ذوالفقار سهارڻ
محنتي شاگرد
سان
ڳالهه ٻولهه
س:
ادا توهان
سڀ
کان پهرين
پنهنجو مڪمل
تعارف ڪرائيندا؟
ج:
ادا منهنجو
نالو
شفيق احمد
چانڊيو آهي،
اڄ
ڪلهه مان
ڪوٽڙي نانگالين
جو
رهواسي آهيان،
۽
مان دادو
ضلعي
جي ننڍڙي
ڳوٺ
۽
جابلو علائقي
شاهه
گودڙئي ۾
1982-2-4 ۾ جنم
ورتو.
س:
ادا توهان
شروعاتي تعليم
ڪٿي
حاصل ڪئي؟
ج:
ادا جيئن
ته
پرائمري تعليم
مون
پنهنجي اباڻي
ڳوٺ
۾
حاصل ڪئي،
باقي
هت بوائز
هاءِ
اسڪول ڪوٽڙي
پڙهيو
آهيان.
س:
ادا توهان
ڪڏهن
کان پوزيشن
کڻندا پيا
اچو؟
ج:
ادا، جيئن
ته
ٻئي درجي
کان
هينئر تائين
فرسٽ
پوزيشن کڻندو
پيو
اچان.
س:
ادا توهان
ڪهڙن
استادن کان
متاثر آهيو؟
ج:
ادا استاد
سڀ
سٺا ۽ سون
برابر هوندا
آهن،
پر هر
انسان جي
پنهنجي پنهنجي
پسند
هوندي آهي،
پرائمري ۾ سائين
نور
محمد چانڊيو
۽
سيڪنڊري ۾ سائين
نور
محمد چانڊيو
۽
سيڪنڊري ۾ سائين
سرور
نواز ٻگهئي
کان
تمام گهڻو
متاثر آهيان.
س:
ادا توهان
جو
پسنديده سبجيڪٽ؟
جواب:
ادا جيئن
ته
ٻين دوستن
وانگي نه
چوندس جو
اڪثر
چوندا آهن
فلاڻي سبجيڪٽ
پسند
آهي، بلڪ
مان
ائين چوندس
ته
هر سبجيڪٽ
پنهنجي جاءِ
تي
اهميت رکي
ٿو.
س:
ادا توهان
جي
ڪاميابي جو
راز؟
ج:
ادا جيئن
مان
سچي دل
و
جان سان
محنت
ڪري پڙهندو
آهيان ۽ ماءُ
پيءُ
کي خوش
رکڻ
جي ڪوشش
ڪندو
آهيان، هر
وڏي
جو ادب
ڪندو
آهيا ۽ پاڻ
جيترن سان
پيار
ڪندو آهيان،
سايد
ان ڪري
رب
پاڪ مهربان
آ.
س:
ادا توهان
اسڪول وقت
کان
پوءِ ڇا
ڪندا
آهيو؟
ج:
ادا جيئن
ته
وري به
ساڳي
ڳالهه اڳيان
آئي
اسان جا
دوست
چوندا آهن
ته
ٻه ڪلاڪ
آرام
ڪندا آهيون
۽
ٻه
ڪلاڪ هوم
ورڪ
ڪندا آهيون،
پر
مان ائين
هرگز
نه چوندس،
ڇو
ته مان
اسڪول جي
وقت
کان پوءِ
گهر
جو ڪم
ڪار
ڪندو آهيان،
باقي
جيڪو وقت
بچندو آهي،
اهو
مان پنهنجي
پڙهائي کي
ڏيندو آهيان.
س:
ادا توهان
جي
پسنديده شخصيت؟
ج:
ادا هونئن
ته
کوڙ شخصيتون
آهن
پيءُ، ڀاءُ،
ڀيڻ
وغيره ڪهڙن
جا
نالا وٺان
ڪنهن
کي نارض
ڪيان، پر
وري
به منهنجي
پسنديده شخصيت
پياري امڙ
آهي.
س:
ادا توهان
جي
پسنديده راند؟
ج:
ادا هونئن
ته
رانديون کوڙ
آهن،
پر منهنجي
پسنديده راند
اک
ٻوٽ آهي.
س:
ادا توهان
گل
ڦل رسالي
کي
ڪيترو پسند
ڪندا
آهيو؟
ج:
ادا جيئن
ته
سڄي سنڌ
۾
هينئر ٻارڙن
جا
رسالا ۽ اخبارن
۾
صفحا
نڪرڻ شروع
ٿيا
آهن، پر
هي
واحد رسالو
آهي،
جنهن ۾ مواد
تمام
سٺو شايع
ٿيندو آهي،
جيئن
اڃايل پکيءَ
کي
پاڻيءَ جي
ضرورت هجي،
جڏهن
گل ڦل
رسالو مان
پڙهندو آهيان،
ته
خوشيءَ ۾ ماپي
نه
سگهندو آهيان.
س:
ادا خر
۾
گل
ڦل جي
پڙهندڙن لاءِ
ڪو
پيغام؟
ج:
ادا ڀائرن
لاءِ
اهو پيام
ڏيندس ته
علم
جو دامن
نه
ڇڏن، هر
ڪنهن
سان سٺي
سلوڪ
جو مظاهرو
ڪن
۽
وڏن جي
خدمت
ڪن قلم
۽
قدم
سوچي سمجهي
کڻو،
محنت ڪري
پڙهو
۽
ڪڏهن به
پڙهائي کان
نه
گهٻرايو ڇو
ته
ڪوشش ڪاميابي
جي
ڪنجي آهي،
مون
کي هڪ
شعر
ياد پيو
اچي
جيڪو مان
پنهنجي هر
دل
عزيز ڀائرن
کي
ٻڌايان ٿو.
