ٻيون
زالون به ماني کائي، هٿن ڌوئڻ مهل کاڌي مان عيب
ثواب ڪڍڻ لڳيون، ”ٿانو ته ڪهڙا هئا ڍونڍ جهڙي ڌپ
ساڙيو پي وئي!“
”ماني ته چڱي هئي پر قائدو ڪين هو، جنهن کي جيئن
ٿي وڻيو تنهن تيئن پئي کاڌو،“
ماني
وري ڪهڙي هئي. صفا ٺريل، جهڙي برف مڙئي نڙيءَ مان
لنگهائڻي پئي.“
ماني
کائي سڀئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي نويڪليون ٿي حال
احوال ڏيڻ وٺڻ لڳيون. زليخان وري اچي زيبل جو پاسو
ورتو ۽ هن به کانئس کڻي پڇيو : ” زليخان، تو ڇا
ڏنو شاديءَ ۾ ؟“
”مون
ته پنجاهه رپين جو ڏنو. ننهن ته چيم پنج سو ڏجانءِ
پر مون چيو پنجاهه ڪافي آهي. اڄ ڪلهه کائڻ ڪاڻ
کايو وڃن؛ وڏا پرس کنيو بيٺيون آهن ته اسان کي
ملي، باقي ڏيڻ مهل ڪنڊون پيون ڳولينديون. پنجاهه
ڪو ٿورو ڪونهي ڪو. اڌ سو! گهوڙٽ!! هيڏو سارو نوٽ
جنهن مهل ڏنم ته ڀانيان ترين مان پگهر پيو نڪريم.
هڪڙو ته نوٽ ئي پسي ويو جو مٺ ۾ جهليو ويٺي هئس.
ڦوڪون ڏيئي سڪايم.“
”پوءِ پرس ڇو نه ٿي کنيئي؟“
”آئي
زيبل ڏسين به پئي ته آءٌ پنهنجو ساهه ئي نٿي کڻي
سگهان سو پرس ڪٿان کڻندس!“
......
........... .............
ٻئي
ڏينهن نيرن پاڻي کان پوءِ زليخان حيدرآباد وڃڻ ڪاڻ
سنبري تيار ٿي.
”زيبل هلين ته وٺي هلانءِ، صديق موٽر ڪاهي آيو
آهي.“
”بيهه ته شريفان کان پڇان ته متان دل ۾ ڪري.“
ايئين چئي زيبل اُٿي شريفان ڏانهن ويئي جيڪا ڪنوار
جو ڏاج رکائڻ ۽ جاچڻ ۾ رڌل هئي. ”ڀيڻ شريفان، جي
خوشيءَ سان موڪل ڏنيم ته هاڻ موڪلايان پُٺ جي اون
اٿم.“
”زيبل، ڄڃ ته اسان جي ٻُٽي ٿي ويندي پر جي تنهنجي
دل ٿي چوي ته ماشاءَاللہ، وري گڏ آهيون.“
..... ..........
............
زليخان موٽر ۾ ويهاري ڀاڪر وجهي پاڻ ڏانهن ڇڪيس ۽
وڏو چپٽ هڻي قرب مان چيائينس:
”آئي
زيبل تون ته مون کان پئي پري ڀڄين ٻيلي منهنجون ته
توسان ساهه جون ڳنڍيون آهن. جيئري ته ڪونه ڇڏينديس
پر موئي به ڪونه ڇڏيندي مانءِ.“
”اللہ پليندئي پنهنجي پلڻي.پر هاڻي ڦاٿي آهيان ته
ڦٿڪڻ ڪهڙو، رڳو عزت سان وڃي گهر لهان.“ زيبل
سوچيو.
اڃان
ٻه وکون موٽر مس هلي ته ٻئي هٿ زليخان جا پيٽ ۾.
تارا ڦوٽار جي ويس.
”زيبل ڳالهه ٻڌي اٿئي، پيٽ ۾ اچي گهمرو پيو اٿم.“
”ادي
پوءِ آءٌ پيرن تي ويهاريانءِ ڇا؟ منهنجي کڻڻ جهڙي
هجين ته ويهي ڦس ڦس ڪرايانءِ.“
”آئي
توکي مشڪري سجهي آهي. منهنجو ساهه ٿو اکين مان
نڪري.“ زليخا ور کائيندي وراڻيو.
