سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

 

پروفيسر سليم سهتو

 

خدا

ڇپر ڦاڙي ڏيندو آهي

هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته هڪڙو بادشاهه شڪار ڪرڻ ويو، جهنگ ۾ کائنس رستو وڃائجي ويو. هو گهوڙو ڊوڙائيندو هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، هُن ڏٺو ته هڪ هاري ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، هو هاريءَ وٽ ويو ۽ پاڻ کي مهمان ظاهر ڪيائين، هاريءَ سندس ڏاڍي خدمت ڪئي، جڏهن هو کائنس موڪلائي واپس ورڻ لڳو ته هن هاريءَ کي ٻڌايو ته هو هتان جو بادشاهه آهي، جيڪڏهن توکي ڪنهن به شيءِ جي گهرج هجي ته مون وٽ لنگهي اچجانءِ، پوءِ بادشاهه اتان روانو ٿي ويو. ڪجهه عرصو گذرڻ کان پوءِ هاريءَ جي پوک تباهه ٿي وئي، پاڻ ۽ سندس گهر واري بُکون ڪاٽڻ لڳا ته هاريءَ کي بادشاهه جو خيال آيو ۽ هو بادشاهه سان ملڻ لاءِ سندس محل ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهه ڏينهن ماسفري ڪرڻ کان پوءِ، هو بادشاهه جي محل وٽ پهتو. محل جي در تي بيٺل درٻان کي چيائين ته، مان بادشاهه جو دوست آهيان، اندر وڃي کيس منهنجي اچڻ جو اطلاع ڪر!“ پر درٻا سان ڦاٽل پراڻن ڪپڙن کي ڏسي کيس ديوان سمجهي محل ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لڳو، پر هاري زوريءَ محل جي اندر گهڙي ويو. هن ڏٺو ته بادشاهه مصلي تي ويٺي رنو پئي ۽ خدا کان دُعا پئي گهريائين. هاريءَ سوچيو ته مان جنهن کان مدد گهرڻ آيو آهيان، اهو پاڻ الله تعالى کان مدد گهري رهيو آهين، هن سوچيو ته جنهن کان بادشاهه مدد گهُري رهيو آهي ڇو نه مان به هُن کان مدد گهران؟ ۽ واپس موٽي ويو.

واٽ تي رات پئجي ويس، جيڪا هُن مسافر خاني ۾ گذاري سمهڻ وقت هو الله تعالى کان دعا گهري سمهي پيو. رات جو هن خواب ۾ ڏٺو ته ان شهر ۾ ٿوري پنڌ تي ست ديڳيون سون سان ڀريل زمين ۾ پوريل آهن، صُبح ٿيڻ تي خواب ۾ ڏٺل هنڌ تي پهتو، زمين کوٽڻ ي هن ڏٺو ته واقعي ست ديڳيون سون سان ڀريل پيون هيون، هُن سوچيو ته انهن ديڳين کي ڳوٺ ڪيئن کڻائي وڃان؟ جيڪڏهن گڏهه گاڏيون هٿ ڪري کڻائي ويندس ته سڀني کي خبر پئجي ويندي. هن سوچيو ته جيڪو مون کي هتي ڏئي سگهي ٿو. اُهو انهن ديڳين کي منهنجي گهر به پهچائي سگهي ٿو. اهو خيال ڪري هُن ديڳيون ٻير مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيون ۽ پنهنجي ڳوٺ روانو ٿي ويو. جنهن وقت هاري زمين مان مان ديڳيون کوٽي ڪڍي رهيو هو ته ڪجهه چور ٿورو پرڀرو لڪي اهو لڪا ڏسي رهيا هئا. هاريءَ جي وڃن کان پوءِ انهن ديڳيون ڪڍيون ته ڏٺائون انهن ۾ نانگ ۽ وڇون ڀريا پيا آهن. چورن فوراً ديڳين جا منهن بند ڪيا ۽ هاريءَ جي ڪڍ لڳي پيا. هاري گهر پهتو ته چور به سندس ڳوٺ پهچي ويا.