علم
بنا ماڻهو
ائين
آهي، جيئن
جهنگل ڦري
ڍور،
ڪاهي
وڃيس چور
يا
ڌڪي هڻنس
ڍڪ
۾.
ارباب
علي
”عادل“
چوهاڻ
”حرڪتي
ٻار“
ٻڌو
جرڪتي ٻار
جو
اڄ بيان،
سچو
آهه، سارو
سندس
داستان.
هو
اسڪول ۾ سڀ
سان
هردم وڙهي
ٿو،
نه
دل لائي
هرگز
گلاس ۾ پڙهي
ٿو،
پڙهڻ
۽
لکڻ ۾ نٿو
ڏي
ڌيان.
ڀڃي
پين ڪنهن
جي
۽
ڪنهن جا
قلم،
رسائي
ٿو ڪنهن
جي
مٿي کي
زخم،
سدائين
ڪري ٿو
سڀن
جو زيان.
ڀتين
تي هو
گاريون ۽ نعره
لکي
ٿو،
سزا
تنهنڪري روز
ان
جي چکي
ٿو،
هٿن
تي ڏسوان
جي
آهن نشان.
ڏئي
گار ڪنهن
کي
ڪنهن کي
بُجا،
وجهي
ڪنهن کي
چهنبڊي ۽ ڪنهن
کي
چنبا،
خراب
آهه بلڪل
انهيءَ جي
زبان.
ڏسي
شال ڪنهن
جي
نه ٺوڙهي
ٽڪڻ،
وهائي
ڪڍي ٿو
انهيءَ تي
لڪڻ،
لڳي
تنگ ٿو
ان
کان هر
نوجوان.
نه
هرگز حرڪت
ڪرڻ
کان مڙي،
ڪلاس
۾
سڀن سان
رڳو
ٿو لڙي،
آهي
تنگ ان
کان
سڄوئي جهان.
انهيءَ
حرڪتي ٻار
کي
سڀ سڃاڻو،
جوکائي
ٿو ريڙهي
تان
چوري هنداڻو،
تجو
ڪين، ان
جهڙا
هر گز
نادان.
چئو
ٿا ته
سڀ
کي ٻڌايان
ٿو
نام،
ڪيو
تنگ
”عادل“
کي
جنهن آ
تمام،
انهيءَ
ٻار جو
نانءُ آهي
ذيشان.
مشتاق
بخاري
چؤسٽا
دل
پنهنجي ويو
ارپي
ٻالڪُ،
مرڪ
مٺي ويو
ارپي
ٻالڪُ.
ڪين
گهرَي مون
هن
کان سائين،
پاڻ
پپلي ويو
ارپي
ٻالڪ.
محنت
سان جو
اڀري
ايندو،
سوئي
ناليوارو ٿيندو.
راتيون
جاڳي جو
پڙهي
ٿو،
ٻارُ
اهو سک
سڀ
کي ڏيندو.
تعصب
کي بس
ساڙي
ڇڏيو،
قول
ڪري پوپاڙي
ڇڏيو.
نفرت
وارا صفحا
دل
مان،
ٻار
جلدي ڦاڙي
ڇڏيو.
انجم
قاضي
نظم
اچو
گل گلابي
لڳايون وطن
۾،
ملي
ڀاءُ خوشبو
ورهايون وطن
۾.
رهي
نانءُ نفرت
نه
ڪفلت جو
باقي،
اچو
ريت اهڙي
رچايون وطن
۾.
وساري
سڀئي ته
رنجش، رساما،
امن
جا مٺا
گيت
ڳايون وطن
۾.
حوالا
ملن پيا
اسان
جا ته
ساٿي،
سدا
ساٿ اهڙو
نڀايون وطن
۾.
علم
جي جلائي
ته
ڪا جوت
چوڏس،
امر
پاڻ پنهنجو
بڻايون وطن
۾.
سڀ
ڪجهه علم
۽
عقل
ساڻ آهي،
اهي
ٻول مٺڙا
ٻڌايون وطن
۾.
پڙهي
پيار سان
۽
محنت
ڪري پيا،
سدا
نانءُ انجم! ڪمايون وطن
۾.
سنڌيڪار:
اختر حفيظ سائنسي
ڪهاڻي
وقت
جو شڪاري
پيٽر
وائسن آرسي
جي
سامهون بيهي
پنهنجو جائزو
وٺي
رهيو هو،
اڄ
رات هن
جي
ويهين سالگرهه
ٿي
چڪي هئي.
هاڻ
هو پنهنجي
خاص
دوست سان
ملڻ
وڃي رهيو
هو.
هن سوچيو
ته
ڏسون ٿا،
506
مون
کي ڪهڙو
تحفو
ٿو ڏي!
پيٽر
پوئين دري
مان
ٽپي ويو...
اها
هن جي
عادت
ٿي چڪي
هئي،
رات ڪافي
ٿڌي
هئي، پيٽر
پنهنجي ڳچي
۾
مفلر
چڱي طرح
ويڙهيو، هُن
کي
چڱي طرح
ياد
آهي.
