مهاڳ
هن کان اڳي ”ٽالسٽاءِ- جيون چريتر ۽ آکاڻيون“ ڪتاب سنڌو ساهت
منڊل جي دواران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جو سرڪاري
تعليم کاتي درسي ڪتاب طور منظور ڪيو آهي ۽ سنڌ جي
ڪيترن سڪولن ۾ پيو پاڙهڻ ۾ اچي. ان ۾ مهاتما
ٽالسٽاء جو جيون چريتر ۽ سندس ست آکاڻيون آيل آهن.
جنهن شوق ۽ پسنديءَ سان اهو ڪتاب سڪولن جي
بانيڪارن پنهنجن ڪلاسن لاءِ مقرر ڪيو آهي ۽ جيتري
انداز ۾ هڪڙي ئي سال جي اندران جوکاپو ٿيو آهي
تنهن هن ٻئي ڪتاب جي ڇپائي پڌري ڪرڻ جي همٿ ڏني
آهي. هن ڀاڱي ۾ اٺ وڌيڪ آکاڻيون ڏنيون وڃن ٿيون.
اميد ته هي ڪتاب پڻ تعليم کاتي وارا سڪولن لاءِ
منظور ڪري روسي درويش ٽالسٽاءِ جي سادگي، ايشور
ڀڳتي ۽ خلق خذمت جي اصولن کي سڪولي ٻچن ۾
ڦهلائيندا.
مان ڀآءٌ بولچند راجپال سنڌوءَ جي ايڊيٽر جو شڪر گذار آهيان
جنهن جي سندر مخزن دواران سنت ٽالسٽاء جون آکاڻيون
پڌريون ٿيون آهن.
مان پنهنجي بزرگه دوست مرزا نادر بيگه بئريسٽر جو نهايت شڪار
گذار آهيان جنهن مهرباني ڪري هن پستڪ جو دستخط نظر
مان ڪڍي پنهنجا ڀال ڀلايا آهن.
هاءِ اسڪول جيڪب آباد شيوارام ڀاڳچند لالا
درويش ٽالسٽاءِ
ايشور کي حقيقت جي خبر آهي
جيتوڻيڪ
هو انکي پڌرو دير سان ٿو ڪري
]اي مظلوم انسان، نا اُميديءَ ۾ غرق ٿي ناستڪ نه ٿيءُ. ايشور، ظاهر ۽ باطن جو
مالڪ، سڀڪي ٿو ڄاڻي. جيڪڏهن تون بي قصور ۽ بيڏوهي
آهين، ته پڪ ڄاڻ ته انهيءَ مٺي مالڪ کي تنهنجي
بيگناهيءَ ۽ سچي پچي گنهگار جي گناهيءَ جي ڀلي ڀت
خبر آهي. صرف ايشوري قاعدي موجب حق جي پڌرائي ذرا
ديرائتي ٿي ٿئي. وچون وقت آهي آزمائش جو، جنهن ۾
جيترو صبر ۽ ڌيرج ڌارڻ ڪري، پرڀوءَ در پرارٿنا پيو
ڪندين، اوترو سائينءَ جي نزديڪ ٿيندين. اها به پڪ
ڄاڻ ته
پاپ ڪري پاتال ۾ پرگهٽ ٿئي آڪاس
رجب ٽنهي لوڪن ۾ لڪي نه پاپ جو واس.[
* * *
رشيا جي لاڊيمر شهر ۾ هڪڙو نوجوان واپاري آڪسيناف نالي رهندو
هو. کيس هڪڙو گهر ۽ ٻه دڪان هوا. ايشور کيس سهڻو
بڻايو هو ۽ سندس ڊولائتي ڌڙ تي لعل چهري واريءَ
چمڪيدار سسيءَ جهلڪا ٿي ڏنا. سندس وار گهنڊيدار
هوا، جن هن جي صورت جي سوڀيا سير سرس ٿي ڪئي.
ڳائڻو به واهه جو هو. سياڻپ ۽ حاضر جوابيءَ جو ته
ڀنڊار هو. اهڙو ماڻهو جيڪر هر ڪنهن کي پيو وڻي ها
۽ هرڪو جيڪر پيو کيس آدرڀآءٌ ڏئي ها پر منجهس هڪ
وڏي وڏ اها هئي جو ننڍيءَ وهيءَ کان نشئي هو. جڏهن
پيالو پيئندو هو، تڏهن اچي بڪ ۾ ڇٽندو هو ۽ جيڪو
منهن سامهون ايندو هوس، تنهن کي واهيندو روڪ سڌي
ٻڌائيندو ويندو هو. وات منجهان گگ پيئي وهندي هئس
۽ سندس موهيندڙ منهن ڦري خوفناڪ ٿي پوندو هو.
آڪسيناف جي جيوت ۾ سندس اڌ- سرير جي اچڻ سان انقلاب اچي ويو. هن
شراب جا پيالا پرزا ڪري ڇڏيا ۽ آئينده لاءِ توبهه
ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ ڪڏهن ورلي کيس گذريل
حالت ۾ ڏسبو هو، نه ته گهڻو ڪري وقت سانتيڪو پيو
گذرندو هوس.
