سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1976ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

جون 1976ع

انور هالائي

گذارش

پيارا ٻارو!

سچ ڳالهائڻ ۽ سچ جو پاسو وٺڻ، ماڻهوءَ جا سٺا گڻ آهن ۽ اهڙو گڻائتو ماڻهو هنڌين ماڳين مانائتو ٿيندو. سچ، انساني لڇڻن جو سرتاج آهي. سچو ماڻهو، بنا مال و دولت جي، بنا لشڪر خزاني جي ۽ بنا ساز و سامان جي ڪروڙين ماڻهن تي حڪومت ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهڙيءَ حڪمرانيءَ لاءِ نه هن کي دولت کپي نه لشڪر. رڳو سچ جي سونهن ۽ سرهاڻ سندس ناموريءَ، نيڪيءَ ۽ حاڪم ٿيڻ لاءِ ڪافي آهي.

تاريخ شاهد آهي ته هر مذهب جو بنياد ۽ معاشري جو اصول، رڳو سچ تي رکيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جن مذهبن ۽ معاشرن جو بنياد سچ آهي، اهي اڄ به دنيا جي تختي تي سج جي ڪرڻن وانگيان جرڪي رهيا آهن. انهن جا پوئلڳ ۽ پيرو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرخرو ۽ سرها آهن.

سچ، ٻاراڻي وهيءَ کان جواني ڏانهن ويندڙ رستي جو رهبر آهي، سونهون آهي، سرواڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ٻار سچ کي پنهنجي زندگيءَ جو اصول بنائي ڇڏيو ته پوءِ پڪ ڄاڻجو ته نه رڳو ان ٻار جي جواني ڪامياب ويندي پر سندس پيريءَ ۾ به اها ئي ساک ۽ سرهاڻ قائم رهندي.

پيارا ٻارو!

سچ جي واٽ تي هلڻ، دنيا ۾ سڀني نيڪين کان اُتم ڪم آهي، سڀني فرضن کان وڌيڪ آهي، سڀني مذهبن کان اعليٰ آهي. سچ، خدا جي خدائيءَ ڏانهن واڳ موڙي ٿو. سچ، هزارن ڪروڙن ڪوڙن لاءِ اگهاڙي ترار آهي. اها ترار، جنهن سان سمورو ڪوڙ ۽ ڪچ نابود ٿيو وڃي. ان ڪري اچو ته اوهين ۽ اسين اهو قول ڪريون ته سچ جي واٽ تي هلنداسون ۽ سچ جو نالو روشن ڪنداسون.

اوهان جو پنهنجو

انور هالائي

*نثار بزمي

سچ کي سلام

 

سچ کي سلام آهي

سچ کي سلام آهي

سچ جوت آ جهان جي، سچ سونهن آ زبان جي،

سچ آ يقين محڪم،  سچ ساک آسمان جي.

سچ ٻيءَ طرح زمين جو ماه تمام آهي- سچ کي سلام آهي.

سچ اعتماد آهي، سچ هڪ جهاد آهي،

سچ ۾ آ هر فضيلت، سچ زنده باد آهي.

روز-ازل کان سچ جو ٿيو احترام آهي-سچ کي سلام آهي.

سچ آ خدا جي نعمت، انسان تي آ رحمت،

ڪنهن کي نصيب ٿئي شل، آ پنهنجي پنهنجي قسمت.

ڪوڙي جي زندگي ٿي ويندي حرام آهي-سچ کي سلام آهي.

سچ آ سچي جو ساڻي،        سچ ڳالهه آ پراڻي،

سمجهي سگهي ٿو سڀڪو،  هيءَ ڇا ڪجي ڪهاڻي،

زم زم جي آب جو سچ شيرين جام آهي-سچ کي سلام آهي.

سچ واٽ ٿو وٺائي، منزل تي ٿو رسائي،

سچ آ شفاف شيشو، منهن ڪونه ٿو لڪائي.

سچ کي خدا جو ”بزمي“ پيارو ڪلام آهي-سچ کي سلام آهي.