جڏهن
هو
506
سان
پهريون ڀيرو
مليو
هو ته
پيٽر
ڪيڏو نه
ڊنو
هو... آسمان
کان
آيل خلائي
مخلوق سان
ملڻ
هڪ عجيب
تجربو هو،
انهي
وقت پيٽر
جي
عمر پندرنهن
سال
هئي، پهرين
نظر
۾
ته هو
مون
کي انسان
ٿي
لڳو، بلڪل
عام
انسانن جهڙو،
جيڪو
جنگ ڪندڙ
فوجين جي
ڪپڙن
۾
هو. هُن
وٽ
جيڪڏهن نيري
اڏام
ٿالهي نه
هجي
ها ته،
هُن
کي هڪ
عام
انسان سمجهي
ها!
اها پهرين
ملاقات هئي...
جڏهن
ٻنهي جي
وچ
۾
ڪابه ڳالهه
ٻولهه نه
ٿي
هئي... اڳين
ڏينهن پيٽر
پنهنجي سائين
کي
ٻڌايو، سائين
ڪلهه
رات آئون
”خلا
مان آيل
انسان سان
مليس.“
سائين
ڪاپيون چيڪ
ڪندي
بيهي رهيو
۽
پنهنجي ٿلهن
شيشن
واري عينڪ
کي
نڪ تي
رکندي چيو،
”اسڪول جو
ڪم
نه ڪرڻ
لاءِ
سٺو بهانو
ڳوليو آهي!“
حساب
جو مليل
ڪم
نه ڪرڻ
تي
پيٽر کي
ڪڪڙ
ٺهڻو پيو.
پيٽر
پنهنجي ڪوٽ
جي
کيسي ۾ هٿ
وجهي
ويران رستي
تان
گذرندي پنهنجي
مامي
بابت سوچي
رهيو
هو.... پوءِ
هن
کي خلائي
مخلوق سان
ڪيل
ٻي ملاقات
ياد
آئي... هن
ڀيري
هو ڊنل
نه
هو... تون...
ڪير
اهين؟ پيٽر
پڇيو، منهنجو
نالو
506
آهي.
خلائي مخلوق
جواب
ڏنو، پيٽر
ڏٺو
هو بلڪل
انسانن جهڙو
هو.... پر
هن
جون اکيون
ڳاڙهيون هيون،
پيٽر
خوف جي
ڪري
مڙيو ۽ ڀڄڻ
لڳو.
506
هن کي
آواز
ڏنو ۽ سڏيو...
پر
هو لڳاتار
ڀڄندو رهيو...
پيٽر
اِها ڳالهه
ڪنهن
کي ٻڌائي
به
نٿي سگهيو.
ماڻهو انهي
کي
ڪوڙو سمجهندا
۽
چريو
چوندا هئا.
پوءِ
آهستي آهستي
پيٽر
جو خوف
گهٽ
ٿيڻ لڳو.
ٽين
ملاقات عجيب
هئي،
انهي مهل
هڪ
گاڏي هن
جي
ويجهو اچي
بيٺي. پيٽر
خيالن جي
دنيا
مان نڪري
آيو.
”ڪٿي
پيو وڃين
ڇوڪرا؟ توکي
ڇڏي
اچان! گاڏي
هلائيندڙ ماڻهو
پڇيو، پيٽر
چيو
ته مهرباني!
ٻاهر
ڪافي سي
آهي.
اچ گاڏي
۾
ويهي
رهه گاڏي
واري
ڪراڙي ماڻهو
وري
آڇ ڪئي.
مهرباني منهنجي
منزل
ويجهي آهي.
پيٽر
جواب ڏنو...
گاڏي
وارو هليو
ويو،
وري رستو
ويران ۽ سنسان
ٿي
پيو. رستي
جي
پاسن تي
لڳل
بلب ٻري
رهيا
هئا. پيٽر
کي
رستي ي
هڪ
ننڍو دٻو
مليو... جنهن
کي
پيرن سان
ٿڏا
هڻندو اڳيان
وڌڻ
لڳو. هو
506
جي
باري ۾ ٻيو
به
گهڻو ڪجهه
ڄاڻيندو هو.
هاڻ
هُن جو
خوف
ختم ٿي
چڪو
هو. ٽين
ملاقات ۾ هن
پڇيو،
”تنهنجو
نالو
ڇا آهي؟“
”منهنجو نالو
506
آهي!“ خلائي
مخلوق جواب
ڏنو... وري
اهو
ڪو نالو
ته
نه ٿيو
پيٽر
چيو. گرهه
تي
هر ڪنهن
جو
نمبر لڳل
آهي!
خلائي مخلوق
جواب
ڏنو... وري
پيٽر
آسمان ڏانهن
ڏٺو،
جيستائين نظر
ٿي
وئي. تارائي
تارا
هئا.
جيڪي
هوا
جي باوجود
به
چمڪي رهيا
هئا.
”خبر
ناهي
انهن ۾ ڪيتريون
ٻيون
مخلوقون آباد
آهن،
پيٽر دل
۾
چيو.
پيٽر کي
ياد
آهي.
506
سان
ملاقات کان
پوءِ
هن جي
ڀاءُ
هن کي
چيو
هو.
”مون
کي
اهڙين فلمن
۽
ڪهاڻين سان
ڪابه
دلچسپي ناهي...
جنهن
۾
خلائي مخلوق
جو
ذڪر هجي...“
اها
ڳالهه ٻڌي
پيٽر
ڪاوڙجي پيو
هو... ۽ هن
پنهنجي ڀاءُ
کي
چيو آئون
فقط
اهو ڄاڻان
ٿو،
ته زمين
کان
سواءِ گهٽ
۾
گهٽ
هڪ ٻي
مخلوق آباد
آهي،
جيڪا زمين
کان
سواءِ ڪنهن
ٻي
گرهه تي
رهي
ٿي ۽ مون
کي
يقين آهي...
