سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رني ڪوٽ جو خزانو

باب:

صفحو :7

مون تي سراسر الزام هو، بهتان هو. ابراهيم گنجي جو خيال آهي ته جيڪا ڇوڪري خودڪشيءَ جو ارادو ڪندي، دنيا مان بيزار هوندي، سا فقط مون سان محبت ڪندي. هوس حواس، عقل فهم واري ڪابه ڇوڪري مون سان محبت نه ڪندي. ابراهيم گنجي سان منهنجا پنجيتاليهه اختلاف آهن. پر، ان معاملي ۾ مان ساڻس متفق آهيان. زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعي هڪ بي انتها سهڻي عورت اک ڇنڀڻ بنا لاڳيتو پنجيتاليهه منٽن تائين مون ڏانهن ڏٺو هو. ان وقت مان صدر ڪراچيءَ جي الفنسٽن اسٽريٽ تي حميد ڪاشميريءَ جي ڪتابن جي دڪان ڀرسان بيٺو هوس ۽ هڪ ڪتاب چورائڻ جي ترڪيب سوچي رهيو هوس. هوءَ ايلفيءَ جي ٻئي پاسي ثناءُ الله جي دڪان ۾ بيٺي هئي ۽ مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. لاڳيتو ڏسي رهي هئي. مان وائڙو ٿي ويس. دنيا جي ڪنهن به عورت پنجيتاليهه سيڪنڊن تائين مون ڏانهن نه ڏٺو هو. مون واچ ۾ وقت ڏٺو.  هوءَ دنيا جي واحد سهڻي عورت هئي جنهن اک ڇنڀڻ بنا لاڳيتو مونڏانهن ڏٺو هو. پورن پنجيتاليهه منٽن تائين مونڏانهن ڏٺو هو! مون ڪنڌ کڻي آسمان ڏانهن ڏٺو. چيم، تو وٽ دير آهي، پر انڌير نه آهي، موليٰ. مون حميد ڪاشميريءَ جي دڪان تان ڪتاب چورائڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو قينچيءَ وانگر هلندڙ موٽرن ٽيڪسين ۽ موٽرسائيڪلن جي ٽرئفڪ کان بچندو، ايلٽيءَ جي ٻئي پاسي، مان ثناءُ الله جي دڪان ٻاهران وڃي بيٺس. هوءَ بي انتها سهڻي هئي. لاڳيتو مونڏانهن ڏسي رهي هئي. ملڪ ڪافور کانپوءِ تاريخ ۾ مان واحد ڪارو شخص هوس جنهن ڏانهن هڪ بي انتها سهڻي عورت پنجيتاليهه منٽن تائين ڏٺو هو. تڏهن مون محسوس ڪيو ته هوءَ شيشي جي شوڪيس ۾ بيٺل، سپر ميش جو ماڊل هئي. هوءَ جيئن به هئي، خدا ٿو ڄاڻي، ڏاڍي سهڻي هئي.

رابعه جي خيالن ۾ گم ٿي ويو آهين ڇا!“  امان جي آواز تي مون کان ڇرڪ نڪري ويو.

پڇيم، ”ڪهڙي رابعه؟“

”ڪهڙي رابعه!“ امان مرڪندي چيو، ”جنهن سان اربعه ڏينهن اربن ڪوآپريتو بئنڪ ٻاهران ملاقات ڪندو آهين!“

”ڪهڙي اربن بئنڪ!“ تعجب وچان چيم، ”اسلام آباد ۾ اربن بئنڪن بدران عربن بئنڪون آهن. پر، مان ته ڀُل چُڪ ۾ به ڪنهن بئنڪ جي ڀرسان نه لنگهندو آهيان.“

امان اچرج وچان پڇيو، ”ڇو!“

چيم، ”هڪ ته آهيان سنڌي ۽ مٿان وري اتفاق سان ڪري ويٺو آهيان. ايم- اي. بئنڪ ٻاهران لنگهندي ڏسي ورتائون ته ڌاڙيل ڪري ٻڌڻ ۾ دير نه ڪندا. ٻئي ڏينهن اخبارن وارا لکندا. اسلام آباد ۾ اربن بئنڪن بدران عربن بئنڪ جي ڀرسان نه لڳندو آهيان.“

