ٻه ياتري
]نه گيان سان، نه واڻيءَ سان، آءٌ ملان ٿو ڪرم سان (گيا).
علم خواه زبان روحاني راه تي پار نه پهچائيندا جيڪڏهن انهن سان
عملي صفائي شامل نه هوندي.
عالم جي ٿيو نه عامل دفتر لکيو ته ڇا ٿيو.
رهڻيءَ رهيو نه سپرين ته ڪهڻيءَ ڪبو ڪوه.
مک سان رام چئي سانت نه اچي جيءَ کي،
ان پاڻيءَ جي نانءَ سان اُڃ بک ڪين لهي،
نگر پهچي ڪونه ڪو بنا پنڌ ڪئي،
گر گم رهت رهي ته سکي ٿئي سامي چئي.[
* * *
ڪنهن سمي ٻه ڪرستان پير مرد ايشور- پوڄا ۽ زيارت جي خاطر
جيروسلم وڃڻ لاءِ سنڀريا. هڪڙو هو شاهوڪار ڪڙمي،
جنهن جو نالو هو ايفم، ٻيو هو ويچارو غريب پورهيت،
جنهن کي ايليشا ڪري سڏيندا هئا.
ايفم ايماندار، شوخ مزاج ۽ عزت وارو سکيو ماڻهو هو. هو نڪي شراب
ورتائيندو هو، نڪي تماڪ ڇڪيندو هو ۽ نڪي وري ناس
ئي ڪم آڻيندو هو. حياتيءَ ۾ ڪڏهن به گندو لفظ وات
مان ڪونه ڪڍيو هئائين. ٻه دفعا ماڻهن کيس ڳوٺ جو
مکي چونڊيو هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ پئسي جي حالت
ڪڏهين به پؤڻي نه پيئي. وڏو ڪٽنب هوس. ٻه پٽ ۽ هڪ
پرڻيل پوٽو، جي سڀ گڏ رهندا هوا. هو پاڻ به مضبوط،
سگهارو ۽ تندرست انسان هو. سندس سونهاري جان تان
ڊگهيري هئي. ستر ورهين جي ڄمار ۾ به هو سنئين ڪنڊي
سڌو گهمندو هو ۽ جيتوڻيڪ مٿي ۾ پريا پئجي ويا هئس
ته به سندس ڏاڙهيءَ ۾ اڇن وارن اڃا مس ٿي منهن
ڪڍيو.
ايليشا پڻ پيرسن هو. دال روٽيءَ جي ڪمي ڪا نه هئس. اصل ڊکاڻڪو
ڪم ڪندو هو پر هاڻي ٻڍو ٿي ويو هو ۽ مکين جا
مانارا رکي گذران ڪندو هو. هڪڙو پٽ پرديس هوس، ٻيو
ساڻس گڏ گهاريندو هو. ايليشا خوش طبع ۽ رحمدل هو.
شراب ۽ ناس سان دل هئس. راڳ جو شوقين هو. پنهنجي
ڪٽنب ۽ پاڙيسرين سان مٺو رستو هوس.
ٻنهي ٻڍن ڳچ وقت کان ٿي زيارت جا سانباها ڪيا پر ايفم هميشہ رڌل
رهندو هو. سندس ڪم کٽڻ جوئي نه هو. ڪڏهن پوٽو
پرڻائڻو هوندو هوس، ڪڏهن جهوپڙي اڏائڻي هوندي هئس
ته ڪڏهن وري ڪنهن مهمان جي خاطرداريءَ ۾ رڌل هوندو
هو. هميشہ ائين پيو چوندو هو ته هيءُ ڪم لهي ته
پوءِ بي ڦرني ٻاهر نڪرندس. ايليشا کيس گهڻو ئي
سمجهائيندو هو ته وقت ۽ ويرِ ڪنهن جي لاءِ به ڪونه
ٿا ترسن؛ تنهن ڪري فرصت کي غنيمت ڄاڻي پنهنجو
ڪاروبار جوان پٽن کي سونپي آهر الاهر نڪري پئُه
ٻاهر. پر هيءُ سائينءَ جو سنواريو جو مايا جي موه
۾ چوکنڀو اٽڪيل هو، سو ڪٿي ٿو اهي سمجهاڻيون ٻڌي.
چوندو هو ته پئسا موجود ڪين اٿم. ايليشا چوندو هوس
ته ڪجهه ٽپڙ وڪڻي پورائو ڪر؛ مال متاع جي ڪمي ته
ڪانه اٿئي؛ مٿي کان پوءِ مايا مٿي تي ڪانه وهندي.