صديق
جيڪو ريڊيو تان موقعا ملي ڪدي ڪدي، تي پنهنجي پاٽ
جهڙي ويٺل مٿي وارو ڪنڌ ڌوڻي رهيو هو، تنهنجي ڪلهي
کي لوڏا ڏيندي چيائين: ”ٻڌين ڪونه ٿو ماسهين ڇا ٿي
چوي؟ ٿورو ڪم اٿس، موٽر ڪواٽرن جي پٺيان هلي
بيهار.“
”آئي
منهنجي بيعزتي ته نه ڪر. ڀاڻيجو ڇا چوندو! پيٽ ول
توکي، نالو کڻين منهنجو. تون هميشہ پيٽ وگهي مرندي
آهين،“ زيبل سرٻاٽ ڪيو. ”مون کي موٽر ۾ چاڙهي هاڻي
بڇڙو ٿي ڪرينم.“
”آئي
نالي اللہ جي مون سان گڏ هل ته منهنجي ٽيڪ ٿئي.
هيکلي لهنديس ته نڪ وڍيو، پٽ ڇا چوندو!“
”وڍجئي ته اُڪوئي وڍجئي آءٌ ڇا ڪريان؟ مون موٽر جي
پچر ڇڏي. لهي کڻي بس کي هٿ ڏينديس. انهي ڪاڻ موٽر
۾ چاڙهيو هيئي؟“
”ابا
صديق،“ زليخان، زيبل کي اڻ ٻڌو ڪندي چيو: ”اِهو
ٿرماس ته ڏجانءِ ماسهين مسو ڪندي.“
صديق
جيڪو گانن ٻڌڻ ۾ مست هو تنهن ماءُ جي لاڳيتي
ڳالهائڻ ۽ ڪلهي مان پٽڻ تي ڇرڪ ڀري گاڏي بيهاري
ڇڏي.
”زيبل هيٺ لهي هٿ ڏنيم ته آءٌ لهان.“
”پاڻ
چيڀاٽڻو اٿم جو توکي هٿ ڏيان! ڇپ تون پاڻ لهه.“
نيٺ
قسم سُنهن کان پوءِ زيبل هيٺ لهي ڪواٽرن جي پٺ ۾
پاسو وٺي بيهي رهي.
”اي
اللہ منهنجي توبهن! بندو سڄو گندو آهي، ڪيڏو ڪن
نڪتو اٿم پيٽ مان!“ پريان آواز آيو. ”زيبل ٻڌين
پئي؟“
”آئي
چڱو چڱو. تون واندي ٿيءُ ڪن نه هوندو ڪي لعلون
موتي هوندا.“ زيبل خار مان چيو.
”آئي
ٺهيو هاڻي، اهو ٿرماس ته هيڏي ڪر. جهلينم ته هٿ
ڌوئي وٺان.“
”ادي
توکي شابس هجي. جيڪي ڪندينءِ سو ڦٻندئي. سڀ
لوڙيندس تنهنجي موٽر ۾ جو چڙهي آهيان، تنهنجو ڏوهه
ڪونهي. اهو سڀ موٽر ٿي ڪرائي. نه چڙهان ها نه اهي
ڏينهن ڏسان ها.“
ايتري ۾ صديق جا وٺي هارن وڳا ۽ ٻئي تڪڙيون تڪڙيون
وڃي موٽر ۾ چڙهيون. خير سان گاڏي هلڻ شروع ٿي.
”ابا
اهو سامهون جهوپڙن واري هوٽل مان چانهه چڪو وٺي
پيارج ته هيانءُ ٿانڪيو ٿئي. ڏاڍا آت ڏنا اٿم.“
زليخان وري زيبل ڏانهن منهن ڪندي پڇيو: ”زيبل تون
پيئندينءَ ڇا!؟“
”ڏينهن تتي جو مون کي ضرورت ناهي.“
”بچيم، مون کي هڪڙو ڪوپ وٺي ڏي.“ زليخان پٽ کي
چيو.
