سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1976ع

باب: --

صفحو :2

انهيءَ کانپوءِ ملڪ ۾ هڪڙي وڏي جنگ لڳي. پر بادشاهه اڳواٽ تياري ڪري ڇڏي هئي، تنهن ڪري لڙائيءَ ۾ هن کٽيو.

ڪيترا ڏينهن ٿي ويا. هڪڙي ڏينهن بادشاهه وري خواب ڏٺو ته هڪڙي رِڍَ محل جي ڇت ۾ پيئي لڙڪي. وري بادشاهه خواب جي مطلب سمجهڻ لاءِ ايوان ڏانهن ماڻهو اماڻيو. هاڻي ته ايوان کي ڏاڍو ڊپ ٿيو. هو سوچڻ لڳو ته هاڻي آءُ نانگ وٽ ڪهڙو منهن کڻي وڃان. مون هن سان ٻه ڀيرا ٺڳي ڪئي آهي ۽ هن جو پچ به وڍيو اَٿم. هينئر هو مون کي خواب جو مطلب ڪيئن ٻڌائيندو.

ايوان پنهنجي سر گهڻو ئي مٿو هنيو پر هن کي خواب جو مطلب سمجهڻ ۾ نه آيو. نيٺ هو نانگ وٽ ويو ۽ هن کي سڏ ڪيائين. ايوان جا سڏ  ٻڌي نانگ ٻر مان ٻاهر آيو. ايوان نانگ کي بادشاهه جو خواب ٻڌايو،. نانگ وري چيس ته ”جيڪڏهن تون انعام مان مون کي حصو ڏين ته آءُ توکي خواب جو مطلب ٻڌايان.“ هاريءَ انجام ڪيو. نانگ هن کي ٻڌايو ته محل جي ڇت تي رڍ جي لڙڪڻ جو مطلب هيءُ آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ امن امان آهي ۽ رعيت خوش آهي.

ايوان، بادشاهه جي دربار ۾ حاضر ٿيو ۽ خواب جو مطلب ٻڌايو. بادشاهه خواب جو مطلب ٻڌي ايوان تي اڳي کان به گهڻو خوش ٿيو ۽ هن کي وڏي دولت ۽ قيمتي سوکڙيون انعام ۾ ڏنائين. ايوان پئسا ۽ سوکڙيون کڻي سڌو نانگ وٽ آيو ۽ انعام جو اڌ نانگ کي ڏنائين ۽ چيائين ته، ”تون مون سان سدائين نيڪي ڪئي، پر مون توسان خراب سلوڪ ڪيو، هن انعام جو اڌ حصو تون رک باقي اڳين انعامن مان اڌ حصا به توکي ڏياري موڪليان ٿو، هاڻي مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر.“

اهو ٻڌي نانگ ايوان کي چيو، ”تون انهيءَ ڳالهه تي ڏک نه ڪر. پهرين جيڪي به ٿيو ان ۾ تنهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونه هو. توکي ياد هوندو ته بادشاهه جي پهرين خواب ڏسڻ وقت سڄي ملڪ ۾ ٺڳي ۽ مڪاري پکڙيل هئي، تنهن ڪري تو به مون سان ٺڳي ڪئي ۽ انعام وٺي تون هڪ ٻئي رستي کان پنهنجي ڳوٺ هليو وئين، جيئن مون کي حصو نه ڏئي سگهين. بادشاهه جڏهن ٻيو خواب ڏٺو هو تڏهن ملڪ ۾ ظلم، ڏاڍائي ۽ لڙائيءَ جو زمانو هو. ٻين وانگر تون به ظلم ۽ ڏاڍائي ڪئي ۽ پنهنجي ڇُريءَ سان منهنجي پڇڙي وڍي ڇڏي. پر هاڻي امن امان جو زمانو آهي. سڀئي انصاف وارا ۽ سخي ٿي پيا آهن. تنهن ڪري هينئر تون به پنهنجو انجام پورو ڪرين پيو. خدا توکي خوش رکي. هيءَ سڄي دولت ۽ مال تنهنجو آهي. مون کي هن جي ڪهڙي گهرج. تون هيءُ مال دولت کڻي گهر وڃ ۽ وڃي آرام سان زندگيءَ گذار.“

        ائين چئي نانگ پنهنجي ٻر ۾ هليو ويو.