اونهاري جي مند هئي ۽ ميلن ملاخڙن جي چوڌاري ڌم پي پيئي. هر
جنس بهاريءَ ۾ بود هئي. آڪسيناف به هڪڙي ڏينهن سهي
سنڀري ڀر واري ڳوٺ ڏانهن ميلي تي وڃڻ لاءِ تيار
ٿيو، پر زالهنس روڪيس؛ چي، ”پيارا، اڄوڪو ڏينهن
ترس. رات مان تنهنجو تمام خراب سپنو لڌو آهي.“
آڪسيناف کلندي چيو، ”توکي ڀؤ ٿوٿئي نه، ته مان ميلي تي وڃي خوب
نشا پتا ڪندس ۽ پاڻ کي شراب ۾ جنسي ٻوڙيندس؟“
”نه پيارا، مون کي پتوئي ڪونه ٿو پوي ته الائي ڪهڙي ڊپ اچي ورتو
اٿم. مان خواب ۾ تمام خوفناڪ ڏيک ڏٺو آهي تون نه
جڏهين شهر کان موٽي آئين ۽ ٽوپي مٿي تان لاٿئه
تڏهن تنهنجا وار سمورا سفيد ڏٺم.“
آڪسيناف اچي کل ۾ ڇٽڪيو. چي، ”واه واه! اهو ته مزو ٿيو. هاڻي
اٽلندو سودا سٺا ٿيندا ۽ تنهنجي لاءِ ڏس ته ڪهڙيون
نه عمديون سوغاتون ٿو آڻيان.“
ائين چئي ٻچڙن ٻارڙن کي چمي ڏيئي آڪسيناف وڏي چاهه مان روانو
ٿيو. اڌ واٽ تي هڪڙو جهونو واقف واپاري گڏيس. ٻئي
رات ڪاٽڻ لاءِ هڪڙيءَ مهمان سراءِ ۾ لهي پيا. ٻنهي
گڏجي چاهه پيتي ۽ ٻن لاڳيتين ڪوٺين ۾ وڃي آرامي
ٿيا. آڪسيناف کي ننڊ جو گهڻو شوق ڪونه هو، سو سمهڻ
سآءٌ ڪونه ڏنس. آڌيءَ جو اُٿي، وقت ٿڌو ڏسي،
سمجهائين ته مسافريءَ جو مزو هن وقت آهي؛ سو نوڪر
کي سجاڳ ڪري، گهوڙي سانباهڻ لاءِ حڪم ڏيئي، پاڻ
سڌو آفيس ۾ وڃي ليکو لاٿائين. حساب چڪتو ڪري گهوڙو
پلاڻي راتو واهه روانو ٿيو.
ڪجهه ميلن جي مسافريءَ کان پوءِ گهوڙي کي تازو تڪڙو ڪرڻ جي خيال
کان هو وري هڪڙي مسافر خاني ۾ گهڙيو. ٿڪ پٽي، چاهه
پي، ڀرواري ستار کڻي وڄائڻ لڳو. اڃا انهيءَ موج ۾
ئي محو هو ته هڪڙي گهوڙي- گاڏي آيل ڏٺائين، جنهن
مان هڪ آفيسر ۽ ٻه سولجر لهي وٽس آيا. آفيسر کانئس
پڇيو، ”تون ڪير آهين ۽ ڪٿان آيو آهين؟ رات ڪٿي
سمهيو هئين؟ اڪيلو هئين يا ڪو ٻيو واپاري به ساڻ
هوءِ؟ نڪرڻ کان اڳي توکي اهو واپاري نظر آيو؟ اهڙو
ساجهر ڇو نڪتين؟....“
آڪسيناف هر ڪنهن سوال جو واجبي جواب ڏنو پر سمجهي ئي نه ٿي
سگهيو ته هيءُ ايترا سوال پڇي ڇا لاءِ پيو. دل ۾
چوڻ لڳو، ”ڪو مان چور ته ڪونه آهيان نڪي ڌاڙيل
آهيان پر صرف هڪڙو صاف سادو سودو واپاري، جو واپار
سانگي پيو سفر ڪريان. اهڙي بي واسطيدار ۽ بي تعلق
ماڻهوءَ ۾ ڪهڙو سرڪاري سٽ اچي منجهيو آهي جو ايتري
پڇا پيئي پوي!“ اڃا هي انهن ئي پورن ۾ هو ته آفيسر
چيس، ”مان پوليس انسپيڪٽر آهيان ۽ توکان اهي سوال
تڏهن پيو پڇان جو توسان جيڪو واپاري رات ساڻ هو ان
جو گلو ڪپيو پيو آهي. تون مون کي پنهنجو سمورو
سامان ڏيکار. (سولجرن ڏانهن منهن ڪري) اوهان هن جي
سڀني ٽپڙن جي تلاشي وٺو ۽ ڏسو جي ڪو شڪي هٿيار يا
ڪا ٻي چيز نظر اچي ته هٿ ڪريو.“ سولجر آڪسيناف کي
اندر وٺي ويا ۽ سندس ٽرنڪ خواه دستي ٿيلهي کڻي هر
هڪ چيز جا منجهن پيل هئي سا بلڪل باريڪ نظريءَ سان
جاچڻ لڳا. اوچتو انسپيڪٽر کي هڪڙو چاقو نظر چڙهيو
جو هٿ ۾ کڻي سوال پڇيائين، ”هيءَ وري ڪهڙي بلا
آهي؟“
آڪسيناف تي ڄڻ ته وڄ مٿان ڪري پيئي. هڪڙو رت ٻڏل خنجر سندس پيتي
مان نڪري، سا ڳالهه سندس سمجهه کان ٻاهر هئي.