چوندو هو ته گهر ۾ شانتي نه هجي ۽ ڪٽنب ٻڌل نه هجي
ته ٻاهر ڪيئن نڪرجي. جواب ڏيندو هوس ته يار:
ڪت ساري ڄمار پر پانڌي پوري نه پوندءِ.
توکي گهر جي ٺاهڻ جي ڳڻتي آهي باقي آتما وڃي ڊهندي. ان جو اونو
رکين ئي نٿو. جڏهن بي بها هيرا ماڻڪ هٿن مان
هارائي وهندين تڏهن هٿ ملڻا پوندءِ؛ پر پوءِ:-
هاءِ هاءِ مان هٿ نه ايندو، وقت گذريو واءِ واءِ.
نيٺ ايفم جو عقل جاءِ آيو. محسوس ڪيائين ته حياتيءَ ۽ موت جو
مالڪ آهي موليٰ، سو جيسين سرير ۾ ساهه آهي تيسين
همت ٻڌي ۽ سعيو ڪري ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺجي. هفتي
اندر ٻئي تيار ٿيا. ايفم هڪ سؤ روبل پاڻ سان کنيان
۽ ٻه سؤ پنهنجي ٻڍيءَ زال کي خرچ لاءِ ڏنا. ايليشا
پنهنجا رکيل مانارا وڪيا ۽ ڪجهه مانارن جا واعدا
ڏيئي ستر روبل هٿ ڪيا ۽ باقي ٽيہ روبل ڪٽنب جي
ڀاتين جي ميڙي چونڊي صاف ڪري کيسي ۾ وڌائين. سندس
ٻڍي زال کي جيڪي روبل ڪفن لاءِ بچيا رکيا هوا، سي
به هن سڀ ڪڍي ڏندس. اهڙيءَ طرح ننهڻس پڻ ڳوٿري ئي
کڻي سندس اڳيان ڀيٽا رکي. ان ريت پڙ پالهو ڪري هو
سفر لاءِ تيار ٿيو.
ايفم هلڻ مهل پٽ کي لنبيون هدايتون ڏيڻ لڳو ته فلاڻيون زمينون
مقاطي تي ڏج، زمينن کي پاڻي هن ريت ڏج، جهوپڙيون ۽
منهه هن ريت ٺاهج وغيره. سئيءَ سڳي سوڌو کيس
سمجهائڻ لڳو. ايليشا صرف هڪ هدايت پنهنجي زال کي
ڪئي ته نوان مانارا ٿين ته واعدي موجب لهڻيدارن کي
بنا دير پهچائج، باقي گهر جي ڪم ڪار لاءِ اوهان
مالڪ مختيار ويٺا آهيو؛ جيئن سهڻي اچيو تيئن
نباهجو.
ٻئي گهر کان ٻاهر نڪتا، سندن مائٽ کين ڳوٺ جي حد تائين ڇڏڻ آيا.
انهن کان موڪلائي هو اڳتي وڌيا. ايليشا اڃا ڳوٺ کي
پٺ ڏني مس ته سڀ گهر ٻار جا خيال سندس مغز مان رفو
چڪر ٿي ويا. هلڪي دل ۽ پوتر دماغ سان هو سنتن جا
شبد ۽ هري ڪيرتن اچاريندو پريم وچان هلندو هليو.
واٽ تي صرف اهوئي خيال هوس ته ڪيئن ساٿيءَ جي شيوا
ڪريان، ڪيئن زبان مان کهرائپ ڪڍي مٺو ٻوليندو هلان
۽ ڪيئن پنهنجي منزل مقصود تي ۽ اتان موٽي گهر، سک،
آرام، صلح ۽ شانتيءَ سان پهچان. واٽ تي ڪو گڏيو
هوس ته ان سان پريم جا ٻه ٻول ٻولي ڪانه ڪا چڱائي
ڪري گذرندو هو. ناس جي سو ٻاڙ لڳل هئس. پر اوها به
ڪجهه قدم پوئتي هٽي لڪي چپٽي چاڙهيندو هو، جئن
سندس ساٿيءَ کي سَڌ نه ٿئي.
