سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رني ڪوٽ جو خزانو

باب:

صفحو :1

رني ڪوٽ جو خزانو

امر جليل

مهاڳ

خاموشيءَ جو آواز

تون ايتريقدر سان مون ڏانهن ڇو ڏسي رهيو آهين!

مان ڪارونجهر آهيان. مان موهن جو دڙو آهيان. هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان. منهنجي وجود ۾ ڪو به آواز نه آهي. منهنجي وجود ۾ زندگيءَ جو ڪو به آثار نه آهي. مان تاريخ جو بيزبان شاهد آهيان. ماٺ جي بيابانن ۾ گم ٿي ويو آهيان. سانت جي سمنڊ ۾ لڙهي ويو آهيان.

پر، تون ايتريقدر غور سان مون ڏانهن ڇو ڏسي رهيو آهين! اهو ڄاڻندي به، ته مان هينئر هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان، تون ضد ٻڌي بيٺو آهين ته مان ڳالهايان. ڪجهه چوان! تعجب آهي. سوچيو هيم، تون تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ مون کي ڳالهائڻ نه ڏيندين- مون کي چپ چورڻ نه ڏيندين. شايد، مون کي ڪڏهن به ڳالهائڻ لاءِ نه چوندين! سچ پڇين ته مون پنهنجيءَ دل مان ڳالهائڻ جي تمنا کي  تڙي ڪڍي ڇڏيو آهي ڇا رکيو آهي ڳالهائڻ ۾ ۽ ڪجهه چوڻ ۾! ائين برابر آهي ته شروعات ۾ مون کي پنهنجي ماٺ کان وحشت ٿيندي هئي. خاموشي ازل جي عذاب وانگر محسوس ٿيندي هئي. پر پوءِ، تاريخ جي هڪ دور کان ٻئي دور تائين آواز کان محروم زندگي گذارڻ کانپوءِ ،منهنجي وجود مان خاموشيءَ جي احساس جو ڊپ نڪري ويو آهي. ڪوبه خوف جو واسينگ دامنگير نه آهي. مون ماٺ جو زهر پي ڇڏيو آهي. مان هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان.

پر، مون کي خاموش ڏسي تنهنجي چپن تي مڪروهه مُرڪ ڇو تري آئي آهي! متان اهو سمجهين ته مون ڪو خاموشين سان ٺاهه ڪري ورتو آهي! نه. هرگز نه. اهو امڪان کان ٻاهر آهي. خاموش ٿيڻ جو مطلب خاموشين سان ٺاهه نه آهي. ها، ائين ضرور آهي، جو لاڳيتو خاموش رهندي،آواز کان محروم زندگي گذاريندي. مان هينئر خاموشيءَ جي علامت ٿي پيو آهيان. مان ڪنهن سنگتراش جو اڻپورو بت آهيان. تڪميل جي آس ۾ مون ڇيڻيءَ جي آواز لاءِ واجهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. تون منهنجو سنگتراش نه آهين. مان تنهنجي تخليق نه آهيان. تنهنجي هٿ ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاو جو ٽيڪم ڏسي مان هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان. تاريخ جو وهڪرو خاموشين جي رڻ ۾ جذب ٿي ويو آهي. منهنجي تاريخ لکڻ واري مورخ پنهنجي قلم سان پنهنجيون اکيون ڪڍي ڇڏيون آهن. پر، صدين تائين مون کي خاموش ڏسڻ جي باوجود توکي ڪيئن خيال آيو ته مان هينئر ڳالهايان، ڪجهه چوان! تنهنجا لک ٿورا، جو مون کي ڳالهائڻ لاءِ چيو اٿئي. مان تنهنجو احسان وساري نه سگهندس.