وائڙو ٿي ويو. ڍڪڻ ئي مڙي ويس. اکين اڳيان اوندهه
اچڻ لڳس. انسپيڪٽر ڏانهنس نهاري رهيو هو، پر هن
کان اکر اڪلي ته جواب ڏئي. وري پڇيائينس، ”چاقوءَ
تي رت ڪٿان آيو؟“
آڪسيناف جي نڙيءَ ۾ ڄڻ ته ڪنڊو اٽڪيل هو. زبان تارونءَ سان لڳي
ويئي هئس. چپ خشڪ ٿي ويا هئس ۽ سندس سارو بدن ڪرڙي
جيان ٿي ڪنبيو. نيٺ اڌ ڦٿل الفاظن ۾ وراڻيائين،
”سا... ئين... نه... هو... منهن... جو... نه...“
اهي لفظ هن چمڙيءَ مان ڄڻ ته چيري ٻاهر ڪڍيا، پر
وڌيڪ ڪوشش محال هئي. اکين ۾ کڏون پئجي ويس ۽ بيجان
بت مثل بيٺو رهيو.
انسپيڪٽر وري پڇيو، ”جنهن صورت ۾ واپاريءَ واري ڪمري ۾ لاڳيتو
فقط تون ئي هئين ۽ دروازو به بند هو، تنهن صورت ۾
توکان سواءِ اهو قاصائڪو ڪم ڪنهن ڪيو هوندو؟ ڀتيون
خون ڪري نه ٿيون سگهن، نڪي وري ميزن يا ڪرسين کي
قتل ڪرڻ جي طاقت آهي. اِهو صرف انساني دماغ ئي
آهي، جنهن تي جڏهن شيطاني شر قبضو ٿو ڪري، تڏهن
منجهس ناپاڪ ۽ خونخوار خيال اپجن ٿا. وري تنهن کان
سواءِ هيءُ خوني خنجر ته ڪافي ثابتي آهي ته تو اهو
خون ڪيو آهي. تنهن جي چهري جي زردي صاف ڳالهائي
رهي آهي ته تنهنجو اندر کاڄي رهيو آهي ۽ تون
گنهگار آهين. هاڻي سچ ٻڌاءِ ته تو ڪهڙيءَ ريت کيس
ڪٺو ۽ سندس ڪيتري رقم چورايئه؟“
آڪسيناف اچي روئڻ ۾ ڦٿو. هينئون جهل ئي نه ڏئيس. ڌڻي جو قسم کڻي
چيائين، ”مون اهو خون نه ڪيو آهي. حقيقتاً ته
چانهه پيئڻ کان پوءِ مان واپاريءَ جي وري شڪل به
ڪانه ڏٺي آهي. منهنجي کيسي ۾ پنهنجو اٺن هزارن
روبلن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. نڪي هيءُ
چاقو ئي سندم آهي.“ گهڻوئي چيائين، وڏا ئي واسطا
وڌائين، ليلائي وري ليلايائين پر سندس ڏڪندڙ آواز،
دونهاٽيل شڪل ۽ ڪنبندڙ بدن مان ائين پئي معلوم ٿيو
ڄڻ ته هو سچو پچو ڏوهي هو. سندس سامان ضبط ڪيو ويو
۽ کيس ڀرواري جيل ۾ داخل ڪيو ويو. سندس چال چلگت
بابت پڇا ڪرڻ تي پوليس کي پتو پيو ته جيتوڻيڪ هو
ننڍي هوندي ته حد درجي جو شرابي هو، ته به هن وقت
صرف وقتي پيئندو هو ۽ ڪڏهن به ويجهو حوصلي کان
ٻاهر نڪتل نظر نه آيو هو. ڪجهه به هجي، منجهس شراب
جي علت هئي، پوءِ توڻي اوها گهڻي قدر ڇوهه ڇنڊي
رهي هئي، ته به منجهس گمان آڻڻ لاءِ ڪافي ثابتي
هئي. ڪيس هليو ۽ هن تي خون ۽ ويهن هزارن روبلن جي
چوريءَ جون تهمتون ڌريون ويئون.
آڪسيناف جي زال ته ويچاري ڄڻ چري ٿي پيئي. پتو ڪونه ٿي پيس ته
ڇا ڪريان. ٻار ننڍڙا هئس. هڪ ته اڃا ٿڻن تي هوس.
