سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رني ڪوٽ جو خزانو

باب:

صفحو :6

مجيد جون اکيون بند هيون ۽ هن پنهنجو منهن ثريا جي ڪلهي تي لاڙي ڇڏيو هو ثريا دري کان ٻاهر ڪيمپس جي عماتن ڏانهن ڏسي رهي هئي سندس اکين جا لڙڪ سڪي ويا هئا هزارين وسوسا ۽ سوداءَ کيس ورائي ويا هئا هوءَ محسوس ڪري رهي هئي ته مجيد هڪ هڪ گذرندڙ گهڙي سان گڏ ختم ٿي رهيو هو وسامي رهيو هو . ثريا کيس ڇوهيندي چيو ” مجيد مجيد ڪيئن آهين؟“

مجيد اکيون کوليون. ” ڪيئن آهين؟“ مجيد ٻڏندڙ آواز ۾ چيو. ” سر سوري ڌڙ ڪنگرين متان ڪڇين ڪٽ !“ ثريا اشارو سمجهي ويئي سندس سمورو وجود وڍجي ويو. ” ثريا .“ مجيد ڀڻڪن ۾ ڳالهايو. ” جيءُ“ ” شاهه جو هيءُ بيت ٻڌو اٿئي؟“ ” ڪهڙو“” سڪ نه آهي سٿري کڻ پروڙي پير، ڪسڻ ڌاران ڪير ڪري سڌ سڪڻ جي؟“  ”ها تو اڳ به ٻڌايو هو.“ ” ان بيت جي معني سمجهين ٿي .“ ” ها.“ ثريا ذري گهٽ روئي پئي . بس جڏهن ڪيمپس جي حدن مان نڪري شهر ڏانهن ڊوڙن لڳي تڏهن مجيد اکيون کولي منهن ورائي ثريا ڏانهن ڏٺو پڇيائين ” روئين پئي چري؟“ ”مان نه نه.“ ”ثريا“ ” جيءُ “ ” جڏهن جرمن نازي فوجون ماسڪوکي گهيرو ڪري ويون هيون تڏهن خبراٿئي ته روسي ماڻهوڪهڙي جذبي سان جرمن فوجن سان وڙهيا هئا؟“ 

ثريا محسوس ڪري رهي هئي ته مجيد کيس سرچائڻ ۽ سندس خيال بدلائڻ لاڳالهائي رهيو هو نه ته جهڙي نموني هو هيڊو ٿيندو وسامندو ۽ ڀڄندو ڀرندو پئي ويو هن جو ڳالهائڻ ناممڪن هو پر ثريا کي اها خبر هئي ته مجيد غير معمولي ارادي جو مالڪ هو هو سوري کي سينگار سمجهندو هو خبر اٿئي روسي ماڻهن خونخوارجرمن فوجن جو ڪهڙي  جذبي سان مقابلو ڪيو هو.

”نه، نه.“

”؟؟؟؟ جي جذبي سان روسي ماڻهن جرمن فوجن جو مقابلو ڪيو.“ مجيد چيو، ”جڏهن انسان فقط مرڻ ۽ مارڻ لاءِ جنگ لڙندو آهي، تڏهن فتح سندس پير اچي چمندي آهي.“

ڪجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ مجيد پنهنجي ساءِ چيو ”مان سمجهان ٿو،  مان مجيب وٽ پهچڻ کان اڳ مري ويندس.“

”ڇا!“ ثريا کان ڇرڪ نڪري ويو. هوءَ ذري گهٽ رڙيون ڪري روئي پوي ها، پر  هڪدم ضبط ڪري ويئي. مجيد کي پيار  منجهان ڇوهيندي فقط ايترو چيائين، ”تون رهندين، توکي  رهڻو آهي.“

مجيد اکيون بند ڪري جهونگاريو:

”ڇَپرَ چَمَر ڀائيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،
پٻ وجهنديس پٺ تي، صبح سوارو،
وڃڻ مون وارو، ڪين وهنديس وچ ۾.“
 

ضبط جي باوجود ثريا جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا هو شهر تائين ، آهه کي روڪي ، سڏڪن کي سانڍي ڪارونجهر جي ڪونج وانگر روئندي رهي بس جو ڪنڊيڪٽر مجيد جو واقف هو هن ثريا کان پڇيو اسپتال هلندو نه“ جواب مجيد ڏنو نه مونکي گهر وٺي هلو مان پنهنجي ڀاءُ کي ڏسڻ چاهيان ٿو.“

ڪنڊيڪٽر بس کي گاڏي کاتي وٽان کوکر محلي ڏانهن ڦيرائي وٺي ويو کوکر محلي وٽ هن ثريا سان گڏ جي مجيد کي  بس مان هيٺ لاٿو ۽ کيس گهر جي در تائين ڇڏڻ آيو.