امان اچرج وچان پڇيو، ”ڇو!“

امان اچرج وچان پڇيو، ”ڇو!“

چيم، ”هڪ ته آهيان سنڌي ۽ مٿان وري اتفاق سان ڪري ويٺو آهيان. ايم – اي. بئنڪ ٻاهران لنگهندي ڏسي ورتائون ته ڌاريل ڪري ٻڌڻ ۾ دير نه ڪندا. ٻئي ڏينهن اخبارن وارا لکندا.ا سلام آباد   مين سنڌ ڪا مفرور ڊاڪو گرفتار. وه بئنڪ لوٽني ڪي تياري ڪر رها ٿا. وه اقتصاديات مين ايم – اي هي.“

امان وائڙي  ٿي ويئي. پڇيائين، ”ڇورا، چريو ٿي پيو آهين ڇا!“

ٿڌو ساهه کنيم. چيم، ”مان سڄو ڪڏهن هوس امان.“

امان کلندي چيو، ”ڏاڍو چرچائي  ٿي پيو آهين!“

”حالات ني هم ڪو چارلي ڪا باپ بنا ديا هي، ميري مدر انڊيا.“ چيم، ”تون پنهنجي آڏي پڇا جاري رک!“

”اڇا“ امان چيو ”ته ڏي پڇا جاري رکان؟“

چيم، ”جيڪڏهن چاهين ته ڪنهن کڙپيل ايس ايڇ او ۽ بن تجربيڪار هيڊ ڪانسٽيبلن کي به گهرائي سگهين ٿي. مان انيڪ نه ڪيل ڏوهن ۽ گناهن جو اعتراف ڪري وٺندس.“

امان پيار وچان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”مون ٻڌو آهي ته خميس ڏينهن تون افغان مهاجرن جي خيمه بستيءَ ٻاهران هڪ افغاني ڇوڪريءَ سان ملندو آهين.“

”دوکو کاڌم هوم.“ چيم، ”پريان مون کيس آمريڪا جي وائيس پريزيڊنٽ جارج بش جي زال بار برابش سمجهي ورتو هو. سوچيم، سندس سخي مڙس ويهه ڪروڙ ڊالر امداد ۾ ڏيئي ويو آهي.  ڇو نه مان به خالص انساني همدرديءَ جي بنيادن تي ڪجهه رقم  فارين ايڪسچينج ۾ هٿ ڪريان ۽ سئرزلينڊ جي بئنڪ  ۾ رکائي ڇڏيان.“

امان مرڪندي پڇيو، ”پوءِ ڪجهه رقم فارين ايڪسچينج ۾ هٿ ڪيئه؟“

”ڌوڙ!“ چيم، ”امداد جي آسري ۾ جڏهن کيس ويجهو وڃي  ڏٺم ته هوءَ جارج بش جي زال باربرا نه هئي. اصل ۾ هوءَ مرسڊيز موٽرن ۽ ٽرڪن واري هڪ غريب افغان مهاجر دولت خان جي زال بابرا هئي. هن خالص انساني همدرديءَ جي بنيادن تي  امدادي رقم مان فارين ايڪسچينج  ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو. تون شڪل شبيهه مان افغان مهاجر نٿو لڳين. تون اڇو به نه آهين. رنگ جو ڪارو آهين. تنهن جو نڪ ڪجهه پڪوڙي  جهڙو آهي. پڪ آفريڪا جو آهين. توکي خالص انساني همدرديءَ جي بنيادن تي هتان امداد نه  ملندي. آفريڪا هليو وڃ. نميبيا جي شيدي مهاجرن سان ڏاڍو ٺهي ويندين.“

امان معنيٰ خيز مرڪ سان ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”۽ جمعي ڏينهن جمعه بازار ۾ هنداڻي واري وٽ هڪ ٿلهي ڦڦ سان ملندو آهيان!“

”اهو سراسر الزام آهي.“ مون رڙ ڪندي چيو، ”مان وڌيڪ براشت ڪري نه سگهندس. مان بدمعاش جميل جو مٿو ٽوڙي ڇڏيندس. هن ابراهيم گنجي سان ملي پارو جي نظرن ۾ مونکي خوار ڪرڻ لاءِ اهي الزام مڙهيا آهن. پر مان هينئر پارو کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس. سڀڪجهه، ته خوف ۽ هراس ۾ جيئڻ وارو  هڪ شخص ڪيتري قدر سچائيءَ سان محبت ڪري سگهندو آهي. مان پارو کي پنهنجي جوش ۽ چپچاپ محبت جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس.“

”۽ اها پارو ڪير آهي؟“ امان مرڪندي پڇيو.

”پارو!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.

