سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

 

صفحو :9

مريم جو بت

 

سياري جي هڪ سرمائي شام جو ايلفيءَ تان اُن وٺي جيئن ئي شبنم ڪار مان لهي گهر اندر آئي ته ورانڊي لڳ ماڻس جي بيڊ روم مان انگلش اسٽائل وارو ٽهڪ ٻڌي ذري گهٽ پيڪٽ ٿي هٿ مان ڇڏائجي ويس.

”هي انگريز وري هتي ڪيئن!“ دريءَ مان ايندڙ فارين سگريٽ جي دونهين جي خوشبو ساهه ۾ سمائيندي سوچيائين ۽ پيڪٽ ورانڊي ۾ ئي ٽيبل تي ڇڏي هوريان هوريان، نانگڻ وانگر سرندي ڪمري  جي در وٽ اچي هٻڪي بيهي رهي.

ڪارين ڪجلين اکين ۾ ڪيئي سوال اڀري آيا هئس، جن کي محسوس ڪندي ماڻس، جا سهڻن رنگن واري ريشمي اجرڪ ۾ ويڙهجي سيڙهجي هيٽر آڏو جنڊيءَ جي کٽ تي ويٺي هئي، تنهن اڃان چپ چوريان ئي مس ته هو فوجي انداز سان اٿي کڙو ٿيو ۽ ڏاڍي پنهنجائپ مان چيائين:

”ميڊم، مان آهيان اوهان جو مائٽ شيراز- پنهنجو ته تمام پراڻو رشتو آهي.“

شبنم ٻه ٽي قدم کيس هٿ ڏيڻ لاءِ وڌايا پر وري گهٻرائجي وچ ۾ ئي بيهي رهي:

”اسلام عليڪم.“ هن ڪنڌ لوڏي، جهيڻي انداز ۾ کيس کيڪاريو.

”اونهون....“ ماڻس ٽوڪيو، ”هٿ ڏيئي ملينس ڀاءُ کي، اهو سانڍي وانگر ڪنڌ جي لوڏ جو سکڻو سلام پاڻ سنڌين کي ڪو نه ٿو سونهين.“

”امي اڳتي خيال رکنديس....“ هوءَ هٿ ملائڻ جي ڊپ کان ٽراليءَ تي رکيل چانهه چهٽ ڪري ڪپس ۾ اوتڻ لڳي، کيس ننڍپڻ ۾ گڏ رانديون ڪرڻ واري شيراز کان شرم پئي آيو. هن به اهو مارڪ ڪيو ۽ شوخيءَ گڏيل سادگيءَ مان کلندي ويهي رهيو. سائيڊ ٽيبل تي رکيل پليٽ مان ڊراءِ فروٽ کڻي کائيندي ڪنهن ڪنهن مهل ڏانهنس مرڪي ٿي ڏٺائين.

”ادا، ڪيتري کنڊ؟“ هن زوريءَ چپن تي مرڪ آڻيندي پڇيو.

”هاف اونلي.“

شبنم کي اڌ چمچو کنڊ وجهندي ڏسي ماسيءَ چيس:

”اي ابا، خيري صلي ڦِڪي ڦوڳ جهڙي چانهه ڇا لاءِ ٿو پئين“ ٿورو ويجهو ٿيندي پڇيائينس، ”آهين ته خوش نه؟“ هو ٿورو مشڪيو.

”آنٽي، گهڻي کنڊ ٿلهو ڪندي آهي.“

”بس ڪري ويهه ابا، اهي ڊاڪٽرن جا ٺلها ڊپ- آءٌ ته ٽن چئن چمچن کان گهٽ کنڊ ڪوپ ۾ وجهان ئي ڪو نه پوءِ به ٿلهي ڪٿي؛ پوري پني آهيان.“

”اونو، ديٽ از ڪروئل، اها ناانصافي آهي. مُلن جي واحد حق تي  ڌاڙو آهي.“

”ڏاڍو شرير آهين،“ ماسيءَ پار مان چيس. هن مشڪي چانهه جو ڍڪ ڀري شبنم ڏانهن نهاريندي چيو: ”اِٽ از ونڊر فل ٽي.“

 هن مرڪي ڏنو.

”ابا، اها تنهنجي اکر اکر ۾ انگريزي مون کي ته منجهايو ٿي ماري. تون ته انگلينڊ وڃي ماڳهين انگريز ٿي پيو آهين.“

”آنٽ، مان گهڻي ڪوشش ڪندو آهيان ته صرف سنڌيءَ ۾ ڳالهيان پر....“

”عادت ٿي ويئي اٿئي.“ ماسيءَ پاڻ ئي ڳالهه پوري ڪئي.