 

قابلن جا قول

 

ماستر اهو جنهن جو شاگرد سان پيار هجي.

دولت اها جيڪا محنت سان حاصل ٿئي.

ملڪ اهو جنهن ۾ بدامني نه هجي.

عورت اها جيڪا پاڪ دامن هجي.

صحبت اها جيڪا سنئين راهه تي آڻي.

حاڪم اهو جيڪو انصاف ڪري.

دل اها ڌارجي جنهن ۾ ٻيائي نه هجي.

ڪلام اهو جنهن ۾ خدا جو ذڪر هجي.

زبان اها ڌارجي جا خدا کي ياد ڪري.

دوست اهو ڪجي جيڪو وفادار هجي.

-اختر سمون لاڙڪاڻو.


 

*سنڌيڪار: محمد ايوب شيخ قمبر         

ٿائيلينڊ جي ڪهاڻي

انسان ۽ طوطو

 

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته ٿاٽوئيان طوطو آزاديءَ سان جهنگلن ۾ گهمندو ڦرندو رهيو پر آسٽريليا جو طوطو ”لوري ڪيٽ“ هيو، جنهن کي ماڻهو وڏي شوق سان گهرن ۾ پاليندا هئا. لوري ڪيٽ وڏو سمجهه وارو هو. هو گهڻيون ڳالهيون ڪندو هو. ماڻهو جيڪو ڳالهائيندا هئا ۽ جيڪو ڪم ڪندا هئا ته هڪدم ان جو نقل ڪري وٺندو هو. هن جو ڳالهائڻ بلڪل انسانن وانگر هوندو هو.

هڪ ڳوٺ ۾ لوري ڪيٽ هڪ هاريءَ وٽ هو. هڪ ڏينهن هاريءَ جي پاڙيسريءَ جي هڪ مينهن هن جي ٻنيءَ ۾ اچي پئي ۽ ڌاڻن جي پوک ڀيلڻ لڳي. هاري ان کي پڪڙي ڪهي ڇڏيو ۽ هن جو گوشت ڪجهه کاڌائين ۽ ڪجهه چانورن جي خالي ڳوڻ ۾ بند ڪري گدام جي ڇت ۾ ٽنگي آيو.

ٻئي ڏينهن هاريءَ جو پاڙيسري مينهن کي ڳوليندي هاريءَ وٽ پهتو ۽ هاريءَ کي چيائين ته تو ڪا منهنجي مينهن ڏٺي؟ هاريءَ جواب ڏنو ”مون کي ڪهڙي خبر مون ڪونه ڏٺي آهي“ هاريءَ جو طوطو لوري ڪيٽ ان وقت پڃري ۾ هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، تنهن يڪدم وراڻيو: منهنجي مالڪ تنهنجي مينهن کي ڪهي ٽڪرا ڪري ڪجهه گوشت پاڻ کاڌو اٿائين ۽ ڪجهه چانورن جي خالي ڳوڻ ۾ وجهي گدام جي ڇت ۾ ٽنگيو آهي. هاري گهٻرائجي ويو. پاڙيسري ان جي گدام جي جانچ ورتي برابر اتي گوشت پيو هو. هاري ڳالهه ٺاهي چيو ته هي ٻئي جانور جو گوشت آهي ۽ مان پنهنجي گهر جو گوشت به گودام ۾ رکندو آهيان. لوري ڪيٽ وري چيو ته ”نه نه هي تنهنجي مينهن جو گوشت آهي.“

پاڙيسريءَ کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو هاريءَ جي ڳالهه تي پت ڪري يا لوري ڪيٽ جي ڳالهه تي.