اُهي رات ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا، رات ٿي ته چور ديڳيون کڻي هاريءَ جي گر پهتا. هاري جو گهر جيڪو هڪ ڇر هو ان ۾ ٽنگ ڪڍيائون، اُن وقت هاري مصلي تي ويٺل هو ۽ ڌڻي تعالى کان دعا گهري رهيو هو ته جيڪو سوُن تو مون کي ڏنو آهي اُهي هتي پهچراءِ. چورن ڏاڍي خوشيءَ سان ڇپر جي ٽنگ ۾ ديڳين جا مُنهن کولي انهن کي اونڌو ڪري ڇڏيو، ته انهن مان اشرفيون ڪرڻ لڳيون ۽ زمين تي سُنين اشرفين جو ڍير لڳي ويو، جنهن جي چورن کي ڪا خبر ڪانه پئي.

پيارا ٻارو اهڙيءَ طرح اها چوڻي مشهور ٿي وئي ته:  ”خدا جڏهن ڏيندو آ ته ڇپر ڦاڙي ڏيندو آهي.“

 

رشيد ارشد

 

پاڻي!

تنهنجي رحمت آ اي ڌڻي! پاڻي!

سڄي دنيا جي زندگي.... پاڻي!

گهرج پوکن، پکين ۽ انسان جي،

يعني سڀني لئه لازمي پاڻي!

ڍنڍون، نديون، سمنڊ ۽ درياءَ،

ٺهيا هڪ هڪ ڦڙو ڪري پاڻي!

کڄي اُس ۾ ويو ڪڪر بنجي!

لٿو پاڻي بڻي وري پاڻي!

مُکڙي مُکڙيءَ جو منهن ڌئاري ٿو!

پاڪ جي شڪل ۾ لهي پاڻي!

مير ڌوئي ڇڏي دلين جي پڻ!

ڪاري ڪڪرن منجهان ڇڻي پاڻي!

موتي! ماڻڪ جو روپ ڌاري ٿو!

پيٽ ۾ سپ اندر ڄمي پاڻي!

وهي اکين مان خاڪ ۾ مليو!

لڙڪ جي شڪل ۾ اچي پاڻي!

ٻوڏ جا راڱا ٿو پُڇين ارشد“!!

پاڻي.... پاڻي.... ڦڙي ڦڙي پاڻي!


 

روشن ڪنڀر

 

گيت

ڪيڏا سهڻا ٻار لڳن ٿا،

موتين جا ڄڻ هار لڳن ٿا.

 

مٺڙا مٺڙا پيارا پيارا.

ماکيءَ جي ڪالار لڳن ٿا.

 

ڪپڙا پائي وار ورائي،

خوشين جا ڀنڊا لڳن ٿا.

 

ٻاتا ٻت ٻت ٻول هنن جا،

سنڌڙي انب جي ڦار لڳن ٿا.

 

بولاٽي ٿا کائن پٽ تي،

بيد مشقن جا ڏار لڳن ٿا.

 

پر علم بنان مون کي روشن،

ٻار صفا بيڪار لڳن ٿا.


 

مولا بخش ڪاڪا

ٻار وقت جو مسيح

زندگيءَ جي کوڙ سارن مسئلن جو حل ٻار جي مرڪ ۾ سمايل آهي، ان نسبت سان ته جڏهن ماڻهو سخت بوريت يا ڪن مسئلن جي پيڙائن ۾ گهيريل هوندو آهي، تڏهن ڪنهن ڪنهن معصوم ٻار جي مرڪ انهن سمورين پيڙائن کي وقتي طور ماٺو ڪري ڇڏيندي آهي، اها ٻار جي مرڪ جي فتح ليکبي آهي ڇو ته مايوسين جي ڪفر جي واحد حل معصوم ٻار جي مرڪ ۾ ئي آهي.