”آنٽي....“شيراز اوچتو ڌيان ڇڪايس، ”ڳالهين ئي ڳالهين ۾ اوهان جي چاش.... او .... آءِ مين.... چانهه ته ٺري برف ٿي وئي هوندي.“ اکين ۾ شرارت  چمڪڻ لڳس.

”هاڻ ماسيءَ تي کلون ٿو ڪرين.... هان؟“ مرڪندي’چاش‘ ساسر ۾ اوتيائين، ”تون وري ڪيڏانهن؟“ شبنم کي اٿندو ڏسي پڇيائينس.

”امي.... هو....“ هوءَ بهانو ڳولي نه سگهي.

”گهڙي ته ويهه، ورهين کان پوءِ ڀاءُ آيو اٿيئي... ڏهن ٻارنهن سالن جو مس هو جڏهن چاچي انگلينڊ گهرايس.... تڏهن ڏٺو هومانس. مٿان اچي خير سان ٽينهن ٻٽيهن ورهين جو جوان ٿيو آهي.“ ٿڌو ساهه کڻندي چيائين، ”ادي عارفه جي قرب ڏيس ها ته هيئن پرديس ڇو جهاڳي ها؟“

شبنم واپس سيٽيءَ تي ويهندي شيراز ڏانهن نهاريو جيڪو آڱرين ۾ سگريٽ جهلي ڪوچ تي ٽيڪ ڏيئي اکيون بند ڪري ’ٻگهلي ڀڳت‘ جيئان ڄڻ ڪنهن گيان ۾ ويٺو هو.

هوءَ ائين ئي سندس جائزو وٺڻ لڳي. ڪڻڪائو رنگ، ڪشادي پيشاني، مٽولا ڳل، ڊولائتا چپ... شهباز جي پرن وانگر کليل ڀرون ۽ اکيون.... هوءَ اڃان اکين ڏانهن نهاري ئي رهي هئي ته هن کڻي اکيون کوليون. ڪي پل ٻنهي جون نظرون  مليون. هن کي ائين لڳو ڄڻ وڄون وجود ۾ لهي آيون هجن!

”مان اوهان جو مائٽ آهيان.“

رکي رکي شيراز جا اڪير ڀريا لفظ ڪنن ۾ سريلي گيتن وانگر پئي ٻُريس. هن جو ’مائٽ‘ چوڻ کيس ڏاڍو وڻيو، نه ته ماٽيلي ماسيءَ جو به ماٽيلو پٽ.... بظاهر ته ڪا مائٽي نه ٿي.

هو چڱي وقت تائين وٽن ويٺو حال احوال ڪندو رهيو ۽ وري اچڻ جو چئي موڪلائي هليو ويو.

اها رات شبنم ڪافي دير هن بابت سوچيندي گذاري هئي. هن متعلق گهڻو ڪجهه ٻڌو هئائين ته تمام سٺو آرٽسٽ هئڻ سان گڏوگڏ سڀ ڪنهن سان پوپٽ وارو پيار به رکندو آهي. ڏاڍو حسن پرست، دل ڦينڪ ۽ الائي ڇاڇا... پر خير، آرٽسٽ حسن پرست نه ٿئي ته پوءِ آرٽسٽ  ڪيئن ٿيو؟ هن ڄڻ دل ۾ کيس معاف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. البت ’دل ڦينڪ‘ واري ڳالهه ڪجهه ڳري لڳس، پر ان کي به ڪپهه جي پوڻيءَ وانگر کڻي پري اڇليائين....”اونهه، پيو ٿئي دل ڦينڪ، اسان جو ڪو ڊول ڪو چمٽو.“

اها به خبر پئي هئس ته انگلينڊ ۾ هڪ انگريز عورت سان شادي ڪرڻ بعد ٽن ٻارن جو پيءُ بنجي انهيءَ کي چنيسر وانگر ڏُهاڳ جو ڏئون ڏيڻ وارو آهي. شايد هوءَ ڪنهن ’هار‘ تي هرکجي کيس هميشہ لاءِ وڃائي چڪي هئي. انهن مڙني ڳالهين جي باوجود به شبنم کيس هڪ نهايت دلچسپ شخصيت تسليم ڪري چڪي هئي، جيڪا هن جي لُڪَن لوساٽيل زندگيءَ ۾ ڄڻ بسنت  بهار جي ٿڌڙي هير بنجي آئي هئي.

