•
سنڌيڪار:عبدالرزاق شيخ
(روسي لوڪ ڪهاڻي)
شهزادي سورج مکي
هڪ بادشاهه جي ڌيءَ ڏاڍي سهڻي ۽ من موهڻي هوندي
هئي. جڏهن وڏي ٿي ته ڏاڍن شهزادن شادي جا پيغام
موڪليا، پر شهزاديءَ ڪنهن کي پسند نه ڪيو. ماءُ
پيءُ ڏاڍو سمجهايس، پر شهزادي نه مڃي چوي ته، ”مان
ته سج سان شادي ڪنديس.“
آخر هڪ ڏينهن بادشاهه تنگ ٿي شهزاديءَ کي چيو، ”وڃ
۽ پنهنجي سج سان وڃي شادي ڪر. وري ورڻ جي وائي نه
وارجان، جيئن مان تنهنجي شڪل به نه ڏسان.“ اهو چئي
هن شهزاديءَ کي محل مان ڪڍي ڇڏيو.
شهزادي سج جي ڳولا ۾ پنڌ پئي. پوءِ برپٽ بيابان
لتاڙيندي اچي هڪ اهڙي جبل وٽ پهتي جنهن جي مٿان سج
جو محل هو. هوءَ محل ۾ اندر وئي. جتي کيس سج جي
ڪُراڙي ماءُ ملي.
”اڙي ڇوڪري، توکي ڪنهن جي ڳولا آهي؟“ ڪُراڙيءَ
عورت پڇيو.
”مان سج کي ڳولهيان ٿي پئي. مون کي سج سان شادي
ڪرڻي آهي.“ شهزاديءَ جواب ڏنو.
”سج منهنجو پُٽ آهي ۽ مان توکي سج جي ڪنوار
بنائينديس، پر منهنجي هڪڙي ڳالهه ياد رکجانءِ. سج
جي اکين ۾ اکيون وجهي نه ڏسجانءِ.“ ڪراڙيءَ عورت
شهزادي کي چيو.
شهزاديءَ وعدو ڪيو ۽ ڳچ عرصو پنهنجي وعدي تي قائم
رهي، پر هن کي اهو هُٽ کُٽو هو ته پنهنجي مڙس جي
اکين ۾ اکيون وجهي ڇو نٿي ڏسي سگهي؟ نيٺ هڪ ڏينهن
ڦٽاڪي وانگر ڦاٽي ۽ ڪُراڙيءَ کان پڇيائين، ”توهان
مون کي سج ڏانهن ڏسڻ کان منع ڇو ڪئي آهي؟“
”ڌيءَ! مان تنهنجي بيقراري سمجهان ٿي، تون جي ان
کي ڏسڻ ٿي چاهين ته پاڻيءَ جو هڪ گلاس پنهنجي مڙس
جي سامهون رک ۽ ان ۾ هن جو اولڙو ڏس. پر ياد
رکجانءِ ته جي اولڙي کي گهڻو ڏسندينءَ ته توکي
نقصان پهچڻ جو انديشو آهي.“
ان ڏينهن شام جو سج جڏهن واپس موٽيو ته شهزاديءَ
ان جي سامهون پاڻيءَ جو گلاس رکيو ۽ هن جي منهن جو
اولڙو ڏسڻ لڳي. اهو اولڙو ايترو ته من موهيندڙ هو
جو هوءَ سج جي ماءُ جي نصيحت وساري ويٺي ۽ گهڻي
دير تائين ان کي ڏسندي رهي. سج کي شهزاديءَ تي
ڪاوڙ اچي وئي ۽ هن چيو:
”جي تون منهنجو چوڻ نٿي مڃي سگهين ته هڪدم منهنجي
محل مان نڪري وڃ“، ۽ هن شهزاديءَ کي هٿ کان وٺي
محل مان ڪڍي ڇڏيو.
شهزاديءَ روئيندي پٽيندي جبل تان هيٺ لٿي ته سج
چمڪڻ لڳو ۽ سج جي روشنيءَ هن کي هڪ من موهيندڙ
سورج مکيءَ جي گل ۾ بدلائي ڇڏيو. هاڻي اهو گل
سدائين ان طرف مُنهن ڪندو آهي جنهن طرف سج هوندو
آهي. انڪري ئي کيس سورج مکيءَ جو گُل چوندا آهن.
• امين ٿيٻو
]نظم[
جوڳي آيو……
ٻارن آهي شور مچايو، جوڳي آيو جوڳي آيو.