انهي
تي پيٽر
جي
وڏي ڀاءُ
هن
کي حيرت
مان
ڏٺو. هو
مرڪيو ۽ چيائين.
”چرين
جي کوٽ
ناهي!“
پر
پير ڪا
پرواهه نه
ڪئي،
۽
هن کي
506
سان
چوٿين ملاقات
ياد
آئي، جڏهن
هن
506
سان
هٿ ملايو
هو.
هن جا
هٿ
نرم ۽ وچولا
هئا،
اُهي ٻئي
باغ
جي هڪ
اونڌاهي ڪنڊ
۾
ويهي
رهيا... پيٽر
506
کان
گرهه جي
باري
۾
ڪافي سوال
ڪيا... ۽ پيٽر
کي
انهن سوالن
جا
جواب ٻڌي
حيرت
ٿي. جيئن
زمين
وارا چونڊن
ذريعي پنهنجن
نمائندن کي
چونڊين ٿا...
جڏهن
ته
506
جو
گرهه
انهيءَ کي
ٿو
اڳوان چونڊي،
جيڪو
ذهانت جي
امتحان ۾ ڪامياب
ٿي
وڃي، ٻيو
اهو ته زمين
تي
وقت ماضي
کان
مستقبل ڏانهن
ٿو
وڌي ۽
506
جي
گرهه
تي وقت
مستقبل کان
ماضي
ڏانهن ٿو
هلي.
پهرين
ته اهي
ڳالهيون پير
جي
سمجهه ۾ ڪونه
آيون، پوءِ
506
هن کي
ٻڌايو،
”جڏهن
تنهنجي عمر
15
کان
16
سال
ٿيندي ته
منهنجي عمر
۾ 25
کان
24
سال
ٿيندي، تون
وڌندو ويندين
۽
آئون
گهٽبس.“ انهي
تي
پيٽر هن
کي
ڏٺو. جيئن
ڪنهن
چرئي ماڻهو
کي
ڏسي رهيو
هجي... مون
کي
اعتبار نٿو
اچي.
پيٽر چيو،
هڪ
ڏينهن اچي
ويندو،
506
جواب
ڏنو.
پيٽر دٻي
کي
پيرن سان
ڌڪيندو پئي
ويو... هو
سوچي
رهيو هو
ته
انهن پنجن
سالن
۾
ڪيڏا سٺا
دوست
ٿي چڪا
آهيون!
آئون
پيٽر وائسن
506
جي
اچڻ کان
پهرين ڪيڏو
نه
اڪيلو هيس...
ٻه
چار شرارتي
دوست
هئا... جيڪي
هر
وقت تنگ
ڪندا
هئا... پر
506
جي
اچڻ سان
هڪ
اهڙو ساٿي
مليو، جيڪو
هر
وقت هن
جي
مدد ڪندو
هو،
هو جمعي،
صبح
جي وقت
ٻئي
انهي ويران
پارڪ
۾
ملندا هئا...
پوءِ
506
پيٽر
جو هوم
ورڪ
ڪرڻ شروع
ڪيو،
هڪ ڏينهن
راند
کيڏندي پيٽر
جي
پاڙيسري وليم
جي
گهر جو
شيشو
ٽٽي پيو...
انهي
مهل
506
هن
کي
نئون شيشو
لڳائي ڇڏيو
ڪيئن؟ اهو
ڇيٽر
ڪڏهن به
ڄاڻ
نه سگهيو،
ڄاڻڻ
جي ضرورت
به
ڪهڙي هئي...
هن
کي ته
فقط
ايتري خبر
هئي،
506
ڪنهن
ٻي گرهه
سان
تعلق رکي
ٿو،
هو جعي
ڏينهن پيٽر
جي
مدد لاءِ
پنهنجي اُڏام
ٿالهي ۾ اچي
ٿو... پيٽر
کي
ياد آهي
ته
هڪ ڏينهن
هو
هُن سان
ملڻ
ويو هو،
ته
پيٽر هن
کي
چيو ته،
”آئون
تنهنجي دنيا
ڏسڻ
چاهيان ٿو!“
پيٽر
جي اها
ڳالهه ٻڌي
506
هن
کي عجيب
نظرن
سان ڏٺو...
پوءِ
هن چيو،
”وقت
اچڻ تي
آئون
توکي پنهنجو
گرهه
ڏيکاريندس.“ پيٽر
506
کان
انهي گرهه
جي
باري ۾ ڪافي
سوال
ڪيا، اهو
ته
جڏهن اوهان
جو
وقت مستقبل
کان
ماضي ۾ بدلجي
ٿو... ته
ڇا
اوهين پوڙها
پيدا
ٿي جواب
ٿي
مرو ٿا...؟
جيڪڏهن ائين
آهي
ته جيئن
جيئن
اوهان جي
عمر
گهٽجي ٿي...
اوهان کي
موت
جو خوف
به
وڌندو هوندو!؟
انهي
تي
506
چيو
ها!
اهڙو ئي
خوف
جيئن اوهان
کي
وڌڻ تي
ٿئي
ٿو... پر
اوهين پيدا
ڪيئن
ٿيندا آهيو...؟
پيٽر
سوال پڇيو...
مون
کي اها
اجازت ناهي
ته
اهو آئون
توکي
ٻڌائي سگهان
506
جواب
ڏنو... تنهن
هوندي به
پيٽر
خوش هو.