* ميمڻ عبدالغفور سنڌي لاڙڪاڻو

 

ڪينو ۽ حسد

 

سنڌ جي عظيم ۽ عالمي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه اسان جي رهبري ۽ هدايت لاءِ ڪيتريقدر نه چِٽيو چيو آهي ته ڪيني ۽ ساڙ وارو ماڻهو هرگز فيضياب نه ٿيندو. توڙي جو هو کڻي ڪيتري به عبادت ڪري. جيڪڏهن سندس نيت صاف هوندي ته  پنهنجي مراد حاصل ڪندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان لاءِ ڪهڙا نه سبق آموز پهاڪا آهن:

”جهڙي نيت تهڙي مراد.“

ٻيو پهاڪو:

”نيت صاف مراد حاصل.“

ٽيون پهاڪو:

”نيت جهڙو نانگ، کائيندو کوٽن کي.“

انهيءَ ڪري چوندا آهن ته ”لباس المومنين، قلوب الڪافرين“ وارو ويس هرگز نه ويڙهجي. اهو ئي ويڙهجي جو اندر ۾ هجي. هڪ شاعر ڪيني کي ننديندي چيو آهي ته:

انسان کي انسان سان ڪينو نه چڱو آ،

جنهن سيني ۾ ڪينو، سو سينو نه چڱو آ.

هڪ بيت ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه اِن خيال کي هن طرح ظاهر ڪندي فرمائي ٿو:

ان پر نه ايمان، ڪلمي گو ڪوٺيائين، دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان منهن ۾ مسلمان، اندر ۾ اَذر آهين.

اي انسان، اهو ويس نه ويڙهه، جنهن ۾ دوکو سمايل هجي. ظاهري طرح اهو ڪم پيو ڪرين، جو هر هڪ کي تولاءِ ظاهري اثر پوي ٿو. نه نه، اهو ڪم تنهنجي خوشامند ڪن ۽ پوءِ پرپُٺ تولاءِ ڪات ڪهاڙا پيا گهڙين. اهڙيءَ هلت کان بلڪل پري رهه، جيڪا ظاهري طور تي توکي مسلماني ويس ابليس بنائي ڇڏي. اها ٻولي ٻول جا تنهنجي من ۾ موجود هجي. ائين نه ڪر جو ماڻهو توکي چون ته:

”اندر ڪارون ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي“

نه وري اهو ويس ئي ويڙهه، جيڪو توکي ظاهري رونق عطا ڪري؛ ۽ اندر جي اوجر جو ڪوبه ثبوت نه ڏيکاري. ٻاهرين ڏيک ويک ۾ تون وڏا وڏا ۽ اوچي قسم جا قيمتي پٽڪا، شلوارون، برٿ ڀريل پهرياڻ جان تي پهري، ڳاڙها پيلا رونقدار ۽ ڪشش رکندڙ رومال هٿن ۾ کنيو، پهرياڻن جي ڊگهن ڊگهن کيسن ۾ رنگين رومالي نوٽ ظاهر ڪيو بازاريون ڦرندو وتين ٿو. پر تون ته اهو خيال نه رکيو ته تنهنجون اهي سموريون گهرجون ڪٿان پوريون ٿيون ۽ ڪيئن ٿيون ڪيئن نه ٿيون! ڇا، ان وقت اهو به خيال سان تو سوچيو ته منهنجن گهرجن جي پوري ٿيڻ لاءِ منهنجي گهر جي ڪهڙي حالت وڃي رهي هوندي. ايترو به سوچيو اٿيئي ته منهنجي گهر ۾ کاڌي لاءِ ڪي آهي يا نه. جيتوڻيڪ تون ”اَڇي پڳ مَ پس اندر مڙيئي اڳڙيون“ جي مصداق وڃي رهيو آهين، تڏهن به اڳتي آهين.تنهنجا اهي ظاهري ويس وڳا ۽ ٻاهرين هلت چلت ڪيتري تائين هلي سگهندي. تنهن ڪري تون منڍ ۾ ئي سوچي سمجهي قدم کڻ جو پوءِ توکي اجايا هٿ نه مهٽڻا پون. پوءِ جي پڇتائڻ کان پهريائين سوچ ۽ ويچار ڪرڻ کپي.

اي انسان، توکي جڳائي ته تون اُهو ڪي ڪم ڪر جو تولاءِ فائيديمند هجي ۽ انهيءَ  ڪم کان باز اچ جيڪو توکي ڇيهو رسائي يا نقصان پهچائي. تنهن ڪري ڪم اُهو ڪر جنهن ۾ نه توکي نقصان پهچي ۽ نه ٻين کي ڇيهو رسي. ڪنهن سان ساڙ، بغض۽ حسد نه رک. جيترو ٿي سگهيئي انسانذات جي خدمت ڪر. انسانذات جي خدمت وڏي عبادت آهي.