 گهر ۾ مجيد ۽ سندس ڀاءُ هيڪلا رهندا هئا. مٽ مائٽ ڳوٺ ۾ هئن.

 گهر جو در کليو پيو هو مجيد جڏهن چانئٺ ٽپي اندر داخل ٿيو تڏهن سندس ڇهن ستن سالن جو ڀاءُ اڱڻ ۾ پنهنجي سليٽ کي ڪوئلي سان ڪارو ڪري رهيو هو . هو پنهنجي ڀاءُ جي حالت ۽ ساڻس اوپري ڇوڪري ڏسي حيران ٿي ويو هو عجب وچان ڀاءُ ڏانهن ڏسندو رهيو .

 ثريا مجيد کي سهارو ڏيندي ورانڊي ۾ وٺي ويئي مجيد ورانڊي ۾ رکيل موڙي تي ويهي رهيو. اکيون بند ٿيڻ لڳس ساهه جو پکي سڀني جي پڃري ۾ پرڙا هڻڻ لڳس. هن آهستي آهستي اکيون کولي پنهنجي ڀاءُ ڏانهن ڏٺو .

 ” مجيب .“ مجيد ٻانهون کوليندي چيو “ مجيب “ مجيب سڌو اچي ڀاءُ جي چچريل ۽ وڍيل سيني سان لڳو مجيد کيس ڪمزور ۽  نٻل ٻانهن ۾ جڪڙي ڇڏيو.

 مجيب حيرت وچان ڀاءُ ڏانهن ڏسندي چيو، ” ادا، تون ان بيت جهڙو پيو لڳين، جيڪو مونکي روز رات جو سمهڻ مهل ٻڌائيندو آهين.“

مجيد ڀاءُ کي رت هاڻن چپن سان مٺي ڏيندي پڇيو،”توکي اهو بيت ياد آهي مجيب.“

 ” ها ادا .“

”مونکي اُهو بيت ٻڌاءِ.“ مجيد چيو، ”منهنجي سيني سان لڳي مونکي اُهو بيت ٻڌاءِ.“

 ننڍڙو مجيب پنهنجي وڍيل ۽ زخمي ڀاءُ جي سيني سان لڳي بيت ٻڌائڻ لڳو :

”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
 ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن واهي رڻ جا.“
 

 ثريا رئو وات ۾ وجهي سڏڪا ضبط ڪري ويئي. مجيب ڏانهنس ڏسندي پنهنجي ڀاءُ کان پڇيو ” هي ڪير آهي ادا؟“

 ”هيءَ ڪير آهي!“ مجيد اجهاڻيل اُجهاڻيل اکين سان ثريا ڏانهن ڏسندي چيو،  ”هن کي به مون شاهه سائين جي بيت جي هڪ سٽ ٻڌائي هئي هي اڄ مونکي اها سٽ ٻڌائڻ آئي آهي هان نه ثريا؟“

ثريا ڪنڌ لوڏيو.

” مونکي سمورا ڌڪ منهن ۾ لڳا آهن مجيد جهيڻي آواز ۾ چيو ڪجهه ڌڪ پٺي تي به لڳا آهن پر اهي ڌڪ مونکي ڀڄندي نه لڳا آهن ”ته پڻ لڄ مران جي هونس پٺ ۾.“ ائين نه چئجان ثريا.“

مجيد پنهنجو ڪنڌ موڙي جي پٺي سان لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيون هو ڪجهه دير تائين وات مان ساهه کڻندو رهيو پوءِ ثريا کي چيائين ”ثريا مونکي شاهه سائين جي بيت جي اها سٽ ٻڌا جيڪا تو اڄ تائين نه ورجائي آهي.“

ثريا انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

 ”اها سٽ ٻڌاءِ ثريا.“

 ثريا وات تان رئو پري ڪري ڇڏيو پوءِ، ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيائين ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونهان.“

 ان وقت، ٻاهرين در وٽ جيپن ۽ لارين بيهڻ جو آواز آيو. لارين ۽ جيپن مان لانگ بوٽن جي لهڻ ۽ ڊوڙڻ جو آواز آيو. پوءِ پنڌرهن - ويهه سپاهي ۽ فيڊرل سيڪيورٽي فورس جا جوان روالور ۽ رائيفلون تاڻي اندر گهر ۾ ڪاهي آيا. هنن سان عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ٻه ميمبر به ساڻ هئا.