شيراز جون زندگيءَ سان  ڀرپور ڳالهيون ٻڌندي سوچيندي هئي ته، ڪيترا نه خوش قسمت آهن اهي انسان جن جون ڳالهيون دلچسپي ۽ چاهه سان ٻڌيون وڃن ٿيون. هن جي موجودگي کانئس اهو احساس به ڪي قدر گهٽ ڪرائي ڇڏيو هو ته هوءَ ڪا ٻن يتيم ٻارن جي ماءُ آهي.... نه ته شادي جي چئن سالن جي پرمسرت  زندگيءَ کان پوءِ پنجن سالن جو هولناڪ عرصو هن ڪهڙو نه اذيتناڪ حالتن ۾ گذاريو هو.... هاڻي ته حياتيءَ جو مقصد ٻارن جي اعليٰ تعليم ۽ پالنا کان سواءِ ٻيو ڪوئي نه هئس.

زلفي ايتري ملڪيت ڇڏي ويو هئس جو کيس ڪنهن به قسم جي مالي مشڪلات  نه هئي. اڪيلائي جي خيال کان ماءُ کي به پاڻ سان گڏ رهايو هئائين. هو پنهنجي زندگي نارمل حالتن ۾ گذارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪندي هئي، پر جڏهن مائٽياڻيون ۽ ملڻ واريون همدردي ڪندي چونديون هئس: ”هئِه هئِه، هن عمر ۾ ٻسيون ڪرايون!“ تڏهن کيس ڏاڍو ڏکيو لڳندو هو. ڪي ته ڇڙو ”ويچاري جواڻ  جماڻ“ چئي ٿڌو ساهه کڻي رحم ڀريل نظرن سان ڏسنديون هئس ۽ ڪي ته ماڳهين هانوَ ڦاڙيندي چونديون هئس:

”پهاڙ جيڏي زندگي ڪيئن گهارينديءَ؟“

 تڏهن اهو سڀ ٻڌي هن کي پنهنجي اندر هڪ ڪامپليڪس جو پيدا ٿيڻ محسوس ٿيندو هو ۽ پوءِ ان کي هٽائڻ لاءِ جڏهن هن ڏيڍ ڊزن نئين ڊزائن جون سونيون چوڙيون ٺهرائي ٻانهن ۾ پاتيون تڏهن ساڳين مائيٽاڻين جا نڪ پيراشوٽ  وانگر تاڻجي ويا هئا ۽ خاندان جي عزت خطري  ۾ نظر آئي هئن. ماڻس به ته ناماڻيءَ مان دٻيل لفظن ۾ چيو هئس؛ ”ڌيءُ.... ايتريون ساريون چوڙيون نه پاءِ.... لوڪ ڇا چوندو. هڪ ٻه کڻي....“

”چوڙين پائڻ سان ڇا ٿيندو امي....مون پنهنجي زندگي زلفي جو نالو وٺي زنده رهڻ تي وقف ڪري ڇڏي آهي.... هو مون سان هميشه گڏ آهي....“

پر به ڌيءُ....“ پوءِ هن اهي چوڙيون وري ڪڏهن نه پاتيون، جڏهن کان هوءَ وڌوا ٿي هئي تڏهن کان هن جا ڪن ڏاڍا سرلا ٿي پيا هئا. هو پنهنجي باري ۾ ننڍي کان ننڍو سرٻاٽ به ٻڌي وٺندي هئي.

سڳيءَ سوٽ جي شادي جي رسمن مهل جڏهن چاچهيئس جي واتان حجامڻ  کي چوندي ٻڌو هئائين:” مائي زرينا سنڀالجان جيئن ڪنوار جي مٿان سندس پاڇو به نه پوي.“ تڏهن سندس دل پلاسٽر آف پيرس جي رانديڪن وانگر ٽٽندي ڀڄندي محسوس ٿي هئس.... تنهن ڏينهن ماءُ کي ڀاڪر پائي هوءَ ڏاڍو رني هئي: ”امي... مان ايتري منحوس ٿي وئي آهيان جو ماڻهو منهنجي پاڇي کان به ٿا ڊڄن! پپن ۽ شبن وڏا ٿيندا ته ڇا مان پنهنجي پٽن کي موڙ به نه ٻڌي سگهنديس؟“

”شبنم، اهي جاهل ماڻهن جا وهم آهن.... تون ته پڙهيل لکيل آهين. تو کي اهي ڳالهيون دل ۾ نه ڪرڻ گهرجن.“ماڻس لڙڪ اگهندي دلداري ڏني هئيس. جيتوڻيڪ  اندر ئي اندر هوءَ به رت جا لڙڪ لاڙي رهي هئي. لوڪ جي همدردين، نفرتن ۽ اعتراضن هن منجهه ايترو ته احساس  ڪمتري پيدا ڪري ڇڏيو هو جو ٻاهر اٿڻ ويهڻ بند ڪري ڇڏيو هئائين. نه هو ڪنهن وٽ ويندي هئي نه ئي ڪير هن وٽ ايندو هو.