محترم عبدالواحد آريسر جا هي لفظ مٿئين پس منظر سان ڪيڏا نه ٺهڪن ٿا ته:

جڏهن ننڍڙو ٻار مرڪندو آهي ته ڪائنات جي مستقبل جي باري ۾ اونداهي دؤر جون ڪوڙيون ۽ سڀ طرفيون ڏند ڪٿائون وکرنديون نظر اينديون آهن. آئون سمجهان ٿو ته جوهري جنگ کي صرف ٻار جي مرڪ ئي روڪي سگهي ٿي.“ ان ڪري ئي ٻار کي وقت جو مسيح ڪوٺبو آهي. بقول عيسى عليہ السلام جي ته: هر نئون ڄاول ٻار اهو ٿو پيغام آڻي ته خدا اڃان انسان کان مايوس ناهي ٿيو.“ يعني ٻار مايوسين کان بچاءُ جو واحد حل آهي، ان ڪري به ته ٻار سماج جي پيڙهه جو پٿر ۽ ريڙهه جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿو.

ٻار مستقبل جي خواهشن جو آئينو آهي ۽ ڌرتيءَ جو والي ۽ وارث به هوندو آهي.

ڪنهن به قوم جي زندهه رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو دارو مدار ٻار تي هوندو آهي، ڪنهن ڏاهي جا هي لفظ ڪيڏا نه لاڀائتا آهن، ته: جنهن قوم جا نوجوان سجاڳ ۽ بيدار هوندا، اها قوم ڪڏهن به ڪنهن جي محتاج ۽ غلام نه رهندي آهي، ان جي ابتڙ جنهن قوم جا نوجوان، سست، ڪاهل ۽ اڻڄاڻ هوندا اها قوم ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندي.“

ٻار وقت جو مسيح ان ڪري به آهي، ته هن ۾ حق ۽ سچ چوڻ جي جرئت هوندي آهي، هو بنا روڪ ٽوڪ جي غلط يا صحيح ڳالهه چئي ڏيندو آهي، سنڌيءَ ۾ ته عام چوڻي هوندي آهي ته: ٻار- مڇ جو وار“ يعني جنهن نسبت ۾ هن جي پرورش ڪندا، تهڙي ريت هو ڏاڪي به ڏاڪي ان راهه تي گامزن رهندو آهي.

حضور صلعم جن به ٻار جي اهميت کان هن طرح واقف ڪيو آهي ته: گل ۽ ٻار- انهن کان محروم هجڻ، زندگيءَ کان محروم هجڻ برابر آهي.“

ڪن ڪن حالتن ۾ ته ٻار جي ڏاهپ پنهنجي والدين کان وڌيڪ اثرائتي ۽ وزندار هوندي آهي.“ وليم ورڊس ورٿ موجب ته: ٻار ماڻهوءَ جو پيءُ هوندو آهي.“

اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي اسان جو ٻار ٻٽن معيارن جو شڪار بڻيل آهي. سماجي متڀيد، اوچ نيچ، ذات پات ۽ ٻي کوڙ سارن گورهي سببن جي ڪري، اسان جو ٻار مٿي بيان ڪيل ماحول مان گذري ٿو، سنڌ جي نوجوان شاعر تاثير جويي جو هي شعر مٿين ڳالهه جي واضح نموني ۾ ترجماني ٿو ڪري ته:

او شيخ! او ديوانا! او ديوانن جا ڀي نانا،

تنهنجا نينگر ناشتوڪن، منهنجا نينگر نيرانا

هي به ڪو دستور آ، هي به ڪو انصاف آ،

تنهنجا پٽڙا سؤ کپائن، منهنجا ابهمڙا چار آنا.

هيءَ هڪ روشن حقيقت آهي ته سماجي متڀيد واري ماحول ۾ اسان جو ٻار جسماني توڙي روحاني طور احساس ڪمتري يا احساس برتري جو شڪار ٿئي ٿو ۽ هن جا جذبا پڻ مجروح ٿين ٿا.