اندر گهڙڻ شرط سندن نگاهه مجيد تي پئجي ويئي هو کيس گهيرو ڪري ويا صوبيدار رڙ ڪري چيو هڻو هٿڪڙيون بدمعاش کي يونيورسٽي ۾ اسٽرائيڪ ڪرائي، فساد ڪرائي، ڀڄي گهر ۾ اچي لڪو آهي!“

 ٻن سپاهين وڌي وڃي مجيد جي ڀڳل چٿيل ۽  چچريل ٻانهن ۾ هٿڪڙيون هنيون .

 مجيد اُجهاڻين اکيون کولي سپاهين ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ” اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.“

ننڍڙي مجيب ثريا کي ٻانهن کان جهليندي پڇيو، ”ڪيڏانهن پيو وڃي؟“

 ثريا کيس ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهي هن وٽ جواب نه هو.

 

مان ديواس نه آهيان

اُن ڏينهن مان ڏاڍو اُداس هوس. اُداس ٿيڻ کانپوءِ مان مرحوم سي ايڇ آتما سنڌيءَ جو ڳايل اردو گانو جهونگاري رهيو هوس ۽ وڌيڪ اُداس ٿي رهيو هو.س گاني جا ٻول  هئا، ”روئون مين ساگر ڪي ڪناري، ساگر هنسي اُڙائي.“

جذباتي ۽ فنڪار قسم جو ماڻهو اُداس ٿيڻ کانپوءِ ٻه ڪم ڪندو آهي -  هو گانو ڳائيندو آهي، يا سگريٽ ڇڪيندو آهي. هو ڪڏهن ڪڏهن خودڪشي به ڪندو آهي. پر، خودڪشي ڪرڻ کان اڳ هڪ عدد گانو ضرور ڳائي وٺندو آهي ۽ هڪ سگريٽ به ضرور ڇڪي وٺندو آهي. هڪ دفعي اُداس ٿيڻ کانپوءِ مون سگريٽ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر پوءِ مان گانو ڳائڻ جي قابل نه رهيو هوس. سگريٽ ڇڪڻ کانپوءِ ڪيتري دير تائين مان کنگهندو رهيو هوس ۽ کنگهي ساڻو ٿي پيو هوس. مونکي کنگهندو ڏسي پارو چيو هو، ”ڳالهه ٻُڌ. سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏي.“

مون غور سان پارو ڏانهن ڏٺو هو. هوءَ سرت چندر جي ناول ديواس واري پارو نه هئي. پر، تنهن هوندي به هوءَ الائي ڇو مونکي پارو لڳندي هئي. هوءَ پارو وانگر سانوري ۽ سهڻي هئي. هوءَ ڳالهيون به پارو وانگر ڪندي هئي.

مون پارو ڏانهن ڏسندي چيو هو، ”فقط بنگالي سرت چندر جي ديوداس محبت ۾ مرڻ جو ٺيڪو نه کنيو هو. اسلام آباد ۾ به هڪ ديو داس پنهنجي پارو لاءِ مري سگهي ٿو.“

”توکي مرڻ کان ڪير ٿو روڪي!“ پارو چيو هو، ”سگريٽ پيئندي تون جڏهن پنهنجي وات ۽ نڪ جي ناسن مان دونهون ڪڍندو آهين، تڏهن هوبهو پراڻي دور جي ڪاري ريلوي انجڻ جهڙو لڳندو آهين.“

مون نٿي چاهيو ته پارو مونکي ريلوي جي ڪاري انجڻ سمجهي اُداس ٿيڻ کانپوءِ سگريٽ ڇڪڻ جو خيال مون دل مان ڪڍي ڇڏيو. اُداس ٿيڻ کانپوءِ مون فقط گاني ڳائڻ جو پروگرام جاري رکيو. هينئر، جڏهن به اُداس ٿيندو آهيان، هڪ عدد گانو ضرور ڳائيندو آهيان، پر سگريٽ نه ڇڪيندو آهيان.