شيراز جي اچڻ ڪري گهر ۾ ڄڻ رونق پيدا ٿي پئي هئي. ٻار جيڪي سدائين ماءُ سان چهٽيل هوندا هئا سي به ساڻس گهڻو هري ويا هئا. شيراز کي به سندن انگل آرا کڻندي خوشي ٿيندي هئي. هو جيتوڻيڪ وٽن روز ايندو هو ته به شبنم سان کلڻ ڳالهائڻ جو موقعو نه پئي مليس، پر تنهن ڏينهن ورانڊي ۾ سوئٽر ٺاهيندي ڏسي موڙو ريڙهي وٽس اچي ويٺو ۽ ٿڌو ساهه کڻندي چيائين: ”اسان لاءِ ته ڪو نٿو ٺاهي.“

”ڀاڀي ويلينٽي کي چئو نه.“ هن سندس ڏکندڙ رڳ تي هٿ رکيو، ”ڀاڀي ته پاڻ ڏاڍو سٺو ٺاهيندي هوندي! انگريزياڻي آهي نه....“

شيراز شوخيءَ مان گهري نظر سان نهاريس، ڄڻ چوندو هجيس:” هڻ ٽوڪون. ڪر ٺٺوليون.... اڏائيم مذاق.“

شبنم جي چهري تي شرير  مرڪ پکڙجي ويئي.

”مان آنٽي کي چوندس پوءِ ڏس ته ڪيئن نٿي نٽ ڪري ڏين...“ هن سندس موم بتين  جهڙين آڱرين ڏانهن نهاريندي چيو، جيڪي تيزي سان نيڊلس هلائي رهيون هيون.

ڪجهه دير ماٺ رهي کيس اهي نازڪ هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلڻ جي شديد خواهش ٿي.هو چوڻ لڳو، هيڏي ڪر مان تنهنجو هٿ ڏسان.“

”مان نه ڏيکاريندس.“ هن هٿ لڪائيندي چيو. ”انهن ۾ هاڻي هوندو ئي ڇا، ڀاڳ جو دروازو  ته بند ٿي چڪو آهي.“

شايد ڪنڊ پاسي ڪا دري کلي پئي.“

”مان اجايو وهمن ۾ پئجي وينديس.“

”اهڙي ڪا ڳالهه هوندي ته مان ٻڌائيندس ئي نه.“

”نه ادا، مان ڊڄان ٿي.“

”بس بس، مون کي گهڻا لقب نه ڏي. صرف شيراز ڪافي آهي. هيڏي ڪر هٿ.“ هن موڙو ريڙهي اڃا به ويجهو ڪيو ۽ هوءَ پريان ئي کيس پنهنجا هٿ ڏيکارڻ لڳي، هن جهٽ ڪري کين پنهنجي هٿن ۾ جهليو ۽ اکيون سندس اکين ۾ وجهندي شاهه جو شعر چيائين:

”مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس،

نه عام نه خاص؛ جي ويا، سي وڍيا.“

چنڊ چوانءِ سچ، جي وڙهين....“

”هي اڄ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟“

”تنهنجي چهري کي ڏسڻ سان مون کي چنڊ ياد ايندو آهي.“ نگاهن مان نينهن، ڇاٽون ڪري ڇڻي پيس.

”انهيءَ تڪلف جي ڀلا ڪهڙي ضرورت.“

”باءِ گاڊ شبنم، تنهنجي گول چهري کي ڪارن وارن ۾ ڏسي ائين لڳندو اٿم جيئن چنڊ ڪارن ڪڪرن مان ليئا پائيندو هجي.“

”ڇڏيو ڇڏيو اهي ڪوڙ.“ هن هٿ ڇڏائي چيو.

”تون ڀلي نٽاءِ پر اها حقيقت آهي ته توکي ڏسڻ سان چنڊ جو اميج ذهن ۾ اڀري ٿو.“

”هون، اوڻٽيهين اونڌائيءَ وارو چنڊ.“

”هتي به ته ساڳيو حال آهي، ٽاڪ منجهند ڪڏهوڪو گذاري شام جي ڪنارن ڏانهن پيو رڙهي پنهنجو سج به ته.“

”توهان ته مرد آهيو.... مان ٻن ٻارن جي ماءُ آهيان.“

”دين واٽ، مان به ته ٽن ٻارن جو پيءُ آهيان. تون کڻي چئن جي هجين، اِٽ ميڪس نو ڊفرنس.“

”جي!!“ هن پنهنجا پدمڻا پير اڻ ڏٺي پلصراط تي ڪنبندي محسوس ڪيا.... دل جي ديول ۾ مريم جو بت ڌڏندي محسوس ڪيائين.... خطري جون ڪيئي گهنٽيون وڄائيندي فائر برگيڊ جي گاڏيءَ مغز ۾ چڪر ڪاٽيس.

