سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

 

صفحو :4

 ڍڳو پير پيران

 

 زيبل صبح سان ڀري ڪپڙن جي کنيو، سونٽيءَ جي سٽڪ سٽڪ لايو ويٺي هئي اڄ مڙئي ڪجهه موڊ ۾ هئي جو پنهنجي جواني، ديواني، مستانيءَ جي زماني وارو راڳ به جهونگاري رهي هئي.

”آتا هي ڪون؟ جاتا هي ڪون؟ ڇُپ ڇُپ ڪي، هان هان ڇُپ ڇُپ ڪي، ميري سامني.“

ڇُپ ڇُپ ڪي چوڻ مهل وري ڪپڙن کي اهڙيءَ طرح پاٽ ۾ ٿي سٽڪا ڏياريائين ڄڻ ڪپڙن مان به ’ڇُپ ڇُپ‘ جو آواز ٻي نڪتو، جو شايد انهيءَ راڳ جي طرز سان ڪنن کي ڀلو پئي لڳس. انهيءَ ڪري گهڙيءَ گهڙيءَ پي ورجايائين:

”هان هان ڇُپ ڇُپ ڪي...ميري سامني.“ ايتري ۾ در تي موٽر جو وڏيرڪي اسٽائيل وارو زورائتو هارن وڳو: ”پان.....پان.....ن......ن.“

”ڦٽووووٽ.“ زيبل به هارن وانگر ڦوٽ ڪئي. سندس موڊ خراب ٿي ويو ۽ خار ۾ زور زور سان پوٽيءَ جي چڍيءَ کي نل جي هيٺ رکي برش سان رهڙڻ لڳي.

”جهڙي پاڻ ڇيڳري تهڙو سندس اولاد. ’چوغم‘ لايو ڪيڙن جي ٻيڙي ٻوڙيو ڇڏين.“ پنهنجي منهن ڀڻڪيائين.

”پان....ن ن ن پان....پپ.“

هن ڀيري رهندو زورائتو هارن وڳو. ”وٺ پئين، ڪن کائي ڇڏيا اٿن. ڪهڙي گهل پئي اٿن صبح ساڻ.“ زيبل بڇان مان پاڻمرادو ڪرڪي. وري پنهنجي ئي بڇان بابت سوچ ورائي ويس ته اها ڇو ٿي ٿئي؟ ٻار بال سان راند ڪندا ته به پئي بڇان ايندس ۽ رڙ پئي پونديس ته مغز ٿو ڦاٽي بال جي ٺڪ ٺڪ نه ڪريو. سيٽي وڄائيندا ته به پئي واڪا ڪندي ته کيس چريو ڪري رکندا، پئي چوندي: بند ڪريو اها رون رون.... هُل ڪندا ته به پئي جڪ کائيندي ته مغز ۾ پان پان ۽ ڌم ڌم پئي ٿئي. ڪو ڪم ڪار به نه ڪري سگهندي. ايئن ڇو ٿو ٿئي...شايد...شايد اها پيري. هن ڊڄندي ڊڄندي سوچيو.

”نه، نه....اهي پيريءَ جون نشانيون ناهن...مان اڃان ڪراڙي ٿورو ئي آهيان.“ هوءَ پنهنجو پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ لڳي: ”اها شڪايت ته ڪمزوريءَ کان اٿم“ هوءَ پنهنجو پردو رکڻ لڳي پر پردي جي ڪُنڊ لاشڪ ته هوا جي تيز جهوتي سان کڄي وئي هئي... ۽ هن ڏٺو ته هڪ اٺن سالن جي ننڍڙي نينگر پنهنجي ڪراڙي ڏاڏيءَ اڳيان گهڙي گهڙي ٻير جي ککڙيءَ واري جستي سيٽي لڳاتار ٽرڙ....ٽرڙ....ڪري وڄائي رهي هئي.ڏاڏيس کيس هسٽريائي نموني ساڻ ڇينڀي رهي هئي،”نه وڄاءِ ڙي نه وڄاءِ،منهنجو مغز ٿو ڦاٽي!“ ۽ هوءَ ڏاڏيءَ کي لڇندو ڏسي تيئن تکيون سيٽيون وڄائڻ لڳي هئي.