پير اگهاڙا والا ڪنن ۾، لالچ ناهي هن جي من ۾،
ويس آ گيڙو پائي آيو، جوڳي آيو جوڳي آيو.
مُرليءَ سان ٿو نانگ نچائي، ٻارن جو ٿو من پرڀائي،
رستي تي هن رنگ رچايو، جوڳي آيو جوڳي آيو.
شهرَ رُلي ٿو ڳوٺ نهاري، برپٽ ۾ ٿو رات گذاري،
هڪ هنڌ نه سک هن کي آيو، جوڳي آيو جوڳي آيو.
• جنيد شمس الدين عرساڻي
]ناٽڪ[
لکڻ جي سزا
(ڪلاس ۾ ماستر صاحب پڙهائي رهيو آهي).
ماستر- (پڙهي ٿو) ڪڍو صفحو 86. اڙي ڪير ٿو گوڙ
ڪري؟ صالح!
صالح_ جيءُ سائين!
ماستر_اٿي بيهه.
صالح_سائين، آءٌ گوڙ ڪونه ٿو ڪريان.
ماستر_چپ ڪر. پنهنجي نوٽبوڪ تي لک ته ”مان هاڻي
ڪڏهن به گوڙ نه ڪندس“لکيئي؟
صالح_ها، سائين.
ماستر_ اهو جملو هڪ هزار دفعا لکي اڄ ڇهين لڳي مون
کي ڏيکارج.
صالح_ڇهين لڳي؟سائين……
ماستر_ها ها، ڇهين لڳين.
صالح: سائين اڄ ڇنڇر آهي ۽ اڌ ڏينهن موڪل آهي.
ماستر_ فڪر نه آهي، آءٌ هاسٽل ۾ پنهنجي روم ۾
هوندس. ڇهين لڳي تائين، تنهنجو نوٽبوڪ مون کي ملي
وڃڻ کپي. ڇا سمجهيئي؟
صالح:سائين……
(پيرئڊ جو گهنڊ لڳي ٿو).
ماستر_اڙي، پيرئڊ به ختم ٿي ويو! خير باقي سبق
سومر ڏينهن.
(ڇوڪرن جو گوڙ ٿئي ٿو ۽ پوءِ ماٺ ٿي وڃي ٿي).
(هڪ ڪمري ۾ صالح ميز کان فقط اٺ انچ مٿو مٿي ڪري
هڪ نوٽبوڪ تي ڪجهه لکي رهيو آهي:”مان هاڻي ڪڏهن به
گوڙ نه ڪندس.“
ايتري ۾ هارون اندر اچي ٿو).
هارون: اڙي، هي وري ڪهڙي آزار ۾ اچي پيو آهين؟
صالح:”مان هاڻي ڪڏهن به گوڙ نه ڪندس“.
هارون_آءُ توکي ڇا پيو چوان؟
صالح_مان هاڻي ڪڏهن به…هارون_بس بس، هاڻي چُپ ڪر.
”آءٌ هاڻي گوڙ نه ڪندس. آءٌ هاڻي گوڙ نه ڪندس.“
هينئر ڪو اسڪول ته ڪونهي جو جيترو گوڙ وڻندءِ
اوترو ڪندين؟
صالح_……گوڙ نه ڪندس.
هارون_ٻڌين ڪونه ٿو، اهو ڇا پيو لکين؟
صالح_اڄ ماستر صاحب مون کي امپوزيشن ڏني آهي. هڪ
هزار دفعا اهو جملو لکڻو اٿم.
صالح_(نوٽبڪ ميز تي رکي) هن سزا منهنجو سمورو
پروگرام ڪنڊم ڪري ڇڏيو! هينئر 9 لڳا آهن. شام جو
ڇهين لڳي تائين مون کي اهوڪم ضرور ختم ڪرڻو آهي.
هارون_ پر کيل تي ته سڀ دوست انتظار ڪري رهيا
هوندا.
صالح_(ڳڻي ٿوهڪ_ٻه_ٽي_چار) اڃا ته مون فقط 74 دفعا
جملو لکيو آهي.
هارون_تنهن جي معنيٰ ته 926 دفعا اڃا لکندين؟
صالح_ ها.
هارون_تون به يار ڇا ياد ڪندين هڪ ڏاڍي مزيدار
اٽڪل خيال ۾ آئي اٿم.
صالح_ (خوشيءَ مان) ڪهڙي؟
هارون ڏاڍي مزيدار آهي، اٿ هل مون سان.