هُن
کي ائين
لڳي
رهيو هو،
ته
506
هن
جي زندگي
جو
حصو ٺهي
ويو
هجي.... هو
506
کان
سواءِ نٿي
رهي
سگهيو... هن
کان
جدائي جو
تصور
به مشڪل
هو،
پر هڪ
ڏينهن ٻنهي
کي
جدا ٿيڻو
ئي
هو... وقت
انهن
کي جدا
ڪري
ڇڏيندو... هونءَ
به
506
ڏينهون ڏينهن
ننڍو
ٿيندو پئي
ويو... پوءِ
هڪ
ڏينهن هو
هميشه جي
لاءِ
سمهي
رهندو... ۽ وري
ڪڏهن
به پيٽر
سان
نه ملندو!
اڳين
موڙ تي
پارڪ
اچي ويو،
جتي
506
جو
انتظار ڪري
رهيو
هو... پيٽر
دٻي
کي آخري
ٿڏو
هڻي، پارڪ
اندر
هليو ويو...
انهي
پارڪ ۾ ننڍي
اُڏام ٿالهي
بيٺي
هئي، پيٽر
ويجهو وڃي
هن
کي سڏڻ
لڳو،
506.....
506،
پيٽر
ڏٺو هو
اونڌاهي مان
ظاهر
ٿيو، اڄ
هن
جي اکين
۾
گرم
جوشي نه
هئي... پيٽر
کي
ڏسي
506
ڪافي
خوش
هو...
”ڀلي
ڪار
پيٽر“ هُن
چيو،
اڄ پهريون
ڀيرو
پيٽر محسوس
ڪيو
ته ٻنهي
جي
شڪل هڪ
ٻئي
سان ملي
ٿي.
”ٻڌائي پارٽي
ڪئين
رهي؟“
506
خوش
ٿيندي پڇيو،
هو
پنهنجي روايتي
ڪپڙن
۾
هو... هُن
جي
هٿ ۾ هڪ
اوزار هو.
زبردست!
تون به
اُٿي
هجين ها، 506؟! پيٽر
چيو... اوچتو
506 اُڏام
ٿالهي تي
هيٺ
ليٽي پيو...
ڄڻ
ته ڪو
پرزو
ٺاهي رهيو
هجي... ڪا
خرابي آهي،
ڇا؟
پيٽر گوڏن
تي
هٿ رکي
پڇيو، نه
506
چيو،
بس هن
کي
ٺاهي وٺان...
هاڻ
هي گرهه
تائين پاڻهي
وڃي
ٿي سگهي...
بس
ڪم سمجهه
ته
ختم ٿي
ويو.
پوءِ هر
ٻاهر
نڪري آيو...
پر
انهي جي
ڪهڙي
ضرورت آهي؟...!
ڇا
تون واپس
نه
ويندين پيٽر
سوال
ڪيو. ها!506
جواب
ڏنو،
پيٽر لاءِ
اها
حيرت جي
ڳالهه هئي....
506
چيو
تون مون
کي
گهڻو چوندو
هئين
ته آئون
تنهنجي گرهه
کي
ڏسڻ چاهيان
ٿو،
آئون تنهنجي
ويهين سالگرهه
جي
موقعي تي
سوکڙي طور
تنهنجي هي
خواهش پوري
ڪري
رهيو آهيان....
”وڃ
۽
مذاڪر“ پيٽر
جو
منهن لهي
ويو،
۽
تون؟ پيٽر
اداس
ٿيندي پڇيو
آئون
506
هٿ
هوا ۾ پکيڙيا
۽
چيائين، آئون
هتي
رهندس، هميشه
لاءِ! انهي
تي
پيٽر هن
کي
غور سان
ڏٺو.... هن
جي
ٽنگن مان
ساهه
نڪري ويو...
هُن
جو مهن
بلڪل
506
جهڙو
هو.... هن
جو
قد، بت
پيٽر
جيڏو هو....
۽
هن
جي عمر
اڄ
هو ويهه
سالن
جو ٿيو
هو....
”اي
منهنجا
خدا!“ پيٽر
مٿي
تي هٿ
رکي
گوڏن ڀر
ويهي
رهيو.
تون
وڌي رهيو
آهين
۽
آئون گهٽجي
رهيو
آهيان، تون
جڏهن
19
کان
20
ٿين
ته آئون
21
کان
20
جو
ٿي چڪو
آهيان.... ۽ هي
اهو
وقت آهي،
جڏهن
پاڻ ٻئي
هڪ
ٻئي ۾ بدلجي
سگهو
ٿا.... پيٽرمون
کي
پنج سالن
کان
انهي وقت
جو
انتظار هو
۽
اهو
وقت اچي
چڪو
آهي، منهنجا
دوست!
506
چيو....
ته
تو انهي
ڪري
منهنجي چونڊ
ڪئي
هئي، جو
اسان
جون شڪليون
ملن
ٿيون....
”ها!
شڪل
۾
ٿوري گهڻي
کوٽ
پلاسٽڪ سرجري
پوري
ڪري ڇڏي
آهي.“ تو
مون
سان ويساهه
گهاتي ڪئي
آهي... تو
منهنجي اعتماد....