حيراني مان ٿي سوچيائين ته ڪراڙين کي اِهي راندين جا راحت ڀريا آواز ڇو نٿا آئڙن، جڏهن کيس ته ڏاڍو مزو ٿو اچي ۽ ڪائي مغز ۾ ڇڪ نٿي محسوس ٿئي!! پل جي جهلڪ ڏيکاري وقت جي ڄار ۾ لٽيل پردن پويان ننڍڙي نينگر گم ٿي وئي....اها هوءَ پاڻ ئي ته هئي...تڏهن کيس اها خبر ٿوروئي هئي ته اهو وقت مٿانئس به اچڻو آهي.

دماغ سان پنهنجي حالت جو چڱي ريت جائزو وٺڻ کان پوءِ به ننڍپڻ جون اهي ڳالهيون سندس دل کي بي معني ۽ ٻاراڻيون پي لڳيون....هاڻي تي هوءَ اڌ وهي کان ٽپي چڪي هئي.”ڀلا هرو ڀرو جي پان پان يا ٽان ٽان ڪنهن کي وڻندي!“ هن سوچيو، ”انهيءَ ۾ پيريءَ جو ته ڪو سوال ئي ناهي.“ايتري ۾ ڏيڍيءَ مان ڪنهن جهاتي وجهي سڏ ڪيو، ”ادي زيبل، ويٺي آهين نه؟“

”هائو ادي، هائو“ زيبل وراڻيو ۽ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجا صابڻ هڻا هٿ سٿڻ سان اگهندي، کنجيل ور هيٺ ڪري، منهن تي لڙي آيل کٿل وارن جون چڳون وائڳوڙي ڪري جائتيون ڪيائين ۽ ڪليءَ ۾ ۾ ٽنگيل رئو لاهي سنهڙي پسيل چولي جي مٿان  ڇاتيءَ تي پکيڙي وهنجڻي مان ٻاهر نڪري ڏيڍيءَ ڏانهن وئي. اتي شريفان کي ڏسي کيس ڀاڪر پاتائين ۽ چوڻ لڳي: ”ڀلي آئينءِ، جيءَ آئينءَ .“

”آءٌ ته مرڳو موٽيو پي ويس. ٻه ڀيرا ’ڊريور‘ هارن وڄايو. ڪو جواب ئي ڪون آيو. گهر ۾ جهاتي وڌم ته به ڪير ئي ڏسڻ ۾ڪون آيم. وري سوچيم ته سڏ ته ڪري  ڏسان ضرور ڪو نه ڪو هوندو ۽ ائين کليو گهر ڪيئن پيو هوندو؟“

”مون ته ڀيڻ ڪپڙا ويٺي ڌوتا موٽر جو آواز ته ڪن تي پيم پر اها ڪهڙي خبر ته اها پان پان تو واري هئي، تو ڏانهن ته جَن ڪَن ئي ڪونه هيم.“ ايئن چئي، زيبل اڱڻ ۾ نم جي ڇانو هيٺان پيل کٽ تي شريفان سان گڏجي ويٺي.

”ڀيڻ ٿڪجي پئي آهين ڇا؟“ شريفان، اونهو ساهه کڻندي ڏسي پڇيس.

”بس ادي گهر جا ڪم جو ٿيا، جيسين ساهه آهي تيسين پيو منهن ڏبو اڃا ته رڌڻ پچائڻ، ڇنڊ ڦوڪ،  ٿانو ٿپا سڀ ڪم ڪرڻا اٿم.“

”آڳئين ڀيري آئي هيس تڏهن ته اوهان وٽ نوڪر نوڪرياڻيون به هيون؟“ شريفان پڇيو.

”اڳيان وقت ويا گذري.“ زيبل ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيو، ”تڏهن ته ڪک ڇني به ٻيڻو نه ڪيم. مار پوين هينئر ته راڄ آهي مزورن جو، سو نوڪر ڪٿان لڀن. ڳولهه ته لڀي ڪونه ۽ وري لڀي ته مطالبا ۽ نخرا اهڙا اٿن جو ماٺ ڪيو ويٺي هج.“

”اسان جو ٽائيم پيو پاس ٿئي.“

”ادي اوهين ته ٿيو زميندار ماڻهو، پنهنجن هارين نارين وارا. اوهان کي ڪهڙي ڪاڻ، هڪڙا وڃن ته ٻيا اچن.“

”ائي ادي ڪهڙا سور ٻڌايانءِ. هرڪا هارياڻي پنج پنج ٻار وٺيو اچي رهي، سو مون کي ڪهڙو سک هوندو. آءٌ ته ويل جي منهن ۾ آهيان.“ هوءَ ماڳهين پنهنجا سور کڻي ويهي رهي.