تنهن هوندي به انهن کي وٺي اچي انهيءَ شهر ۾ نڪتي
جتي سندس پتي ترنگ اندر داخل هو. پهريائين ته موڪل
ئي نه ٿي مليس پر پوءِ آزين ۽ منٿن ڪرڻ تي جيل جي
اختياريءَ وارن کي ترس پيو ۽ سندن اجازت سان وڇڙيل
مليا. گهرو حال احوال ڏيڻ کان پوءِ زال پڇيو،
”هاڻي نيٺ ڇا ڪجي؟“ آڪسيناف وراڻيو، ”زار
(شهنشاهه) ڏانهن عريضي موڪلڻ گهرجي. هو ڪنهن به
ڏوهيءَ کي ناحق نه لوڙائيندو.“
”ائين ته مون اڳيئي ڪيو آهي پر درخواست رد ٿي ۽ دفتر داخل ڪئي
ويئي. مون کي ته اڳيئي اِهي پرون ٿي پيا، تڏهن ته
پي دانهون ڪيم ته اڄ نه وڃو پر اوهان نه ٻڌي ۽ نيٺ
اڇا وار پسڻا پيا. ڏسو ته سهين ته انهن ٿورن ڏينهن
۾ ئي ڳڻتيءَ ۾ وار سفيد ٿيڻ شروع ٿيا اٿو. ڪهڙو نه
چڱو ٿئي ها جي ان ڏينهن ترسي پئو ها. ڀلا مون کي
ته ٻڌايو ته توهان برابر اِهو خون ڪيو آهي يا نه؟“
آڪسيناف منهن تي هٿ ڏيئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. چي،
”ڇا، تون به ائين سمجهي رهي آهين؟ افسوس! اڄ
منهنجي اڌ- سرير استري به مون کي خوني سمجهي سوال
پڇي رهي آهي!“
نيٺ ملاقات جو وقت پورو ٿيو ۽ آڪسيناف آخرين نظر ٻارڙن ۽ زال تي
وجهي ڪنڌ گوڏن ۾ هڻي ويهي رهيو ۽ هو راه وٺي رمندا
رهيا. دل ۾ سوچ ڪرڻ لڳو ته اڄ ساري دنيا مون کي
قاتل وسهي رهي آهي. خود گهر جا عزيز به مون ۾ شڪ ۽
گمان پيا اٿارين. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته سچ
جي پروڙ صرف پرميشور کي ئي آهي. ان کي ئي داد لاءِ
پرارٿنا ڪرڻ گهرجيم ۽ ان کان ئي رحم جي طلب ڪرڻ
گهرجيم. ان کان پوءِ هن دنيوي شاهن کي عريضيون ڪرڻ
بند ڪيون ۽ هڪ سچي پاڪ پروردگار جي درگاهه ۾
دانهون ڪرڻ لڳو. کيس چهبوڪن ۽ عمر ڀر پورهئي جي
سزا آيل هئي. پهريائين کيس اگهاڙي جسم تي چهبوڪ
هنيا ويا. جڏهن سندس ڦٽ مڙيا ۽ سگهو ٿيو تڏهن ٻين
قيدين سان گڏ کيس سائبيريا ڏانهن باقي سزا ڪاٽڻ
لاءِ روانو ڪيائون.
ڇويهه سال پورهئي ڪندي گذري ويس. مٿي جا وار برف جهڙا اڇا ٿي
ويس ۽ سونهاري ڊگهي سنئين سڌي ۽ ڀوري رنگ جي ٿي
ويئي. اڳين خوش مزا جي سموري غائب ٿي ويس. ان جي
بجاءِ ڪٻو ٿي پيو ۽ هميشہ چپ چپاتو ۽ گنڀير ويٺو
هوندو هو. پر انهيءَ هوندي به پرارٿنا ۾ رخنو ڪونه
وڌائين ۽ نت نئون سج سنئون واليءَ در اهائي پيو
وينتي ڪندو هو ته اي سٻاجها سائين! هيءُ ڪارنهن جو
داغ لاهي اڇو اجرو ڪر.
جيل ۾ هو بوٽن ٺاهڻ جو ڪم سکيو ۽ ان مان جيڪا بچت ٿيندي هئس،
تنهن مان ڪافي پئسا ڪٺا ڪري هڪڙو انجيل خريد
ڪيائين جيڪو روز بروز مطالع ڪرڻ لڳو. جيسين
روشنائي هوندي هئي، تيسين پيو پڙهندو هو. وڏن
ڏينهن تي جيل جي ديول ۾ وڃي مٺي سر سان ڀڄن چوندو
هو. سندس نرمل ۽ سيتل سڀاءَ سبب هرڪو پيو کيس
ڀائندو هو ۽ سڀ قيدي سڏيندا ئي هئس ’ڏاڏا‘ يا
’ايشور جا سنت.‘ جڏهن اختياريءَ وارن ڏي ڪو عريضو
موڪلڻو هوندو هو، تڏهن اهو آڪسيناف کي سپرد ڪيو
ويندو هو ته وڃي پهچائي. قيدين جو پاڻ ۾ ڪو تڪرار
ٿيندو هو ته امين مڙيوئي آڪسيناف هوندو هو.