پيارا ٻارو، باني اسلام سرور ڪائنات مفخرالموجودات حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صلي الله عليھ وسلم جن جي اِهائي هدايت آهي ته انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ ڪوشش وٺو. جيڪڏهن اسان ساڙ ۽ حسد سيني ۾ سانڍينداسين ته اسين نه رڳو انهيءَ اعليٰ عبادت کان محروم رهجي وينداسين، اٽلو ڪنهن انسان کي نقصان پهچائي، عظيم ڏوهه جا ڏوهاري بڻباسين. ڪيني کي سيني ۾ رکڻ سان نه رڳو ٻين کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي، پر ان کان وڌيڪ پاڻ کي ڇيهو ٿو رسائجي ڇاڪاڻ ته ڪينو هڪ باهه آهي، جا اندر کي پئي ٿي جلائي.

*مراد علي مرزا                       (روسي ڪهاڻي)

 

نانگ ۽ خواب

 

هڪڙي ملڪ ۾ ڪو بادشاهه هوندو هو. هڪڙيءَ رات بادشاهه هڪڙو عجب جهڙو خواب ڏٺو. هن خواب ۾ ڏٺو ته هڪڙي لومڙي ڇِت ۾ ٽنگي پئي آهي. لومڙيءَ جو مٿو هيٺ آهي ۽ پڇ ڇت ۾ چهٽل اٿس. بادشاهه ننڊ ڪري اٿيو ته خواب ياد آيس. هن انهيءَ خواب کي هڪ اجايو خواب سمجهي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بيڪار. رکي رکي ٿي هن کي خواب ياد آيو. نيٺ بادشاهه پنهنجن وزيرن کي گهرائي هنن کي خواب ٻڌايو ۽ پڇيو ته محل جي ڇت مان اهڙيءَ طرح لومڙيءَ جي لڙڪڻ جو مطلب ڇا آهي؟

بادشاهه جا وزير ۽ امير خواب ٻڌي سوچڻ لڳا، پر هنن جي سمجهه ۾ خواب جو مطلب اصل ڪونه آيو. جڏهن بادشاهه جي ڳڻتي وڌندي ويئي، تڏهن هن حڪم ڏنو ته شهر ۾ هڪڙو وڏو جلسو ڪيو وڃي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جا ماڻهو اچي شامل ٿين. بادشاهه کي پڪ هئي ته سندس حڪومت ۾ ڪونه ڪو اهڙو داناءُ ضرور هوندو، جيڪو انهيءَ خواب جو مطلب ٻڌائي سگهندو.

بادشاهه جو حڪم ٻڌي سڄي ملڪ جا ماڻهو شهر ۾ اچڻ لڳا. انهن ۾ هڪڙو غريب هاري به هو، جنهن جو نالو ”ايوان“ هو. ايوان جڏهين پنهنجي ڳوٺ مان شهر پئي آيو ته هن کي هڪ پهاڙ جي ڀرسان لنگهڻو پيو. اتي رستو سوڙهو هو. ايوان ڏٺو ته انهيءَ رستي جي وچ ۾ هڪڙو نانگ پيو آهي. ايوان نانگ کي ڏسي ڇِرڪيو ۽ بيهي رهيو. ايوان کي بيهندو ڏسي نانگ هن کي سلام ڪيو ۽ پڇيائين ته ڪيڏانهن پيو وڃين.

ايوان نانگ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي چيو ته ”پر اوڏانهن وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟ آءُ بادشاهه جو خواب جو مطلب نه ٻڌائي سگهندس.“

نانگ چيو ته جيڪو خواب جو مطلب ٻڌائيندو، انهيءَ کي انعام به ملندو. تون مون سان انجام ڪر ته توکي جيڪو انعام ملي ان مان مون کي به ڪجهه حصو ڏيندين ته پوءِ آءُ توکي مطلب ٻڌايان ٿو.

نانگ جي ڳالهه ٻڌي ايوان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”ها ها، ڇو نه. مون کي جيڪو به انعام ملندو انهيءَ مان اڌ تنهنجو آهي. انهيءَ کانسواءِ آءُ هميشھ لاءِ تنهنجا ٿورا به مڃيندس.“

نانگ چيو ”چڱو هاڻي تون خواب جو مطلب ٻڌ. محل جي ڇت مان لومڙيءَ جي لڙڪڻ جو مطلب هيءُ آهي ته ملڪ ۾ جتي ڪٿي ڌوڪيبازي، چالاڪي ۽ مڪاري پکڙيل آهي.“

هاريءَ نانگ جا ٿورا مڃيا ۽ شهر ڏانهن روانو ٿيو. جلسي ۾ جڏهين هن جو وارو آهي تڏهن هن بادشاهه کي سندس خواب جو مطلب ٻڌايو. هاريءَ جي ڳالهه ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي انعام ۾ وڏي دولت ۽ قيمتي سوکڙيون ڏنيون. ايوان مال ۽ سوکڙيون وٺي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن پئي ويو ته هن سوچيو ”هن مال و دولت مان نانگ کي حصو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت.“ اهو خيال ڪري ايوان هڪ ٻئي رستي تان ڳوٺ ڏانهن ويو، جيئن نانگ سان ملاقات نه ٿئي.