پيٽر
جي ڳالهه
اڻپوري رهجي
وئي.... ڪو
فائدو ناهي
هاڻ
آئون هتي
هميشه لاءِ
هڪ
اهڙي دنيا
۾
جتي
ماڻهو ماضي
کي
ڄاڻن ٿا
۽
مستقبل کي
نٿا
ڄاڻن ۽ آئون
اهڙي
دنيا ۾ ٿو
رهان
جتي ماڻهو
ماضي
کي نٿا
ڄاڻن
پر مستقبل
جي
انهن کي
خبر
آهي، آئون
انهي
دنيا کان
تنگ
ٿي چڪو
آهيان.... ۽ موت
جو
خوف پر
هاڻي....
506
جي
هٿ
مان هڪ
هٿيار نڪرڻ
لڳو،
هُن چيو
هي
ليزر آهي!
هي
توکي بي
هوش
ڪري ڇڏيندو......
پر
اِها هاڻ
تنهنجي مرضي
آهي
ته تون
بي
هوش ٿي
وڃي
اڏام ٿالهي
۾
ويهين ۽ هوش
۾!؟ پيٽر
لاءِ
اهو سڀ
ڪجهه
اوچتو ٿيڻ
حيرت
انگريز هو.
هن
بي يقيني
سان
چيو تون
506
نٿو
ٿي سگهين....
جنهن
سان آئون
مليو
هئس. مون
کي
افسوس آهي،
پر
نقصان جي
ڳالهه هجي
ته
اهو سڀ
ڪجهه
ڪرڻو پوندو
آهي. 506 چيو...
”تون
چريو آهين!“
پيٽر
ڪاوڙ مان
چيو،
پر اهو
ڪيئن
ممڪن آهي،
تون
هن دنيا
سان
تعلق رکين
ٿو،
رات ٻارنهن
وڳي
تون ايڪهين
سال
۾،
۽
آئون اوڻهين
سال
۾
داخل ٿيندس!
اسان
کي جيڪو
ڪجهه
ڪرڻو آهي....
هينئر ئي
ڪرڻ
گهرجي، پيٽر
هن
کي غور
سان
ڏٺو ۽ دل
۾
چيائين. ڇا
هي
اهو ئي
آهي،
جنهن هن
جي
اسڪول جو
ڪم
ڪري ڏنو
هو.... هر
ڏُکي
وقت ۾ هن
جي
مدد ڪئي
هئي... هاڻ
اهو
ئي هن
جي
پٺي ۾ خنجر
پيو
هڻي.
”ڇا
ائين نٿو
ٿي
سگهي ته
تون
مون کي
هتي
رهڻ ڏين
۽
پاڻ
به هتي
رهين؟ هن
دنيا
۾
آئون ڪنهن
کي
تنهنجي اصليت
نه
ٻڌائيندس، پيٽر
چيو،
اهو ناممڪن
آهي،
پيٽر جيڪڏهن
ائين
ٿي سگهي
ها
ته آئون
اهو
ڪم ڪري
وٺان
ها! پر
هتي
رهي به
آئون
گهٽبو رهبس
۽
پنهنجي نظام
مان
نڪري نه
سگهندس، انهي
لاءِ
ضروري آهي
ته
ڪو وقت
منهنجي وقت
۾
اچي
۽
آئون هن
جي
وقت ۾ وڃان
هليو.... اهڙي
طرح
اسان جي
نظام
۾
خرابي پيدا
نه
ٿيندي.... ۽ اهو
ئي
وقت آهي
جڏهن
اسين بدلجي
سگهون ٿا....
506
جي
چيل ڊگهي
ڳالهه پيٽر
سمجهي ويو.
پيٽر
جو انهي
دنيا
۾
رهڻ جو
تصور
ڀيانڪ هو...
جتي
وقت اُبتو
ٿي
وهيو.... آهستي
آهستي فنا
ٿيڻ
ڪيڏو نه
خوفناڪ آهي.
506
چيو
تون هميشه
پڇندو هئين
ته
اسين ڪيئن
پيدا
ٿيندا آهيون؟“
هاڻ
ڏس وڃي
اسين
ڪيئن ٿا
پيدا
ٿيون.... ۽ ڪيئن
ٿا
مرون، هڪ
دفعو
وري سوچي
وٺ
تون منهنجي
جڳهه
ڪيئن ٿو
وٺي
سگهين.... پيٽر
چيو
”آئون
پنجن سالن
کان
انهي منصوبي
تي
ڪم ڪري
رهيو
آهيان... آئون
تنهنجي مائٽن
کي
ائين سڃائيندو
آهيان.... جيترو
تون
ٿو سڃاڻين!“
هاڻ
سٺن ٻارن
وانگر هل
506
هٿيار واري
هٿ
سان اُڏام
ٿالهي جي
چاڙهين ڏانهن
اشارو ڪندي
چيو.... هن
وري
چيو، پيٽر
وائسن ٿي
سگهي
ته معاف
ڪري
ڇڏجانءِ.... آئون
اهو
سڀ ڪجهه
مجبور ٿي
ڪري
رهيو آهيان....
منهنجا دوست
معاف
ڪري ڇڏ.... پيٽر
وائسن آسي
پاسي
ڏٺو هر
طرف
خاموشي هئي....
پري
ڪتن جي
ڀونڪڻ جو
آواز
اچي رهيو
هو.
پيٽر اُڏام
ٿالهي جون
چاڙهيون چڙهڻ
لڳو... وري
506
چيو
ته اندر
وڃي
پٽو ٻڌي
ڇڏ!
۽
آڪسيجن جو
بٽڻ
کولي ڇڏ.
اُڏڻ
محل توکي
دٻاءُ محسوس
ٿيندو ۽ پوءِ
سڀ
ٺيڪ ٿي
ويندو، منهنجي
گرهه
تي وڃي
گهٻرائجانءِ نه!
