سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ٽالسٽاءِ جون اخلاقي آکاڻيون

باب: --

صفحو :5

 

محنت، موت ۽ مرض

 

محنت انسان کي سيکاري ٿي ته دنيا ۾ هرڪو ٻئي تي مدار رکي ٿو تنهن ڪري ڪنهن کي به ڪنهن سان ڦٽائڻ نه گهرجي.

موت دنيا جي بي بقائيءَ جي تصوير چٽي انسان جي ڪنڌ مان ڪلي ڪڍڻ لاءِ سٽيل آهي، جيئن هو پاڻ کي مهمان سمجهي سڀ سان مٺ محبت ۾ هلي.

مرض انسان جو غرور ڪڍي پيو ڦٽو ڪري ۽ کيس پنهنجي هيڻائي ۽ ڪمزوري ياد پيو ڏياري.

پر حضرت انسان اهي سهڻا سبق سڀ وساري الٽيءَ وهه ۾ پيو وهي.

*  *  *

پئٽا گونيا (Patagonia) جي لوڪن ۾ هيٺين ڏند ڪٿا مشهور آهي:-

جڏهن پهريائين ايشور ماڻهو پيدا ڪيا تڏهن اهڙو سلسلو رکيائين جو کين نڪا ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي، نڪي کين کاڌي، ڪپڙي يا ڪنهن اجهي جي گهرج ٿي پيئي. هرڪو انسان پورا هڪ سؤ ورهيه دنيا ۾ رهيو ٿي ۽ هر ڪنهن مرض کان آجو هو.

ڪيترو وقت گذري ويو. ڪنهن سمي انساني حالتن جاچڻ لاءِ جان کڻي پرميشور پرتال شروع ڪئي ته ڏٺائين ته ماڻهو پنهنجي نصيب سان راضي نه هوا، نڪي سندن دل ئي شاڪر هئي. هر ڪنهن کي پنهنجي سر جي لڳي پئي هئي، هڪ ٻي ۾ پي ٽڪريا ۽ سندن جيوت اهڙي ته خراب پي گذري جو حياتي هنن جي لاءِ نعمت جي بدران ڄڻ ته ڪو پاراتو هئي.

ڌڻي تعاليٰ دل ۾ ويچار ڪيو ته هي سڀ سندن هڪ ٻي کان جدا رهڻ جو نتيجو آهي. هرڪو پيو پنهنجي لاءِ جئي. انهيءَ نموني کي بند ڪرڻ جي خيال کان هن اهڙي ته کڻي ڪل ڦيري، جو ماڻهن لاءِ محنت کان سواءِ گذران ڪرڻ ئي مشڪل ٿي پيو. بک ۽ ٿڌ کان بچڻ لاءِ کين جاين جي ضرورت ٿيڻ لڳي، هو زمين کيڙڻ جو احتياج محسوس ڪرڻ لڳا ۽ چوپائي ڌڻ پالڻ کان سواءِ سندن گذارو ڏکيو ٿيڻ لڳو.

ڌڻيءَ ڄاتو ته پورهيو ضرور کين گڏي کير کنڊ ڪندو. ڪوبه انسان ڪاٺيون ڪرڻ، جايون جوڙڻ، اوزار ٺاهڻ، پوک ڪرڻ، لڻڻ،ڪتڻ، اُڻڻ، سبڻ وغيره سڀ ڪم پنهنجي سر تي ڪري ڪونه سگهندو، تنهن ڪري هرڪو لاچار محسوس ڪندو ته جيتري قدر ملي ڪم ڪبو، اوتري قدر پيدائش به وڌيڪ ٿيندي ۽ هر هڪ جي جيوت به سکي نبهندي. هٿ هٿ ڪري ڪم اڪلائڻ کان سواءِ ٻيو چارو نه هوندن ته ضرور هڪ ٻي سان محبت ۾ ورتڻ جي ڪوشش ڪندا. انهيءَ نموني شڪ نه آهي ته سندن پاڻ ۾ ايڪو ٿيندو.

وري ڪو زمانو گذريو. ملڪن جي مالڪ نگاهه ڪئي ته ڏسان ته انسان ذات سکي ٿي يا نه ۽ ماڻهن جي دل اندر راضپو آيو يا نه. پر ڏٺائين ته سندن حال اڳي کان به وڌيڪ خراب هو. ائين برابر هو ته هنن ڪم گڏجي ٿي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ ڌاران سندن سري ڪا نه ٿي؛ پر سڀني گڏ نه ٿي ڪيو. هنن جدا جدا ٽوليون کڻي ٺاهيون هيون. هر هڪ ٽوليءَ پنهنجو ڪم ڦيرائي ٿي ٻيءَ تي رکيو ۽ هنن هڪ ٻي جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي پي هڪ ٻي کي گهٽ ڪرڻ جون تجويزون سٽيون. سندن وقت ۽ قوت سموري جهڳڙي ۾ پي ضايع ٿي. اهڙيءَ روش مان گهاٽو به هر ڪنهن جو هو.