هڪڙي ڏينهن قيدين جي نئين ٽولي سزاياب ٿي سائبيريا ۾ آئي ۽
آڪسيناف سميت سڀيئي قيدي کانئن حال احوال وٺڻ لڳا.
منجهن هڪڙو جو سٺ کن ورهين جو هو، تنهن وڏي شد مد
سان ويهي پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪئي. چي، ”مان صرف
هڪڙيءَ گاڏيءَ مان گهوڙو ڪڍيو ته کڻي پڪڙيائون؛
چيائون تو چوري ڪئي آهي. مان کين گهڻو ئي چيو ته
مان صرف تڪڙي مسافري طئي ڪرڻ لاءِ هيءُ گهوڙو هٿ
ڪيو آهي ۽ ڪم لٿي کان پوءِ ضرور مالڪن کي موٽايان
ها پر ٻڌيم ڪير ٿو؟ کڻي هنيائون جيل ۾. ڪيس هليو
پر ثابتي هٿ ڪا نه آين ۽ ناثابت ٿيو سو کڻي بي
قاعدي ڊڙيائون ۽ هيڏي موڪليائون. پر مان اڳي به
هتي رهي ويو آهيان ۽ ڀڄي نڪتو هوس، سو هيل وري
ويهي رهندس ڇا؟“
آڪسيناف به کانئس حال احوال ورتو. خبر پيس ته هو اصل سندس
ڳوٺائي هو ۽ سندس نالو ماڪر هو. هن کيس ٻڌايو ته
آڪسيناف آڪهه تمام سکيو سنهنجو وقت گذاري رهي آهي
پر هڪ ارمان اٿن جو سندن وڏو پيو سائبيريا جون
چڪيون پيهين. هن کائنس پڇيو، ”ادا، تون ڪهڙي ڏوهه
هيٺ آيل آهين؟“
آڪسيناف وراڻي ڏني، ”مان پنهنجن گناهن سبب ڇويهه سال سزا ڀوڳي
آهي.“
”گناهه به ڪهڙا؟ ٻڌائي ته سهين.“
”گناهه اهي، جن جي ڪري هيءَ سزا جڙي اٿم.“
آڪسيناف ڪڏهن به دل جي دک جي دانهن نه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪو پڇندو
هوس ته صرف ٿڌو ساهه کڻي ٻه ٽپو جواب ڏيئي جند
ڇڏائيندو هو. ماڪر به گهڻو ئي کيس ڌونڌاڙيو پر
هيءُ يار اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. نيٺ ٻين قيدين کيس
ساري حقيقت سڻائي ۽ ٻڌايو ته ڪيئن هو ويچارو اڻڄاڻ
اوچتو ئي اڙجي ويو هو ۽ ناحق بند ٿي ڀوڳيائين.
ماڪُر اِهو احوال ٻڌي آڪسيناف کي چتائي ڏسڻ لڳو ۽ گوڏن تي هٿ
هڻي چيائين، ”مار، ايشور جي ليلا اپار آهي! پر
ڏاڏا، تون ته جلد پوڙهو ٿي ويو آهين.“
سندس حيراني ڏسي سڀيئي تعجب ۾ پئجي ويا ۽ هڪڙي کائنس پڇيو، ”ڇا،
تون آڪسيناف کي اڳيئي سڃاڻين ڇا؟“ هن صرف ايترو
جواب ڏنو، ”دوستو، بيشڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي.
دنيا ۾ ڪهڙا نه عجيب ميلاپ ٿا ٿين.“
آڪسيناف کي شڪ پيو ته شايد هن کي انهيءَ خون بابت ڪا خبر ٿي
ڏسجي سو اڳڀرو وڌي پڇائينس، ”ادا، تو هن خون بابت
اڳي ڪجهه ٻڌو آهي ڇا؟“
”ٻڌو؟ ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ ساري روسي دنيا ۾ انهيءَ واقع جو ڄڻ
ته دهل وڄي ويو هو ۽ هر ڪنهن جي وات اِهائي وائي
هئي. تنهن هوندي به اهو خون ايترو ته اڳي ٿيو آهي،
جو جيتوڻيڪ مان ان وقت کڻي ان بابت گهڻو به ٻڌو
هجي، ته به هاڻي گهڻو دل تان لهي ويو اٿم.“
”پر ڪٿي ڪي ٻڌءِ ته سچو پچو قاتل ڪير هو؟“
”خون ضرور انهيءَ ڪيو هوندو، جنهن جي صندوق مان چاقو نڪتو.