”اوه.....“ هوءَ پگهرجي وئي.

”واٽ هيپنڊ؟“

”ڪجهه نه.“ هن اٿندي چيو،”ٽي. وي تي منهنجي پسند جو پروگرام هلندو پيو هوندو سو ياد اچي ويم. اچو، توهان به اچي ڏسو.“

هو بي دليءَ سان اٿي هن جي پويان اچڻ لڳو ۽ ڪوچ تي ويهي اداسيءَ مان ٽي- وي ڏسندو رهيو.

ماسيءَ کير ۾ ٺهيل سَيون آڻي اڳيان رکيس ته به نه کاڌائين ۽ طبيعت ٺيڪ نه هئڻ جو بهانو ڪري جلدي هليو ويو.

ٽي ڏينهن گذري ويا، هو نه آيو شايد ته رسامو هو.

پر جڏهن هڪ شام شيراز کي دٻيل قدمن سان ايندو ڏٺائين ته سندس خوشيءَ جي حد نه رهي. پنهنجي خوشيءَ تي پاڻ حيراني وٺي ويس.

”ڇا ٿي پيو جو خوش ٿيس.... هو سٺو انسان آهي.... سٺي انسان مان ته هرڪوئي خوش ٿيندو آهي.“

شيراز ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺو ۽ ريڪ مان رسالا کڻي اٿلائيندو پٿلائيندو رهيو. شبنم ڪافي ٺاهي ڏانهنس وڌائي. هن ڪپ وٺندي پڇيو: ”ٻار نظر نٿا اچن؟“

”مولوي صاحب کان پڙهن پيا....ڇو؟“

”ائين ئي پڇيم.“

”ايترا ڏينهن اوهان ڪو نه آيا.... ٻارن ڏاڍو ياد ٿي ڪيو....“

”ڇڙو ٻارن؟“

”امي به ته ڏاڍو ياد ٿي ڪيو.“

”بس....، ٻيو ڪنهن به ياد نه ڪيو؟“ اکين ۾ شرارت نچڻ لڳس.

هوءَ شرم کان ڳاڙهي ٿي وئي. ڪو به جواب نه ڏيئي سگهي.

”شبنم“

”جي.“

”صرف جي ڇو؟ جي شيراز ڇو نه؟“

”رکو نالو ڪيئن وٺان؟“

”مان ڪو ايڏو تو کان وڏو، بزرگ يا چاچو ته ناهيان جو بي ادبي ٿيندي.“

هن کي کل اچي وئي.

”وائي آر يو لافنگ؟“

”نه کلان؟“

”ڀلي کل، پر ٻڌاءِ تنهن ڏينهن منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ٽي. وي ڏسڻ ڇو هلي وئينءَ؟“

”اهڙي ته ڪائي ڳالهه نه هئي.“ شبنم چور نظرن سان وراڻيس، ”ڪي ڪي پروگرام سٺا لڳندا آهن.... توهان کي نه وڻندا آهن ڇا؟“

مون کي تون وڻندي آهين.“

هوءَ ويتر شڪي ٿي وئي ۽ قالين تي پير گهمائڻ لڳي.... ائين ڪندي شيراز کي ڏاڍي وڻي. هو يڪ ٽڪ ڏانهس نهاريندو رهيو.

شبنم هن جي اکين جي تپش برداشت نه پي ڪري سگهي ۽ ان کان بچڻ لاءِ زوريءَ چيائين: ”امي کي اوهان جو ٻڌائي اچان.“

”ترس، ڪهڙي تڪڙ آهي.“ هو مشڪيو، ”پوءِ گڏجي ٿا هلون مان اڃان اتي ئي آهيان.“

”امي ته پاڻ ئي اچي وئي.“ ماءُ کي ايندو ڏسي چيائين. هو اٿي ساڻس مليو. ڪجهه دير ويهي حال احوال وٺڻ کان پوءِ ماسيهنس نماز پڙهڻ لاءِ اٿي وڃڻ لڳي.

”انڪل انڪل!“ ٻار وٽس ڊوڙي آيا.