ان ڏينهن  مون پارو کي براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي لان (ڇٻر) تي جميل نالي هڪ شخص سان چانهه پيئندي، ڳالهائيندي ۽ کلندي ڏسي ورتو هو. جميل کي پريان مون خاتون انائونسر جميله سمجهيو هو. پر، ويجهو وڃي ڏسڻ کانپوءِ هو جميل نڪتو. ڏاڍو ٺاهوڪو جوان هو. ڪنهن به عورت لاءِ خوابن جو شهزادو هو. هن سنڌ نه ڏٺي هئي، پر هو سنڌ متعلق ڏاڍي يقين ۽ اعتماد سان ڳالهائي سگهندو هو. اصل ۾ هن وٽ سنڌ جا ٻه رورل ڊوميسائيل هئا – هڪ سانگهڙ جو ۽ ٻيو نوابشاهه جو. منهنجي باري ۾ هن پارو کي ٻڌايو هو ته رڇ جهڙو هيءُ شخص نه رڳو ڏسڻ ۾ خطرناڪ آهي، پر هونءَ به خطرناڪ آهي.“ وڏو ڦڏيئي آهي. سنڌ ۾ پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي گهربل آهي. سنڌ ۾ مينهون چورائيندو هو. پڪڙبو انڪري نه هو جو هن جو پنهنجو رنگ ڪنهن مينهن کان گهٽ ڪارو نه آهي. کيس جيئرو يا مئل پوليس آڏو پيش ڪرڻ واري کي ٺٽي يا بدين ۾ پنج هزار ايڪڙ زرعي زمين انعام ۾ ڏني ويندي. اڄڪلهه سنڌ مان فرار ٿي اسلام آباد پهچي ويو اهي ۽ گاديءَ واري هنڌ جي پاڪ صاف هوائن ۽ فضائن کي خراب ڪري رهيو آهي؛ پنهنجي مڪروهه  وجود سان اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جهڙين مقدس شين کي نقصان پهچائي رهيو آهي.

تڏهن، مون سوچيو هو ته پنهنجي صفائيءَ ۾ مان پارو سان چرچ ڪندس، کيس ٻڌائيندس ته مان مينهون نه چورائيندو هوس. مان خواب چورائيندو هوس. اهوئي سبب آهي جو مان اسلام آباد جي رڃ ۾ بيٺو آهيان. منهنجي هنج ۾ خواب آهن ۽ مان پنهنجي  عبرتناڪ انجام جو منتظر آهيان. پر ان کان اڳ جو مان پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه چوان، هڪڙي ڏينهن پارو منهنجي هٿ مان چانهه جو ڪوپ وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو، ”مان ڪنهن رڇ جي هٿ جي ٺاهيل چانهه قبول نه ڪنديس.“

۽ پوءِ، پارو ٺاهوڪي جميل جي هٿ مان مرڪندي چانهه جو ڪوپ کڻي ورتو هو ۽ پوءِ هو ٻئي مرڪندا، سڙٻاٽين ۾ ڳالهائيندا، براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي هڪ نويڪلي  ڪنڊ ۾ وڃي ويٺا هئا. هنن مون ڏانهن ڏسي پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهايو ۽ پوءِ، ٻئي ٽهڪ ڏيئي کلي پيا هئا. تڏهن مون گهاٽن وارن سان ڍڪيل پنهنجين ڳورين ٻانهن ڏانهن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته، منهنجي ماءُ کانسواءِ دنيا جي ٻي ڪابه عورت منهنجي هٿ جي ٺاهيل چانهه قبول نه ڪندي؛ مونکي ڪنهن ڪنڊن واري ٿوهر جي ڀرسان ويهي اڪيلي سر چانهه پيئڻي پوندي.

اُداس ٿيڻ کانپوءِ مان مرحوم سي ايڇ آتما سنڌيءَ جو ڳايل هڪ اردو گانو جهونگاري رهيو هوس. گاني جا ٻول هئا، ”روئون مين ساگر ڪي ڪناري، ساگر هنسي آرائي.“

اُن وقت  امان منهنجي لاءِ پڪوڙا تري رهي هئي. امان چيو، ”اهو گانو اسلام آباد ۾ ڳائڻ اجايو آهي.“

”ڇو اجايو آهي!“  مون اچرج وچان پڇيو.