جيڪڏهن ڪنهن ٻئي اهو چاقو توتي مڙهيو هجي ها ته
توکي پئسن جي ڦرڻ جي تهمت هيٺ ڇو گرفتار ڪن ها؟
انهيءَ کان سواءِ جي ڪنهن ٻئي اهو ڪپ اتي وڌو هجي
ها ته ضرور تون کيس ڏسين ها، ڇاڪاڻ ته هن اهو ڪم
تنهنجي نزديڪ ئي ڪيو هوندو.“
اتي آڪسيناف کي اندر ۾ خاطري ٿيڻ لڳي ته نه ڄاڻان ماڪر ئي پاڻ
خوني آهي. ائين ويچاري هو اتان اٿي هليو ويو. وڃي
ليٽيو، پر سندس نيڻن ۾ ننڊ ڪٿي؟ پورن پچائيندي وقت
وڏو ٿي پيس ۽ مغز اندر گذريل واقع ۽ زماني جون
نيون نيون تصويرون ڦرڻ لڳس. پهريائين پهريان هن کي
پنهنجي استري ۽ ٻار نظر آيا، جن سندس ميلي تي وڃڻ
وقت خوشي ٿي ڪئي ۽ کيس عمدين سوکڙين آڻڻ لاءِ ٿي
چيو. ان کان پوءِ هن جي اکين اڳيان اهو نظارو ڦرڻ
لڳو، جنهن ۾ سندس زال کيس هڪ ڏينهن ترسڻ لاءِ ٿي
ليلايو ۽ هن جوڀن جي مستيءَ ۾ کلي کڻي ٿي سندس
ڳالهه ٽاري ۽ لافون هنيون. انهيءَ جي پوئتان هن کي
اهو مسافر خاني وارو موج ۽ محفل جو سمو نيڻن اڳيان
ترڻ لڳو، جڏهن ستار هٿ ۾ کڻي هن مٺا البيلا گيت ٿي
ڳايا. انهن خوش تصويرن کان پوءِ هو اهو دک جو دؤر
ڏسڻ لڳو، جڏهن هن کي چهبوڪ ٿي لڳا ۽ چوڌاري ڪٺي
ٿيل خلق مٿس ڦٽڪار ٿي وڌي. آخرين تصوير ۾ بند جا
ڇوويهه ئي سال ۽ سندس زبون ٿيل جسم ٿي بکيو، جنهن
جي ڏسندي سندس ڌرن ڏڪي ويئي، بي اختيار رڙ نڪري
ويس ۽ چيائين، ”هاءِ، افسوس! اها سڀ جزا مون هن
نامراد جي خاطر لوڙي آهي. انهيءَ ملعون منهنجي
حياتي وهه ڪري ڇڏي.“ انهن لفظن چوندي کيس اهڙي ته
باهه وٺي ويئي، جو جيڪڏهن ماڪر اتي موجود هجي ها
ته نپوڙي ساهه ڪڍي پورو ڪريس ها ۽ پنهنجي دل جو
غبار لاهي هيانءُ ٺاري ها. ساري رات هن پرارٿنا ۾
گزاري پر هن جي چت کي سانت نه آئي. ٻي ڏينهن ڪوشش
ڪري هو ماڪر جي ويجهو نه ويو ۽ نڪي ڏانهنس اک کڻي
نهاريائين. ٻه هفتا گذري ويا، پر هن جي بيقراري
دور نه ٿي. اندر ۾ اهڙي ته آند مانڌ هئس جو پتوئي
نٿي پيس ته ڇا ڪريان. جيءُ ٿي جليس، پر پاڻ کي
روڪيندو ٿي آيو.
هڪڙي ڏينهن آڪسيناف ماڪر کي ڀت جي هيٺان مٽي کوٽيندو ڏسي ورتو.
ماڪر جي منهن جو پنوئي لهي ويو ۽ کيس پنهنجائيءَ
جي نموني چوڻ لڳو، ”مان ڀت جي هيٺان رستو ٺاهي
رهيو آهيان ۽ روز بروز کوٽيل مٽي بوٽ ۾ کڻي ٻاهر
وڃڻ وقت نيڪال ڪندو آهيان. توکي به نه وساريندس پر
ڏسج متان ٻاڦ ٻاهر ڪڍين نه ته ساهه ڪڍڻ کان سواءِ
نه ڇڏيندوسانءِ.“
جيئن آڪسيناف مٿس نظر وڌي، تيئن سندس سارو سرير ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو
۽ پري هٽي چيائين، ”مان ڀڄي ڇا ڪندس. نڪي وري تون
ٻيهر مون کي ماريندين. هڪ دفعو اڳيئي مون کي قتل
ڪري چڪو آهين. باقي رهي ڳالهه تنهنجي راز ظاهر ڪرڻ
جي، سو مان ڪو تنهنجن دڙڪن کان ڊڄان ڪونه ٿو. جيئن
ايشور منهنجي دل ۾ وجهندو تيئن ڪندس.“
ٻئي ڏينهن ڪن قيدين ماڪر کي مٽي اڇليندي ڏٺي. چوڌاري سرپر ٿيڻ
لڳي ۽ آخر ڳالهه ڦاٽ کاڌو. جيلخاني جي تلاشي ڪئي
ويئي ۽ آفيسرن کاٽ لڌو. ماڪر جي برخلاف ڪا سڌي
سنئين شاهدي ڪانه هئي. قيدي سڀ الي ويا ۽ ماڪر جو
پڙدو نه کنيائون، ڇاڪاڻ ته خبر هئن ته اهڙي ڏوهه
لاءِ آفيسر کيس سڌو جهنم موڪليندا. پڇا ڪندڙ آفيسر
نيٺ آڪسيناف ڏانهن منهن ڪري پڇيو، ”پريا مڙس، تون
هميشہ سچ ڳالهائيندو آهين. ايشور کي حاضر ناظر
ڄاڻي ٻڌاءِ ته اهو کاٽ ڪنهن هنيو؟“
ماڪر سمورو وقت ائين بيٺو رهيو ڄڻ ته سندس ڪو واسطو ئي ڪونه هو.