”تڏهن به اها سانجڻ واري مصيبت توسان نه هوندي“زيبل ريس سان چيو.

”ائي زيبل، پر نينگريون ڪيڏانهن ويون اٿئي جو تون پئي رڌ پچاءُ ڪرين؟“ شريفان همدردي ڪندي چيس، ”تون اڳ ئي طبيعت ۾ ناساز؛ هڪڙا دمن جا دورا وري باهن تي ٿي ويهين.“

”ادي ڇا ڪريان، ڄاڻ ٻچا آيا تن لاءِ آءٌ ئي ته ڪنديس. ننهن ٻچڙيوال، سا ٻارن ۾ ئي پوري. اها به ٻارن کي ناناڻي ڇڏي پاڻ وئي آهي اسپتال ڊاڪٽرياڻي امينا کان سُئي هڻائڻ. خير سان ڇهين اميد واري اٿس.“

”ائي ادي پوءِ اهوئي ڪيو نه جنهنجو ريڊيو ۽ ٽي-ويءَ تي ڌم ڌمان سان پڙهو ايندو آهي ته هو جمالو گهڻا ٻار، هئين تي بار ٿورا ٻار پيار ئي پيار!“

”شريفان ڀيڻ، آءٌ پاڻ روز پئي ٻڌان اهي چونڪ چنڊن جا بيان. مئا پراين ٻچن جي پويان هٿ ڌوئي پيا آهن. شال جهان جا اڱڻ پيا وسن ٻچڙن سان. هي مُئا چون ته ٺلها ٻه ٻار ڄڻيو، ڄڻ جنهن کي وڌيڪ هجن سوگو گهو ڏيئي ماري، پوءِ  هي ٺري خوش تي ويهن! منهنجي ننهن ويهه ٻار ڄڻي ته به آءٌ ته گهورون پئي گهوريان.“ زيبل وراڻيو ۽ پوءِ وري کليل وانگوڙي جائتي ڪرڻ لڳي.

”ها ادي!“ شريفان عجب مان آڱر ڳل تي رکندي چيو. ”اڳي ته اسان ٻڌو ڪونه ته ڪو گهٽ ٻار ٿين پاڻ چوندا هياسين: جهجا ٿين، وڌن ويجهن ۽ دعائون چوندا هئاسين ته شال ڪيچ ٽلا ٿين.“

”هينئر ڪا ڀينگ پئي اٿن جو هوڪا ڏيو هو جمالو ڪن ته ٿورا ٻار ڄڻيو. پئسن ڪاڻ ٻڇڙا پيا ٽپا ڏيئي جهمريون پائين. موئن لوٺين کان پڇو ته توهان جي نانين ڏاڏين گهڻا ٻار ڄڻيا؟ توهين نپٽا ڪوهه ڄايا جو نچو بيٺا. مردن جو شان وڃائي ڇڏيو، عزتون وڃائي ڇڏيو. اولاد نه کپيو ته وڃي ’ڇاڳي فقير‘ جي مڙهيءَ ۾ ويهو. پراين نياڻين جي پٺيان ڇو اچي پيا آهيو ته ٻار نه ڄڻيو.

