جاويد اسحاق
ابڙو هالا
هٺ ڪم نه ايندو
هڪ شهر ۾ هڪ شاهوڪار ماڻهو رهندو هو. جنهن کي سڀ سيٺ رحمت علي
جي نالي سان سڏيندا هئا. پر رحمت علي تمام مغرور
ماڻهو هو. جيڪو به سوالي سندس در تي ايندو هو ته
ان کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيندو هو.
سيٺ رحمت علي کي ٻه پٽ هئا. هڪ ڀيري رحمت علي جي در تي هڪ فقير
آيو، جيڪو ڏاڍو بکيو هو. پر رحمت علي ان کي ڌڪا
ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. هو ويچارو روئندو ويو ۽ چوندو ويو
ته سڀ ڏينهن هڪ جهڙا ڪونه ٿا ٿين. ڪڏهن غريب امير
۽ ڪڏهن امير غريب، الله وڏو ڪارساز آهي. پر سيٺ
انهن ڳالهين طرف ڪو توجهه نه ڏنو.
هڪ ڏينهن رحمت علي جي زال بيمار ٿي پيئي. رحمت علي ڪيترائي علاج
ڪرايا، پر هوءَ ٺيڪ نه ٿي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ
اها به مري ويئي، اوچتو اهڙو اچي طوفان ۽ مينهن
وسيو جو ملڪ ۾ ٻوڏ ٻوڏان ٿي ويئي. رحمت علي ٻارن
کي وٺي دربدر ٿيندو رهيو، ٻوڏ ۾ سندس الهه تلهه
ناس ٿي ويو. ٻارن کي وٺي هڪ ٻيڙيءَ تي چڙهيو ته
جيئن ڪنهن ٻي ملڪ ۾ وڃي ٻارن جي سار سنڀال لهان.
پر قضا رحمت عليءَ کي ڦريو بيٺي هئي ان ڪري هن جو
ٻيڙيءَ تي چڙهڻ ۽ ٻيڙيءَ جو ٻڏڻ. مهاڻي گهڻو ئي
ٻيڙيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نيٺ ٻيڙيءَ وڃي
درياءُ جو تر ورتو پر مهاڻي رحمت عليءَ جي ٻارن کي
قابو ڪري ورتو. سيٺ ته ٻُڏي مري ويو ۽ پنهنجي
وڏائيءَ جي سزا لوڙيائين ۽ ٻارن کي ڪنهن نه ڪنهن
طريقي سان مهاڻي بچائي سڪيءَ تي پهچي ويو ۽ هنن کي
نپائڻ لڳو. اهو سچ آهي ته هٺ ۽ وڏائي ڪڏهن به ڪم
نه ايندا.
نياز ۽ نوڙت ۾ ئي مزو آهي.
*سروجڪماري، لاڙڪاڻو
عقلمند هاري
هڪ ملڪ جو وزير وفات ڪري ويو. هاڻي بادشاهه کي اچي ڏاڍو فڪر ٿيو
ته ٻيو اهڙو عقل وارو وزير ڪٿان ايندو. نيٺ
بادشاهه کي هڪ سٺي ترڪيب آئي. سو اعلان ڪرايائين
ته جيڪو به منهنجي سوال جو جواب ڏيندو ان کي مان
پنهنجو وزير ڪندس. گهڻائي وزير ٿيڻ لاءِ آيا.
بادشاهه جو سوال هو ته ”تون ڪير آهين؟“ بادشاهه جي
سوال جو جواب ڪوبه نه ڏئي سگهيو. ڪو چئي ته مان
توهان جو ڀاءُ آهيان ڪو چئي ته مان توهان جو فلاڻو
مائٽ آهيان. ڪو وري چئي ته سائين، مان توهان جو
ٻانهون آهيان. نيٺ هڪ هاريءَ چيو ته ”بادشاهه
سلامت! مان الله تعاليٰ جو ٻانهون آهيان. جيئن خدا
حڪم ڪندو آهي، تيئن ڪندو آهيان. سک جو مانيءَ ٽڪر
کائي خدا جا شڪرانا مڃيندو آهيان.“ بادشاهه کي
سندس جواب ڏاڍو وڻيو ۽ کيس پنهنجو وزير مقرر
ڪيائين.
ٻارو!، ڪيئن نه غريب هاري پنهنجي عقل کان ڪم وٺي وزير ٿي ويو.
·
قاضي منظر حيات، رتوديرو
ٻاراڻا ٻول
ٻارڙا او ٻارڙا
سهڻا سهڻا پيارڙا
1- تنهنجو ديس وسي وسي
جوکو ڪونه رسي رسي
دشمن تي ڪر وارڙا
او ٻارڙا...........