صديق
موٽر ڦيرائي هوٽل وٽ بيهاري ۽ ٽري ۾ ڪيڪ بسڪٽ
چانهه ۽ ڪوڪا ڪولا جون بوتلون ڇوڪري کان کڻائي
آيو.
”آئي
هيڏا خرچ! منهنجو ته پيٽ ئي ٻاري ڇڏيئي. کائي کائي
به هڪڙي آءٌ کائينديس، زيبل تون ته ڪونه کائين.
توکي ته ڪانه وڻي.“
زليخان ٻيهر خاطري ڪاڻ پڇيو.
”ادي
منهنجو رت ئي ولوڙي ڇڏيو اٿئي. کڻي سڀ واپس ڪراءِ،
آءٌ ڪونه کائينديس.“
”آئي
اِهو سس مئو وري ڪهڙو آهي جو واپس ڪندو، آئي کائي
ته ڏس ڏاڍو سٺو اٿئي نرم نرم.“ زليخان چڪ هڻي اڌ
بسڪوٽ بچائي زيبل ڏي وڌائيندي چيو.
”ادي
بخش ڪر مون کي ڪونه وڻي.“
”آئي
پوءِ هيڏو سارو ڪيئن کائينديس!؟ اچي ڀلا هي ٻاٽلي
ته پي.“
لاچار زيبل اڌ بوتل پي واپس ڪئي”ٽڪا ڀريا اٿئون،
هيڏي ڪر خيراتي مال ڪونهي. ٻه ڍڪ هيئين کان هيٺ
لاهي ڇڏيان!“ ايئن چوندي چانهه جي مٿان ٻاٽلي
پيتائين.
........
.......... ...............
حويليءَ وٽ لهڻ وقت زيبل ڍڳو پير پيران جهڙي حالت
۾ هئي سا زليخان کي سلام ڪرڻ ته ٺهيو پر پٺيان ڏسڻ
۽ ٻڌڻ کان سواءِ ڳوريون ڳوريون وکون کڻندي پنهنجي
حويليءَ ۾ گهڙي وئي ۽ نم جي ڇانو هيٺ رکيل کٽ تي
ڦان ٿي ڪري پئي.
سريت
ٻن
ڪلاڪن جي ڦٿ ڦٿان کان پوءِ سندس منهن جي موڪري
تختي، ميناڪاري ڦُلن وارين چانديءَ جي سڳين سان
ڳُتيل چوٽين ۾؛ ڪُندن وانگر پئي ٻهڪي. گلابي
گربيءَجي اٺن والن جي ڳوريءَ شلوار تي، چُهچ سائي
شيفون جارجيٽ جو هُرمچ جي ڀرت سان رئو ۽ پهراڻ
پائي، عطر جي اڌ شيشيءَ سان پنهنجو انگ انگ
مهڪائي، جنڊيءَجي هندوري تي آهلجي، ڀت تي لڳل
گهڙيال ۾ اکيون کُپائي، هُن سگريٽن جا سوٽن تي
سوٽا پئي هنيا، ته ڪڏهن ٿا چار وڄن جو تيزگام اچي.
گهڙيال جا ڪانٽا به سندس اکين وانگر هڪ ئي هنڌ
کُپجي ويا هئا؛ پر ٽِڪ ٽِڪ سا چٽي ٻڌڻ ۾ پئي آئي.
اوسيئڙي ۾ اوٻاسيون ڏيندي ڏيندي ٻيهرن واري ننڊ جي
ويل به ٽري ويس.“ جڏهنکان ڪنهن ڊائجيسٽ ۾ پڙهيو
هئائين، ته ٻپهرن جي ننڊ سان حسن ۽ جوانيءَ ۾ واڌ
۽ نکار اچي ٿو، تڏهن لاڪر ٻپهري واري ننڊ سندس
لاءِ، ڪنهن عبادت گذار جي نماز وانگر عين ثواب ٿي
پئي هئي. پر خير...نمازون به ته ڪڏهن ڪڏهن قضا
ڪرڻيون پونديون آهن؛ تنهن ڪري اِهو ڪو منجهائيندڙ
مسئلو نه هو، ڇو ته کيس خبر هئي، ته اِها ڪسر
اونهئين صبح جو دير سان اٿڻ ۾ پوري ٿيڻي هئي. کيس
اها به خبر هئي، ته ان آگهور ننڊ جا نشا ٻپهرن
واري ننڊ کان هزارين درجا حُسن ۾ نکار ۽ نواڻ پيدا
ڪندا آهن.