نيٺ ڳالهه وڃي عدالت تائين پهتي هاريءَ جي پاڙيسريءَ عدالت ۾ وڃي هاريءَ جي خلاف مقدمو ڪيو. عدالت هاريءَ کي حڪم ڏنو ته ٻئي ڏينهن اهو اچي عدالت ۾ جواب ڏي. هاري کي طوطي تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هن اها رات طوطي کي پڃري مان ڪڍي هڪ وڏي ٿانو ۾ وجهي ٿانو کي وري ڪپڙي ۾ ويڙهي ڇڏيو. موسم تمام سٺي هئي چانڊوڪي رات جي ڪري سڄو جهان روشن هو. مگر لوري ڪيٽ ويچارو اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻندو رهيو. هاريءَ ان ٿانو کي زمين تي هڻندو رهيو ۽ ان جي مٿان پاڻي وجهندو رهيو. جڏهن صبح ٿيو ته هاري لوري ڪيٽ کي ٿانو مان ڪڍي پڃري ۾ بند ڪيو ۽ ان پڃري کي عدالت ڏانهن کڻي آيو. جڏهن مقدمو هليو تڏهن هاريءَ جي پاڙيسري جج کي چيو ته ”لوري ڪيٽ مون کي ٻڌايو هو ته تنهنجي مينهن منهنجي مالڪ ڪهي ڇڏي آهي.“ جج لوري ڪيٽ کان اصل واقعو پڇيو، لوري ڪيٽ جواب ڏنو ته ”حضور منهنجي مالڪ هن جي مينهن ڪهي ڪجهه گوشت پاڻ کاڌائين ۽ ڪجهه چانورن جي خالي ڳوڻ ۾ بند ڪري گدام جي ڇت ۾ ٽنگي آيو آهي“ تنهن تي هاريءَ چيو: حضور جيڪو گوشت مون ٽنگي ڇڏيو آهي اهو ٻئي جانور جو آهي. حضور، مان حيران آهيان ته هن بيوقوف پکيءَ تي اعتبار ڪيو وڃي ٿو پر منهنجي ڳالهه تي ڪنهن کي اعتبار ڪونهي.“ جج چيو لوري ڪيٽ هڪ سمجهدار پکي آهي، هاري چيو حضور هي اڪثر غلط ڳالهيون به ڪندو آهي. هاڻي مان هن کان اوهان جي سامهون هڪ سوال پڇان ٿو ته ”گذريل رات موسم ڪيئن هئي. اوهان پاڻ ڏسجو ته هي ڪوڙ ٿو ڳالهائي يا سچ. جج لوري ڪيٽ کي چيو ان سوال جو جوب ڏي. تڏهن لوري ڪيٽ چيو ته حضور سخت اوندهه هئي. بادل گجي رهيا هئا ۽ مينهن وسي رهيو هو. هاريءَ جج کي چيو حضور، جواب اوهان پاڻ ٻڌو. گذريل رات موسم ڪيڏي نه سٺي هئي، رات چنڊ نڪتو هو. ڇا اوهان به هن بيوقوف تي اعتبار ڪيو ٿا. هاڻي هاريءَ جي هن سوال تي سڀني کي پڪ ٿي ويئي ته هاري بيگناهه ۽ پکي بيوقوف آهي. عدالت هاري کي ڇڏي ڏنو. هاريءَ واپس اچي لوري ڪيٽ کي هميشھ لاءِ آزاد ڪري ڇڏيو ۽ هو جهنگلن ۾ خوش گذارڻ لڳو.

هڪ ڏينهن لوري ڪيٽ جهنگل ۾ هڪ نئون پکي ڏٺو جنهن جو رنگ سائو هو. لوري ڪيٽ نئين پکي کان پڇيو ته ”تون ڪير آهين ۽ ڪٿان آيو آهين“ نئين طوطي چيو ته ”مون کي ٽوئيان طوطو چون ٿا ۽ مان ڏکڻ کان هن ملڪ ۾ رهڻ آيو آهيان، ڇاڪاڻ ته مان انسان جي ٻولي به ڄاڻندو آهيان.“ لوري ڪيٽ، طوطي کي چيو ته ”تون خوشيءَ سان هتي رهه. پر تون اڻڄاڻ آهين، تنهن ڪري منهنجي هڪ نصيحت ٻڌ ۽ پنهنجي دل ۾ هميشھ لاءِ ياد رک. مان به انسان جي ٻولي ڄاڻندو هوس، ماڻهن جي گهرن ۾ رهندو هوس مان نه رڳو انهن جون ڳالهيون دهرائيندو هوس پر انهن جي زبان ۾ ڳالهيون ڪندو هوس پر انسان کي اهو برو لڳو ته مان سچ ڳالهائيندو هوس. هو چاهيندا هئا ته جيڪو هو ڳالهائين مان رڳو اهو دهرايان ان ڪري مان توکي نصيحت ڪندس ته جي تون پنهنجي سلامتي چاهين ٿو ته رڳو اهو ئي ڳالهائجان جيڪو انسان کان سکين ۽ پنهنجي پاران ڪابه ڳالهه نه ڪجانءِ.“ ٽوئيان طوطي لوري ڪيٽ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان جي نصيحت مڃي. ان ڏينهن کان وٺي ٽوئيان طوطو انسان وٽ پڃري ۾ بند هوندو آهي ۽ رڳو اهي ئي لفظ دهرائيندو آهي، جيڪي انسان وٽان سکيو آهي.

