڏاڍن شهزادن شادي جا پيغام موڪليا، پر شهزاديءَ ڪنهن کي پسند نه ڪيو. ماءُ پيءُ ڏاڍو سمجهايس، پر شهزادي نه مڃي چوي ته، ”مان ته سج سان شادي ڪنديس.“

آخر هڪ ڏينهن بادشاهه تنگ ٿي شهزاديءَ کي چيو، ”وڃ ۽ پنهنجي سج سان وڃي شادي ڪر. وري ورڻ جي وائي نه وارجان، جيئن مان تنهنجي شڪل به نه ڏسان.“ اهو چئي هن شهزاديءَ کي محل مان ڪڍي ڇڏيو.

شهزادي سج جي ڳولا ۾ پنڌ پئي. پوءِ برپٽ بيابان لتاڙيندي اچي هڪ اهڙي جبل وٽ پهتي جنهن جي مٿان سج جو محل هو. هوءَ محل ۾ اندر وئي. جتي کيس سج جي ڪُراڙي ماءُ ملي.

”اڙي ڇوڪري، توکي ڪنهن جي ڳولا آهي؟“ ڪُراڙيءَ عورت پڇيو.

”مان سج کي ڳولهيان ٿي پئي. مون کي سج سان شادي ڪرڻي آهي.“ شهزاديءَ جواب ڏنو.

”سج منهنجو پُٽ آهي ۽ مان توکي سج جي ڪنوار بنائينديس، پر منهنجي هڪڙي ڳالهه ياد رکجانءِ. سج جي اکين ۾ اکيون وجهي نه ڏسجانءِ.“ ڪراڙيءَ عورت شهزادي کي چيو.

شهزاديءَ وعدو ڪيو ۽ ڳچ عرصو پنهنجي وعدي تي قائم رهي، پر هن کي اهو هُٽ کُٽو هو ته پنهنجي مڙس جي اکين ۾ اکيون وجهي ڇو نٿي ڏسي سگهي؟ نيٺ هڪ ڏينهن ڦٽاڪي وانگر ڦاٽي ۽ ڪُراڙيءَ کان پڇيائين، ”توهان مون کي سج ڏانهن ڏسڻ کان منع ڇو ڪئي آهي؟“

”ڌيءَ! مان تنهنجي بيقراري سمجهان ٿي، تون جي ان کي ڏسڻ ٿي چاهين ته پاڻيءَ جو هڪ گلاس پنهنجي مڙس جي سامهون رک ۽ ان ۾ هن جو اولڙو ڏس. پر ياد رکجانءِ ته جي اولڙي کي گهڻو ڏسندينءَ ته توکي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com