اهو حال ڏسي ايشور فيصلو ڪيو ته ماڻهن کي موت جي پوريءَ تاريخ کان اڻڄاڻ رکجي ۽ پوري سؤ ورهين جي زندگيءَ بدران ڪنهن به عمر ۾ سندن مرڻ ممڪن ڪجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ماڻهو ڏسندا ته سندن حياتي صرف هڪ سنهي ڌاڳي سان اٽڪيل آهي ۽ ڪنهن به وقت اهو ڌاڳو ڇڄي ۽ ديهي ڀڄي، تڏهن جهيڙي جهڳڙي ۾ قيمتي وقت وڃائڻ کان ضرور حذر ڪندا ۽ هر هڪ پل کي بي بها غنيمت سمجهي ان جو قدر ڪرڻ سکندا. جڏهن ڏسندا ته

ڪال بندي جي سر تي ٿو پل پل پڪاري

ڪي مڱيا ئي ماري وجهي ڪي ڪهي ڪنواري

ڪي لاون ۾ لڙهي وڃن ڪي خان مٿان کاري

ڪي پيريءَ ۾ پيا رهن ڪي جوان نه جياري

تڏهن سندن مغز جاءِ ايندو ۽ حياتيءَ جا هيرا لعل ائين هٿن سان ويرٿ ڦٽي نه ڪندا ۽ نڪي هڪ ٻي سان وڙهي ٿوري جيئڻ لاءِ مٺي محبت ۾ گهاري وجهندا.

ورهيه گذرندي ويرم ڪانه ٿئي. وري ايشور تپاس تي نڪتو. اچي ڏٺائين ته مار، هت ته اٽلندو قصو ئي ڳڙڌاڻي ٿي پيو آهي! ڪي ماڻهو ٻين کان وڌيڪ مضبوط آهن ۽ ڇاڪاڻ ته خبر اٿن ته موت ڪنهن به وقت اچي ٿو سگهي تنهنڪري پاڻ کان هيڻن کي آزاري ۽ مٿن حملو ڪري ڪن کي راهه عدم روانو ٿا ڪن ته ٻين جو ساه سڪائي هميشہ کين خوف ۾ اڌ مئل ٿا رکن. اڳ جڏهن عمر مقرر هوندي هئي تڏهن هر ڪنهن کي خبر هئي ته ڪوبه پنهنجي معياد کان اڳ نه مرندو ۽ انهيءَ ڪري ڪوبه پاڻ کي ٻين جي حياتيءَ جو والي نه سمجهندو هو. هاڻي جڏهن ڏٺائون ته ’موت نه پڇي مند‘ تڏهن مڪو مچي پين ۽ هرڪو ڏاڍو هيڻي مٿان ستم جي ڇري وهائڻ لڳو. ’جيڪو ڏاڍو سو گابو‘ وارو قاعدو چؤڏس چوڌار مروج ٿي ويو. جيڪي قوت ڪڙائيءَ وارا مڙس هوا تن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. سندن ڇاڙتا به فرحت ۾ گذارڻ لڳا. باقي چٽي اچي پيئي ڪمزورن تي. رات ڏينهن پيا ڳهندا هوا ۽ پنهنجي طاقت تان گهڻو وڌيڪ وهندا هوا. هو ڏنڊا ڏوٽا سندن پگهر جي پورهئي جو کٽيو کائي ويا سڄندا ۽ هي غريب هڏ هڻي هڻي، ساڻا ٿي، ويا سڪندا ۽ سڙندا. ڏاڍا هيڻن کي ڪراهت جي نظر سان ڏسندا هوا ته هيڻا وري خوف وچان نه ڪڇي، اندر ۾ پيا پوسڙندا هوا ۽ آهون ڪندا هوا. پيا تڪيندا هوا ته من ڪڏهن ’ آه غريبان قهر خدائي‘ وارو قصو بڻجي. ڏاڍا ٿيا زميندار ته هيڻا ٿيا ڪڙمي؛ ڏاڍا ٿيا ڪارخانن جا مالڪ، ته هيڻا ٿيا پورهيت؛ ڏاڍا ٿيا سيٺيون، ته هيڻا ٿيا چاڪر؛ مطلب ته ڏاڍا ٿيا امير، هيڻا ٿيا فقير. انهيءَ ويڇي دنيا جي صلح ۾ باقي به رخنو وڌو ۽ نفرت، ڌڪار ۽ غريبان مار وڃي چوٽ تي پهتيون.