2- علم پڙهي ٿي تون هوشيار
ملڪ سان رک هر دم پيارا
تو تي ايندا ٻارڙا
او ٻارڙا.......
3- ”منظر“ توکي شاد ڏسي
هر دم پيو آباد ڏسي
سدائين هج سگهارڙا
او ٻارڙا.........
*اياز احمد ميمڻ شڪارپور
ماءُ جي خدمت
شاهه نوشيروان ايران جو بادشاهه هو. هڪ ڏينهن، هو پنهنجي محل ۾
ويٺو هو ته اوچتو کيس ڪنهن ڪم لاءِ نوڪر جي ضرورت
پيئي. هن گهنٽي وڄائي، پر ڪو جواب ڪونه مليو، نه
ڪي نوڪر ئي آيو. لاچار بادشاهه پاڻ اٿي ڪمري کان
ٻاهر آيو. ڇا ڏسي ته نوڪر گهاٽيءَ ننڊ ۾ سمهيو پيو
آهي ۽ سندس ڀرسان هڪ ڪاغذ جو ٽڪر پيو آهي. اهو
ڪاغذ هڪ خط هو، جو نوڪر کي سندس ماءُ موڪليو هو.
نوڪر اهو خط پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو هو پر ننڊ ۾
پاسي بدلائڻ ڪري اهو خط سندس کيسي مان ڪري پيو هو.
بادشاهه اهو کڻي پڙهيو ان ۾ لکيل هو ته:
منهنجا پيارا پٽ،
تنهنجو خط.
پهتو.15
رپيا به مليا. مون کي ڏاڍي خوشي آهي جو توکي
پنهنجي ماءُ کي مدد ڏيڻ جو ايترو خيال آهي، خدا
توکي سکيو رکندو ۽ تنهنجي بَازُنِ ۾ برڪت وجهندو
آئنده پڻ منهنجي يادگيري ڪندو رهج.
تنهنجي پوڙهي ماءُ.......
خط پڙهي بادشاهه ڏاڍو حيران ٿيو، ڇاڪاڻ ته نوڪر جو پگهار رڳو 25
رپيا هو. جنهن مان هو 10 رپين ۾ پيٽ پاليندو هو ۽
15 رپيا ماءُ کي موڪليندو هو. بادشاهه دٻيل پيرن
سان ڪمري ۾ واپس ويو ۽ ڪٻٽ کولي ان مان پنج گينيون
کڻي خط ۾ ويڙهي آهستي آهستي خط نوڪر جي کيسي ۾
وجهي ڇڏيائين ۽ نوڪر ننڊ ۾ ئي پيو رهيو. بادشاهه
بنا کڙڪي ڪمري ۾ اندر اچي اهڙي زور سان گهنٽي
وڄائي جو نوڪر ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ يڪدم بادشاهه وٽ وڃي
حاضر ٿيو. بادشاهه چيس ته اڄ خوب ننڊ ڪئي اٿئي.
نوڪر شرمندو ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري ويچار ڪرڻ لڳو ته ڪهڙو
جواب ڏيان. اتفاق سان سندس هٿ
وڃي کيسي ۾ پيو هٿ ڪڍي ڏٺائين ته خط ۾ ٻيو به ڪي
پيو آهي. کولي ڏٺائين ته گينيون آهن. اهو ڏسي بنا
ڪي ڪڇڻ جي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.
بادشاهه پڇيس ڪهڙي ڳالهه آهي؟
نوڪر سڏڪا ڀريندي چيو ته ڪو شخص مون کي ڪوڙي تهمت رکڻ ٿو گهري
هي گينيون منهنجي کيسي ۾ الائي ڪير وجهي ويو آهي
مان ننڊ ۾ سمهيو پيو هئس. هاڻي کيسي ۾ هٿ وجهي
ڏٺم ته گينيون پيون آهن.
نوشيروان همدردي سان چيس ته ڊپ نه ڪر ڊپ جي ڳالهه نه آهي. خدا
ڪڏهن ڪڏهن ننڊ ۾ ماڻهن کي شاهوڪار به بنائي ويندو
آهي. اهي گينيون پنهنجي ماءُ کي موڪلج
کيس منهنجي پاران سلام موڪلج
مان اوهان ٻنهي جي پرورش ڪندس. نوڪر ڏاڍو خوش ٿيو.
هو سمجهي ويو ته بادشاهه ئي سندس ڳجهي مدد ڪئي
آهي. ڏسو ٻارو، ڪيئن هن پنهنجي ماءُ جي مدد ڪرڻ
گهري ته الله سائينءَ ان جي پڻ مدد ڪئي.