”اسلام آباد ۾ نه آهي سمنڊ ۽ نه آهي سمنڊ جو ڪنارو.“ امان چيو، ”اهو گانو ڪراچيءَ ۾ ڳائيندين ته ٺهندين.“

چيم، ”آهي سوچڻ جهڙي ڳالهه.“

امان پڇيو، ”اهو راڳ استاد محمد جمن جو ڳايل ته نه آهي!“

وراڻيم، ”اهو راڳ مرحوم سي ايڇ آتما جو ڳايل آهي.“

امان هڪدم چيو، ”سي ايڇ آتما مرحوم ٿي نه ٿو سگهي.“

”هو مري ويو آهي امان.“ چيم، ”ٻه ٽي سال ٿيندا جو هو گذاري ويو آهي.“

”اهو  ٺيڪ آهي ته هو گذاري ويو آهي.“ امان چيو، ”پر، هن کي مرحوم چئي نه ٿو سگهجي.

پڇيم، ”ته پوءِ هن کي ڇا ٿو  چئي سگهجي؟“

”سورڳ واسي.“ امان چيو، ”سي ايڇ آتما هندو هو. تون کيس سورڳ ڳواسي سي ايڇ آتما چئي سگهين ٿو.“

مون تعجب وچان پڇيو؛ مرحوم ۽ سورڳ واسيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“

امان چيو، ”جڏهن ڪو مسلمان مري ويندو آهي ته کيس مرحوم چئبو آهي ۽ جڏهن ڪو هندو مري ويندو آهي ته کيس سور ڳواسي چئبو آهي.“

پڇيم ”۽ جڏهن انسان مري ويندوآهي، تڏهن کيس ڇا چئبو آهي؟“

امان چُلهه وٽان اٿي منهنجي سامهون اچي بيٺي. ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي.

”ڇا پئي ڏسين، امان!“ چيم، ”مان في الحال جيئرو آهيان. منهنجي مرڻ کانپوءِ فيصلو ٿيندو ته مان مرحوم سڏيو وڃان يا سور ڳواسي يا ٻيو ڪجهه.“

ويجهو اچي امان پنهنجو هٿ منهنجي مٿي تي رکيو ۽ ٿڌو ساهه کنيو.

مٿي تان امان جو هٿ هٽائيندي چيم، ڏاڍي محنت سان سور ڳواسي وحيد مراد جي اسٽائيل ۾ وار سيٽ ڪيا اٿم.“

امان چيو، ”وحيد مراد کي سور ڳواسي سڏي نه ٿو سگهجي. هو مسلمان هو. تنهن ڪري مرحوم آهي.“

”پڇيم، ”سور ڳواسي چوڻ سان هو موٽي ايندو ڇا؟“

امان غور سان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”تنهنجي باري ۾ جيڪي ڪجهه ڳالهيون ٻڌيون اٿم سي غلط نه آهن.“

رازداريءَ واري نوع ۾ کانئس پڇيم، ”ماما مجيد سي آءِ ڊي ۾ وڃي نوڪري ڪئي آهي ڇا؟“

”اجائي بڪ نه ڪر.“ امان مونکي پيار وچان دڙڪو ڏيندي چيو، ”مان تنهنجن سمورن ڀڏن ڪمن کان واقف آهيان.“

”تون منهنجي ماءُ آهين يا ڪمپيوٽر!“ چيم، ”ڪو ته هڪ  ڀڏو ڪم اهڙو به هجي ها، جنهن کان تون واقف نه هجين ها!“

امان غور سان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٻڌو اٿم، جادو منتر جي زور تي تون ڪڏهن ڪڏهن رڇ ٿي پوندو آهين!“

پيٽ تي هٿ هڻندي چيم، ”پيٽ دنيا جو سڀ کان وڏو جادومنتر آهي. مان بيڪار وقت ۾ مئل رڇ جي کل پائي جانورن واري باغ جي هڪ خالي پڃري ۾ ويهي رهندو آهيان ۽ پنج رپيا ڪمائي وٺندو آهيان.“

امان کي شايد منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه آيو. سندس منهن تي مرڪ تري آئي.