ٽي دعائون

 

حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي حديث آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته الله تعاليٰ ٽن دعائن کي قبول ڪري ٿو:

1-اولاد جي حق ۾ ماءُ -پيءُ جي دعا 2- مسافر جي حق ۾ 3- مظلوم جي دعا.

موڪليندڙ: شاهد حسين-ڪي- ميمڻ حيدرآباد.

*سنڌيڪار: جيئل داس، وارهه.              

(ناروي جي لوڪ ڪهاڻي)

 

ضدي زال

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو هاري رهندو هو. سندس زال ڏاڍي ضدي هئي. اها عورت اهڙي ضدي ۽ هٺ ڌرم هئي جو ضدي کان ضدي شخص به سندس مقابلو ڪري نه سگهندو هو. سڀ پاڙيسري هن مان عاجز هئا. ڪو شخص ڪا ڳالهه چوندو هو ته هيءُ ان جي خلاف چوندي هئي. جيڪڏهن ڪوئي چوندو هو ته فلاڻي شخص ڏاڍي سٺي نصيحت ڪئي آهي ته هوءَ  هڪدم جواب ڏيندي ته هن جي ڳالهه ته بلڪل واهيات هئي. اهو ئي حال  دڪاندارن سان هو. دڪاندار هڪڙي شيءِ جو نالو وٺندو هو ته هوءَ وري ٻي شيءَ گهرندي هئي. پاڙيسري تي خير کڻي هن مان عاجز هئا پر ويچاري هاريءَ جي جان ته هميشھ عذاب ۾ رهندي هئي. جيڪڏهن هو چوي ته اڄ مان پنهنجي ڀاءُ وٽ ويندس، ۽ هيءَ چوي ته نه نه اڄ منهنجي ڀيڻ وٽ هلڻو آهي. ڪڏهن هو هن کي قميص کي ٽوپو ڏيڻ لاءِ چوي ته هوءَ وري سندس جوراب ڪڍي ويهي رهي. جيڪڏهن هو ماني گهرندو هو ته هيءَ وري پاڻيءَ جو گلاس ڀري ڏيندي هيس ۽ جيڪڏهن پاڻي گهرندو هو ته چانهه تيار ڪري کڻي ايندي هئي. مطلب ته ويچارو هاري جيڪا به ڳالهه چوندو هئس ته هوءَ ان جي ابتڙ ڪندي هئي.

پاڙي وارا جيڪڏهن هاريءَ سان سندس زال جي شڪايت ڪندا هئا ته چوندو هو ”ڀائرو! توهان کي ته هن سان ڪڏهن ڪڏهن واسطو ٿو پوي پر مون کي ڏسو ته مان ڏينهن رات انهيءَ سان ڪهڙيءَ ريت گذر ڪريان ٿو؟“ منهنجي مصيبت جو ته توهان اندازو ئي نٿا لڳائي سگهو. مان آرام سان کاڌو به نٿو کائي سگهان، جيڪڏهن زور سان ٿو چٻاڙيان ته هوءَ ٿي چوي ته آهستي آهستي کاءُ. سڄي پاسي تي ٿو سمهان ته هوءَ مون کي جاڳائي چوي ٿي ته کٻي پاسي ٿي سمهه.

هڪڙي ڏينهن هاري ۽ سندس زال پنهنجي ٻنيءَ تي ويا جنهن ۾ هنن سرنهن پوکي هئي.

ٻنيءَ تي پهچي هاريءَ چيو، ”فصل پچي ويو آهي. اسان اڱاري ڏينهن لابارو وجهنداسون.“

”اڱاري ڏينهن نه پر سومر ڏينهن.“ سندس زال چيو.

هاريءَ چيو ”چڱو سومر تي سهي، مان پنهنجن دوستن ”هالوارڊ“ ۽ ”هنس“ کي به ڪم ۾ مدد ڪرائڻ لاءِ ساڻ وٺي ايندس.“ زال چيو ‎: انهن کي اصل نه آڻجانءِ، پر ”ٿورا“ ۽ ”ايرڪ“ کي آڻجانءِ.