ظاهري طور ٻار ٻن سماجن ۾ پلجي ٿو. هڪ غلام سماج ٻيو آزاد، اسان جو ٻار غلام سماج جي پيداوار آهي، هونئن به غلام سماج ۾ ٻار کي اها آزادي ناهي، جنهن تحت هو پنهنجي مستقبل کي روشن ڪري سهي، نه ئي کيس پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق تعليم ڏني ٿي وڃي ۽ نه ئي سندس خواهش جو احترام ڪيو وڃي ٿو. نتيجاً غلام سماج جو ٻار پنهنجو جائز مقام ۽ حق نٿو ماڻي سگهي، جڏهن ته زاد سماج ۾ ٻارن جي علمي، ادبي ثقافتي قدرن جو مڪمل طور تي ڀرم رکيو ٿو وڃي، ۽ ان ٻار جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ کين نت نون اصولن ۽ تجربن ذريعي سندن جسماني توڙي روحاني پرورش ڪئي ٿي وڃي، نتيجاً آزاد سماج جو ٻار پنهنجي آئينده کي روشن سمجهي پنهنجي ترقيءَ جون منزلون ماڻيندو ٿو رهي.

اسان جي سماج ۾ ٻار کي جوڳي اهميت به نٿي ڏني وڃي. هن کي ٻار سمجهي ڪري نظر انداز ڪيو ٿو وڃي، هن جي هر عمل تي ٽوڪ زني ڪئي ٿي وڃي. اهي لاڙا نتيجاً ڏاڍا خطرناڪ ثات ٿا ٿين. جنهن ڪري اسان جو ٻار مثالي ترقي نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي اسان جو ٻار جسماني توڙي روحاني طور پنهنجي سماج ۾ جائز مقام ماڻي ٿو سگهي، ڪنهن ڏاهي جي هيءَ نصيحت ڪيڏي نه شاندار آهي ته:پنهنجي ٻارن جي وارثت ۾ ملڪيت ڏيڻ بجاءِ پنهنجو وقت ڏيو ته بهتر آهي.“ مٿين نصيحت مان اسان کي سبق پرائڻ گهرجي ۽ ان تي عمل به ڪرڻ گهرجي. اسانکي  گهرجي ته پنهنجي ٻار جي مڪمل طور تي رهنمائي ۽ رهبري ڪريون، جيئن هو هن نابرابري ۽ غلام سماج ۾ پنهنجو جائز مقام ماپي سگهي، ٻي صورت ۾ اسان جو ٻار مڪمل طور تي ڇڙواڳ ٿي ويندو. اسان کي گهرجي ته ٻارن کي جوڳي اهميت ڏيون، انهن ۾ حوصلو، جرئت ۽ بيباڪي جهڙا انمول عنصر پيدا ڪريون. حضرت علي رضه جن فرمايو ته: مون ٻارن کان چار ڳالهيون سکيون، هڪ مٽيءَ سان پيار ڪرڻ، ٻي: گهرڙا ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ، ٽينِ درگذر ڪرڻ: چوٿين: سخي هجڻ، هن حڪايت مان اهو تصور ٿو جڙي ته ٻارن کي نظر انداز نه ڪريو. سکو ۽ سيکاريو جي اصول تحت هنن جي پرورش ڪريو.

سختيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هن ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته پيار، محبت ۽ سختيءَ جي علمن ۾ به ڪائي مقرر حد هجي، ڇو ته گهڻو پيار به ٻار کي کاريندو ۽ گهڻي سختي به ٻارن جي جذبن کي ڏک پهچائيندي آهي.