اُتي
توکي نوڪري
ملي
ويندي.... هاڻي
تون
506
آهين! اُتي
پنهنجي اصليت
ماڻهن کي
نه
ٻڌائجانءِ نه
ته
توکي ماڻهو
چريو
سمجهندا ۽ پيٽر
انهي
وقت اُڏام
ٿالهي مان
506
تي
ٽپو ڏنو
۽
ٻئي
ڄڻا زمين
تي
وڙهڻ لڳا.
هٿيار
اڃان
506
وٽ
هو....
جنهن کي
پيٽر
ڦرڻ جي
ڪوشش
ڪري رهيو
هو... پيٽر
506
جي
اکين ۾ آڱريون
هڻي
ڪڍيون....
506
رڙيون
ڪرڻ
لڳو. پيٽر
506
کان
پاڻ کي
ڇڏائي ڀڳو،
۽
خوف
وچان پارڪ
مان
نڪري آيو،
هو
سوچي رهيو
هو
ته هاڻ
ليزر
هن کي
اچي
لڳندو.... ۽ هو
مري
ويندو.... هو
ويران رستي
تي
ڀڄي رهيو
هو.
اوچتو
هن محسوس
ڪيو،
ڪو هن
جي
پٺيان اچي
رهيو
آهي.... هو
اڃان
به تيز
ڀڄڻ
لڳو، شايد
506
جي
اُڏام ٿالهي
هئي.... پيٽر
جي
دل ائين
ڌڙڪي
رهي هئي.
ڄڻ
ته هاڻ
ئي
ٻاهر آيو....
هاڻ
اها شيءِ
هن
جي ويجهو
اچي
چڪي هئي....
هن
دل ۾ چيو
پيٽر
تون هارائجي
وئين.
”ڇوڪرا
ڪٿي
ڀڄي رهيو
آهين؟ اڃان
تائين هتي
پيو
رلين!“ هُن
کي
آواز ٻڌڻ
۾
آيو... پيٽر
ڏٺو
ته اِها
ڪار
هئي، ۽ ڪار
۾
اهوئي ماڻهو
ويٺل
هو.... جيڪو
ڪجهه
دير پهرين
هن
کي مليو
هو.... هلي
آ،
اندر ويهي
رهه.
پيٽر جلدي
ڪار
۾
ويهي رهيو.
گاڏي
تيز هلايو.
پيٽر
چيو، هن
ماڻهو گاڏي
تيز
ڪري ڇڏي.
رات
جا ٻارنهن
ٿيا
آهن، تو
ڇا
پئي ڪيو؟
پيٽر
پنهنجي گهڙي
ڏٺي
ته ٻارنهن
لڳي
ٻه منٽ
ٿي
رهيا هئا....
هن
جي عجيب
ڪيفيت هئي.
ٻارنهن ٿي
چڪا
هئا، هو
ايڪويهين سال
جو
ٿي چڪو
هو
۽
506
اوڻيهن سالن
جو،
يعني هاڻ
506
اوڻيهن سالن
جو،
يعني هاڻ
506
پيٽر
جي جاءِ
نٿو
والاري سگهي.
انهي
وقت هن
آسمان ڏانهن
ڏٺو،
هن کي
آسمان ڏانهن
تيز
ويندڙ تارو
نظر
آيو.
”الله
واهي.“
506
هن
کي
چيو، هن
جي
اکين ۾ خوشي
جا
لڙڪ هئا،
ڇو
ته هو
بچي
ويو هو
۽
غمگين به
هو،
ڇاڪاڻ ته
هن
کان سٺو
دوست
وڇڙي ويو....
هن
کي پنهنجي
ڏاڏي
جا چيل
اکر
ياد اچي
رهيا
هئا. جڏهن
هو
پهرين ڏينهن
اسڪول وڃي
رهيو
هو، تڏهن
ڏاڏي
چيو هو،
ڪڏهن
به ڪنهن
ماڻهو تي
ڀروسو نه
ڪجي!.
ڳالهه
ٻولهه ڪندڙ:
غلام
جعفر ڄامڙو
سکر
بورڊ ۾ ٽين
پوزيش کڻندڙ
ڏهين
ڪلاس جو
شاگرد شاهه
حسين
ڄامڙو سان
ڳالهه ٻولهه
پنهنجي
پاران: چوندا
آهن،
ڏات ڪنهن
جي
محتاج ناهي
هوندي، پوءِ
اها
ڏات ڪنهن
به
ميدان ۾ هجي. تعليم ۾ هجي يا راند جي ميدان ۾ هجي، مطلب
ته
اها هڪ
روشن
چنڊ جيان
چمڪندي نظر
ايندي آهي،
اهڙي
ڏات وارن
مان
”شاهد
حسين ڄامڙو“
به
هڪ آهي.
جنهن
وٽ علم
جي
روشني ايتري
ته
آهي، جو
دل
موهجي پوندي
آهي،
جنهن تازو
ڏهين
ڪلاس جي
امتحان ۾ ٽوٽل
850
مارڪن مان
757
مارڪون کڻي
سڄي
بورڊ ۾ ٽين
پوزيشن حاصل
ڪئي
آهي، اڄ
اسان
انهيءَ کي
هتي
دعوت ڏني
آهي،
اچو ته
ساڻس
ڳالهه ٻولهه
ڪريون.