سمجهان ٿو، تنهنجا ڪن منهنجو آواز ٻڌڻ لاءِ منتظر آهن. ڏسان پيو ته منهنجي خاموشي توکي بيچين ڪري رهي آهي. پر، ڇا ڪريان جو تنهنجي حڪم جي پيروي منهنجي لاءِ ممڪن نه آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. منهنجي مسلسل ماٺ کي پنهنجي حڪم جي خلاف ورزي نه سمجهجانءِ! مان تنهنجو ڪوبه حڪم ٽاري نه سگهندس. تنهنجو هر حڪم منهنجي لاءِ هٿ ٺوڪيو قانون آهي. پر، ڳالهائڻ منهنجي وس ۾ نه آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. اکر اُڪلي نه سگهندس.  تو مون کي ايتريقدر خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو آهي، جو تنهنجو هاڻوڪو حڪم اوپرو ٿو لڳي. مان ڪجهه به چئي نه سگهندس. خاموشين جي آواز مان موٽي نه ايندس. ڪنهن سيتا جو سڏ نه ٻڌندس.

ڄاڻان تو، تون منهنجي واتان ڪجهه ٻڌڻ چاهين تو، منهنجي هٻڪ ۾ پنهنجي ڏهڪاءُ جو عڪس ڏسڻ چاهين ٿو. پر، ڳالهائڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. متان سمجهين ته مان ڳالهائڻ نه ٿو چاهيان! نه نه. ائين نه آهي. مون کي سمجهڻ ۾ متان ڪا غلطي ڪئي اٿئي. تون اجايو شڪ جو شڪار ٿي رهيو آهين. هن دور ۾ چاهيندي به مان ڳالهائي نه سگهندس. ها، تاريخ ۾ اهڙا انيڪ دور آيا ۽ گذري ويا، جڏهن مون ڳالهائڻ لاءِ ضرورت محسوس ڪئي هئي. مون گهڻو ڪجهه چوڻ ۽ توکي ٻڌائڻ چاهيو هو. اهو دور گذري ويو. مون صدين کان ڳالهائڻ لاءِ ڪابه ضرورت محسوس نه ڪئي آهي. بيڪار سمجهان ٿو ڳالهائڻ کي! هينئر مان هر دور ۾ خاموش رهندس. چاهڻ جي باوجود ڳالهائي نه سگهندس. ٻڌمت جو اسٽوپا ٿي جيئندس.

خاموش ٿي وڃڻ کانپوءِ انسان ڏاڍا عجيب خواب ڏسندو آهي. هو اهڙا خواب ڏسندو آهي، جن جي تعبير هو پنهنجين اکين سان ڏسي نه سگهندو آهي. مان به خواب ڏسندو آهيان. چاهڻ جي باوجود مان پنهنجن خوابن جو ذڪر توسان ڪري نه سگهندس. تون خوابن جو دشمن آهين. توکي ڪجهه ٻڌائي  نه سگهندس. مون کي اِن ڳالهه جي به پڪ آهي ته خاموش ٿي وڃڻ کانپوءِ جيڪي خواب مان ڏسندو آهيان، انهن خوابن جي تعبير مان پاڻ ڏسي نه سگهندس. منهنجي بدران، منهنجن خوابن جي تعيبر ٻيو ڪو نسل ڏسندو ۽ منهنجي خاموشيءَ جو ذڪر نوحن ۾ ڪندو. خاموش رهڻ وارن جو هڪ نسل، باهه جو مچ ٻاري، اونده ۾ الاءُ ڪري گذري ويل خاموش نسل جو ذڪر ڪندو آهي. کين ڳيچن ۽ ڪهاڻين ۾ ياد ڪندو آهي. اهڙي گذري ويل نسل جو ذڪر تاريخ ۾ ورلي ايندو آهي. اهڙو نسل ادب جي ميراث ٿيندو آهي.