”ايترا ڏينهن ڪٿي هئا اَنڪل؟“ پپن پنهنجون ٻانهون هن جي گلي ۾ وجهندي پڇيو.

”۽ توهان ايتري دير ڪٿي ها؟“ رسڻ جهڙو منهن ٺاهيندي چيائين، ”مان سوير کان توهان جون پڇائون پيو ڪيان.“

”اَنڪل، هو.... توهان چيو هو نه....“ پپن، ماءُ جي ڊپ کان پنهنجو اشارو واضح نه ڪري سگهيو.

انڪل مولوي صاحب ڇڏيو ئي نه پي“ شبن چيو.

”ها ڊيئر،“ ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهندي چيائين.

”هي ڏسو توهان جا ببل گم، چاڪليٽ، لالي پاپس،اسٽڪر، مارڪر ۽ ڪلر پينسلون....“

”هون....ته اندر ئي اندر انڪل کي فرمائشون ڪيون اٿو.“ شبنم شوخيءَ مان چپن.

”انڪل کي ئي ته فرمائشون ڪبيون آهن، ڪيئن ٻارو؟“ ڳلن تي پيار ڪندي چيائين.

هيتريون ساريون شيون ڏسي ٻار خوشيءَ مان ڄڻ بي قابو ٿي رهيا هيا.

”چڱو هاڻي جلدي سان ڊرائينگ ڪاپي ۾ ڪلر ڪري پوءِ مون کي ڏيکاريو-ٺيڪ؟“

”ٺيڪ آ انڪل.“ ٻئي خوشيءَ مان ڪلر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ڏانهن ويا.

ڊرائينگ روم ۾ هاڻي هو اڪيلا رهجي ويا.

”سوير آنٽي ٻڌايو ته توهين حيدرآباد وڃڻ ڪاڻ سنڀريا آهيو؟“ شيراز پڇيس.

”ها، امي کي وڃڻو آهي. ٻارن کي به موڪلون آهن، منهنجو خيال آهي ته اسين به ادا جن وٽان گهمي اچون.“

هو هڪدم سنجيده ٿي ويو.

”دير از سمٿنگ، آءِ هيو ٽو ٽيل يُو.“

”ها،چئه.“

”جي تون ويندينءَ هلي ته مان اهي ڏينهن ڪيئن گذاريندس...منهنجي دل ٿي ڄاڻي ته ٻه ٽي ڏينهن توکان پري رهي مون ڪيئن گذاريا....مون ڏٺو پئي ته توکان سواءِ رهي سگهان ٿو يا نه....“

”جي!!“ من مندر ۾ ڪيئي گهنٽيون وڄڻ لڳيون...ڄڻ ڪو پڄاري مورتي جي چرنن ۾ پنهنجي دل ڀيٽا ڪرڻ لاءِ اچي رهيو هجي.

”انگلينڊ وڃڻ ۾ باقي ڪي ڏينهن ته وڃي بچيا اٿم... تون ويندينءَ ته هر هڪ ڏينهن منهنجي لاءِ عذاب بنجي ويندو....“

”.........!“هوءَ پنڊ پهڻ بنجي وئي.

”شبنم، وقت منهنجي هيانءَ ۾ تنهنجي مورت پڪن رنگن ۾ ڇاپي ڇڏي آهي ۽ مان اهڙي حالت ۾ پهتل آهيان جو هڪ پل توکان پري پاڻ نٿو سهي سگهان.“

هن کان الائي ڇو وري به اکر نه اڪليو.

”يو آر ڊفرينٽ فرام ايني ادر وومين آءِ هيو اِيور ميٽ.“ شيراز جي انهيءَ ڪامپليمينٽس تي هن جي اکين ۾ روشني ظاهر ٿي.

”ننڍپڻ جون يادون ڏاڍيون پياريون ٿينديون آهن شبنم، اهي ڪڏهن به نٿيون وسرن...حالتون مون کي توکان پري وٺي ويون ته به تنهنجي ياد مون کان نه وسري سگهي....مان اکين ۾ تنهنجي تصوير کڻي توکي انگلينڊ جي رنگين رستن تي تلاش ڪندو هئس ۽ پوءِ هڪ ڏينهن مون کي ويلينٽي ملي وئي جنهن جي وجود ۾ توکي ڳولڻ لڳو هئس....مون کي ساڻس لڳاءُ هو. هو منهنجن ٻارن جي ماءُ به ته هئي، پر اسان جي وچ ۾ ڪڏهن به ذهني هم آهنگي پيدا نه ٿي سگهي هئي، ها....ان کان سواءِ ٻي ڪا هم آهنگي ڪابه حيثيت نٿي رکي...اهوئي ڪارڻ آهي جو ساڻس سمجهوتو نه ڪري سگهيس ۽ هوءَ مون سان وفا نه ڪري سگهي.“ نينهن سندا ناسور ڄڻ اکلي پيا هئس.