اِنتظار جي عذاب کان بچڻ لاءِ، هوءَ مينديءَ رتن
پيرن سان هندوري جي لَسي ۽ ڇلڪڻي ڪاٺ تي وڄت ڪري
جهونگارڻ لڳي:
برهه
دل کي ڪيو بي حال آ
هاڻي
هڪڙي گهڙي ڄڻ سال آ
گيت
مزو ڏنس ۽ پنهنجي آواز جي لئي تي پاڻ موهت ٿي پئي.
موهه ۾ اکيون گهڙيال تان هٽي ويس. پهرين مصرع کان
پوءِ ٻي مصرع...ٽين مصرع ۽ اڃا چوٿين مصرع پئي
ڳاتائين، ته ٺيڪ اُن مهل تيز گام جي سيٽي به ڪن تي
پيس. هوءَ انهيءَ دم شيهڻ اُن وانگر اَڇل ڏيئي
اُٿي ۽ آرسيءَ اڳيان ٻيهر پنهنجو ڀرپور جائزو وٺڻ
لڳي. ڇيلي باداميءَ جهڙي رنگت تي، نڪ جي ست رنگي
لونگ، ڪجلين اکين واري وڻندڙ نقشن ۾ ڄڻ ڪا لاٽ
ٻاري ڏني هئس. سامت ڀُري مُرڪ صحتمند چپن تي پکڙجي
ويس؛ جا هر حسين ۽ جوان زال جي چهري تي، پنهنجي
جوڀن کان مطمئن ٿيڻ مهل ازخود پکڙجي ويندي آهي.
هوءَ
ڪهڙي به هئي ته به اعليٰ ۽ نفيس ذوق جي مالڪ هئي.
پنهنجي ڪپڙي لٽي جو خاص خيال رکندي، هميشہ اڇي
اجري صاف سٿري رهندي هئي. جتان لنگهندي هئي اتان
موتئي جي مهڪار پکڙجي ويندي هئي. اٺين ڏينهن جڏهن
وٽس هو ايندو هو، تڏهن ويتر پاڻ کي ٻهڪائي رکندي
هئي. هن کي ڄاڻ هئي ته مرد اهڙي زال مان ڪڪ هوندا
آهن، جنهن جي جسم مان هر وقت ٿوم، بصر، هيڊ ۽ پگهر
جا مليل جُليل ڀڀڪا پيا ايندا آهن؛ جيڪي رڳو ان
مهل ٽرنڪن ۽ ڪٻٽن مان سٿيل سهڻا ويس وڳا ڪڍي
پائينديون آهن، جڏهن کين ڪيڏانهن اٿڻو- ويهڻو
هوندو آهي. انهن ليکي مرد مڙس ٿيڻ بعد ان قابل نه
رهندا آهن، جو سهڻا ڪپڙا پائي اُنهن جون اکيون ۽
دل ٺارجي هوءَ اڳئين زماني جي دلربا حسينائن
نازنينائن وانگر نيجا ۽ خالص سينگار ڪندي هئي.
گلابي رنگت ڪاڻ پنير ۽ رسَوَل جا وهه جهڙا وٽا
پيئندي هئي. ڪيسو ڦلن جي پاڻيءَ ۽ کير جي ڦيڻ سان
مُنهن ڌوئيندي هئي، ماکيءَ جو سرايون اکين ۾
وجهندي هئي. تيل ڦليل،سرما، مينديون مساڳ استعمال
ڪندي هئ. وارن کي ميٽ ۽ ليمي سان ڌوئيندي هئي.