چيم، ”مان جيڪڏهن مئل رڇ جي کل کڻي نه به پايان ۽ ائين ئي پڃري ۾ ويهي رهان، تڏهن به مت جا موڙها ماڻهو مونکي رڇ سمجهندا.“

ٻئي هٿ منهنجن ڳٽن تي رکي امان مونکي نرڙ تي پيار ڪيو. چيائين، ”تون ته منهنجو  چوڏهينءَ جو چنڊ آهين.“

چيم، ”جيڪڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ آهيان ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته دنيا جي هر سهڻي ڇوڪري ڪنهن رڇ يا بن مانس سان  محبت ڪندي. ٺاهوڪا مرد پيا جهانجهه وڄائيندا.“

آڏي پڇا واري نوع ۾ ڳالهائيندي امان چيو، ”مون ٻڌو آهي، هر آچر تي تون ڊمپل ڊسوزا نالي ڪنهن ڇوڪريءَ سان ملندو آهين!“

”اها پروپو گنڊا منهنجي دشمن ابراهيم گنجي جي آهي.“ چيم، ”هن اڄڪلهه انگريزي فلمن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري منهنجي ڪڍ لڳل آهي.“

امان مرڪندي چيو ۽ مون اهو به ٻڌو آهي ته هر سومر تي تون ثريا ڀوپالي نالي هڪ ڇوڪريءَ سان ملندو آهين.“

”آهستي ڳالهاءِ.“ مون هڪدم امان جي وات تي هٿ رکي ڇڏيو. چيم، ”اجايو ڀوپالي قتل ڪيس ۾ نه ٻڌرائي وجهين.“

امان چيو، ”۽ مون ٻڌو آهي ته اڱاري ڏينهن تون ڪنهن انگريز ڇوڪريءَ سان ملندو آهي ۽ شيڪسپيئر جي ڊرامن مان ڊائلاگ ڳالهائيندو آهين.“

”اهو منهنجي مٿان سراسر الزام آهي.“ چيم، ”تون جنهن کي انگريز ڇوڪري ٿي سمجهين، سا اصل ۾ اڇي رنگ واري بدڪ آهي. منهنجي ساڻس ملاقات جانورن واري باغ ۾ ٿي هئي. هوءَ جيئن ته اڇي رنگ جي آهي، تنهنڪري فقط شيڪسپيئر جي ٻولي سمجهي سگهندي آهي.“

۽ پوءِ مان سوچ ۾ پئجي ويس ته منهنجي باري ۾ ايترن الزامن جي فهرست ڪنهن تيار ڪئي آهي! اول مونکي ابراهيم گنجي جو خيال آيو ۽ پوءِ حسين ۽ جميل مسٽر جميل جو خيال آيو. جميل بابت منهنجو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو. جميل وٽ جيئن ته سنڌ جا ٻه رورل ڊوميسائيل هئا، تنهنڪري هو قانوني طرح منهنجي باري ۾ يقين سان ڳالهائي سگهندو هو. هن جي دعويَ هئي ته هو منهنجي باري ۾ مون کان ۽ منهنجي ماءُ کان وڌيڪ ڄاڻيندو هو. ان ۾ ڪمال جميل جو نه هو. سمورو ڪمال سانگهڙ ۽ نوابشاهه جي رورل ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽن جو هو. مون کان بددل ۽ بدگمان ڪرڻ لاءِ جميل پارو کي ٻڌايو هو ته عورتن جي باري ۾ سنڌي ڏاڍا جذباتي هوندا آهن ۽ سهڻي عورت ڏسي جلد ترڪي پوندا آهن. هيءُ رڇ پڻ سنڌي آهي. بلڪه ڪٽر قسم جو سنڌي آهي. تنهن ڪري توکي ڏسي ترڪي پيو آهي. هيءُ سنڌ ۾ به ترڪي پوندو هو. گهڻو ڪري ڪراچيءَ جي صدر ۽ طارق روڊ وارن علائقن ۾ ترڪي پوندو هو. جڏهن کان اسلام آباد آيو آهي، ترڪڻ جاري رکيو اٿائين. هيءُ رڇ ڪنهن زماني ۾ فيملي پلاننگ واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو. اُتي، سهڻيون، من موهڻيون ڊاڪٽرياڻيون ۽ ليڊي هيلٿ وزٽرس ڏسي پندرهن دفعا ترڪي پيو هو. پارو کي يقين ڏياريندي جميل چيو هو ته، مان پڪ سان پئي سگهان ٿو ته هن رڇ جا به چار لاڳيتا رومانس هلي رهيا آهن. هڪ حيدرآباد ۾، هڪ ميرپورخاص ۾، هڪ  ميرپور ماٿيلي ۾، هڪ ميرپور بٺوري ۾، هڪ ميرپور آزاد ڪشمير ۾، هڪ سکر ۾، هڪ شڪارپور ۾ ۽ اڌ ڊزن کن ڪراچيءَ ۾؛ تنهنڪري تون رڇ کان پاسو ڪجانءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com