ابفم به ڌيري ڌيري هلندو هليو. ڳالهائيندو تمام ٿورو هو ۽ ڪابه
خرابي يا خطا ڪانه ڪندو هو، پر سندس دل ۾ آنند ۽
آرام ڪون هو. اندر ۾ گهر جي چورا کورا ۽ اڻ تڻ لڳل
هئس. خاطري نٿي ٿيس ته ڪو پٽ ڪم چڱي طرح هلائيندا
هوندا. اوچتا پور پيا پل پل پوندا هئس ته جيڪر
فلاڻي ڳالهه پٽ کي چئي ڇڏيان ها ته چڱو. واٽ تي
ٻنيون ۽ ٻارا ڏسي ٿڌا ساهه پيو کڻندو هو ته پٽ
الاجي پنهنجين ٻنين سان ڇا ڪيو. اها چوراسي سندس
چت کي ايترو ته هلاک ڪندي هئي جو وقتي ته پوئتي
موٽڻ جا به خيال ڪندو هو. دل ۾ ائين ايندو هوس ته
جيڪر ٻه اکر پٽ کي سمجهائي پوءِ بي چنتا ٿي موٽان
ته چڱو.
مسافري هلندي هلي. واٽ تي اهڙا به ڳوٺ آيا جتي کين کارائڻ لاءِ
ماڻهو منتظر هوا ۽ هر ڪنهن کليءَ دل سان سندن
آجيان ٿي ڪئي. اها وستي لنگهي هڪ ڏڪر جي ماريل
پرڳڻي ۾ پير پاتائون. هتي رهڻ لاءِ جاءِ جام هئي،
پر کائڻ لاءِ کاڌو ڪونه هو. ڳچ پئسا خرچي هنن ڪجهه
ڏينهن جو ثمر پاڻ سان کنيون. واٽ تي ايليشا کي اچي
اڃ ورتو ۽ پاڻيءَ ڍڪ پيڻ لاءِ هڪ جهوپڙيءَ ۾ گهڙي
ويو. ايفم اڳتي هلندو هليو.
ايليشا جي پهرين نگاهه ڌرتيءَ تي پيل مرد تي پيئي جو ائين ٿي
ڏٺو ته جڏهن سمهيو هو تڏهن اتي ڇانو هئي، پر هن
وقت ته تتل سج جي ’ڪانو جي اک ڪڍندڙ‘ اس مٿائنس
اچي ويئي هئي. جيتوڻيڪ کيس نيڻن ۾ ننڊ ڪان هئي، ته
به چريو پريو اصل ڪونه ٿي. بيجان بت جيان شيخ ٿيو
پيو هو. ايليشا کانئس پاڻي گهريو پر جواب نه مليس
اتي ايلشا کي اندران هڪڙي ٻالڪ جي روئڻ جو آواز
ٻڌڻ ۾ آيو. هن گهڻيئي سڏ ڪيا پر جواب ندارد.
اندرئين ڪمري ۾ هڪڙي ٻڍي عورت بينچ تي ويٺل ڏٺائين
جنهن کي بدن تي صرف خميس کان سواءِ ٻيو ڪجهه به
پهريل ڪونه هو. سندس پاسي کان هڪ ڪڪيءَ ٿي ٻاڏايو
۽ ٻاڪاريو. ڇوڪريءَ جو پيٽ سڄيل ۽ شڪل پيلي ڏسي
ايليشا منجهي ويو. ڇوڪر ماني ڳڀي لاءِ ٿي رڙيو.
ڪوٺيءَ ۾ اندر بدبوءِ ۽ گندگي ايتري ته هئي جو
ساهه ٿي گهٽيو. ٿورو پرڀرو هڪ ٻي عورت منهن ڀر
پيئي هئي ۽ ائين ٿي نظر آيو ته هن جو دم لبن تي هو
۽ قريب- المرگ هئي. ايليشا جون وايون ولهڙيون ٿي
ويئون ۽ حوصلو خطا ٿي ويس. سندس دردشا ڏسي هن جو
من ڀرجي آيو. ٻڍيءَ آواز ڪري چيو، ”ڀائي، توکي ڇا
کپي؟ اسان وٽ ته ڪجهه ڪينهي.“ ايليشا ويجهو وڃي
پاڻي گهريو پر مائيءَ وراڻي ڏني، ”اي نيڪ مرد،
پنهنجو رستو وٺ؛ هتي پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونهي. مرد
ٻاهر موت جي چنبي ۾ آهي ۽ اسان اندر پنهنجا دم
پورا ڪري رهيا آهيون. ڪوبه اسان جي سار سنڀار لهڻ
وارو ڪونهي. ڇوڪر هوڏانهن بک ۾ پاهه پيو ٿئي؛ باقي
ڪي منٽ آهن؛ سڀ وڃي سکي ٿينداسون.“
اتي ٻاهر ستل مرد به رڙهي ڪوٺيءَ ۾ آيو، پر جلدئي ساڻو ٿي ڪري
پيو. ٻن چئن منٽن کان پوءِ تڪليف سان هڪ هڪ لفظ
ڪڍي ڳيتون کائيندي چيائين، ”اي سائينءَ جا بندا،
اسان سڀ بيمار آهيون. ڏس هوڏانهن هو ڇوڪر مرڻينگ
پيو آهي. ائين چئي اچي ڦٿو. اکين مان ڳوڙها بس ئي
نه ڪنس. چيائين ته اسان ڪنهن وقت چڱي حال ۾ گذاريو
آهي. اسان جا فصل کري پيا ۽ اسين ڏتڙجي وياسون.