ايشور اهو حال ڏسي پويون هٿيار هٿ ۾ کنيون. هر ڪنهن قسم جو مرض ماڻهن ۾ ڦهلائي ڇڏيائين؛ انهيءَ خيال سان ته جڏهن بيماريءَ جي بستري تي تڪليف پسندا، تڏهن محسوس ڪندا ته تندرست ماڻهوءَ کي بيمار سان همدردي ڏيکارڻ، ان تي رحم ڪرڻ ۽ هن کي مدد ڪرڻ لازمي آهي، نه فقط انساني لحاظ کان، پر انهي ڪري به، ته جيڪڏهن پاڻ ڪنهن سان به پير کڻندوته تڪليف جي وقت ۾ ٻيا به اچي سندس دلبري ڪندا. انسان دک سک جو پتلو ٿي وڌيڪ ديا ڌاريندو ۽ سندس ڪنڌ مان ڪلي نڪري ويندي. بيمارن جي شيوا ۽ ٽهل ۾ انساني من ڀڄندو به ويندو ۽ سنگدل جي بجاءِ چوطرف ڪومل هردو به پيدا ٿيندو ويندو. ٻئي طرف اخلاقي واڌارو ڪندا. سهائتا ڪندڙن جا اندر اوجل ۽ نماڻا ٿيندا ۽ بيمارن جي اک کلندي ته ڪيئن نه هو لاچار وقتن تي ٻين جي همدرديءَ جا محتاج آهن. ائين ڏسي سندن دل اندر شڪر گذاريءَ جو مادو پيدا ٿيندو ۽ سندن پٿر دل پاڻي ٿي پوندي.

مٿيون بندوبست ڪري ايشور وري انسان ذات کي ڇڏي ڏنو. موٽي جڏهن اچي چڪاس ڪيائين ته ڏٺائين ته جنهن منٽ کان مرض منهن ڪڍيو هو، تنهن منٽ کان انسان جي حالت تمام ذليل ٿي پيئي هئي. جن مرضن لاءِ ايشور سمجهيو ٿي ته هنن کي گڏي هڪ ڪندا، تن اٽلندو سندن خانو خراب ڪري اخلاق بگاڙي ڇڏيو هو. جيڪي ٻين کان ڪم وٺڻ تي هريل هوا، سي هاڻي بيماريءَ جي وقت اٽلندو کائن اوجاڳا ڪرائڻ ۽ خذمت وٺڻ لڳا. جيتوڻيڪ پاڻ ڪنهن جي شيوا  ڪندا هوا، ته به پنهنجي شيوا ڪرائڻ ۾ پاڻ کان هيڻن جي مٽي پليد ڪري ڇڏيندا هوا. هنن ويچارن کي ايترو ته رڌل رکندا هئا، جو کين پنهنجي گهر جي بيمارن جي سار سنڀار لهڻ جو وقت به نه ملندو هو. ڏاڍي جي ڏنڊي کي مٿي ٽيڪندي کين پنهنجن ڀاتين کي صدقي جي ٻڪري ڪري ڦٽي ڪرڻو پوندو هو. وري ڪي مرض وچڙندڙ سمجهڻ ۾ آيا، جنهن ڪري انهن ۾ گرفتار ٿيلن جي ويجهو وڃڻ کان ماڻهو ڇرڪڻ لڳا. نه فقط انهن کان پر انهن کان به، جيڪي سندن ٽهل ٽڪور ڪرڻ جي جريت رکندا هوا. اهڙيءَ طرح اٽلندو خود غرضي، تن پرستي، سنگدلي ۽ بي دردي ويئي وڌندي؛ هڪ انسان ۽ ٻي جي وچ ۾ ويڇو ويو وڏو ٿيندو. اهو حال ڏسي ايشور خيال ڪيو ته جنهن صورت ۾ هنن سان جيڪا چڱائي ٿي ڪجي، سا کين ڦيرائي پٽ تي ٿي هڻي ۽ سندن حوصلو خطا ٿي ڪري ڇڏي، تنهن صورت ۾ هاڻي کين ڇڏي ڏجي ته ڀل ته ڌڪ کائي سکن. نيٺ جڏهن وڙهي وڙهي ڍانگا ٿيندا تڏهن پاڻهي عقل جاءِ ايندن ۽ سچي سک خواه آنند جي تلاش جو فڪر لڳندن.