تون اڃا تائين حيران آهين، ته مون وات مان اکر نه اڪليو آهي! مون ڳالهايو ڇو نه آهي! سمجهان ٿو، منهنجي خاموشيءَ کان وحشت ٿيڻ لڳي اٿئي. تعجب آهي! تو چاهيو هو ته مان خاموش ٿي وڃان. تو چاهيو هو ته مان چپ سبي ڇڏيان. تو چاهيو هو ته مان پنهنجي خيالن کي اظهار لاءِ آواز کان محروم ڪري ڇڏيان. مون ائين ئي ڪيو آهي، جيئن تو چاهيو آهي. ورهين کان مان خاموش ٿي ويو آهيان. هينئر تنهنجي حڪم جي باوجود مان ڳالهائڻ جهڙو نه آهيان. ڪوشش اجائي آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. منهنجي خاموشي تنهنجي مقدر ۾ اضطراب جو سبب ٿي ويئي آهي. منهنجي ماٺ تنهنجي دشمن ٿي پيئي آهي.

جابر، تاريخ جي هر دور ۾، مظلوم جي احتجاج تي حمله آور ٿيندو آهي. هو لکيل ۽ اُچاريل هر لفظ تي اُلر ڪندو آهي. هو هيڻي جي آهن ۽ زاريءَ تي اعتراض ڪندو آهي. هو قاعدن ۽ قانون جا ڪوٽ کڙا ڪري وٺندو آهي. پر هو هيڻي جي خاموشيءَ سان جنگ چوٽي نه سگهندو آهي. هو ماٺ سان وڙهي نه سگهندو آهي. منهنجي توسان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويو آهيان. خاموشي موت آهي. خاموشي پڄاڻيءَ جي علامت آهي. منهنجي خاموشيءَ ۾ شايد تون پنهنجو موت ۽ پڄاڻي ڏسي رهيو آهين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه آهي. اِن لاءِ تون پاڻ ذميوار آهين. تون ،منهنجي ماٺ ۽ خاموشيءَ سان پڄي نه سگهندين.

مونکي ياد ڪونهي، ته تاريخ جي ڪهڙي دور ۾ تو مون سان، ۽ مون توسان آخري دفعي ڳالهايو هو. مان تاريخ جو اُهو گمشد، باب ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهيان، جنهن ۾ تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ٿيل اختتامي گفتگوءَ جو ذڪر آهي. مون کي ان گفتگو جو هڪ لفظ به ياد نه آهي. مون کي ڪجهه به ياد نه آهي. مون کي فقط ايترو ياد آهي ته، تو چاهيو هو ته مان خاموش رهان. مان خاموش رهيس. مان خاموش ٿي ويس. هميشه لاءِ. مان خاموشيءَ جي اسرار کان آگاهه نه هوس. تو مون کي آگاهي ڏني آهي. مان تنهنجو احسانمند آهيان. سچ تي ڳايل ڳيچ کي قتل ڪري سگهجي ٿو. رت ۾ ٻڏل آڱر سان لکيل تحرير کي قتل ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. خاموشيءَ سان وڙهڻ ممڪن ئي نه آهي. تون مون سان وڙهي  سگهندين، منهنجي خاموشيءَ سان وڙهي نه سگهندين. تون يقين ڪر، منهنجي تون سان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويوآهيان. ماٺ ٿي ويو آهيان. مان چاهڻ جي باوجود توسان ڳالهائي نه سگهندس. مان خاموشيءَ جي حد ۾ بيٺو آهيان. تنهنجو ڪو به قاعدو  ۽ قانون مون کي ڳالهائڻ تي مجبور ڪري نه سگهندو. دنيا جا سمورا قانون خاموش ڪرائي ته سگهندا آهن، پر، خاموشي ٽوڙائي نه سگهندا آهن! توکي ڏاڍي چڙ آهي نه خاموشيءَ تي! پر ڇا ٿو ڪري سگهجي، جو خاموشيءَ جي رمز کان تون مون کي آگاهه ڪيو آهي. منهنجي مسلسل ماٺ آڏو تون بيوس آهين.