بهرحال مون ڪنهن ڪتاب ۾ ڪنهن ماءُ جا هي لفظ پڙهيا ته: معصوم ٻارن کي پيار ڪرڻ نه سيکاريان ته پوءِ وقت گذري ويندو ۽ هو پيار ڪرن ۽ سکڻ کان محروم رهجي ويندا. ڪائنات ۾ ان کان وڌيڪ اونداهي ۽ ڀوائتي ڪابه شيءِ ناهي.“

ٻارن ۾ اها به خوبي هوندي آهي ته هو پنهنجي عقلي وت آهر هر عمل ۾ اڳي کان اڳرو ڀاسجندو آهي. ان جي عملن ۾ حد کان وڌيڪ پابندي لڳندي ته هو وڌيڪ مشتعل ٿي ويندو. ان ڪري ته اسان ٻارن کي پائڻ لاءِ ڪپڙا، کائڻ لاءِ غذا ۽ رهڻ لاءِ گهر ته مهيا ڪري سگهون ٿا، پر مٿس پنهنجا خيال هرگز مڙهي نٿا سگهون.

اها هڪ حقيقت مڃڻي پوندي ته ٻار تجربن جو پوڄاري هوندو آهي، ان ڪري هر عمل ۾ اصلاحي طور هن سان سهڪاري رشتو هئڻ گهرجي، ته جيئن هن ۾ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جهڙو رهنما اصول پرورش پائي سگهي.

وڏي ڳالهه ته ٻار ۾ انقلابيت به هوندي آهي. بقول شيخ اياز جي ته: رجعت پرستي راڄ ۾ ٻار ئي تبديلي آڻي سگهي ٿو.“ ٻار وٽ سماج جي ٻنڌڻ کي پرکڻ ۽ پروجهڻ لاءِ پنهنجا ماڻ ۽ ماپا هوندا آهن، هن ۾ محبت جولافاني جذبو هوندو آهي، جنهن تحت هو ماحول کي خوش گوار بنائڻ ۾ ماڻهوءَ جو پيءُ به ثابت ٿي سگهي ٿو.

ترڪيءَ جي شاعر ناظم حڪمت ان پس منظر جي نشاندهي هنن لفظن سان ڪندي چيو ته: هي دنيا رڳو هڪ ڏينهن لاءِ ٻارڙن جي حوالي ڪريو، پوءِ ڏسو ته هو ڪيئن نٿا سرحن کي ڊاهي، سڄي دنيا کي پيار ۽ محبت جو آشيانو بڻائين.“ مون کي ڄام ساقيءَ جا اهي لفظ به ياد ٿا اچن ته:  ”ٻار- سچ جي علامت آهي.“

مٿين فقرن مان ٻارن ۾ لافاني محبت ۽ سچ جي راهه جا عنصر هڪ انقلابيت جي نشاني طور ملن ٿا. انقلابن جي حوالي سان سڄي دنيا جي تاريخ ڀري پئي آهي، جن ۾ ٻارن جي مثالي انقلابي ڪردار نمايان نظر اچن ٿا. آئون ڪجهه انقلابي واقعا ٻارن جي حوالي سان پيش ڪريان ٿو.

هڪ فلانجسٽ عيسائي آفيسر کان هڪ اخبار نويس پڇيو ته: توهان فلسطين جي ننڍڙن معصوم ٻارن کي ڇو ٿا قتل ڪرايو؟“ هن جواب ڏنو ته: انڪري جو هر فلسطيني ٻار جيڪو اٺن سالن جو ٿئي ٿو. اهو ميدان جنگ ۾ هڪ سپاهيءَ جي حيثيت سان وڙهي ٿو.“

ٻي عالمي جنگ دوران انڊونيشيا ۾ انڊونيشي ماڻهن ۽ هالينڊ جي هٿياربند فوجن جي وچ ۾ وڏيون وڏيون جهڙپون ٿيون، جاوا جي خوبصورت شهر بندوگ ۾ هڪ هندستاني ڊاڪٽر ڏٺو ته: ٻارنهن سالن جو هڪ انڊونيشي ٻار زخمي ٿي ڪري پيو هو. جنهن جي جسم کي ڊچ سپاهين جون گوليون لڳل هيون. هندستاني ڊاڪٽر يڪدم سندس ملم پٽي ڪئي. جڏهن ننڍڙي ٻالڪ کي هوش آيو ته هن ڊاڪٽر کا جيڪو پهريون سوال پڇيو ته: ڊاڪٽر صاحب! منهنجي رائيفل ڪٿي آهي؟“ مون کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڃا به ٻيو ڊچ مارڻو آهي.