*ظهير احمد ميمڻ ٽنڊو محمد خان
محنت جو ڦل
محنت، جفاڪشي ۽ ڌيان سٺا گڻ آهن. ٻه ڇوڪر هڪڙي واڍي جي دڪان ۾
واڍڪو ڪم سکندا هئا. هڪڙو ڏاڍو محنتي هو. انهيءَ
ارادو ڪيو ته آئون هوشيار ۽ قابل ڪاريگر ٿيان. سو دڪان ۾ ته پنهنجو سڀ ڪم ڌيان سان سکندو هو، پر جيڪو وقت
اتي يا گهر ۾ بچندو هوس، سو هنري ڪتابن پڙهڻ ۽
تجربن ڪرڻ ۾ گذاريندو هو. ٻيو ڇوڪر سُست هوندو هو
۽ پنهنجو بچيل وقت گهمڻ ۽ راند ڪرڻ ۾ گذاريندو هو.
اڪثر هو پنهنجي سنگتيءَ کي چوندو هو ته ”ڇڏ انهن
پراڻن ڪتابن کي، هل ته هلي گهمون. انهن جي پڙهڻ
مان ڪهڙو فائدو؟ جيڪي سکڻو آهي، سو دڪان ۾ سکي ٿا
اچون.“ هو چوندو هوس ته ”نه منهنجي مرضي آهي ته
آئون رواجي ڪاريگر نه ٿيان. پر هوشيار ٿيان. هينئر
هيءُ وقت ويو ته وري هٿ نه ايندو. ڇو نه ڪي وڌيڪ
سکي وٺان؟“ اڃا هي ٻئي شاگرد انهيءَ دڪان ۾ ئي هئا
ته اخبار ۾ هڪڙو اشتهار پيو ته هڪڙي سرڪاري عمارت
ٺهڻي آهي، جيڪو انهيءَ جو تمام عمدو نمونو ڪڍي
موڪليندو، انهيءَ جي پسند اچڻ تي هن کي چار سئو
پائونڊ انعام ملندو. محنتي ڇوڪر اهو اشتهار ڏسي، دل ۾ چيو ته ”ڇو نه آءُ به ڪوشش ڪريان؟
انعام مليو ته واهه، نه ته به حرڪت ڪانهي، منهنجو
نقصان ته ڪونه ٿيندو.“ نيٺ، ڪتاب ڏسي پڙهي خيال
ڪري، هڪڙو نمونو عمارت جو ڪڍي، ڪميٽيءَ ڏي ڏياري
موڪليائين. هفتي کانپوءِ هڪڙو صاحب انهيءَ ڪاريگر
جي دڪان ۾ آيو ۽ انهيءَ ڇوڪر جو نالو وٺي پڇا
ڪيائين. هن ڀانيو ته ڪو وڏو ڪاريگر انهيءَ نالي جو
انهيءَ دڪان ۾ آهي. پر خبر تڏهن پيئي، جڏهن اهو
رڳو هڪڙو شاگرد نڪري پيو. انهيءَ کي هن انعام ته
ڏنو، پر چيائينس
ته انهيءَ عمارت جي جوڙڻ لاءِ هلي نظرداريءَ جو به
ڪم ڪر، جو انهيءَ لاءِ به توکي چڱو پگهار ملندو.
استاد هن کي خوشيءَ سان موڪل ڏني ۽ هو ويو. اهو
ڇوڪر وڏي هوندي مشهور ڪاريگر ۽ عمارت ساز ٿيو.
*جان محمد ڳاهو، ڳوٺ حاجي عيسيٰ خان لغاري.
اجائي لالچ
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي. ڪنهن ملڪ ۾ هڪ لالچي زميندار رهندو
هو. هڪ ڀيري هو گهوڙي تي سوار پنهنجي ٻنيءَ ۾ گهمي
رهيو هو ۽ رقم به ڳڻي رهيو هو، جيڪا هن غريب هارين
کان زوريءَ وصول ڪئي هئي. جڏهن هو ساري رقم ڳڻي
چڪو ته هن کي خبر پيئي ته جي هڪ رپيو ٻيو به ملي
وڃي ته پورا ٻه هزار ٿي وڃن. هن پنهنجي چوڌاري نظر
ڊوڙائي ته هن کي هڪ هاري، جيڪو پوڙهو هو سو نظر
آيو.
”او پوڙها!“ هن رڙ ڪندي چيو ”مون کي جلدي هڪ رپيو ڏي.“
”ليڪن مون وٽ هڪ پئسو به ڪونه آهي سائين!“ پوڙهي هاري چيو.
”ته پوءِ تنهنجي پوک کي پاڻي بلڪل ڪونه ملندو!“ لالچي زميندار
چيو.