صالح_مون ته توکي ٻڌايو آهي ته کيل تي مان ڪونه
هلي سگهندس.
هارون_ميان ڇڏ جند، اچ ته سهي. تون سڀڪجهه ڏسي
رهندين.
صالح_ پر به ٻڌاءِ ته_ڪيڏانهن ٿو وٺي هلينم؟
هارون_منشي عبدالعزيز وٽ.
صالح_منشي عبدالعزيز ڪهڙي بلا جونالو آهي؟
هارون_ منهنجو هڪ ڄاڻ سڃاڻ وارو آهي. هو تنهنجا
اهي سڀ جملا ڪلاڪ کن ۾ لکي وٺندو.
صالح_ سچ ٿو چوين؟
هارون_هائو-فقط ٿورا ڏوڪڙ ڏيڻا پوندا ۽ هو تنهنجو
اهو جملو هزار دفعا منٽن ۾ لکي وٺندو ۽ مزو ته اهو
آهي جو اکر به بلڪل تنهنجن اکرن جهڙا هوندا، هوبهو
جهڙا تون لکندو آهين.
صالح_ساڳيا جهڙا مان لکندو آهيان؟
هارون_ها ها، بلڪل اهڙا اهي جيڪي تو هن وقت تائين
لکيا آهن سي هن کي نموني طور ڏينداسين ته هو ڪلاڪ
ٻن ۾ سڄوڪم پورو ڪري ڏيندو.
صالح_ٻيلي واه! هيءَ ته ڏاڍي سهڻي ڳالهه ٿي.
هارون_هاڻي دير نه ڪر، جلدي هل، پنجين يا ساڍي
پنجين لڳين اچي تون ڪم تيار وٺج.
(منشي عبدالعزيز جو گهر آهي. صالح ۽ هارون در جو
ڪڙو کڙڪائين ٿا ۽ منشي صاحب عينڪ پائي قلم هٿ ۾
کڻي ٻاهر اچي ٿو).
هارون_منشي صاحب سلام!
منشي- ابا سلام سلام: ٻڌايو ڪهڙو ڪم آهي؟
هارون- اهو ساڳيو ڪم جو اڳ منهنجي لاءِ ڪيوهوؤ. هي
منهنجو دوست صالح آهي.
منشي_مون کي ڏيو.
هارون_(نوٽبڪ ڏيئي) هي منهنجي دوست جا اکر آهن،
بلڪل اهڙا اکر هزار جملا لکڻا آهن.
منشي_هڪ هزار يا الله!
هارون_منشي ڳالهه ته ٻڌو.
منشي_ها ها چئو، ٻڌان پيو.
چٽائيءَ سان چؤ.
هارون_چٽائي ٻٽائي ڪانهي. بس هيءَ ئي جملو آهي ته
”مان هاڻي ڪڏهن به گوڙ نه ڪندس.“ اهو هڪ هزار دفعا
لکڻو آهي.
صالح_پئسا ڪيترا وٺندا؟
منشي_اوهين ته پنهنجا آهيو. اوهان کان وڌيڪ ڪين
وٺندس فقط 3 رپيا ڏجو.
صالح_ٽي رپيا گهڻا آهن. هڪ رپيو ڏينداسين. جلد
ڪجو، اسان کي ٻيو به ڪيترو ڪم آهي.
منشي هڪ رپيو!نه بابا، سوا رپيو ڏجو. جي نه ته
هيءُ نوٽبوڪ واپس وٺو.
صالح_نه نه رکو پاڻوٽ. اسين سوا رپيو ڏينداسين. پر
ڪيڏي مهل لکي ڏيندا؟
منشي_پوري پنجين لڳين، لال!
هارون_چڱو اسين وڃون ٿا_پوري پنجين لڳين اينداسين.
منشي_چڱو: پر ڏسو…
هارون_وري ڇا آهي؟
منشي_ڪجهه ائڊوانس ته ڏيئي وڃو.
صالح_ڪيترو ڏيون؟
منشي_اڌ پئسا.
هارون_(صالح کي) ڏيئي وٺ. دير نه ڪر.
صالح_وٺ هي آڌيو. باقي پئسا موٽي اچي ٿا ڏيون.
منشي_چڱو ڀلا فڪر نه آهي. پوءِ ڏجو.
صالح_پر ڏسجو دير نه ڪجو اکر ساڳيا هجن.