يا هڪ ننڍڙي چيني ٻالڪ چينشان کي تنظيم پاران پنهنجي پيءُ سان ملڻ لاءِ چيو ويو، تڏهن ان معصوم جوڌي وراڻيو ته: انقلابي عورتون،  منهنجون مائرون، ڀينرون، چاچيون ۽ ماسيون آهن، سڀ ننڍڙا انقلابي نينگر منهنجا ڀائر ۽ وڏڙا منهنجا چاچا، ماما ۽ پيءُ آهن، جڏهن سڄو ملڪ دشمنن کان آجو ٿيندو، تڏهن ئي پنهنجي اصل گهر وارن سان وڃي ملندس.“ مٿين مثالن ۾ ٻارن جا انقلابي پهلو نمايان طور ظاهر آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته ٻار انقلابن ۾ گهري دلچسپي وٺي ٿو ۽ پاڻ کي هڪ انقلابي انسان بنائڻ ۾ وس ۽ وت آهر سرگرم رهي ٿو.

سائين جي ايم سيد چواڻي ته: ٻارڙن کي اهڙن اديبن ۽ دانشورن سان احتجاج ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڌرتيءَ جي ٻارن لاءِ نٿا لکن.“

حاصل مطلب ته اسان جي اديبن، دانشورن، استادن ۽ والدين تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هو ٻارن جي حوصله افزائي لاءِ هن کي پنهنجو قيمتي وقت ڏين ته جيئن هو مستقبل جا بهتر نمائندا ٿي سگهن ۽ پنهنجي قوم جي صحتمند رخ ۾ ترقي ڪرائي سگهن. خليل جبران جو هي خطبو ڪيڏو نه معنى خيز آهي ته: توهان جا ٻار! توهان جا ناهن. اهي زندگيءَ جا پٽ ۽ ڌيئرون آهن، جڏهن زندگي پنهنجي عشق ۾ بي قرار ٿيندي آهي، اهي توهان جي ذريعي زندگي ڏانهن ايندا آهن، جتيوڻيڪ توهان جي هنج ۾ پلبا آهن، پر اهي توهان جي ملڪيت نه هوندا آهن، توهان کين پنهنجي محبت ڏيو، پر پنهنجا فڪر انهن تي نه مڙهيو، ان ڪري جو هنن جا پنهنجا فڪر هوندا آهن، توهان هنن جي جسم کي گهرجون، آسائشون پهچائي سگهو ٿا، پر سندن روحن کي نه، ان ڪري جو انهن جا روح مستقبل جي گهرن ۾ رهن ٿا، انهيءَ گهر ۾ توهان وڃي نٿا سگهون.“

توهان پنهنجي ٻارن سامهون مثال ٿيڻ جي ڪوشش ڪري سگهو ٿا، پر انهن کي پنهنجو مثال بنائڻ جي ڪوشش نه ڪجو ان ڪري جو زندگي پوئين پير هلي نه سگهندي ۽ نه ڪي بتن سان گڏ رهي سگهندي.“

اسان کي گهرجي ته ٻارن کي زندگي جي چؤواٽي تي اڪيلا نه ڇڏيون، پر سندن سرگرمين تي مڪمل طور تي ڪڙي نظر رکون ته جيئن هو مستقبل جا معمار ثابت ٿين ۽ اسان جي ٻارن کي به گهرجي ته و اجايو وقت وڃائڻ بدران ايڪيهين صديءَ جي لوازمات کي مدِنظر رکي سخت محنت ڪري پنهنجي معاشري ۾ پنهنجو اعلى مانُ ۽ مرتبو ماڻين ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪن ڇو ته وڏڙن جون غلطيون ننڍڙن کي سڌارڻيون آهن.

تون جي وڌي وڻ ٿئين ٻوٽي جهڙا ٻار،

پن پکيڙي ٽار، ڌرتي ڪجانءِ ڇانورو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com