پوءِ هن هڪ وڏو پٿر کنيو ۽ پاڻي بند ڪري ڇڏيو. ٻنيءَ تائين پاڻي
نه پهچڻ ڪري فصل کي سڪڻ جو خطرو پيدا ٿيو. ايتري ۾
لالچي زميندار ڏٺو ته هڪ ٿڪل چتون پاڻيءَ جي نالي
جي ويجهو ويهي رهيو. ”هٽي وڃ!“ لالچي شخص چيو
”پاڻي منهنجو آهي.“
ان وقت هڪ اهڙو ٻگهه اتان گذري رهيو هو جيڪو هر پکيءَ کي جيئرو
نه ٿي ڇڏيندو ويو. چتون به ٻگهه جو شڪار ٿي ويو پر
ڌڪ لڳڻ شرط اچي هاريءَ جي قدمن ۾ ڪريو پوڙهو رحم
کائي ان جي مٿي تي پيار سان هٿ
ڦيرڻ لڳو ۽ ان کي پاڻي پياريائين. پاڻي پي چتونءَ
جي بت ۾ ساهه پيو. ان پنهنجون اکيون
کوليون ۽ پنهنجن کنڀن کي ڇنڊيو ته چتونءَ جي کنڀن
مان هڪ نهايت اڇو سهڻو کنڀ هيٺ ڪريو ۽ ڏسندي ئي
ڏسندي ان مان گدري جو ٻج بنيو، ٻج مان هڪ ول ڦٽي ۽
ان هڪ وڏو گدرو ڏنو، اهو گدرو ايڏو وڏو
هو جو هاري ان کي ذرو به لوڏي نه سگهيو آخر ۾
پوڙهي پنهنجي ساٿين جي مدد سان ان گدري کي وڍيو ۽
اهو ڏسي انهن جي حيرت جي حد نه رهي ته ان گدري ۾
سون ڀريل هو. پوڙهي هاريءَ ان سون کي پنهنجي ساٿين
۾ برابر ورهايو.
هيڏانهن جڏهن لالچي زميندار کي ان ڳالهه جي خبر پيئي ته هو به
ان چتونءَ جي تلاش ۾ نڪتو ۽ ڪافي تلاش کانپوءِ
جڏهن هن کي چتون نظر آيو تڏهن هن چتونءَ جو نشانو
ٻڌي ان کي زخمي ڪيو. زخمي چتون گهڻي مشڪل کانپوءِ
اٿيو ۽ هڪ ڪاري رنگ جو کنڀ ڪيرايائين جنهن جلد
ڇانهين جي ٻج جي شڪل اختيار ڪئي، ان ٻج مان ول ڦٽي
۽ ان ول هڪ وڏو ڇانهون ڏنو. هي ڇانهون گدري جي
مقابلي ۾ تمام وڏو هو. لالچي زميندار گهڻي مشڪل
سان ان ڇانهين ۾ سوراخ ڪيو. ڇانهين ۾ سوراخ ٿيڻ ۽
ان مان وڏن وڏن ماکيءَ جي مکين جو نڪرڻ ۽ زميندار
کي چهٽي وڃڻ. ماکيءَ جي مکين کان بچڻ لاءِ اهو
لالچي شخص زور سان ڀڄڻ لڳو. ڀڄندي ڀڄندي هڪ اهڙي
کڏ ۾ وڃي ڪريو جو سندس هڪ ٽنگ ڀڄي پيئي ۽ هو هميشھ
جي لاءِ منڊو ٿي ويهي رهيو. سياڻن سچ چيو آهي ته
اجائي لالچ هاڃيڪار آهي.
*سليم مصطفيٰ ميمڻ لاڙڪاڻو
اخلاقي سبق
سچ سان رک تون هر دم پيار
سچ سان رک تون هر دم پيار،
ڪونه ٿيندين پو ڪڏهن خوار،
سچ سان رک تون هر دم پيار،
سچ سان رک تون هر دم پيار.
سچ سان ماڻهوءَ
شان
وڌي ٿو،
سچ سان دين
ايمان وڌي ٿو،
سچ سان ٿئي ٿو ٻيڙو پار،
سچ سان رک تون هر دم پيار.
سچ ماڻهوءَ کي سلطان بڻائي،
ڪوڙ ٿو تنهن کي شيطان بڻائي،
سچو رهي ٿو جڳ ۾ سردار،
سچ سان رک تون هر دم پيار.
سچ ماڻهوءَ جو شان وڌائي،
ٻئي جهان ٿو ڪوڙ وڃائي،
ڪوڙ کان رهه تون سدا بيزار،
سچ سان رک تون هر دم پيار.
اچو اسان ڀي سچ ڳالهايون،
”سليم“ جت ڪٿ مان وڌايون،
سچو ٿئي ٿو جڳ جو سينگار،
سچ سان رک تون هر دم پيار.