منشي_بلڪل ساڳيا. خيال نه ڪريو. پر اچجو پوري مهل
تي.
(صالح ۽ هارون کيل ڏسي موٽن ٿا.)
صالح_هارون ڀائو!کيل تي ڏاڍي دير ٿي ويئي، ساڍا 5
لڳي ويا_هاڻي ڪڏهن منشيءِ وٽ پهچنداسون ۽ ڪڏهن
هاسٽل ۾ هلنداسون.
هارون_ هل هل، وک وڌاءِ منشيءَ جو گهر اجهو اڳيان
آهي. هاسٽل ۾ به پهچي وينداسين.
(منشيءَ جو دروازو کڙڪائين ٿا)
منشي_(اندران) ڪير آهي؟ دروازو ڪنهن کڙڪايو؟
صالح_مان آهيان، صالح.
منشي_آيو آيو.
صالح_جملا لکجي ويا، ڇا ٿيو؟ ڀلائي ڪري جلدي کڻي
اچو.
منشي_ڪم پورو ٿي ويو آهي، ڪيتري کان تيار رکيو
آهي. 5 لڳين کان وٺي اوهان جي انتظار ۾ آهيان.
صالح_هي پئسا وٺو. هيءُ ٻه پائليون ۽ اٺ پئسا اٿو.
هارون_سائين ٿي ويا پورا؟
منشي_هڪ پائلي ڪجهه لسي آهي.
هارون_منشي صاحب، هلي ويندي.
صالح_نه هلي ته مون کي موٽائي ڏجو. هل هارون، دير
ٿي ٿئي. هاڻي ترسڻ جيترو وقت ڪونهي (اکر ڏسي) باقي
لکيو واهه جو اٿس.منهنجن اکرن ۽ هنن ۾ ڪو به فرق
ڪونه ٿو معلوم ٿئي.
هارون_ هيءُ ماڻهو ڏاڍو ڪارائتو آهي.
منشي_اوهان جي مهرباني.
(هاسٽل جي ڪمري ۾ آرام ڪرسيءَ تي ماستر صاحب ٽنگون
ڊگهيون ڪري پيو آهي ۽ ڪتاب پڙهي رهيو آهي.)
صالح_سائين، مان اندر اچان؟
ها ها، اچ.
صالح_سائين هيءَ امپوزيشن.
ماستر_(ورق اٿلائي) تمام چڱو، هاڻي اميد اٿم ته
وري مون کي هڪڙيءَ سزا ڏيڻ جو وجهه نه ڏيندين.
صالح_نه سائين.
ماستر_شاباس! وڃ ۽ هان وٺ هي چاڪليٽن جو ننڍو
پاڪيٽ وٺ وٺ.
صالح_سائين وڏي مهرباني.
السلام عليڪم.
ماستر_وعليڪم السلام.
(صالح خوشيءَ کان ڀڄندو اچي ٿو)
هارون_ٻڌاءِ ڇا ٿيو؟
صالح_ڪاميابي ٿي.
هارون_ڇا ڪاميابي ٿي.ٻڌاءِ ته سهي، ڪين رڳو پيو
نچين.
صالح_تنهنجي چالبازي ڪامياب ٿي. ماستر صاحب اصل
سمجهي ڪونه سگهيو. ڏاڍو خوش ٿيو ۽… هيءُ ڏس کاءُ.
هارون_چاچا، چاڪليٽن جو پاڪيٽ!
صالح_هائو.
هارون_ته پوءِ يار منهنجو حصو هيڏي ڪر. ڪيئن ٿو
ڀائين؟ ڪهڙي نه اٽڪل لڙايم؟سزا کان به بچي وئين ۽
کيل به ڏيکاريا مانءِ.
(ٻئي خوب کلن ٿا)
(اسڪول ماستر جو ڪمرو)
پٽيوالو_سائين، هڪڙو منشي اوهان کي ملڻ آيو آهي.
ماستر صاحب_منشي! ڪهڙو؟ خير. اندر سڏينس.
منشي_(اندر اچي ٿو) ماستر صاحب. السلام عليڪم.
ماستر_توهان جو اسم شريف؟
منشي_منشي عبدالعزيز.
ماستر_فرمايو، ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟
منشي_سائين، عرض هيءُ آهي ته هڪ ڇوڪرو صالح نالي
آهي، اهو اوهان وٽ پڙهي ٿو؟
ماستر_(خيال ڪري) ها، پنجين ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪرو صالح
آهي ته سهي. ڇو؟
منشي_سائين اهو ڇوڪرو ٻه ٽي ڏينهن ٿيا ته مون کي
هڪ پائلي ڏئي ويو هو. پر اها خراب آهي ۽ هلي نٿي.