ڪو پڇين ته ويچاريون گهڙي ته پيٽ ۾ ڪونه ٿيون وجهن. اهايون کڻي نياڻين کي بدنام ڪيو اٿن. لاڏي ڪوڏي پرڻايو پوءِ مٿان کڻن موچڙا. نڪ جا موڙا پيا پونن ته پيٽ سان ٿي آهي.“ زيبل چيو: ” مان ته چوان اهو ’ايڪ دو بچي‘ به لاچار ٿو نڙي مان اڪلين نه ته آهن ته اصل ويم جي ئي خلاف.“

ادي وڃي ڇائي پائين؛ پنهنجو ڊول ڪو چمٽو. پاڻ انهيءَ ڳالهه کان مٿي چڙهي ويون آهيون.“

”خير گهر، ڇو چڙهي ويون آهيون؟“ زيبل ائين ڇرڪ ڀريو ڄڻ ڪانڌاريءَ ڏينڀو ڏنگيو هجيس. ”ڄڻڻ تي اچون ته ڇو نٿيون ڄڻي سگهون. پاڻ ته اڃان پنجاهه ۾ آهيون. زالون ته پنجونجاهه ۾ به پيون ڄڻين. ملڪه ترنم نورجهان کي به ته تازوڌيءَ ڄائي آهي. اسين ان کان ته ناهيون ويل؟“

”ها، اهو ته ٺيڪ آهي.“ شريفان نزاڪت مان ڀرون چاڙهيندي وراڻيو ”ڄڻڻ کان ته ڇو نٿيون ڄڻي سگهون، پر مون کي ته لڳ ڀڳ چار سال ٿي ويا جو اهي مئا هيٺ مٿي ٿي ويا! بت تي گرمي چڙهي ويم، گرمائش سببان مرڳو اکيون وٺي ويهي رهيس.“ شريفان اکين کي لڳاتار ٻه ٽي ڇنڀڪا ڏيندي وراڻيو، ” اڳي جهڙي نظر ڪٿي اٿم. مڙس جي موچڙن کان زوريءَ ڄم روڪ ٽڪيون کائي کائي مرڳو اهي حال ٿيا اٿم جو هاڻي ته رت ئي سڪي ويو اٿم.“ شريفان ٻار نه ڄڻڻ جو ٺڪر ڄم روڪ گورين تي ڀڃندي چيو.

”مڙسالن کي به کپي ته ڏنڊي ڪونڊي ۾ ميندي گهوٽي پين، اجايو سرڪار کي وٺي هيڏن خرچن ۾ وڌو اٿن. پاڻ ڪجهه نه ڪن باقي ٻري آئي زالن مٿان، توتاڙا کنيو واعظ ڪندا وتن ته ٻار نه ڄڻيو. ٻيڙيءَ ٻڏؤ هڪڙو هفتو کن ئي ميندي پيو ته ملڪ ئي ٺري پوي. نه رهي بانس نه وڄي بانسري.“

”ها ادي، پر مڃن به نه اسان جو چوڻ. اسانجون ڳالهيون ته آهن گوگائي مرچ؛ باقي پاڻ جيڪو پيا واڦين سو حلال اٿن.“

”اها ’هو جمالو‘ به چڱي خوراي ٿي، ننڍڙا پوٽا پوٽيون اچو پڇن ته لالي امان اهو’گانو‘ ڇا جو آهي؟ چوان ته ابا پيا ڌوڙ پائين اوهان ڪن ئي نه ڏيو. پر ٻار ڪٿي ٿا مڙن سڄو ڏينهن جيئن جهلين تيئن سر سان ويٺا ’هو جمالو ٿورا ٻار‘ ڳائين. چوان ته ابا نڀاڳيون وايون نه ڪڍو ۽ ايئن نه چئو. پر چون ته ٽي-وي جو ائين ٿو ڀونڪي. وريو چوان تي ابا پيا دانگي ملين منهن سان اوهان ليکيون ئي نه. پر سچ پڇين ته ٻارڙن ويچارن جو ڏوهه ئي ڪهڙو، زبان آهي چم جو لڪڻ، شل نه هري، ڪنهن مهل ته مون کان ئي نڪري وڃي: ’ٿورا ٻار......‘ اوچتو جو ڌيان ايندم ته ائي هان! اهو ڇا پئي چوان؟“

”چئبو ته اهو بيت به خواريءَ جو ڏلهو ٿيو ۽ شادين مرادين کان ويو. اهي ستن پيڙهين وارا سر به کنيا رٿابنديءَ وارن. پوءِ اسان هٿ کنيو.“ شريفان سچ پچ هٿ ڇنڊيندي چيو.