*محمد حاجن ابڙيجو
سائنس
ٽائيپ رائيٽر
اڄ ڪلهه هر ڪنهن سرڪاري يا خانگي آفيس ۾ ٽائيپ رائيٽر جو هجڻ
ضروري ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ٽائيپ رائيٽر سان نه
رڳو سٺا اکر لکي سگهجن ٿا پر وقت به ڪافي بچائي
سگهجي ٿو.
ٽائيپ رائيٽر، ايجاد ڪندڙ ڪرسٽوفرليٿم شوس 1819ع ۾ پنسلوانيا ۾
ڄائو. چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ هن هڪ ڇاپ خاني ۾ ڪم
ڪرڻ شروع ڪيو. ۽ ٿوري ئي وقت ۾ هو اُن ڪم ۾ ڀڙ ٿي
ويو. ان کانپوءِ هو هڪ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو پر
گڏوگڏ ڇپائي جو ڪم به ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن سندس
ملازمن هڙتال ڪئي، ان تي کيس ڏاڍي چڙ آئي ۽ هن پڪو
پهه ڪيو ته هو اهڙي مشين ٺاهيندو جيڪا ڇپائي لاءِ
ٻي جي محتاج به بنائيندي.
شوس، اهڙا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا جن جي صفحن جا نمبر هڪڙي مهر
سان
ڇاپيا ويا هوا. هن پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي هڪ اهڙي مشين ٺاهي،
جنهن سان ڪتاب جي صفحن تي نمبر هڻڻ جو ڪم سولائي
سان ڪري سگهجي. 1836ع ۾ هو پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب
ٿيو. ان مشين جي شڪل اڄڪلهه واري ٽائيپ رائيٽر سان
ملي ٿي آئي. ان کانپوءِ شوس کي سندس دوستن صلاح
ڏني ته هو ڪا اهڙي مشين ٺاهي، جنهن سان ڇپائي جو
ڪم به ٿي سگهي .
ان ڳالهه کي هڪ سال گذريو ته شوس کي هڪ اهڙي مشين جو احوال
مليو، جنهن جو نقشو خود سندس دماغ ۾ هو. اها مشين
لنڊن جي نمائش گهر ۾ رکي ويئي هئي. ان جي شڪل
هارمونيم جهڙي هئي. هن هڪ سادي مشين ٺاهڻ جو ارادو
ڪيو ۽ ڏينهن رات محنت ڪري هن پهريون ٽائيپ رائيٽر
ٺاهيو. ٽائيپ رائيٽر جي ڇپائي بلڪل چٽي ۽ سٺي هئي.
جيتوڻيڪ ان ۾ ڪي خاميون به هيون پر انهن کي آهستي
آهستي دور ڪيو ويو ۽ نيٺ ٽائيپ رائيٽر پوريءَ طرح
مڪمل ٿي ويو.
ان وقت کان وٺي اڄ تائين سوين قسمن جا ٽائيپ رائيٽر ٺهي ويا
آهن. هاڻي ننڍا وڏا اکر ٽائپ ڪري سگهجن ٿا. خاص
خاص جملن جي هيٺان ڳاڙهي ليڪ به ڏيئي سگهجي ٿي. هن
وقت بجليءَ تي هلندڙ ٽائيپ رائيٽر به عام ٿي ويا
آهن ۽ ٽائيپ سيکارڻ لاءِ سوين اسڪول قائم ٿي چڪا
آهن.
اڄڪلهه سنڌ ۾ سنڌي ٽائيپ رائيٽر به عام جام ٿي ويا آهن، سنڌي
ٽائيپ رائيٽر جي ڇپائي ڏاڍي سهڻي ۽ وڻندڙ آهي. سنڌ
جي گهڻن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ سنڌي ٽائيپ رائيٽر
موجود آهن، جن سان نه رڳو پنهنجو قيمتي وقت بچائي
سگهجي ٿو پر سٺن اکرن جي سلسلي ۾ به هي ٽائيپ
رائيٽر ڏاڍو اطمينان بخش آهي.
رنگ ۽ نسل
دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ انسانذات سان نفرت ڪرڻ جو پرچار ڪونه
آهي پر قرب، محبت ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏنل آهي.
انسانن ۾ ذات پات ۽ رنگ نسل جو ڀيد پيدا ڪرڻ خود
انسانيت خلاف آواز آهي. ان ڪري اچو ته پاڻ مان ذات
پات ۽ رنگ نسل جو فرق مٽايون ۽ پاڻ ۾ پيار، محبت ۽
ڀائيچارو پيدا ڪريون.
موڪليندڙ: امتياز شوڪت ابڙو، هالا.
*محمد موسيٰ سومرو ميرپورماٿيلو
س: پاڪستان جي سرحد ڪهڙن ڪهڙن ملڪن سان ملندي آهي.
ج: ڀارت، چين، افغانستان ۽ ايران.