جيڪي بچايو هوسون سو به کائي کپائي ڇڏيوسون. ماڻهن
به ڪجهه وقت واهر ڪئي پر نيٺ اوهي به ڪڪ ٿي پيا ۽
ڇڏي ڏنائون. جن جي اڃا به مدد ڪرڻ جي مرضي هئي، تن
جو پنهنجو حال هيڻو ٿي پيو. پنڻ نٿو پڄيئون. ڪم جي
ڳولا ڪئي سين، پر اهو به نصيب نه ٿيو. نيٺ گاه
کائڻ لڳاسون ۽ هڪ هڪ ٿي وياسون بستري داخل ٿيندا.
پاڙيسري اندر نهاري اسان جو برو حال ڏسي حقارت
وچان هليا ويندا آهن ۽ هاڻي ته منٽ منٽ ۾ ويٺا موت
جو انتظار ڪڍون.“
مٿيون دل ڳاريندڙ دردناڪ احوال ٻڌي ايليشا پنهنجي ساٿيءَ ايفم
سان انهيءَ ڏينهن گڏجڻ جو خيال لاهي ڇڏيو ۽ رات
رهڻ جو پڪو ايرادو ڪيو. پريندڙيئي گهر جي هاج کي
جنبي ويو، ڄڻ ته گهر ڌڻي هو. باه ٻاري مانيءَ
ڳڀوهر هڪ جي پيٽ ۾ وڌائين. پاڙي وارن کان ضروري
شيون وٺي آيو. جهوپڙيءَ ۾ ڪجهه ڪونه هو؛ ٻانڀڻ ٿي
نچيو. هن يڪدم گهربل شيون ميسر ڪيون. انهيءَ سهيڙ
۽ بيمارن جي خذمت ۾ ٽي ڏينهن لنگهي ويس. جهوپڙي
اهڙي صاف ٿي ويئي جو کير هار ته ميرو نه ٿئي ڇوڪرو
ٽپا ڏيڻ ۽ نچڻ لڳو، ڇوڪريءَ جي لبن تي لعلاڻ اچي
ويئي ۽ ٻڍي خواهه نوجوان عورت وري ساهه کڻڻ جهڙيون
ٿيون. سڀيئي ساڄا ٿيا، پر جيسين روزگار جو بلو ٿئي
تيسين وري ساڳئيءَ حالت ۾ ڪرڻ جو انديشو ۽ امڪان
هو. روزگارن جي به تنگي هئي. ايليشا اڳتي وڌڻ جا
خيال ڪرڻ لڳو ته وري اهي زردا ڦٿل چهرا اکين اڳيان
ڦرڻ لڳس. ويچار ڪيائين ته جي مان هليو ويس ۽ هنن
جي گذران جو ڪو بندوبست نه ٿيو ته وري اهائي ڪار
ٿيندن ۽ منهنجي سموري ڪئي ڪمائي ڪٽ ٿي ويندي. نه
فقط جاڳندي، پر ستي ننڊ ۾ به ننڍڙن بکايل ٻارن جون
صورتون پي اکين اڳيان ڦريس جن ڪوٽ جي پلو کي پڪڙي،
مانيءَ لاءِ منٿون ٿي ڪيس. نيٺ ٻه چار ڏينهن ٻيا
به رهي، سندن گروي رکيلُ ٽڪر ڇڏائي، کين گهوڙو ۽
کيتيءَ جا اوزار وٺي ڏيئي، هن سندن آئينده جو
بندوبست مڪمل ڪيو. مرد پوکيءَ کي لڳي ويو ۽ سارو
گهر بهار بهار ٿيڻ لڳو. هڪڙيءَ رات جو جڏهن سڀني
مٺيءَ ننڊ ۾ ڦوڪون ٿي ڏنيون، تڏهن ايليشا چپ چپاتو
اٿي ڳوٿري ڪلهي تي رکي، پير پير ۾ پائيندو
جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري پنهنجي دوست ايفم سان گڏجڻ
لاءِ روانو ٿيو.