هوءَ ڏانهنس ائين نهاري رهي هئي، جيئن ڪو ٻار پرين جي آکاڻي ٻڌي رهيو هجي. ڪي گهڙيون ماٺ رهي شيراز چيو: ”مون توکي پهرين ڏينهن ڏسڻ سان چيو هو ته پنهنجو پراڻو رشتو آهي... مون کي توسان هڪ ئي رشتو منظور هو، اهو هو توتان فدا ٿيڻ جو، سر گهورڻ جو... تنهنجو تن من پنهنجو ڪرڻ جو ۽ پنهنجو تن من، دل جون واڳون تنهنجي هٿ ۾ ڏيڻ جون. ان کان سواءِ ٻيو رشتو نه اڳ مون کي قبول هو نه هن کان پوءِ ئي ٿيندو، مان توسان شادي ڪندس....ڊير از نٿنگ ٽو اسٽاپ اس.....نٿنگ...تون چنڊ بنجي منهنجي زندگيءَ ۾ چمنڪدينءَ.“

”اهو ناممڪن آهي شيراز.“ هن پهريون ڀيرو سندس نالو کنيو.

”وائي، جسٽ ٽيل مي وائي؟“

”انڌيرو منهنجو مقدر آهي...مان تنهنجي زندگيءَ ۾ ڪابه چانڊاڻ پکيڙي نه سگهنديس.“

”منهنجي دل ۾ تنهنجي چاهت جي چاڻڊاڻ هزارين چنڊ چمڪائي ڇڏيا آهن...آءِ ول ميڪ يو هيپي، آءِ ول لَو يو ناؤ اينڊ فار ايوَر وِٿ ماءِ هارث اينڊ سول“

”اوهان ويلنٽي کي بيوفا چئو ٿا، مون به ته زلفي سان توڙ نڀائڻ جو وعدو ڪيو هو... محبت ڪئي هئي...هو کڻي دنيا ۾ ناهي....هن جي ياد ته مون سان آهي. وفا جو وعدو ٽوڙي، مان به ته بيوفا ٿينديس!“

”فارگيٽ اٽ، ليٽ اس اونلي ٿنڪ آف ٽُو ڊي.“ شيراز سگريٽ دکائيندي چيو، ”مان پيار ۾ ڪي حساب ليکا نه ڄاڻان. تون ڪنهن جي به پلوُ ۾ ٻڌل هئينءَ. ڪنهن سان به وعدا ڪيا هئا. مان اهو وساري ڇڏيندس، پر هاڻي تنهنجو تن من منهنجو هوندو. جيڪي به پهر گهڙيون مونسان گهاري سگهندينءَ اهي منهنجا هوندا...“

هوءَ ڳڻتين ۾ پئجي وئي، کيس ڪو جواب نه سجهيو.

”واٽ از ورئينگ يو؟“

هوءَ وري به ماٺ رهي.

”شبنم، مان توکي سچيءَ دل سان پاڻ آڇيان ٿو، جو تون هن ڏوهه جي، مون وانگر خطاوار ناهين. پر تون ته ماڪ جيان صاف ۽ شفاف هئين؛ توکي هرڀرو مان ڌرتيءَ جي ڌوڙ، ميرو ٿو ڪريان.... تنهنجي سڪ وسرڻ جهڙي ناهي، پر مان وعدو ٿو ڪريان پاڻ کي توکان هزارن ڪوهن جي فاصلي تي گهلي وڃڻ لاءِ تيار آهيان، جتي پنهنجي پياري وجود تي منهنجو پاڇو به محسوس نه ڪرين.“

شبنم جو منهن ائين ڪومائجي ويو جيئن ٽانگر سرءُ جو سايو ٽهليو هجي

شبنم، ان راهه ۾ جڏهن گهڻو پنڌ گڏ هلياسون ته پوءِ ’شايد موت کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ جدا نه ڪري‘سگهندي.....منهنجون اکيون اهو سور سهي سهي نيٺ به ماٺ ڪري وينديون پر جي تون مون کي پاڻ کان پري ڪرڻ لاءِ تيار ناهين ته پوءِ مان اها ساڳي واٽ وري ڪڏهن به نه ڏيندس. ۽ توسان شادي ڪري رهندس...“