”ها، پارو.“ امان مرڪندي رهي. پڇيائين، ”ڪير آهي پارو؟“

مون مٿو کنهندي چيو، ”براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ مونسان ڪم ڪندي آهي. منهنجي ڪليگ آهي.“

امان پيار مان پڇيو، ”توکي ڏاڍي وڻندي آهي؟“

مون جواب نه ڏنو. مون دريءَ کان ٻاهر آسمان ۾ ٻرندڙ سج ڏانهن ڏٺو.

منهنجي ويجهو اچي، مون کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي امان پڇيو، ”تنهنجي شادي ڪرايان پارو سان؟“

”جنهن سان محبت هوندي آهي، تنهن سان شادي ٿي ته سگهندي آهي.“ مون کي پنهنجو لهجو ڀڳل ٽٽل محسوس ٿيو. چيم، ”خبر اٿئي، امان، ته سرت چندر جي ديو داس جي به پارو سان شادي ٿي نه سگهي هئي. پارو جي شادي ٻئي ڪنهن شخص سان ٿي ويئي هئي.“

”پر، چريا!“ امان تعجب وچان چيو، ”تون ديوداس نه آهين.“

”ڄاڻان  ٿو، مان ديوداس نه آهيان.“ پنهنجي وجود ۾ مون خوابن جي روپ ماڙِيءَ کي ڊهندي ڏٺو. چيم، مونکي اها به خبر آهي ته منهنجي نصيب جو ڪاتب سرت چندر نه آهي؛ پر تنهن هوندي به منهنجي شادي پارو سان نه ٿي سگهندي.“

”ڇو  نه ٿي سگهندي؟“ امان منهنجي اندر ۾ ليئو پائيندي چيو، ”ڇو تنهنجي شادي پارو سان نه ٿي سگهندي؟“

مان وڌي وڃي دريءَ وٽ بيٺس. امان کي سندس سوال جو ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيس. هڪ دفعو ٻيهر آسمان جي رڻ ۾ ٻرندڙ سج ڏانهن ڏٺم. ان وقت مونکي ثناءُ الله جي دڪان ٻاهران شيشي جي شوڪيس ۾ بيٺل پيپرميش جي ماڊل ڏاڍو ياد آئي. هن اک ڇنڀڻ بنا لاڳيتو مون ڏانهن ڏٺو هو. هن هميشھ لاءِ مون ڏانهن ڏٺو هو . هوءَ چانهه جو ڪوپ کڻي براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي لان ۾ ڪنهن اجنبيءَ سان ويهي ڳالهيون نه ڪندي آهي. هوءَ ڪنهن غير ڏانهن ايڏي پاٻوهه مان نه ڏسندي آهي. هوءَ شيشي جي شوڪيس ۾ بيهي، ماڻهن جي جهنگ ۾ فقط پنهنجي ديوداس ڏانهن ڏسندي رهندي آهي!

ان ڏينهن مان اسلام آباد جي سيڪٽرن ۽ ماڻهن ۽ محبتن کي جدا ڪندڙ رستنتي دور تائين هلندو رهيس. هڪ لاحاصل محبت جي چڀڪي کي دل ۾ محسوس ڪندو رهيس. هڪ گم ٿيل گيت کي ڳوليندو رهيس.

 

ڇتي ڪتي  جو موت

(شهمير کي ڇتو ڪتو مارڻو آهي.  ڇتي ڪتي کي ملان حجري ۾ پناهه ڏني آهي. شهمير جي هٿ ۾ بندوق آهي. ڇتي ڪتي ۽ بندوق جي وچ ۾ ملان اچي بيٺو آهي.  شهمير کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇتي ڪتي کي مارڻ کان اڳ ملان کي ماري يا ملان کي جيئرو رکڻ لاءِ ڇتي ڪتي کي جيئدان ڏيئي! شهمير جيستائين ڪنهن فيصلي تي پهچي، مان توهانکي اڄ شام جي واقعن جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيان.)

سانجهيءَ ڌاري شهر تي عجيب قسم جو ڪوهيڙو لهي آيو. خاموشي ڇانئجي ويئي. پوءِ اوچتو، اول اڻچٽا ۽ پوءِ چٽا  آواز، رڙيون، ڪيڪون ۽ گوڙ گهمسان ٻڌڻ ۾ آيو. مان پنهنجي فليٽ جي بالڪونيءَ ۾ وڃي بيٺس. ٻاهر نهاريم. ڌنڌ سبب ڪجهه ڏسڻ ۾ نه آيو.