اک سو گورنر ۾ اٽڪيل هئس، باقي آڪسيناف ڏانهن ته
نهاريائين به نٿي. آڪسيناف سڄو ڏڪيو ٿي ۽ ڪجهه وقت
ته ٽٻيءَ ۾ اچي ويو. نيٺ دل ۾ چيائين، ”جيڪڏهن کيس
ڍڪيان ٿو ته مان ڄڻ ته انهيءَ ماڻهوءَ کي معافي ٿو
ڏيان، جنهن منهنجي زندگي زهر ڪئي آهي. پوءِ ڀلا
ائين ڇو ڪريان؟ ڀل ته جيڪي مون هيل تائين ڀوڳيو
آهي ان لاءِ حساب ڏي. پر نه، ائين ڪندس ته سندس هڏ
گڏ ڀڃي چور ڪري ڇڏيندا. ممڪن آهي ته مان غلط هجان
يعني هن خون نه به ڪيو هجي. تنهن کان سواءِ ڀلا هن
جي مرڻ کان پوءِ منهنجي دل کي وري ڪهڙي جميعت
ايندي؟ تنهنڪري من، پنهنجي توڙ نباه، هن جي هو
ڄاڻي.“
آفيسر وري آواز ڪري چيو، ”اي ڀلا ماڻهو، سچ ڳالهاءِ. ٻڌاءِ ته
هيءُ کاٽ ڪنهن هنيو؟“
آڪسيناف هڪڙو دم ماڪر ڏانهن نظر ڪئي ۽ جواب ڏنو، ”حضور انور!
مان اوهان کي ٻڏائي نٿو سگهان. مون کي ايشور اهڙو
حڪم نٿو ڪري، تنهن ڪري مان نه ٻڌائيندس. اوهان
اختيار وارا آهيو، جيئن وڻيو تيئن مون کي سزا ڏيو،
مان واتان ٻڙڪ به نه ڪڇندس.“
گورنر کيس گهڻائي دڙڪا ڏنا پر هيءُ مڙس اڏول بيٺو رهيو ۽ ڳالهه
اتي ئي رهجي ويئي.
اڌ رات جو وقت هو. جيلخاني ۾ چوڌاري سناٽو ڇانيل هو. آڪسيناف
ننڊاکڙيءَ حالت ۾ تڏي تي ليٽيو پيو هو، جڏهن پاسي
واري در وٽ کڙڪو ٿيو ۽ هڪڙو آدمي ڪاريءَ ٻاٽ رات ۾
اندر گهڙيو. هو سڌو اچي آڪسيناف جي پيرن وٽ بيٺو ۽
هن سڃاتو ته هو ماڪر هو. يڪدم رڙ ڪري چيائنس،
”اڃا ٻيو مون کان ڇا گهرڻ آيو آهين؟ هتي ڪهڙو ڪم
اٿيئي؟“
ماڪر اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. آڪسيناف وري پاڻ سيٽي چيو، ”ڇو آيو
آهين. يڪدم نڪري وڃ نه ته سولجرن کي ٿو سڏ
ڪيانءِ.“
ماڪر اوري رڙهي آهستي آواز ۾ چيو، ”آڪسيناف، مون کي معاف ڪر.“
آڪسيناف چيو، ”ڇا جي معافي؟“
ماڪر وراڻي ڏني، ”اِهو ڪمبخت قاتل مان ئي هوس، جنهن واپاري جو
خون ڪري چاقو تنهنجي ٿيلهيءَ ۾ وڌو. مان صبوح ٿيڻ
شرط اختياريءَ وارن اڳيان پنهنجو ڏوهه ٿو باسيان.
هو توکي ڇڏي ڏيندا ۽ پوءِ تون وڃي ٻچن سان سکي
ٿيءُ.“
پر آڪسيناف کيس اڌ ۾ ڪپي چيو، ”تون بيشڪ ائين ڪندين، پر ان مان
مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟ هاڻي مان بي واهو ڪهڙيءَ
وه ويندس؟ منهنجي زال مري ويئي آهي. ٻارن وساري
ڇڏيو هوندو. منهنجي لاءِ جيل کان سواءِ ٻي ڪا به
جاءِ پير رکڻ لاءِ ڪانه بچي آهي.“
ماڪر زمين تي ڊگهو ٿي پنهنجو مٿو زمين تي پڇاڙي چوڻ لڳو، ”پيارا
آڪسيناف، مون کي معاف ڪر؛، معاف ڪر. مون کي هزار
چهبوڪ لڳن ۽ مون کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇيڇلايو وڃي،
ته به مون کي اهڙو ايذآءٌ نه ٿيندو جهڙو تنهنجي
بيگناهه چهري ڏسڻ ڪري ٿئي ٿو. منهنجي ايتريءَ
نالائقيءَ کان پوءِ به تون مون تي رحم ڪرين ۽
منهنجي بچاو ۾ قدم کڻين سو تنهنجي شرافت ۽ نيڪيءَ
جو ثبوت ٿو ڏئي.