”زندگي ڏيڻ ۽ وٺڻ وارو خدا آهي، اهي ڪير ٿيندا آهن جو قدرت جي ڳجهه ۾ ٿا هٿ وجهن، چون ٿا ته آبادي وڌندي ته کاڌو ڪونه هوندو. امان جنهن خلقيو آهي روزي به اهو ڏيندو جي نه ڏيندو ته پوءِ کڻندو به اوچتو. اهي زلزلا طوفان، ٻوڏون ۽ حادثا قدرت جو قهر ناهن ته ڇا آهي؟“

”توڀان ڀيڻ، سدائين توڀان! ائي زيبل ڳالهين ۾ اهو ته ٻڌايم ئي ڪونه ته آيس ڇا لاءِ.“ ائين چوندي پرس مان دعوتي ڪارڊ ڪڍيائين، ”هي دعوت اٿئي ڀاڻيجي جي شاديءَ جي اچي پنهنجي هٿن سان موڙ ٻڌجانس.“

”دعا ڪر ته رڳو واندڪائي مليم ته اکين سان اينديس.“

”جيسين جيئبو تيسين ڪم ته کٽڻائي ڪونه آهن، ڪاڄ ڪو پري ٿوروئي آهي. ٽن ڪلاڪن جو ته پنڌ اٿئي سو به جي ريل ۾ آئين تڏهن؛ نه ته ويگن ۾ چڙهندينءِ ته دير ئي ڪون لڳندي.“ شريفان برقعو پائيندي چيو.

”ادي توکي شاباس هجي جو مون کي ويگن ۾ ٿي چاڙهين، هونءَ اڃان ٻه ٽي سال هجان ها، هتي ته مرڳو اڌ ڪلاڪ لڳندو. رڳو رستو سو’سپر هائي وي‘ هجي.“

”ائي زيبل هاڻ ڇڏ چرچا، اُٿي تياري ڪر.“

”چڱو ڀيڻ رک اللہ تي.“ برقعي مان جهليندي، ”ويهه ته سهي ڏڌ چڪو کڻي اچان.“

”نه منهنجي مٺي ڀيڻ هلاڪيون نه ڪر، وري ٻي مهل اينديس هينئر وڃان ٿي ٻين کي به دعوتون ڏيڻيون اٿم. وري اڄ جو اڄ ڪراچيءَ به پهچڻو اٿم. زليخان ڏي به وڃان، پوٽس جي طهرن جي خوشيءَ تي ڪانه وئي هئي سانس، سو ڏک پئي ڪڍي گهڙيءَ پلڪ انهيءَ وٽ به ويهان جهونا رستا آهن.“ ايئن چوندي ڏيڍيءَ طرف وئي.

زليخان جو نالو ٻڌي زيبل جي پيرن هيٺان زمين کسڪي وئي. سڪل مٺائي واري سڄي ڳالهه اڳيان تري آيس.

”هڪ ڀاڪر جي پيڙا اڃان لٿي ڪانهيم وري ٻيا سور پيا سنڀرن. مون ڪراچي جي پچر ڇڏي، پر نه....وڃڻو ته پوندم نه ته شريفان دل ۾ ڪندي. زالن جو راڄ هوندو، گهڻئي ساهيڙيون هونديون، هن کي ليکينديس ئي ڪونه.“ اهو سوچي آٿت اچي ويس.

......          ............                ...............

زيبل گيهي گيراڙي سڏ ڀرڻ لاءِ پهتي ته ڏاڍو ٿڪل هئي پر جڏهن راڄ ۾ زيبل کي گهوٽ جي ماسي ڦونڊ ڏئي جو هن لاءِ جوڙو ڳڻايائون ته واڇون وڃي ڪنن سان لڳس ۽ ريل جي گيهه گيهان واري ٿڪ کي جهڪو ٿيندي محسوس ڪيائين. ڏسڻي ۽ اڱوٺي سان ڪپڙي کي مهٽي پڪ ڪيائين ته سادو آهي يا اوچو. پوءِ امالڪ سٽڪو ڏيئي کڻي ٿيلهي ۾ وڌائين.

”ائي گهوٽ جي ننڍي پڦيءَ جو جوڙو ڪٿي آهي؟“ راڄ مان ڪنهن شيدڻ ناسون ڦوٽاريندي رڙ ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com