*امان الله انصاري ڳاڙهي موري.
س: اسان اوهان کا هڪ وقت ڪيترا سوال پڇي سگهون ٿا.
ج: رڳو هڪ سوال.
*محمد خان کوسو ڳوٺ عبدالله کوسو.
س: ڇا ملاکڙو رڳو سنڌ ۾ لڳندو آهي يا ٻين صوبن يا ملڪن ۾ به
لڳندا آهن؟
ج: رڳو سنڌ ۾.
*سترام داس اداسي شهر پيرون مل.
س: سنڌ جو پراڻو شهر ڪهڙو آهي، جو اڄ ڏينهن تائين موجود آهي.
ج: ٺٽو.
*احمد علي بلوچ شڪارپور.
س: ڇا پاڪستان ۾ سريلنڪا جو سفارت خانو آهي ۽ ڪهڙي شهر ۾ آهي؟
ج: ها، اسلام آباد ۾.
*هزاري لعل شهر پيرون مل.
س: سنه 1818ع سنڌ تي ڪنهن جي حڪومت هئي. جواب ضرور ڏيندا شرط
لڳل آهي.
ج: ميرن جي.
*سليم گل قمبر.
س: دنيا ۾ مسلم اڪثريت وارو ملڪ ڪهڙو آهي ۽ ان ۾ ڪيترا مسلمان
آباد آهن؟
ج: گهڻائي
آهن، الائي اوهان کي ڪهڙو ملڪ گهرجي.
*محمد عثمان کتري ڏيپلو.
س: ايران جي شهر اصفهان جو پراڻو نالو ڇا آهي؟
ج: نصف جهان.
* مير حسن راهي بلوچ رتوديرو.
س: ملائيشيا جي گاديءَ
جو هنڌ ڪهڙو آهي؟
ج: ڪوالالمپور.
ڪرشن رام شهر پيرون مل.
س: روح رهاڻ ۾ هڪ ئي وقت ڪيترا سوال پڇي سگهجن ٿا.
ج: هڪ.
*شاهد ناز ميمڻ حيدرآباد.
س: پين ڪنهن ايجاد ڪئي؟
ج: واٽرمين.
*عبدالفتاح ميمڻ مورو.
س: مشهور ”صوفيه مسجد“ ڪٿي آهي؟
ج: ترڪيءَ ۾.
*مولا بخش ڪاڪا ڳوٺ ڀليڏنه ڪاڪا.
س: دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي سمنڊ جو نالو ڇا آهي؟
ج: ائٽلانٽڪ سمنڊ.
*رشيد شهناز قمبر.
س: ايڪس ري ڪنهن ايجاد ڪئي هئي؟
ج: رئونتجن.
*علي اصغر ميراڻي ڳڙهي ياسين.
س: مهراڻ تي سنڌو ندي ۽ سنڌ تي ”سنڌ“ نالو ڪيئن پيو؟
ج: ادا، هن جواب لاءِ هي ڪالم پورو ڪونه پوندو. سنڌي ادبي بورڊ
جو ڇپايل ڪتاب ”جنت سنڌ“ پڙهو.
ڳالهه ٻولهه
وڏن جي ڪچهريءَ ۾ بنا ضرورت ڳالهائڻ هاڃيڪار آهي. اسان ٻارن
کي گهرجي ته جڏهين به وڏن جي وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه
هلندڙ هجي ته سندن ڳالهيون ٻڌون پر وچ ۾ نه ڳالهايون
۽ جي ڪا ضرورت ٿئي ته ڳالهه ٻولهه ايتري ڪريون
جيتري ضرورت هجي.
موڪليندڙ: رضوان سعيد قاضي، کپرو.
757- نالو: ممتاز علي پنهور. پڙهندڙ: چوٿون. عمر: 15 سال. وندر:
شرارتون ڪرڻ ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس: معرفت نياز
پنهور، ڪوارٽر نمبر 50 سي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو.
758- نالو: محمد ايوب ميمڻ، پڙهندڙ: نائون درجو. عمر: 14 سال.
وندر: گل ڦل پڙهڻ، قلمي دوستي رکڻ، ائڊريس: معرفت
ايم. جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا.
759- نالو: الطاف حسين بلوچ، پڙهندڙ: درجو پنجون. عمر: 11 سال.
وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ.
ائڊريس:لاهوري محلا لاڙڪاڻو.
760-نالو: لالا نثار احمد سومرو. پڙهندڙ: ستون اِي. عمر: 11
سال. وندر: قلمي دوستي ۽ پڙهڻ. ائڊريس: معرفت علي
اڪبر سومرو، جاڙل شاهه لاڙڪاڻو.
761- نالو: ضمير احمد ولد الحاج عبدالولي قاضي. عمر: 13 سال.