گهڻي دفعا ان کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم پر صفا
بيڪار آهي.
ماستر_ ڀلا ٻڌايو ته اوهان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو
آهي؟
منشي_بس، منهنجو خيال آهي ته اها انهيءَ ڇوڪري کي
موٽائي ڏيان ۽ ان جي عيوض کانئس ٻي سُٺي پائلي
وٺان.
ماستر_ (گهنٽي وڄائي ٿو) پٽيوالا، صالح کي سڏي اچ.
پنجين ڪلاس مان (منشيءَ کي) اوهان ڪهڙو ڪم ڪندا
آهيو؟ (منشي ڪو به جواب ڪونه ٿو ڏئي) ڇو منشي
صاحب؟ ننڊ اچي ويو ڇا؟
منشي_نه سائين، اوهان ڪجهه چيو ڇا؟ مان البته ٻوڙو
آهيان. ٿورو وڏي آواز سان چئو.
صالح_(اندر اچي ٿو)سائين.
منشي_ها ها، اهوئي آهي. اهوئي ساڳيو ڇوڪرو آهي.
ابا مون تو کي چيو ڪونه ٿي ته هيءَ پائلي بلڪل
ڪونه هلندي.
صالح_ڪهڙي پائلي؟
منشي_اڙي وري ڳالهه ٿو مٽائين؟
کوٽي پائلي ڏيئي هاڻي ڦري ٿو وڃين؟
ماستر_صالح، تو هن کي پائلي ڇو ڏني هئي؟
صالح_سائين……مان ڀلا ڇو ڏيندس.
منشي_ واهه ابا واهه! هوءَ ٽيون ڏينهن واري ڳالهه
وسري ويئي ڇا؟
صالح_(آهستي)چڱو چڱو هاڻي چپ ڪر.
ماستر_ڇو نٿو کيس ڳالهائڻ ڏين؟
منشي_ابا مون کي به ڳالهائڻ ته ڏي.
صالح_منشي صاحب، هيڏي ٻاهر اچو.
ماستر_ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃين؟
منشي_بابا، مون کي ڪيڏانهن به اچڻو وڃڻو ڪونهي مون
کي صرف پائلي گهرجي.
صالح_وٺ هيءُ پائلي. اها کوٽي مون کي ڏي. مان
پاڻيهي هلائيندس.
ماستر_ منشي صاحب، ترس ترس. ڳالهه ڇا آهي.
منشي_سائين، ڪجهه ڪونهي-هاڻي خدا حافظ.
ماستر_تون نه ٻڌائيندين؟
منشي_حضور، منهنجي پيٽ تي لت نه ڏي.
ماستر_جيستائين سڄي ڳالهه نه ٻڌائيندين، تيستائين
توکي هتان هرگز ٻاهر نه وڃڻ ڏيندس. پٽيوالا، هن کي
ٻاهر نڪرڻ نه ڏي.
منشي_واهه سائين هيءَ ته سخت زبردستي چئبي. مون کي
پنهنجي پائلي ملي-هاڻي ڇڏيو ته وڃان.
ماستر_ سچ ٻُڌاءِ ته ڳالهه ڪهڙي آهي.
منشي_خدا خير ڪري_ هاڻي ته ماستر صاحب مون کي
ڇوڪرن وانگر مارڻ ٿو گهري.
ماستر_جلدي ٻڌاءِ صالح توکي پائلي ڇو ڏني هئي؟
منشي_مٺائيءَ لاءِ ڏني هوائين.
ماستر_ تون نه مڃيندين. پٽيوالا!
منشي_پر سائين، مون کي ڪا مفت ڏني هئائين ڇا. هڪ
هزار جملا لکايائين تڏهن ڏنا هوائين. مون خود
پورهيو ڪيوهو.
ماستر_ڇنڇر ڏينهن؟
منشي_نه آچر ڏينهن. ڪُل سوا رپيو ڏنو هئائين، جنهن
مان هڪ پائلي خراب هئي. چڱو ڀلا هاڻي مان وڃان؟
ماستر_صالح!
صالح_جيءُ سائين.
ماستر_ڀلا ٻڌاءِ ته هاڻي توکي ڪهڙي سزا ڏيان؟
صالح_ سائين معاف… |