ٽن ميلن جي پنڌ کان پوءِ پره ڦٽي پرڀات ٿي ۽ ايليشا وڻ جي هيٺان
ويساهينءَ لاءِ وسرامي ٿيو. ڳوٿري کولي ڏٺائين ته
باقي سترهن روبل اچي بچيا هوا. انهيءَ ٿوريءَ رقم
سان سمنڊين پار پهچڻ محال هو، سو خيال ڪيائين ته
موٽي گهر هلجي. دوست ايفم ڀل ته اڪيلو گهمي اچي.
وري خيال آيس ته پني پورائو ڪجي، پر اندر واري
جهڻڪيس ته پنڻ ڪري ذليل ٿيندين ۽ گناهن ۾ ڪرندين.
نيٺ دل کي ڏڍ ڏيئي چيائين ته ايفم منهنجي پاران
جوت جڳائي ايندو. مالڪ مهربان آهي، رحمان رحيم آهي
سو ضرور مونتي کميا ڪندو. ائين ويچاري پوئتي موٽ
کاڌائين ۽ ٻاهريون چڪر ڏيئي اچي ٻنڀي پيٺو. گهر سڀ
اچي چنبڙيس ۽ احوال پڇيائونس؛ هن صرف ائين چيو ته
ايشور جو حڪم ائين هو. منهنجو خرچ واٽ تي کپي ويو،
تنهن ڪري مسافري بند ڪرڻي پيم. ايفم جي مائٽن کي
به ساڳئي نوع ۾ جواب ڏنائين. ماڻهو عجب کائڻ لڳا
ته ايليشا جهڙو عاقل اهڙو بيوقوف ڪئن ٿيو، جو واٽ
تي موڙي کپائي. زيارت ڪرڻ کان سواءِ موٽي آيو. پر
’لوڪ جو ٻوڪ‘ مڙيوئي ٻه ڏينهن هلندو آهي، سو نيٺ
سڀني کان اِها ڳالهه وسري ويئي. مکين جا مانارا
تيار ٿيا. زال ڪجهه لڪائڻ ٿي چاهيا، پر ايليشا سڀ
ظاهر ڪري لهڻيدار کي ڏهن جي بجاءِ سترهن ڏنا.
اهڙيءَ طرح سمورو ڪم ڪار لاهي هو رواجي ڪرت ۾
مشغول رهيو.
هيڏانهن ايليشا جو هيءُ حال هو ته هوڏانهن وري ايفم سڌوئي سڌو
هلندو هليو ۽ ڪيترن ڏينهن جي بحري ۽ بري مسافريءَ
بعد اچي جيرو سلم ۾ پهتو. واٽ تي بندرن تي سندس
ساٿي جهاز تان لهي وڃي ديوليون وغيره ڏسندا هوا،
پر هيءُ هڪ هنڌ سڪ سبيو پيو هوندو هو. جيرو سلم ۾
مقرر ڏينهن تي سڀ زيارتي وڏيءَ ديول ۾ اچي ڪٺا
ٿيا. اتي سڀني کي هڪ هنڌ بهاريو ويو ۽ مردن کي
زالن کان جدا ڪيو ويو. پوءِ بوٽ لاهي سڀ پيرين
اگهاڙا گول چڪر ٻڌي ويٺا. هڪڙو ٻائو آيو جو سندن
پير ڌوئڻ لڳو. ڌوئي ٽوال سان ٿي اگهيائين ۽ صاف
ڪيائين؛ پوءِ انهن کي چمي ڏيندو اڳتي ٿي هليو. ان
کان پوءِ سڀني ضروري مريادا پوري ڪري پاٺ پوڄائون
ڪيون. ٻي ڏينهن مصر واريءَ ميريءَ جو مقبرو ڏسڻ
ويا، جتي هن پڇتاءَ ۾ گذاريو هو. ايفم کي سندس
ساٿي جو واٽ ۾ هم رڪاب ٿيو هوس، تنهن وقت بوقت
هدايتون ٿي ڏنيون ۽ مقرر جاين تي واجبي انداز پئسن
جو ٿي رکايو. گهر موٽڻ تي جڏهن کائي پي آرامي ٿي
ٿيا، تڏهن هن دانهن ڪئي ته منهنجو ٻٽو نئون
چورائجي ويو آهي. منجهس ٽيويهه روبل پيل هوا.