”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“

”ديِر از نو هَري، ٽيڪ يوئر ٽائيم...تون ڀلي آرام سان سوچ.“

”مان ان لاءِ سوچي به نٿي سگهان.“

”ٻي شادي ڪرڻ گناهه ته ناهي.“

”جيڪڏهن مان زلفي سان پيار جي شادي نه ڪريان ها ته ٻي شادي منهنجي لاءِ گناهه نه هجي ها.... ٻي شادي ڪرڻ سان اوهان جو ساٿ منهنجي گهايل دل کي قرار ته ڏيئي سگهي ٿو پر منهنجي ضمير جا زخم ڪڏهن به نه ڀري سگهندو...اهي ناسور بنجي منهنجي اندر ۾ چڪندا رهندا.“

”اهو تنهنجو اجايو وهم آهي.“

”اها حقيقت آهي.“

”پوءِ تون مون کي هميشہ لاءِ وڃڻ ڇو نٿي ڏين؟“

”......“ پنبڻيون پٽ تي جهڪي پيس.

”تون مون سان پيار ٿي ڪرين؟“

”نه....“

”اهو پيار ناهي ته ڇا آهي.“ شيراز جون اکيون سج وانگر چمڪڻ لڳيون.

”ان کي دوستيءَ جو نالو به ڏيئي سگهجي ٿو.“

”دوستي به ته پيار جي بنيادن تي قائم هوندي آهي ۽  پيار دوستيءَ جي بنيادن تي قائم رهندو آهي. خبر اٿئي ميڊم.“

هن ڪو به جواب نه ڏنو. ڇڙو ڏانهنس تڪئيندي رهي. شيراز چڀندڙ نظرن سان چپن تي مرڪ آڻيندي چيس: ”تون وعدن جي پابند آهين. قول جي سچي رهي آهين، ان ڪري زلفي سان ڪيل محبت جا وعدا ٽوڙيندي پاڻ کي گلٽي ٿي سمجهين. نه ته تون دل سان منهنجي ٿيڻ ٿي چاهين......توکي مون سان محبت آهي.“

”نه نه، ائين ناهي.“ هوءَ گهٻرائجي وئي.

”ائين ئي آهي، ماءِ سُويٽ ماءِ پِريشيس لو... يو آر مائين.“

”مان توکي صرف روحاني پيار ڏيئي سگهنديس، تنهنجي دوست ٿي رهنديس....تمام سٺي دوست.“

هوءَ کيس ’تون‘ چئي مخاطب ڪرڻ لڳي.

شيراز جو چهرو مرڪ سان روشن ٿي ويو: ” آءِ ايگري وٿ يو...دوستي جي بنيادن تي ئي سهي، مون سان پيار ته ڪرين ٿي.“ معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندي چيائين، ”اسان جي وچ ۾ شرافت جي هڪ تلوار رهندي.“

”سچ!؟“ سر تان ڄڻ ڪو شرمناڪ ٻوجهو لهي پيس.

”ها“ هن مرڪندڙ اکين سان وراڻيو.

”پڪو وعدو.“

”ها، پر اهڙو نه جهڙو تو زلفي سان ڪيو هو.“

هوءَ خوشيءَ ۾ لفظن جي گهرائيءَ تائين نه پهچي سگهي. هن لاءِ ته اها خاطري ئي ڪافي هئي ته هوءَ سندس دوست رهندي.

”آخر دوست  ٿيڻ ۾ حرج ئي ڪهڙو آهي؟“ هن سوچيو.

پر جڏهن شيراز گهر هليو ويو ته ساڻس ٿيل سموريون ڳالهيون ور ور ڪري کيس سڄي رات ڌونڌاڙڻ لڳيون. پنهنجي خوشي ڄڻ عارضي محسوس ٿي هئس.

اڄ صبح سان ماڻس حيدرآباد ويل هئي. سيءُ گهڻو هئڻ جو بهانو ڪري هوءَ ساڻس گڏجي نه وئي. جيتوڻيڪ ٻار به گڏ هئس ته به اڪيلائيءَ جو احساس ٿي رهيو هئس. شيراز به ڪونه آيو هو ۽ هوءَ شام کان ڊرائينگ روم ۾ سندس انتظار ڪري رهي هئي. ذهن منجهيل خيالن جو مجموعو بنيل هئس. شيراز سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪير به ته هن کي نٿي روڪي سگهيو، پر زلفي سان محبت ۾ توڙ نڀائڻ جا وعدا ڇا سڀ فريب هو...دوکو هو....مان اهڙي دوکيباز به ٿي سگهان ٿي...هوءَ پنهنجو پاڻ کان پڇندي رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com