ان کان پوءِ ايشور انسان ذات جو اونو لاهي ڦٽو ڪيو.

ماڻهن جو ڪجهه وقت ته حقيقت جي طرف رجوع ٿيڻ کان سواءِ گذري ويو. کين پتو ڪونه پيو ته ڪهڙيءَ ريت سکي گذارڻ برابر يا ممڪن آهي. پر نيٺ ڪي سمجهڻ لڳا ته ٻيلي پورهئي جي هروڀرو اها معنيٰ نه آهي ته ”راڄل ويٺي راڄ ڪمائي، مانگل ويٺي پوڙهيا ڪري،“ يا هڪڙا ٻين کي غلاميءَ جي گهاڻي ۾ چاڪيءَ جي بيل جيان انڌا چڪر کارائين ۽ وهائين ته ٻيا ويچارا ڪاري پاڻيءَ جي قيدين جيان پيا قيد ۾ ڪال ڪاٽين. پورهيو ته اٽلندو آنند جو سرور ٿيڻ گهرجي، جو سڀني اڃايلن کي آب رسائي، سندن غير آباد ۽ برباد دليون آباد ڪري. زندگيءَ جي تسبيح ۾ پورهئي جوئي ڌاڳو آهي جو جدا جدا داڻن کي ملائي هڪ سڄي جا جزا ٿو بڻائي ۽ جدائيءَ جو ڀيد ڀوري ڀڃي ٿو ڇڏي. اهو پڻ هو محسوس ڪرڻ لڳا ته جڏهن ڪال قهري ڪمان کنيو انساني جسم کي هردم چٽڻ لاءِ تيار بيٺو آهي ۽ ڪنهن وقت جان کان بي جان ڪري ڇڏي، تڏهن ڇو نه حياتيءَ جو جيڪو به وقت مليئون سو پريم، آنند، دلي محبت ۽ ساز ۾ صرف ڪيون. پڇاڙيءَ ۾ اهو پڻ نشچي ڪيائون ته سبب ئي ڪونهي جو مرض ماڻهن ۾ جدائي وجهي. انهيءَ لاچاريءَ جي ڪري ته اٽلندو ڀراتري ڀآءٌ وڌڻ گهرجي، پيار محبت اسرڻ کپي ۽ قرباني خواهه پر اپڪار جو خيال زور ٿيڻ گهرجي.

اهي خيال ويچاري ڪن اشرافن انهيءَ ڏس ۾ قدم کڻڻ شروع ڪيو. پاڻ عمل ڪري ٻين کي علم ڏيڻ لڳا. سندن سکيا جي اثر هيٺ انساني خيال ۽ طبع ۾ ڦيرو ايندو ويو ۽ جلدئي ڪيترا ڀلا ماڻهو پنهنجي شخصي زندگيءَ ۾ انهن سونهري خيالن تي هلي، ٻاهر عام جيوت کي ٺاهڻ لاءِ منڊليون ۽ سوسائٽيون برپا ڪرڻ لڳا. برائيءَ جي وايو منڊل ۾ چڱائيءَ ۽ حق جو نعرو لڳڻ شروع ٿيو.

اهو پرچار اڃا تائين جدا جدا ٻولين ۾ جدا جدا جسمن دواران پيو ٿئي. پنجئي آڱريون برابر نه آهن، تنهن هوندي به ٻج کوٽي ڪانهي. هن ڪاري ڪلجڳ (چوڏهين صديءَ) ۾ ڪيترا رحمدل ۽ ديوتا پرش انسان ڏسجن ۽ ٻڌجن ٿا، جن جو مٺو سڀآءٌ، دکين سان همدردي، انسان ذات لاءِ اڻ ورچ ۽ بي طمع خذمت وغيره گڻ، ڪاريءَ ٻاٽ اونڌاهيءَ ۾ روشن قطب جيان رهبري ڪري پيا رلين جي راهه سنوارين ۽ دلاسو ڏين ته

اڃا به آهين، سڀ نه ويا سنسار مان.

اهي زنده دل انسان جتي وڃن، اتي پريم پلٽين ۽ محبت ونڊين. شل سندن پيار جون لهرون انسان ذات جي دلين جي اندرين تهه ۾ وڃي پهچن ۽ وري جت ڪٿ پريم ڦهلجي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com