پٺيان در کڙڪڻ جو آواز آيو. مون  بالڪونيءَ مان موٽي وڃي ٻاهريون در کوليو. ماستر دائم جو ستن سالن جو پٽ قائم  بيٺو هو. سهڪي رهيو هو. منهن مان وحشت ظاهر ٿي رهي هئس. وچڙندڙ آواز ۾ چيائين، ”ادا، ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي.“

”ڪارو ڪتو ڇو ٿي پيو آهي!“

”ها ادا.“

”ڪڏهن کان؟“

”شام کان.“

ان وقت مونکي يوسف جي ڳالهه ياد آئي. هن ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته ڪارو ڪتو  ڇتي ٿيڻ جا آثار پيو ڏيکاري.  مون يوسف  جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو هو.

قائم چيو، ”ادا، ڪاري ڪتي دينو پخاليءَ جي پٽ کي ٻنڊڻ ۾ چڪ هنيو آهي.“

”ليمي کي؟“

”ها، ليمي کي.“ قائم چيو، ۽ شام جو ابراهيم مستريءَ کي چڪ پاتو هئائين.“

ان وقت يوسف ڊوڙندو آيو. يونيورسٽيءَ کان موٽيو هو. يوسف، شهمير، اقبال ۽ مان هڪ فليٽ ۾ رهندا آهيون ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا آهيون.

ڪتاب ميز تي رکي، يوسف منهنجي سامهون اچي بيٺو چيائين، ”تو منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو هو. ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي.“

”مون ٻڌو آهي.“

مون ڏٺو آهي.“

اسين بالڪونيءَ ۾ وڃي بيٺاسين. ڌنڌ سبب ڪجهه نظر نه پئي آيو. بجليءَ جا بلب ڏيئن جيان پئي ٽمڪيا. ماحول  مبهم هو. فقط رڙيون، ڪيڪون ۽ ماڻهن جي ڀڄڻ ڊڪڻ جا آواز چٽا ٻڌڻ ۾ پئي آيا.

قائم ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”ادا، مونکي گهر ڇڏي اچ. مونکي ڀؤ ٿو ٿئي.“

مون ستن سالن جي قائم ڏانهن حيرت مان ڏٺو. هو پوئين گهٽيءَ  ۾ رهندو آهي. هن ڪاري ڪتي جي ڏاڍي خدمت ڪئي هئي. صبح جو اسڪول وڃڻ  کان اڳ ڪاري ڪتي کي مارڪيٽ مان ڇيڇڙا آڻي کارائيندو هو. قائم جي سموري سنگت جا ٻار اسڪول کان ايندي ويندي ڪاري کي پيار ڪندا هئا. ڪارو پڇ لوڏيندو هو. ٻار خوش  ٿيندا هئا.

مون قائم کان پڇيو، ”سچ پچ ڪاري کان ڊڄين  ٿو؟“

”ها ادا.“

”ڪاري سان ته تنهنجي ياري هئي!“

”هئي ادا. پر هينئر ڪارو ڇتو ٿي پيو آهي. کائڻ ٿو اچي.“ قائم ايلاز ڪندي چيو، ”مونکي گهر ڇڏي اچ، ادا.“

”هن وقت تنهنجو هيٺ لهڻ چڱو ناهي  قائم.“ يوسف چيو، ”ڇتو ڪتو احسان فراموش هوندو آهي.  پنهنجي محسن کي ته سڀ کان اول کائيندو آهي. تنهن ڪري تنهنجو هيٺ لهڻ ٺيڪ ناهي، قائم.“

مون يوسف کي چيو، ”اسانکي ڪاري جي باري ۾ جلد ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي.“

ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ يوسف چيو، ”مان پاڙي جا چار چڱا مڙس وٺي ٿو اچان.“

”پاڙي وارن جو ڇا وڃي!“

”سموري پاڙي وارن ڪارن کي پاليو آهي. تنهنڪري جيڪو به فيصلو ڪبو، سو پاڙي وارن جي رايي مطابق هوندو.“ يوسف جواب ڏيئي پاڙي جي چڱن مڙسن کي سڏڻ لاءِ هليو ويو.