چيلهه کي تاحيات مضبوط رکن ڪاڻ کونئر ۽ چوڙ ڪُٽي
ڦڪيندي هئي. جسم کي سدا جوان رکڻ لاءِ طرح طرح جي
تيلن ۽ عطرن جي مالش ڪرائيندي هئي. هن کي چهري تي
ڪريمن، پائوڊرن ۽ لوشن جا ليپا پوچا بنهه نه وڻندا
هئا...ها، هڪ ڀيرو سو کيس ’آئل آف اُولي‘ لڳائڻ جو
شونقڙو ٿيو هو. اهو خيال هونءَ ڀلجي به نه اچيس
ها؛ پر جڏهن ڏٺائين ته ولايتي زالون ته ٺهيو، ديسي
به انهيءَ سؤ سوا جي شيشيءَ ڪڍ مکين وانگر ڇتيون
هيون، تڏهن سوچيائين ڪا ته ميڻا منجهس هوندي! جڏهن
هڪ رات مومل کيس ان شيشيءَ لاءِ فرمائش ڪئي هئي ته
هُن ڇاتيءَ سان لائيندي چيو هئس: ”سچي سون کي پالش
جي ڪهڙي ضرورت.“ تڏهن انهن لفظن جي سرور، گهڙي کن
۾ سندس نکريل روپ ۾ جيڪي جَر ڦل ٻاري ڏنا هئا، سي
’آئل آف ’اولي‘ جي شيشي ڪن ورهين جي استعمال تائين
به نه ٻاري سگهي ها. هُن ته کڻي پنهنجي کيسي بچائڻ
ڪاڻ اها ڳالهه ڪئي هئي، پر هن ته اهي ٻول هميشہ
لاءِ هنئين ساڻ هنڊائي ڇڏيا هئا. هڪ دل گهريو
دلدار، جيڪو مردانگيءَ جو ڀرپور ۽ مڪمل نمونو هجي،
ان جي طرفان ٿيل تعريف کي ڀلا هوءَ ڪيئن پئي وساري
سگهي. هن کي به جي نقلي سينگار سڙا وڻن ها، ته
پوءِ لاچار اهي لپيا پوچا استعمال ڪرڻ کان وسئون
ڪين گهٽائي ها پر سندس نجا ۽ خالص سينگار هن کي
وڻندا هئا. اُهي مٺڙا ٻول اڄ به ڪنن ۾ ٻُريس پئي،
جڏهن چار- پنج مهينا اڳ هن جي سريت ٿي، هن مسواڙ
واري گهر ۾ آئي هئي.
هُن
سندس اکين مان مَڌ جا ڍُڪَ ڀريندي، مينديءَ رتوڪ
نازڪ هٿ پنهنجي ڳاڙهي ٽڪ سان مُنڊيءَ واري رعبدار
ڳَري هٿ ۾ جهلي زور سان دٻائيندي چيو هئس:
”جانب، تنهنجي جمال جي مان ڪهڙي ساراهه ڪريان،
تنهنجي انهن سينگارن ته مون کي بِنهه سُڪَ ڪري
ڇڏيو آهي.“
”ڇو
ڀلا؟“
”اِهي سينگار آهن سون تي رتيون.“
”ڪيئن ڀلا؟“ آڙيڪاپ هئي، ته به ڀورڙي بڻجي پُڇيو
هئائسين.
”مان
توکي دل سان ماڻي سگهندو آهيان.“
”ڇا
جي ڪري؟“ هن هيٺين چپ جي ڪنڊ کي چڪ پائيندي پڇيو
هو.
”انهيءَ ڪري جو تنهنجي نقلي پنبڻين ڪرڻ جو ڊپ نه
هوندم، تنهنجي وگ وکرڻ جي ڳڻتي نه هوندم، نوڪدار
ننهن سان اَک نڪرڻ جو ڀؤ نه هوندم، لوشن جو ليپ
وات ۾ وڃڻ جو اُلڪو نه هوندم- وڏي ڳالهه ته فيشن
ڪاڻ فاقن ماريل هڏائون جسم ٽِڙڪڻ جو اونو به نه
هوندم!“ هُن جيئن پوءِ ويجهو پوندي چيس:
”اهڙيءَ سان پلئه اٽڪيو هُيئي ڇا؟“ هِن گهورن سان
گهائيندي پڇيو هئس.
”توبهه ڪر!“ هُن ٿُڪ ڦٽي ڪندي وراڻيس. ”مون کي
سُڪل هريڙيون نه وڻنديون آهن، جن کي ڪُٽي ڦڪي کائي
ڇڏجي.“
تڏهن
ڇا وڻندو اٿئي؟“
”مون
کي ڳئون جهڙو پڪو گوشت وڻندو آهي، جنهن کي ڇيڇاڙڻ
۾ مزو ايندو اٿم.“ هن سندس هپس تي زوردار ٺاپي
هڻندي وراڻيو.