تون اڃا تائين ڪاوڙ وچان مون ڏانهن ڏسي رهيو آهين! يار، مان ڳالهائي نه سگهندس. اکر اُڪلي نه سگهندس. مان خاموش ٿي ويو آهيان. هميشه لاءِ توسان  ڳالهائڻ کان بهتر آهي ته مان تهذيبي، تمدني ۽ ثقافتي خودڪشي ڪري ڇڏيان.

ڪٿي ائين ته ناهي، ته تون منهنجي مسلسل ماٺ ۽ خاموشيءَ کي پنهنجي لاءِ موت جو پروانو، يا ايندڙ ڪنهن طوفان جي علامت ۽ پيش خيمو سمجهي رهيو آهين! ها، ائين برابر آهي، ته جڏهن به ڪنهن قوم لاءِ تاريخ جي هڪ دور ۾ تعزپراتن ۽ وقتي ضرورتن مطابق ٺاهيل ۽ نافذ ڪيل قانونن جا ڪوٽ کڙا ڪري، کيس آواز کان محروم ڪري، خاموش ڪيو ويندو آهي، سا قوم تاريخ جي ٻئي ڪنهن دور ۾ پنهنجي چچريل، چيٿاڙيل ۽ گم ٿيل آواز جي ڳولا ۾ نڪري پوندي آهي. اهڙن دورن جي وچ ۾ ڪڏهن صدين جي، ته ڪڏهن ڏهاڪو سالن جي، مهينن، ڏينهن ۽ ساعتن جي وڇوٽي هوندي آهي.

مان تنهنجي چال ۽ چالاڪي سمجهي ويو آهيان. ڪنهن به قيمت تي مان توسان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهيان. مان پنهنجي گم ٿيل آواز جي ڳولا ۾ نڪري پيو آهيان. پر، مان اڪيلو نه آهيان. منهنجي آڏو، منهنجي اڳيان پنهنجي آواز جا انت کان ٻاهر وارث آهن. منهنجي پوئتان، منهنجي پٺيان پنهنجي آواز جا وارث آهن. آوازن جي وارثن جو قافلو تنهنجي تعزيرات جي رڻ مان گذري رهيو آهي.

تنهنجي چوڻ تي، سائين منهنجا، مان نه ڳالهائيندس. اسان جي توسان ڪا به گفتگو نه ٿيندي، مهربان!

 

شعبو، ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي،

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد.

امر جليل

پهرين آگسٽ 1988

 

گهاءُ

اسلام آباد ۾ ڌڻي بخش سان ڏاڍي عجيب ۽ حيران ڪندڙ واردات ٿي آهي. ڄڻ ڏند ڪٿا آهي. مشين گن جي هڪ گولي سندس دل مان آرپار ٿي ويئي آهي. گهائل دل مان رت جو هڪ ڦڙو نه نڪتو اٿس. سندس رت هڪ گمنام پريس جي مشين ۾ مسُ وانگر استعمال ٿي رهيو آهي، جتي هڪ گمنام مورخ جي گمنام تاريخ جو سنڌ بابت گمنام باب ڇپجي رهيو آهي. واردات کي ڪي ورهيه وهامي ويا آهن. پر، ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. ڄڻ اڄوڪي ڳالهه آهي. ڪي پل صديون ٿي پوندا آهن ۽ ڪي صديون پل ۾ گذري وينديون آهن.