ڪلاس: اٺون (بي). وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس:
قاضي محلو مٽياري.
762- نالو: ”وفا“ امام بخش پهوڙ. پڙهندڙ: ڏهون ڪلاس. عمر: 14
سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: عنايت علي
باربر کپرو.
763- نالو: نصير احمد کتري، پڙهندڙ: قرآن حافظي. عمر: 13 سال.
وندر: ديني ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ. ائڊريس: هائي وي
روڊ دڪان نمبر 5 ٺٽو.
764- نالو: منصور احمد کتري. پڙهندڙ: اٺون الف. عمر: 14 سال.
وندر: تقريري مقابلا ۽ رسالا پڙهڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽو.
765- نالو: جاويد اقبال مٺواڻي. پڙهندڙ: درجو پنجو. عمر: 11
سال. وندر: هاڪي کيڏڻ ۽ گل ڦل رسالو پڙهڻ. ائڊريس:
معرفت حاجي علي محمد مٺواڻي جهڏو.
766- نالو: الاهي بخش لغاري، پڙهندڙ: ڪلاس پنجون. عمر 11
سال،وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ ۽ آکاڻيون لکڻ. ائڊريس:
پوسٽ مسڻ وڏي ٽنڊوالهيار.
767- نالو: دين محمد ولد عبدالڪريم مهر. پڙهندڙ: ٻيون. عمر: 10
سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس
نئون آباد ضلعو سانگهڙ.
768- نالو: غلام اڪبر ولد غلام شاهه خان نظاماڻي، پڙهندڙ: ڪلاس
ڇهون. عمر: 11 سال. وندر: خطن جو جواب جلد ڏيڻ.
ائڊريس: پوسٽ آيفس ٽنڊو سومرو وايا ٽنڊوالهيار.
769- نالو: انور حسين پنهور. پڙهندڙ: ستون بي. عمر: 13 سال.
وندر: علم پرائڻ ۽ فٽ بال ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول شادي پلي.
770- نالو: شير محمد شيخ، پڙهندڙ: اٺون بي. عمر: 16 سال. وندر:
گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ راند کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ.
771- نالو: مانڌو داس ولد آلومل (ڪارڙا). پڙهندڙ: درجو ڇهون.
عمر: 12 سال. وندر: گل ڦل، قلمي دوستي ۽ فٽ بال
کيڏڻ. ائڊريس: معرفت موهنداس ڪريانه مرچنٽ شاهي
بازار شهدادڪوٽ.
772- نالو: اسد الله ميمڻ، پڙهندڙ: ڪلاس نائون. عمر: 15 سال.
وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ ۽ سنڌ وطن جي خدمت ڪرڻ.
ائڊريس: پوسٽ کهڙا تعلقو گمبٽ ضلعو خيرپور ميرس.
773- نذير احمد ٻرڙو. پڙهندڙ: ڪلاس نائون الف. عمر: 14 سال.
وندر: رسالا پڙهڻ. ائڊريس: معرفت رستم علي ٻرڙو،
گلن جهڙا ٻارڙا سنگت، قمبر.
774- نالو: چئچندر ڪمار. پڙهندر: ستون بي. عمر: ٻارهن سال.
وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ پڙهڻ سان چاهه. ائڊريس:
ميونسپل هاءِ اسڪول جيڪب آباد.
775- نالو: شيخ عزيز سنڌي قمبروي، پڙهندڙ: اٺون بي. عمر: 13
سال. وندر: پياري سنڌڙي جي خدمت ڪرڻ. ائڊريس: غلام
نبي شيخ، ڪلاٿ مرچنٽ نرولي بازار قمبر.
776- نالو: سروپاني سوائي. پڙهندڙ: درجون اٺون. عمر: 13 سال.
وندر: فٽبال سروپاني لالچند راجپوت ڊرلنگ
سپروائيزر ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ورڪشاپ ٽنڊوڄام
ضلعو حيدرآباد.
*لاڙڪاڻي کان طاهره کوکر لکي ٿي ته:
ڀاءُ، مان گل ڦل پابندي سان پڙهندي آهيان. صاف، سٺي ۽ معلوماتي
ادب لاءِ هن رسالي جو ڪوبه ثاني نه آهي. افسوس
ايترو آهي جو اسان جا ننڍڙا ٻار لکڻ ۾ چستي ڪونه
ٿا وٺن. جيڪا چڱي ڳالهه نه آهي. ادا جڏهن اسان جي
گل ڦل کي مراد علي مرزا، ممتاز عباسي، زرين فرحت
اعواڻ، اعجاز عرساڻي ۽ غلام رباني جهڙن سٺن ۽ من
پسند ليکڪن جو ساٿ آهي ته پوءِ گل ڦل ضرور ترقي
ڪندو.