”مون
تان کيلون ٿو ڪرين.“ مومل ٻانهن ۾ هلڪڙي چهنڊي
پائيندي چيس.
”سچي، مون کي توجهڙي مضبوط زال وڻندي آهي.“
”۽
مون کي تو جهڙو مڻيادار آدرشي مرد، بهادر ۽
سگهارو...جنهن جي پير جهڙي ٿڌي ڇانو ۾، مان سڄي
حياتي ٿڪل مسافر جي اگهور ننڊ جيان گذاري ڇڏيان.“
هن سندس جريب جيتري ويڪري ڇاتيءَ ۾ پنهنجو منهن
لڪائيندي چيو لهو.
تن
ڏينهن هوءَ ساڻس حجاب ڪندي ٿورو ڳالهائيندي هئي.
وقت سان گڏ جڏهن حجاب لهي ويس، تڏهن خوب انگل آرا
۽ حجتون ڪرڻ لڳي هئي. هينئر به ادائن جو اسير
بڻائڻ لاءِ، ڪو سٽل سٽي هوءَ مُرڪي پئي ۽ آئيني
آڏو هٽي، ميز تان پيڪٽ کڻي لائيٽر سان سگريٽ دکائڻ
لڳي. ٽانگي جي ڇڻ ڇڻ تي هوءَ ڊوڙي دريءَ ڏانهن
وئي، کيس ايندو ڏسي هڪدم سگريٽ اُڇلي، درجي ڪنڍي
کولي، ڏاڪڻ لڳ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي، اُمالڪ پنهنجو پاڻ
کي کٽ تي سٽي، منهن ويڙهي پئجي رهي. ڏاڪڻ تي هن جي
هلڻ جو آواز جڏهن ڪن تي پيس تڏهن کيس ٻڌائڻ ڪاڻ،
درد جي پيڙا سان ٽنگ ٻانهن چورڻ جي بهاني، وڏي رڙ
ڪري چيائين: ”اي اللہ شڪر آ تنهنجو! اهڙين حالتن ۾
ڪيو اٿئيم جو سڃن ڀونگن ۾ پئي پرين لاءِ پساهه
کڻان....“
هُن
اهو درديلو فرياد ٻڌو، پر انبن جي وڏي کوکي کيس
منجهائي ماريو، تنهنڪري ڪا رومينٽڪ سچئيشن ڪرئيٽ
نه ٿي سگهي، جا اهڙن موقعن تي ٿيڻ گهربي هئي؛
رهندو هڪل ڪندي چيائينس: ”مومل...هي ته وٺائيم،
ڦاسي پيو آهي.....“
”آءٌ ٿي مران پنهنجي ساهه ۾“؛ داد نه ٿيندو ڏسي
رُکائيءَ مان وراڻيائنس. ”ڇا ڦاٿو اٿئي؟“
”کوکو ڦاٽو آهي.“ هُن پگهر اُگهندي چنگهه چنگهان
مان وراڻيو.
”ڪٿي
لڳو اٿئي ڪوڪو؟“
”اوهو.....چه....ڪوڪو نه، کوکو؛کوکو! انبن جو کوکو
ڦاٿو آ در ۾.....“
”الا....آءٌ ته اُٿي به نٿي سگهان....کوکو ڪٿان
کڻائيندس!“ مومل نزاڪت ڀريي نوع مان ڪوٺيءَ اندران
وراڻيو.
هُن
جو رُڪ جهڙو تتل بدن ويتر باهه ٿي ويو.
ڪاوڙ ۾ در جو ٻيو طاق ٺونٺ سان جهڙو ڌڪيائين، تيئن
ٺونٺ ڦٽجي رتو رت ٿي پيس.....جوش مان وٺي جو کوکي
کي مٿان کان اُڇل ڏنائين، ته سڄو اڱڻ انب انب ٿي
ويو.ڦهڪو ٻڌي هوءَ، جا دَت هنيو پئي هئي، ڏهڪاءُ
مان اندر ئي اندر سُسي وئي. |