قائم کي اتتڻ ٿي پيئي. چيائين، ”توهين ڪاري ڪتي کي ڇا ڪندا، ادا؟“

وراڻيم، ”شايد منسپالٽيءَ جي حوالي ڪيونس.“

”توهين ڪاري کي ميونسپالٽيءَ جي حوالي ڪندا!“

”گهڻو ڪري.“

قائم جي منهن مان پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي. چيائين، ”ڪاري کي ميونسپالٽيءَ جي حوالي نه ڪجو. هو ڪتن کي ماري ڇڏيندا آهن.“

”دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ڇتن ڪتن کي ماري ڇڏيندا آهن.“ چيم، ”مان سمجهان ٿو، چڱا مڙس ڪاري کي مارائڻ لاءِ منسپالٽيءَ جي حوالي ڪرڻ جي رٿ ڏيندا.“

قائم جو منهن لهي ويو.

يوسف موٽي آيو. پاڻ سان پاڙي جا چار- پنج چڱا مڙس وٺي آيو. انهن ۾ ماستر دائم به هو. پنهنجي پٽ قائم کي ڏسي دائم خوش ٿيو. کڻي ڳراٽڙيءَ ۾ قابو ڪيائينس.

قائم پيءَ کي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهندي چيو، ”بابا، ڪاري کي منسپالٽيءَ جي حوالي نه ڪجو. منسپالٽيءَ وارا ڇتن ڪتن کي ماري ڇڏيندا آهن.“

مون قائم کي پيار ڪندي چيو، ”مان به جڏهن تو جيترو پتڪڙو هوس، تڏهن ڇتن ڪتن تي ڪهل ڪندو هوس، پر پوءِ، جڏهن جوان ٿي تاريخ جو مطالعو ڪيم، تڏهن محسوس ڪيم ته ڇتي ڪتي کي مارڻ لازمي  هوندو آهي. ڇتي ڪتي کي نه مارڻ قومن لاءِ تاريخي سانحو ٿي پوندو آهي. تنهنڪري مان ۽ يوسف ڪاري ڪتي کي مارڻ يا مارائڻ جي حق ۾ آهيون.“

منهنجي ڳالهه جو قائم تي ذرڙو کن اثر ٿيو. هن پيءُ جي ڳچيءَ مان ٻانهون ڪڍي ڇڏيون.

يوسف سڀني کي مخاطب ٿيندي چيو، ”توهان سڀني کي خبر هوندي، ته ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي. هن شام کان، ٽن- چئن ٻارڙن، ڪريم، خانوند، ابراهيم مستري ۽ ڌڻي بخش کي چڪ  هنيا آهن.“

آواز آيو، ”اسانکي ان ڳالهه جو افسوس آهي.“

سڀني جو ڌيان ڳالهائيندڙ ڏانهن ڇڪجي ويو. هو پاڙي جو سماجي ڪارڪن عبدالله هو. ماڻهو مُنجهائڻ سندس ڌنڌو آهي. يوسف، شهمير ، اقبال ۽ منهنجي باري ۾ بدظن آهي.

يوسف گهور  وجهي عبدالله ڏانهن نهاريو. چيائين، ”اسين پنهنجي ساءِبه ڪاري ڪتي کي ماري ڇڏيون ها، پر توهان وڏڙن کي آگاهه ڪرڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ ضروري سمجهيوسين، تنهنڪري توهانکي تڪليف ڏيئي هتي وٺي آيا آهيون. مان هڪ ڳالهه بلڪل واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، ته اسين ڪاري ڪتي کي مارڻ لاءِ  مشورو ڪرڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون. افسوس ظاهر ڪرڻ لاءِ نه.“

سماجي ڪارڪن عبدالله چيو، ”مون ڪتي جي کاڌلن کي ترت سول اسپتال پهچائڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.  تازن کاڌلن کي به بنادير جي اسپتال پهچايو ويندو. توهين فڪر نه ڪريو.“

يوسف باهه ٿي ويو.   تمام کهري لهجي ۾ چيائين، ”اسانکي اهو فيصلو ڪرڻو آهي، ته ڪاري کي ڇا ڪيو وڃي.“

”ڪاري جي باري ۾ ڪو به جذباتي فيصلو نه ڪيو وڃي.“ رٽائرڊ پوڙهي مختيار ڪار چيو، ”جذباتي فيصلا هميشه نقصانڪار هوندا آهن.“

”توهين مختيار ڪار رهي چڪا آهيون، تنهنڪري مختيار- ڪاري نوع ۾ پيا ڳالهايو.“ اقبال جو آواز آيو. هو در وٽ بيٺو هو. هٿ ۾ هاڪي هئس. چيائين، ”ڪاري جي باري ۾ جيڪو به فيصلو ڪيو وڃي، سو جلد ڪيو وڃي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com