سوال:
توهان جو
پورو
تعارف ڇا
آهي؟
جواب:
منهنجو پورو
نالو
شاهد حسين
ولد
ليمون خان
ڄامڙو آهي،
مان
محمد ڄامڙو
جي
ڀانڊاري محلي
۾
پنڌرنهن سال
اڳ
پيدا ٿيو
هيس،
۽
هاڻي به
اتري
ئي ٿو
رهان.
سوال:
توهان جنهن
اسڪول ۾ پڙهيا
آهيو، انهيءَ
باري
۾
پڙهندڙن کي
ڪجهه
ٻڌائيندو؟
جواب:
مان جنهن
اسڪول ۾ پڙهيو
آهيان، ان
جو
پورو نالو
”گورنمينٽ هاءِ
اسڪول جهنڊو
مشائخ“ آهي،
هن
اسڪول ۾ تقريباً
800
سئو
شاگرد زير
تعليم آهن.
هتان
جو تعليمي
ماحول خوبصورت
آهي.
خاص ڪري
استاد صاحبان
ڏاڍا
همدرد آهن.
سوال:
سکر بورڊ
۾
توهان جي
ڪهڙي
پوزيشن آئي
آهي،
۽
توهان ڪيتريون
مارڪون کنيون
آهن؟
جواب:
منهنجي سڄي
سکر
بورڊ ۾ ڏهين
ڪلاس
۾
ٽين پوزيشن
آهي،
۽
مان ٽوٽل
850
مارڪن مان
757
مارڪون حاصل
ڪري
پنهنجي اسڪول
جو
نانءُ روشن
ڪيو
آهي.
سوال:
ڇا توهان
پنهنجي پوزيشن
مان
خوش آهيو؟
جواب:
مان هڪ
غريب
هاري جو
پٽ
آهيان، انهيءَ
ڪري
مان ڏاڍو
خوش
آهيان، جو
مون
مسڪين سان
انصاف ٿيو
آهي،
وڏي ۾ وڏي
خوشي
مون کي
انهيءَ ڳالهه
جي
ٿي آهي
جو
سکر بورڊ
وارن
هوشيار شاگردن
سان
انصاف ڪيو
آهي،
مان ڏاڍو
خوش
آهيان، جو
الله
سائين منهنجي
مدد
ڪئي ۽ اڳتي
به
انشاءَ الله
مدد
ڪندو رهندو.
سوال:
ڇا اهو
ٻڌائيندؤ ته
اڄ
جي تعليمي
ماحول کي
تباهه ڪرڻ
۾
ڪنهن
جو هٿ
آ؟
جواب:
مان سمجهان
ٿو
تعليمي ماحول
کي
تباهه ڪرڻ
اسان
سڀني جو
يعني
معاشري جو
اهم
ڪردار آهي،
اسان
کي پنهنجو
پاڻ
کي بدلائڻو
پوندو. تڏهن
21
صدي
۾
ڪجهه ڪري
سگهنداسين.
سوال:
ڇا ڪجهه
استاد قوم
جو
ٻيڙو ٻوڙي
رهيا
آهن؟
جواب:
مان اهو
تسليم نه
ڪندس
ته ڪجهه
استاد قوم
جو
ٻيڙو ٻوڙي
رهيا
آهن، مان
سمجهان ٿو،
سوئي
تي هڪ
اڌ
استاد هوندا
به
کڻي پر،
اڪثريت اهل
استادن جي
آهي،
جيڪي پنهنجو
فرض
نڀائي رهيا
آهن.
سوال:
ڇا هن
نفسا
نفسي واري
دؤر
۾
هوشيار شاگردن
جو
احترام آهي؟
جواب:
ها اها
حقيقت آهي،
ته
هن نفسا
نفسي
واري دؤر
۾
هوشيار شاگردن
جو
احترام آهي،
بلڪه
اهو احترام
قائم
رهندو، ڇاڪاڻ
ته
اهائي ترقي
جي
نشاني آهي،
۽
اهي
ئي قوم
جي
آئينده جو
روشن
ڏيئو آهن.
سوال:
ڪاپي ڪرائڻ
”نقل“
۾
ڪنهن جو
اهم
ڪردار آهي؟
جواب:
ڪاپي ڪرائڻ
۾
اڌ
والدين جو
اڌ
استاد جو
عمل
دخل آهي،
اگر
استاد پنهنجي
فرض
سان سچائي
ڪي
ته ٻار
جي
والدين جي
ڪهڙي
مجال آ،
جو
ڪاپي ڪرائي
سگهن.
سوال:
پوزيشن حاصل
ڪرڻ
لاءِ توهان
ڪيتري محنت
ڪندا
هيؤ؟
جواب:
مان پوزيشن
حاصل
ڪرڻ لاءِ
تمام
گهڻي محنت
ڪندو
هيس، اسڪول
کان
موٽڻ بعد
10
ڪلاڪ
پڙهندو هيس،
۽
الله
سائين منهنجي
اها
محنت سجائي
ڪئي.
سوال:
توهان پنهنجي
ساٿي
شاگردن کي
ڪو
پيغام ڏيڻ
چاهيندؤ؟
جواب:
ها مان
سڀني
شاگردن ۽ شاگردياڻين
کي
اهو پيغام
ڏيڻ
چاهيندس ته
رات
ڏينهن محنت
ڪريو، باقي
ائين
نه سوچيو
ته
ڪاپي ڪري
پاس
ٿيڻو آ،
جيڪو
به مقصد
ذهن
۾
سوچيو انهيءَ
لاءِ
رات ڏينهن
محنت
ڪريو، ۽ انشاءَ
الله
ڪاميابي توهان
جا
قدم چمندي.
|