واردات جي شروعات تمام رواجي نموني ٿي هئي. ڌڻي بخش ۽ مان آبپاره جي يوٽيلٽي اسٽور تان ذري گهٽ آڌ پگهار جيتري شاپنگ ڪري نڪتا هئاسين. خوش هئاسين. ڪپڙن ۾ نه پئي ماپياسين. ڪسٽم طرفان ضبط ڪيل شيون وٺي نڪتا هئاسين. ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۾ لاڳيتو اشتهار پئي آيو ته، وارو ڪريو. ولايتي شيون باڙا بازارين بدران يوٽيلٽي اسٽورن تان خريد ڪريو ۽ پنهنجي حُب الوطنيءَ جو ثبوت ڏيو. نيڪ ڪم ۾ دير نه ڪريو! لاڳيتا اشتهار پڙهي، اسان جهڙا، مت جا موڙها، پهرين تاريخ پگهار کيسي ۾ وجهي ڪنهن يوٽيلٽي اسٽور تي وڃي واڪو ڪندا آهيون. اڌ پگهار حق بحقدار رسيد ڪندا آهيون. موٽ ۾ ردي سدي ولايتي مال وٺي ٻاهر نڪرندا آهيون ۽ کڳيون هڻندا آهيون. اسان کي خبر آهي ته سٺو سمگل ڪيل سامان فقط باڙا بازارين مان ملندو آهي. سُئي ڌاڳي کان وٺي، ويندي پائخانن جي سامان ۽ بارود بم گولن تائين، سڀ ڪجهه باڙا بازارين مان ملي سگهندو آهي . پر، اسين ۽ اسان جهڙا ڪنگلا، ولايتي سامان فقط يوٽيلٽي اسٽورن تان خريد ڪندا آهيون ۽ محب وطن هئڻ جو ثبوت ڏيندا آهيون. اعليٰ عملدارن جون بيگمات به محب وطن هونديون آهن. بلڪه ضرورت کان وڌيڪ محب وطن هونديون آهن پر، ولايتي سامان يوٽيلٽي اسٽورن بدرران باڙا بازارين مان وٺنديون آهن.

ڌڻي بخش ۽ مان اعليٰ عملدار نه آهيون نه ئي بيگمات قسم جي عورتن جا مڙس آهيون. اسين ٻئي ڄڻا روزگار جي تلاش ۾ اسلام آباد کان اچي نڪتا آهيون. انگ اکر گڏ ڪرڻ واري هڪ کاتي ۾ ڪم ڪندا آهيون ۽ انگ اکر گڏ ڪري حيران گهٽ ۽ پريشان وڌيڪ ٿيندا آهيون. جيڪا حالت انگن اکرن جي آهي ساڳئي حالت اسان ٻنهي جي آهي!.

ڏهاڪو کن سال ٿي ويا آهن ڌڻي بخش ۽ مون کي نوڪري ڪندي. اسلام آباد ۾ مون کي ته ڪا بيگم وغيره نه آهي البت، ڌڻي بخش کي هڪ عدد بيگم آهي، جنهن جو نالو الهو سائي آهي ۽ هو کيس ڳوٺ ۾ ڇڏي آيو آهي. ميڊم الهو سائي، هڪ شجري مطابق، مارئيءَ جي مائٽياڻي آهي ۽ ڳوٺ ۾ ڌڻي بخش جي چئن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جي پرورش ڪري رهي آهي. ڌڻي بخش جو هڪ پٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾، ٻيو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾، ٽيون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ۽ چوٿون پٽ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهندو آهي. سندس ٻئي ڌيئر نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج پڙهنديون آهن. اوهين ڌڻي بخش سان ملندا ته يقين نه ڪندا ته هو ڪو ڇهن جوان ٻارن جو پيءُ آهي، قداور، طاقتور، ٺاهوڪو ڪسرتي! شڪل شبيهه مان ٽيهن- پنجٽيهن جو مس لڳندو آهي. پر اصل ۾ مڙس پنجاهه جي لڳ ڀڳ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو اسرار گندو آهي. خاص ڪري، دل ۾ گولي لڳڻ واري پر اسرار واردات کانپوءِ ۽ ويٺي ويٺي ڄڻ ڪيڏانهن هليو ويندو آهي ڄڻ اُڏامي ويو آهي. پرهن جا پهرن جا پهر آسمان ڏانهن ڏسندو رهندو آهي ڪنهن ڪنهن مهل هو ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ دل تي هٿ رکي فقط مُرڪندو رهندو آهي.