ويچاري هاريءَ کي ته انهن ڳالهين ٻڌڻ جي عادت پئجي ويئي هئي هن چيو، ”ٺيڪ آهي ”ٿورا“ ۽ ”ايرڪ“ کي ئي آڻيندس ۽ اسان صبح جو ستين وڳي کان ڪم شروع ڪنداسين.“

زال چيس، ”ستين وڳين کان نه بلڪه ساڍي ڇهين وڳي کان وٺي ڪم شروع ڪنداسين.“

هاريءَ آسمان ڏانهن ڏسندي چيو، ”هن هفتي موسم سٺي رهندي.“

”نه مينهن پوندو“ زال چيو. هاريءَ چيو: مينهن پوي يا اس نڪري، اسان ڏانٽي سان پوک لڻنداسين. زال وڏي آواز سان چيو، ”ڇا چيئي ڏانٽي سان؟ نه نه، ايئين وري ڪيئن ٿيندو فصل ڪئنچيءَ سان لڻبو.“

”ڪئنچيءَ سان؟“ هاريءَ حيرت مان وراڻيو. ”ڪنهن به اڄ تائين ڪئنچيءَ سان فصل لڻيو آهي ۽؟

”نه، نه، فصل ڏانٽي سان ئي لڻيو ويندو.“

”هر گز نه، ڪئنچيءَ سان ئي لڻبو.“ هاريءَ جي زال به وڏي زور سان چيو.

آخرڪار ٻئي اهو بحث ڪندا درياءَ جي پُل تي پهچي ويا. هاريءَ واري چيو، ڏانٺي سان.“ ڪئنچيءَ سان! ڪئنچيءَ سان!“ سندس زال رڙ ڪئي. هوءَ ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر نڪري ويئي ۽ هن کي ڪجهه به نظر ڪونه آيو ۽ درياءَ ۾ ڪِري پئي. درياءَ ۾ ڪِرڻ شرط ئي هوءَ گهوتا کائڻ لڳي، جڏهن هوءَ مٿي آئي ته ڪنهن کي مدد لاءِ پڪارڻ جي بجاءِ زور سان چيائين، ڪئنچيءَ سان“ ۽ ايئين چئي وري گهوتا کاڌائين. هاريءَ به رڙ ڪري چيو، ”ڏانٽي سان.“ پر هاڻي هن ۾ ڳالهائڻ جيتري سگهه به ڪانه رهي هئي. ٿوريءَ دير کانپوءِ هوءَ وري مٿي آئي ۽ چوڻ لڳي، ”ڪئنچيءَ سان، ڪئنچيءَ سان.“ ائين چوندي چوندي وري گهوتا کائڻ لڳي ۽ وري جڏهن مٿي آئي ته هاريءَ رڙ ڪري چيو، ”ڏانٽي سان.“ پر هاڻي هن ۾ ڳالهائڻ جي طاقت به ڪانه رهي هئي. ٿوريءَ دير کانپوءِ وري گهوتا کائڻ لڳي، پر هن پنهنجو هٿ مٿي کنيو ۽ آڱرين جي اشاري سان ٻڌايائين ته ”فصل ڪئنچيءَ سان لڻبو“ ۽ هوءَ وري مٿي نه آئي.

هاري ڳوٺ واپس ويو ۽ پنهنجن دوستن کي اطلاع ڏنائين. سڀئي گڏجي درياءَ تي ويا ۽ هاريءَ جي زال کي درياءَ ۾ اندرگهڙي ڳولڻ لڳا. جيڏانهن پاڻي وهي رهيو هو اوڏانهن پري پري تائين ڳولا ڪيائون پر هن جو پتو ڪونه پيو. سڀئي پريشان هئا ته آخر هوءَ وهندي وهندي ڪيڏانهن هلي ويئي. پر هاريءَ چيو ”اوهان شايد پوريءَ طرح هن مان واقف ناهيو ته هوءَ ڪيتري قدر نه ضدي هئي. ٻيو ڪو هجي ها ته ان جو لاش بيشڪ لهواري پاڻيءَ ڏانهن وڃي ها، پر هوءَ ضرور اوڀارو ويئي هوندي. هلو ته مٿي هلي ڏسون.“ ۽ جڏهن ماڻهن مٿانهينءَ ڏانهن وڃي ڏٺو ته هاريءَ جي ڳالهه سچي نڪتي. هن جو لاش سچ پچ اوڀارو لڙهندو پئي ويو. ماڻهن چيو. ”واقعي حد کان زياده ضدي نڪتي.“