گهڻوئي ڦٿڪيو پر ڇا ڪري. روئي پٽي ويهي رهيو. ايفم
دل ۾ پيو چوي ته هي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. وٽس پئسا هوا
ڪٿي؟ مون کان سو هنڌ هنڌ تي رکايائين، پر پاڻ ته
سڃين هٿين ٿي هليو. وري ويچار آيس ته اهڙي ڌرم
آستان تي ههڙا شڪ اُٿارڻ ۽ سچي ڳالهه کي ڪوڙو
ٺهرائڻ هڪ عظيم گناهه آهي. مون کي ڪهڙو حق آهي جو
ڪنهن کي خراب سمجهان. پر اِهو مساڻي گيان ايندڙ
منٽ ۾ مايا جي ڀولي ۾ ڀلي ويس ۽ وري ساڳيا واهيات
خيال وڪوڙي ويس. چوڻ لڳو ته پڪ ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽
چالاڪي ٿو هلي.
صبوح جو سوير ئي اُٿي ٻئي حضرت عيسيٰ جي سماڌيءَ ڏانهن هليا.
اُتي هر ڪنهن قوم جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا هوا ۽ هڪڙي
ٻائي کين جدا جدا جايون جتي حضرت عيسيٰ کي ميخون
هنيون ويئون هيون، يا جتي کيس ڪنڊن جو تاج پهرائي
وهاريو ويو هو، يا جتي کيس ٻڌو هوائون جڏهن سولجرن
ڏنڊا ٿي هنيس، سي سڀ ڏيکاريون. ايفم سان سندس ساٿي
ساڻ هو ۽ ان بابت کيس دل ۾ سوين گمان ٿي اٿيا. پاڻ
کي گهڻو ٿي جلهيائين ۽ پليائين پر سندس بي ايمان
دل کي ڌيرج نه آيو. هر گهڙي پنهنجن پيسن کي هٿ
لائي ٿي ڏٺائين ته سلامت آهن يا نه. پرارٿنا به
پيو ڪري ته ساڳي وقت ٻٽونءَ کي به نظر ۾ پيو رکي.
پيو چوي ته يا ته منهنجو ساٿي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، يا
جي سچ پچ پئسا ويا اٿس ته مون کي به ته ساڳيو ڀؤ
رکڻ کپي.
ايفم بيٺو رهيو ۽ پرارٿنا ڪندو رهيو. سندس اکين جي سامهون حضرت
عيسيٰ جي قبر هئي جنهن جي مٿان ڇٽيہ هنڊيون ٿي
ٻريون. هن جي اڳيان به ڪيترائي ماڻهو بيٺا هوا جن
سڀني جي نظر ان مرڪزي نوراني روشنائيءَ ڏانهن هئي.
اوچتو ئي اوچتو هن کي انهن بتين جي هيٺان پاڪ آتش
جي ويجهو هڪڙو گنجي مٿي سان منش بيٺل نظر آيو جنهن
جي شڪل هو بهو ايليشا جهڙي هئي. هيءُ ويچارو وائڙو
ٿي يو. سمجهي نه ٿي سگهيو ته ايليشا ڪيئن ايترو
جلد کائنس به اڳي اتي اچي پهتو هوندو. چيائين ته
پنهنجي جهاز جي ته ڪنڊڪڙڇ ڳولي ڏٺي هئم پر ايليشا
ته اتي ڪونه هو. ان کان اڳيون جهاز ته هفتو اڳي
نڪتو هو، جڏهن ايليشا مون سان گڏ اڃان پنڌ ۾ هو.
هيءُ يار اڃان انهن خيالن ۾ ئي محو هو ته ايليشا
ڪنڌ نوايو. ايشور اڳيان سجدو ڪري پوءِ ڪرستانن
اڳيان مٿو ٽيڪيائين. ايفم ڏٺو ته لاشڪ هو سندس
اڳيون ساٿي هو. دل بهار ٿي ويس. وڇڙيل يار جي لهڻ
تي اندر ۾ آنند پيدا ٿيس. دل ۾ خيال ڪياءِ ته جڏهن
گوڙ ڍرو ٿيندو تڏهن کيس ڳولي هٿ ڪندس ۽ سندس مدد
سان مان به سڀاڻي اڳين جاءِ وڃي وٺندس. جڏهن
پرارٿنا پوري ٿي تڏهن اچي ڪلهي گس لڳي. ماڻهو ڏس
ته هڪ ٻئي مٿان پي ڪريا. ايفم جو هٿ پيسن جي
ٻٽونءَ کي جهليو بيٺو هو ته اکين ايليشا جي تلاش
ٿي ڪئي. چپن مان پرارٿنا ٿي نڪتي ته دل ۾ دولت جي
چورائجڻ جو خطرو ٿي اٿيو. گهڻو ئي نهاريائين پر
ايليشا عدم پيدا هو. ڄڻ ته پکيءَ وارا پر کڻي
پرواز ڪري ويو هو. نيٺ نااميد ٿي ايفم پنهنجي مڪان
تي پهتو.