چڱن سان چڱايون ائين هرڪو هوءِ
تو جئن ڪري نه ڪوءِ بڇن ساڻ ڀلايون
واسطي خدا جي مون کي معاف ڪر. جيتوڻيڪ مان ڪريل ۽ ذليل بدمعاش
آهيان ته به اي منهنجا ديوتا، مون تي رحم ڪر.“
ائين چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. آڪسيناف جو هردو ڀڄي پيو ۽ ماڪر کي
پيار جو ڀاڪر پائي چيائين، ”ڀآءٌ، دلجاءِ ڪر. شل
ايشور توکي معافي ڏي. ائين ممڪن آهي ته مان توکان
هزار وار وڌيڪ گنهگار هجان.“
ائين چوندي سندس دل تان ڄڻ ته ڪو وڏو بار لهي پيو. گهر جي ڇڪ
ڇڏائجي ويس ۽ ائين چاهڻ لڳو ته جيڪر جيل کان ٻاهر
ئي نه وڃان. سڀ اندر جي کنچا تاڻ مٽجي ويس ۽ سندس
دنيوي ڌاڳا ڪپجي پيا. صرف آخرت جو خيال سندس هردي
اندر رهيو.
ماڪر آڪسيناف جي چوڻ جو خيال نه ڪري ٻه ٽي ڏينهن رکي وڃي آفيسرن
اڳيان قبوليت ڏني. سڄي جيلخاني ۾ غلغلو مچي ويو ۽
هرڪو ڏندين آڱريون وجهڻ لڳو. آڪسيناف جي آزادگيءَ
جو حڪم نڪري ويو. هڪڙو آفيسر کيس اها خوشخبري
ٻڌائڻ لاءِ آيو، پر ڪوٺيءَ ۾ پهچي ڇا ڏسي ته هو
اڳيئي اتي وڃي پهتو هو، جتي
اڃ نه بک ڪا، سدا گروءَ جو گنج
نڪو ساڙ نه وير ڪو، نڪو روڄ نه رنج
نڪو ڪوڙ ڪپٽ ڪو، نڪو ٻيو پرپنج
سندس آتما خاڪي پڃري مان پرواز ڪري وڃي جوتي جوت سمائي هئي.
دنيوي آفيسرن جي آزاد ڪرڻ کان اڳيئي هو پاڻ کي
آزاد ڪري چڪو هو ۽ سندس جسي جا زنجير هميشہ لاءِ
ڀڄي پيا هوا. انساني وير وروڌ، ڇل ڪپٽ ۽ دغا فريب
کان هينئر کيس تڪليف پهچي نه ٿي سگهي؛ ناحق تهمتن،
لوڪ جي خواريءَ ۽ اندر جي ڪشمڪش کان سندس آرام ڦٽي
نه ٿي سگهيو ۽ آفيسرن جي بيداديءَ، رشتيدارن جي بي
اعتباري ۽ بداخلاق بدمعاشن جي سازش کان سندس طبيعت
لوڏي ۾ اچي نه ٿي سگهي. هو آزاد هو، آباد هو ۽
سدائين شاد هو. هن جو روح وڃي سرو آنند ۾ سماڻو هو
۽ مالڪ جي گود ۾ سندس ٽڪاڻو هو.
خبر وڄ جيان پکڙجي ويئي. ساريءَ باندي وستيءَ ۾ هاها ڪار مچي
ويو ۽ خود آفيسر ارمان ۾ ڀرجي ويا. ماڪر ويچاري
جون ته وايون ولهريون ٿي ويئون. آڪسيناف جي
آزادگيءَ ۾ هن ڪي قدر گناهه جي بوجي جي ڍرائي ٿي
محسوس ڪئي ۽ سندس وطن ورڻ ۽ عزيزن خوشين سان گڏجي
کلڻ ۾ هن کي پنهنجي پرسنتائي ٿي نظر آئي، پر هيءُ
احوال ٻڌي سندس ڏند چپن سان لڳي ويا ۽ اندر ئي
اندر ۾ ڦڪو ٿيڻ لڳو.سندس وويڪ جو آواز جو پاپن جي
اثر هيٺ دٻجي مات ٿي ويو هو تنهن کي هن نيڪ مرد جي
سونهري اخلاق سالن جي غفلت مان بيدار ڪيو ۽ موت
مان ڪڍي جيوت بخش ڪئي. زنده وويڪ کيس وڍ وجهڻ لڳو
۽ هو پنهنجو ڪيل ڪڪرم ياد ڪري توبهه تائب ٿيو.
سرڪاري سزا هن کان برائيءَ جو بدلو ورتو پر
مماتيءَ ۾ ويل روح جي معافيءَ سندس اندر اجاري صاف
ڪيو ۽ موت ۾ زندگي عطا ڪئي.
آڪسيناف جي اڇيءَ چادر تان داغ لٿو ۽ دنيا کيس هڪڙو پوتر انسان
۽ مهاپرش ڪري ياد ڪرڻ لڳي. |