جنهن ڏينهن جو هيءُ واقعو آهي، تنهن ڏينهن ڌڻي بخش ۽ مان يوٽيلٽي اسٽور تان ولايتي سامان وٺي ٻاهر نڪتاسين. سياري جي شروعات هئي. آبپاره وٽ مئل انگريزن جا گرم ڪپڙا ۽ سوئيٽر وڪامي رهيا هئا. اسان به وڃي ڳاهٽ ٿياسين. ڪجهه ڊپٽي سيڪريٽري قسم جا ڪامورا اسان کي ڏسي، اک بچائي هجوم مان نڪري ويا. اسلام آباد ۾ ڊپٽي سيڪريٽرين جو ڪال ڪونهي. پٿر کڻي پنهنجي ساءِ هيڏانهن هوڏانهن اُڇلائيندو، ته سڌو وڃي ڪنهن ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي ٺوڙهه تي لڳندو.

ڌڻي بخش ۽ مان ڪجهه سوئيٽر ۽ ڪجهه گرم ڪپڙا خريد ڪري، انگريزن جي آل اولاد ۽ راڻي وڪٽوريا ۽ گنجي بادشاهه کي دعائون ڏيندي هجوم مان ٻاهر نڪتاسين. وک کن مس هليا هونداسين، جو ڌڻي بخش چوتاڪ ٿي فٽ پاٿ تي ڪري پيو. يوٽيلٽي اسٽور تان خريد ڪيل سامان ۽ مثل انگريزن جا سوئيٽر ڪامران ريسٽورنٽ آڏو پکڙجي ويا. ڌڻي بخش جي ڪرڻ تي مون کي کِل آئي، سوچيم، پڪ ڪنهن ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي  بددعا لڳي اٿس، تنهنڪري ڪيلي جي کل تان ترڪي ڪريو آهي. پر پوءِ جڏهن منهن ورائي ڌڻي بخش ڏانهن ڏٺم، تڏهن تعجب ۾ پئجي ويس. ڌڻي بخش سُڌ ٻُڌ کانسواءِ فٽ پاٿ تي پيو هو. اکيون کليل، اُڀ ۾ اٽڪيل! سندس ساهه زور زور سان هلي رهيو هو. هو ڄڻ آسمان ڏانهن ڏسي رهيو هو. ڄڻ آسمان تي لکيل ڪا تحرير پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن جو اهڙي نموني آسمان ڏانهن ڏسڻ مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو وقت به ايندو آهي. جڏهن آسمان ڏانهن ڏسبو آهي، پر اهڙي نموني نه جو ماڻهو وائڙو وائڙو نظر اچي!

ماڻهو اچي مڙيا. ٻانهن ۾ هٿ وجهي  مون ڌڻي بخش کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر،ڌڻي بخش اهڙو چُري جهڙي ڇپ! سوچيم، مڙس قداور آهي- چڱي مٿاهينءَ تان ڪريو آهي. ڌڪ جهلي نه سگهيو آهي. ضرور ڪيپراٽي وڃي فٽ پاٿ سان لڳي اٿس. مرڪز وانگر، اسلام آباد جون فٽ پاٿون به سخت ۽ مضبوط آهن. بس، ڪِرڻ جي دير آهي.  مٿو چٽ!

ڪجهه نوجوان ڪامران ريسٽورنٽ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيا. مون ڌڻي بخش کي پٺن هيٺان هٿ ڏيئي مٿڀرو ڪيو. آسمان مان اک نڪتس. پاڻيءَ جا ٻه چار ڍڪ ڀري سامت ۾ آيو.

پڇيو مانس. ”ڪيلي جي کل تان ترڪيو آهين ڇا؟“

انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ڇڏيائين.

”ته پوءِ؟“

هو وري آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳو.

”پير وچڙيو  هُيئه؟“

وري به انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ڇڏيائين. پر، آسمان مان اک نه ڪڍيائين.