ٻئي ڏينهن ديول ۾ ويو ته به ساڳيو لقآءٌ نظر آيس، ويو اڳتي
ڌوڪيندو پر ويجهو پهچڻ تي ايليشا تان اک ٿڙي ويس ۽
اهو نوراني صورت وري نظر کان غائب ٿي ويس. ٽئين
ڏينهن به ڏٺائين ته ايليشا جو چهرو چمڪي رهيو آهي
۽ ٻانهون صليب جيان ڊگهيون ڪيو نيڻ کڻي آسمان
ڏانهن پيو نهاري ڄڻ ته ڪو نظارو پيو پسي. ايفم پرن
ڪيو ته اڄ ضرور ايليشا کي ڏسندس. وڌيڪ پڪائي ڪري
اڳتي وڌڻ جي بدران پوئتي وڃي در تي بيهي رهيو ته
ضرور هتان لنگهندو. اڌ ڏينهن لنگهي ويس. خلق خدا
جي نڪري وڃي گهر آرامي ٿي، پر ايليشا جو پاڇو به
ڪونه پيو. ڇهه هفتا ايفم جيروسلم ۾ پنهنجي دوست جا
پنڌ پڇائيندو رهيو پر پتو ڪونه پيس. خرچ به اچي
کٽس؛ سو ٽپڙ ٻڌي ڳوٺ ڏانهن راهي ٿيو.
ايفم جيئن ويجهو ٿيندو وڃي تيئن ڳوٺ جون ڳڻتيون وڃنس
ورائينديون. چي پٽ الائي جهڳي جو ڪهڙو حال ڪيو.
اڏاوت اڏڻ ۾ ڏينهن لڳندا آهن پر ڊهڻ ۾ ويرم ئي نه
ٿيندي آهي. اِهي پور پچائيندو اچي انهيءَ جهوپڙيءَ
وٽان لنگهيو جنهن ۾ ايليشا ويهي اڌ مئن جي خذمت
ڪئي هئي. ننڍڙا ٻار ورائي ويس، هڪڙي ڇوڪري اندر
گهليندي ويس ۽ در وٽ بيٺل مائيءَ سندس آجيان ڪئي.
هن سندن شڪر گذاري ڪئي ۽ چيو ته اوهان کي جس هجي
جو ايتري مهمانوازي ۽ قرب ٿا ڏيکاريو. مائيءَ ڪنڌ
ڌوڻي چيو ته ائين ڪرڻ کان سواءِ اسان رهي نٿا
سگهون. اسان ڌارين کي ڪيئن نه اکين ۾ جاءِ ڏيون
جڏهن هڪڙي ڌارئي اسان کي جيئدان ڏنو آهي. اسان
ايشور کي وساريو ۽ ان جي سزا اسان کي ملي. اسان
سڀئي دک ڏسي ڏسي اچي موڪلائڻ جي منزل تي پهتاسين،
جڏهن تو جهڙو هڪڙو پير مرد آيو، جنهن اسان جي شيوا
ڪئي. هن اسان ۾ نئين زندگي وڌي، اسان کي بک کان
بچايو ۽ آئينده جو بندوبست پڻ ڪري اسان کي بي اونو
بڻايو. ٻڍيءَ عورت اڳتي چيو ته ايڏيءَ مهربانيءَ
کان پوءِ به هن پڇاڙيءَ تائين پاڻ نه ڄاڻايو. اسان
کي اها خبر ڪانهي ته هو منش هو يا فرشتو. اسان کي
پيار ڪيائين، اسان تي ترس آندائين ۽ اسان کي وري
ماڻهوءَ جي صورت ڏنائين پر اڄ تائين اها معلوميت
ڪانهي ته ايشور کي پرارٿنا ڪنهن جي نالي ۾ ڪريون.