پيارا ٻارو! ضد هرگز نه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ضدي ماڻهو ڪنهن کي به پسند ناهي. سياڻن جو قول آهي ته ”جن هَٺ ڪيو سي هيٺ ويا، جن هوڏ ڪئي سي هميشھ لاءِ تڙپا، جن پاڻ ڪيو سي ڀاڻ ٿي ويا، جن تڪبر ڪيو سي ڪنڌ ڀر ڪريا.“

* انور هالائي                                 سنڌ جي تاريخ

 

صوفي شاهه عنايت شهيد

 

سنڌ جي سهڻيءَ ڌرتيءَ تي هر دور ۾، اوليائن، عالمن، صوفين ۽ بزرگن حق ۽ سچائي، بهادريءَ ۽ جاڳرتا جو جيڪو مثال قائم ڪيو آهي، سو تاريخ جو قيمتي وکر آهي، جنهن کي سنڀالڻ ۽ سينگارڻ تمام ضروري آهي. شاهه عنايت الله شهيد جهوڪ وارو به انهن مجاهدن، عالمن ۽ بزرگن مان هڪ آهي، جنهن جي ساري زندگي سچائيءَ ۽ حق جي حمايت ۾ گذري ويئي. هن مٿير مڙس ترار جو گهاءُ سٺو پر ظلم ۽ ڏاڍ اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو.

شاهه عنايت الله شهيد ميرانپور تعلقي ميرپور بٺوري، ضلعي ٺٽي ۾ اٽڪل 1065 هجري مطابق 1655- 1656ع ڌاري ڄائو. سندس  خاندان عالمي فضيلت ۾ تمام مٿانهون هو، ان ڪري شاهه شهيد جي ننڍي لاڪون تعليم ۽ تربيت به ان ئي روشنيءَ ۾ ٿي. پاڻ جڏهن ابتدائي تعليم حاصل ڪري چڪو، تڏهن سندس دل ۾ مرشد جي ڳولا جو خيال پيدا ٿيو ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مان ڪهي حيدرآباد دکن جي برهانپور شهر ۾ پهتو، جتي شاهه عبدالملڪ جيلانيءَ سان صحبت ڪيائين. شاهه عبدالملڪ کيس ڳاڙهو پهراڻ (خرقو) ترار ۽ ٽوپي عطا ڪيا ۽ پنجن سالن کانپوءِ شاهه عبدالملڪ جي هدايت پٽاندر دهليءَ آيو، جتي ان دور جي مشهور عالم مولانا غلام محمد وٽ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. دهليءَ مان تعليم مان فارغ ٿي شاهه شهيد سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. شاهه غلام محمد، شاهه شهيد ۾ مڻيا ڏٺي ۽ سندس مريد ٿيو ۽ شاهه شهيد سان گڏ اهو به سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. ٺٽي جي عالمن کي شاهه شهيد جو صوفياڻو طريقو ڪونه آئڙيو ۽ کين بدگمانيون ٿي پيون. ان ڪري شاهه عنايت ميرانپور ۾ ڪچا گهرڙا اڏائي، مريدن خادمن سميت رهائش اختيار ڪئي. جتان سندس سچائي ۽ فقيريءَ جي واکاڻ ديسان ديس پکڙجي ويئي ۽ پري پري کان مريد ۽ معتقد اچي فيض وٺڻ لڳا.

سنڌ ۾ ان وقت مغلن جي صوبيداري هئي. مغلن پاران مير لطف علي ٺٽي جو گورنر هو. ان دور ۾ زميندارن ۽ جاگيردارن جي ٻيگهي متل هئي. هو جيڪي چاهيندا هئا سو ٿيندو هو. هارين، مزدورن ۽ ٻين ڪاسبين جو داڻو پاڻي سندن هٿ ۾ هو. زميندارن ۽ جاگيردارن کان شاهه شهيد جي اها ناموس سٺي ڪانه ٿي، خاص ڪري وڏيري نورمحمد پليجي کي گهڻو ضد هو. ان ڪري ٺٽي جي صوبيدار جي چرچ تي هن فقيرن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي فقير بيگناهه شهيد ٿي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com