“ٿاٻڙيو آهين؟“

وري به جواب ۾ ڪجهه نه چيائين. انڪار ۾ فقط ڪنڌ لوڏي ڇڏيائين.

کيس ڪلهي تي هٿ رکيم. هن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. اکين ۾ ڏاڍي اُڻ تُڻ هئس. پڇيم، ”ڪِري ڪيئن پئين؟“

ٿڌو ساهه کڻي آسمان ڏانهن ڏٺائين. پوءِ، تمام جهيڻي آواز ۾ چيائين،”مون کي دل ۾ گولي لڳي آهي.“

چرچي لاءِ مهل موقعو نه هو. ڌڻي بخش جو جواب مون کي سمجهه ۾ نه آيو. سوچيم، ڌڪ سنڌائتو لڳو اٿس، تنهنڪري وڦلي پيو. ان وچ ۾ ڪجهه سياڻن پوڙهن رايو ڏيندي چيو ته، توهين ٻئي پرديسي بيوطن ٻيا ڏسجو. ٻولي به ٻي ڪا پيا ڳالهايو- ضرور ڪنهن گرم ملڪ جا آهيو- هن يار کي اسلام آباد جي سيءَ سٽي وڌو آهي. کيس گرم کير ۾ ٻه بيدا وجهي پيئار، ٺيڪ ٿي ويندو!

پر، ڌڻي بخش سيءَ هٿان سٽجڻ وارن منجهان نه هو. هو موسمن تي حاوي هو. مون سياڻن جي مشوري تي ڌيان نه ڏنو. يوٽيلٽي اسٽور تان خريد ڪيل سامان ۽ پراڻا سوئيٽر مون فٽ پاٿ تان کڻي پلاسٽڪ جي ڇليءَ ۾ وڌا. ماڻهو گڏ ٿيندا ويا. مون ڌڻي بخش جي ڪنڌ، ڪلهن ۽ ڪيپراٽيءَ کي جاچي ڏٺو. نه سوڄ، نه رت!

ڌڻي بخش چيو، ”مون کي دل ۾ مشين گن جي گولي لڳي آهي. مان نه بچندس. مري ويندس. مون کي گهر وٺي هلُ.“

ڌڻي بخش جي لهجي تي مون کي تعجب ٿيو.

چيائين، ”دير نه ڪر.“

مون عجب وچان ڌڻي بخش ڏانهن ڏٺو.

مون کي يقين نه پئي آيو ته فٽ پاٿ تي ڪرڻ سان ماڻهو عقل وڃائي ويهندو آهي! دل ۾گولي لڳي ۽ سا به مشين گن جي ۽ ماڻهو جيئرو جاڳندو ۽ ڳالهائيندو هجي، امڪان کان ٻاهر آهي! سوچيم، ڌڻي بخش آهي ته جانٺو، پر ڌڪ پنائي وڌو اٿس. وڦلي پيو.

”سوچين ڇا پيو، يار!“ ڌڻي بخش ٻڏندڙ آواز ۾ چيو، ”دير نه ڪر، مون کي گهر وٺي هل- مون کي ڳوٺ وٺي هل. هينئر جو هينئر، دير نه ڪر.“

ڌڻي بخش جون ڳالهيون ٻڌي مان وائڙو ٿي ويس. ماڻهو اچي ڳاهٽ ٿيا. هٿ ڏيئي ٽيڪسيءَ واري کي بيهاريم. ماڻهن جي مدد سان ڌڻي بخش کي ٽيڪسيءَ ۾ ويهاريم. هن مٿو سيٽ جي پٺيءَ سان لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيون. مون ٽيڪسيءَ واري کي ڪراچيءَ ڪمپنيءَ ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. ڪراچي ڪمپني اصل ۾ سوڙهن ۽ بدنما فليٽن جي سلسلي جو نالو آهي، جتي ڌڻي بخش ۽ مون جهڙا مولائي رهندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com