گل ڦل ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ ويس وڳا ڏيڻ تي منهنجون دلي مبارڪون
قبول ڪندا.منهنجي دعا آهي ته گل ڦل اڃا به وڏي
ترقي ڪري. ادا سائين، اسلام آباد جو سفر نامو لکي
اماڻيا ته ڇاپيندا. فوٽو ڪونه موڪلينديس ڇو ته اهي
البم ۾ لڳل آهن.
(ادي، گل ڦل جي ترقيءَ ۾ اوهان جهڙين ڀينرن ۽ ڀائرن جو وڏو هٿ
آهي. سفرنامو ڀلي موڪليندا پر فوٽن کان سواءِ ٻسو
لڳندو جي سٺو هوندو ته ضرور ڇاپينداسون.)
*ميرپورخاص کان گل محمد عمراڻي.
گل جي لکيل خط جي جواب ۾ عرض ته اوهان جي غزل ۾ ڪيئن فني
اوڻايون آهن. ان ڪري شايع نٿو ڪري سگهجي.
قمبر کان پريتم داس جيسراڻيءَ جي لکيل خط جي جواب ۾ عرض ته
قائداعظم جي باري ۾ مضمون اوهين ڀلي ڏياري موڪليو،
جيڪڏهن سٺو هوندو ته ضرور شايع ڪنداسون. اوهان جو
رهيل مواد واري سان ڇاپبو.
*لاڙڪاڻي کان حضور شيخ لکي ٿي:
محترم ادا، اسلام عليڪم:
عرض ته مان گل ڦل هر ماه پڙهندي آهيان. لاڙڪاڻي ۾ گل ڦل دير سان
ٿو اچي، ان ڪري گل ڦل جو ڏاڍو انتظار ڪرڻو پوي ٿو.
مان پنهنجي ڪهاڻي موڪليان شايع ڪندو؟ لکپڙهه لاءِ
به ڪوپن هوندو آهي ڇا. مان ته ڪيترا ڀيرا خط لکيو
آهي، پر توهان جواب ڪونه ٿا ڏيو.
(ادي، دير سان شايع ٿيڻ لاءِ ڪي فني مجبوريون آهن. اوهين ڪهاڻي
موڪليو. سٺي هوندي ته شايع ڪنداسون. خط لکڻ لاءِ
ڪوبه ڪوپن ڪونهي. اوهان جو هي پهريون خط آهي.)
هنن ٻارن جا خط پهتا:
اين ايم سومرو، ڪنڌڪوٽ. علي نواز کهاوڙ، شهدادڪوٽ. غ:ام حسين
سومرو، سڪرنڊ. شبير حسين شاهه، دڙو. (اوهان
ڪهاڻيون موڪليو، سٺيون هونديون ته ضرور شايع
ڪبيون.) مقبول احمد عادل، قمبر. غلام رسول مشوري،
سرهاڙي. محمد هاشم جوکيو، حيدرآباد. آفتاب احمد
لاشاري، خيرپور ميرس. عبدالرشيد شيخ، راڌڻ. برڪت
علي (شهر جو نالو ڪونهي.) سڪندر علي کهاوڙ، وارهه.
زاهده پروين، لاڙڪاڻو. عبدالجبار ڌاريجو، ڳوٺ محمد
پور گهوٽڪي. ديدار علي لوهار، نئين باڊهه. محمد
ارشد شيخ، شهدادڪوٽ. رامچند سناڻي، نئون ڪوٽ. حشم
النساءِ منگي ۽ عبدالمجيد منگي، سکر نئون. سيد اسد
الله شاهه، ماٿيلو
مومل ماڙي. رابع راڻي سنڌي، شهدادڪوٽ. محمد اسماعيل شيخ، لاڙڪاڻو
۽ امتياز شوڪت ابڙو، هالا.
*سکر کان غلام محمد، اعجاز علي، نذير علي، عاشق علي، اياز علي ۽
فضل محمد گڏجي لکن ٿا ته:
عرض ته اسين گل ڦل ماهوار پڙهندا رهندا آهيون.
ادا، اسان جو رايو آهي ته اسين سکر ۾ گل ڦل جي شاخ ڪڍون ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي خدمت ڪريون. ان لاءِ اوهان راءِ ڏيندا.
جي اوهان چئو ته اسين شاخ ٺاهيون اسين گهڻن ئي
ٻارن کي ميمبر بڻائينداسين.
(ادا، اوهان جو گل ڦل لاءِ جيڪو چاهه آهي، ان لاءِ اسين اوهان
جا ٿورائتا آهيون. شاخن جو اڃا ارادو ڪونهي.
جيڪڏهن گل ڦل سان همدردي آهي ته ان جا سالانه
خريدار وڌايو.) |