ٿورا ڏينهن اڃا مس گذريا ته بادشاهه هڪڙو ٻيو خواب ڏٺو. هن ڀيري بادشاهه خواب ۾ ڏٺو ته محل جي ڇت ۾ هڪڙي ترار پئي لڙڪي. بادشاهه کي وري ڳڻتي ٿي پئي ۽ هن خواب جي مطلب سمجهائڻ لاءِ ايوان کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ اهو ٻڌي ايوان کي اچي ڊپ ورايو. ڇاڪاڻ ته خود هن کي ته خواب جي مطلب جي ڪابه خبر نه هئي ۽ نانگ کي هو هڪ ڀيرو ڌوڪو ڏئي چڪو هو، پر نانگ کان مدد وٺڻ کانسواءِ ٻي واهه به ڪانه هئي. تنهن ڪري ايوان وري انهيءَ هنڌ تي پهتو جتي هن پهرين نانگ کي ڏٺو هو، پر نانگ اتي نظر نه آيس. ايوان لاچار اتي بيهي نانگ کي سڏڻ شروع ڪيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ هڪڙي پاسي کان نانگ آيو ۽ هن کان پڇڻ لڳو ”توکي ڪهڙيءَ ڳڻتي ورايو آهي ۽ مون کي ڇو پيو سڏين؟“

هاريءَ نانگ کي ڏسي چيو، بادشاهه وري هڪڙو ٻيو خواب ڏٺو آهي. هاڻي مون کي مطلب ٻڌائڻ لاءِ گهرايو اٿس.

نانگ جواب ڏنو ”جيڪڏهن تون انعام مان مون کي به ڪجهه ڏيڻ جو انجام ڪرين ته آءُ توکي خواب جو مطلب ٻڌايان.“

”آءُ انجام ڪريان ٿو ته توکي انعام مان ضرور حصو ڏيندس. اهو منهنجو پڪو انجام آهي.“ هاريءَ چيو.

نانگ چيو ته، ”بادشاهه کي وڃي ٻڌاءِ ته ترار لڙڪڻ جو مطلب هيءُ آهي ته ملڪ ۾ جنگ لڳڻ واري آهي. بادشاهه جا دشمن ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر منصوبا پيا ٺاهين، بادشاهه کي چئو ته انهن دشمنن کان ملڪ کي بچائڻ جي ڪا تدبير ڪري.

هاريءَ نانگ جا ٿورا مڃيا ۽ شهر ويو. محل ۾ پهچي هن بادشاهه کي سندس خواب جو مطلب ٻڌايو. خواب جو مطلب ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ايوان جي عقلمنديءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو. ان ڀيري به بادشاهه هاريءَ کي ڪيتريون ئي قيمتي سوکڙيون ۽ پئسا انعام ۾ ڏنا.

هاڻي ايوان ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لڳو ته هن کي نانگ جو خيال آيو. هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته نانگ جي ايتري همت جو مون کان حصو ٿو گهري! اهي ڳالهيون سوچيندو هو نانگ جي ٻر وٽ آيو، جنهن ايوان کي ڏسندي ئي هن کان پنهنجي حصي جي گُهر ڪئي.

هاريءَ کي ويتر ڪاوڙ لڳي ۽ چوڻ لڳو. ”توکي ڪجهه به ڪونه ملندو. البت توکي سزا ضرور ملندي.“

ائين چئي هن کيسي مان هڪ وڏي ڇري ڪڍي نانگ تي حملو ڪيو. نانگ سَٽ ڏيئي پنهنجي ٻِر ۾ گهڙي ويو پر ايوان جي ڇري زور سان وڃي نانگ جي پڇڙيءَ تي پئي ۽ اها وڍجي ويئي. ايوان خوش ٿيو ته هاڻي نانگ ڪڏهن به پنهنجي حصي جي گهر نه ڪندو. پوءِ هو پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com