گهر جو پريو مڙس چوڻ لڳو ته اهو سائينءَ جو نيڪ
ٻانهو نه اچي ها ته اسين گناهن ۾ گندا ٿي مرون ها.
هن اسان کي بچايو. هن جي هلت کي ڏسي اسين ايشور ۾
اعتبار رکڻ سکياسون ۽ انساني سڀاو جي نيڪيءَ ۾
اسان جو اعتقاد ٻڌو. شل صليبي سلطان کيس هردم خوش
رکي.
ايفم کانو کائي آرامي ٿيو پر کيس ننڊ ڪانه آئي. سموريءَ ڳالهه
تي ويچار ڪري نيٺ سمجهائين ته اهوئي سبب آهي جو
ايليشا کي مون کان اڳي جاءِ ملي. منهنجو پورهيو
قبول پيو يا نه، ان جي خبر ڪانه آهي؛ باقي ان ۾ ته
ڪو شڪ ڪونهي ته ايليشا جو ڪيو اگهيو آهي. بيشڪ
اگهي ته پآءٌ نه ته مڻن کي به موٽ ٿئي.
ظاهر آهي ته ايشور جو راضپو فقط تڪين ۽ تيرٿن ڀيٽڻ يا ميلن جي
مسافري ڪري زيارت ڪرڻ تي منحصر نه آهي. اهي ڪم به
چڱا پر ٻيلي برابر
اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي.
انهيءَ ۾ شڪ ئي ڪونهي ته خلق جي خذمت آهي ايشور جي عبادت، مٺو
مالڪ ڊٺل جهوپڙين، ڀڳل پيالن، مريض جسمن، بکايل ۽
اڃايل مسڪينن ۽ بيوه نڌڻڪن جي روپ ۾ پيو انسان ذات
جي آزمائش لهي. جيڪو کيس اتي سڃاڻي ٿو سو هن کي
جلد ويجهو ٿو وڃي ۽ هن جو راضپو ٿو حاصل ڪري.
اهي ويچار ڪندي گهڙي پلڪ اک لڳي ويس ۽ ننڊ ۾ وري به پنهنجي دوست
ايليشا کي سدائين سنرو بهاريءَ ۾ مرڪندو ڏٺائين.
ٻئي ڏينهن صبوح جو ايفم وري گهر وارو رستو ورتو ۽
جلدئي اچي ڳوٺ پهتو.
شام جو وقت هو ۽ سج موڪلائڻ جا سانباها ڪري چڪو هو جڏهن ايفم
چائنٺ اندر پير رکيو. ڏٺائين ته سندس پٽ نشئي ٿي
پيو هو ۽ پئسو سمورو برباد ڪري نڪمو گذاريو
هوائين. اچي مڙس متو؛ جهل ئي نه ڏئي. پٽ نامراد به
روڪ ٻڌائڻ لڳس. ڇا جي رک رکاڻي. چي، ايترا ڏوراپا
ڏيڻا هيئه ته ويهي رهين ها؛ ڇو پئي وئين. نيٺ ايفم
شهر جي مکيءَ وٽ دانهن کڻي ويو. واٽ تي ايليشا جي
گهر وٽان لنگهيو. ٻنڀي تي ان جي زال بيٺي هئي جنهن
کان پنهنجي دوست بابت پڇيائين. هن جواب ڏنو ”ادا،
اسان جو ان- داتا بيشڪ موٽي آيو آهي. اسان هن کان
سواءِ ماندا هواسون ۽ ڏينهن ڏينهن ڪري ٿي ڳڻتيءَ ۾
ڳرياسون. ايشور کيس آندو ۽ اسان جي انتظاري لٿي.
هيل پورهيو به سٺو لڳو آهي ۽ جلدئي دک ڪٽجي ويا
آهن. اڳتي به ننگ مالڪ تي آهي.“ ائين چئي مائيءَ
کيس ايليشا جو باغ ۾ ڏس ڏنو. ايفم ساڻس گڏيو.
ايليشا کائنس زيارت جو احوال پڇيو. هن جواب ڏنو،
”ادا، هائو؛ منهنجن پيرن مسافري ڪئي باقي دل ته
الاجي ڪٿي هئي. تنهنجا ڳڻ به واٽ تي ٻڌم.“ ايليشا
جهٽ چيو، ”ڀائي ڌڻي پنهنجا ڪم پاڻ ٿو ڄاڻي. سڀ ننگ
مٿس آهي.“ ائين چئي ڳالهه بدلائي گهرو ڪٿائون کڻي
شروع ڪيائين. |