سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

باب: --

صفحو :12

”هاڻي زال سان گڏ اسان جي ڇورين جي به ٻيڙي ٻوڙيندو،“ لالڻ ماءُ ڪر ڪيو. ” اسان کي هاڻ جيئڻ جو ڪهڙو حق.“

”ائي ڀاڄائي، تون ڪهڙي نه سهڻي ٿي لڳين“

جنت چيو.

”ادي ڌوڙ  پئي اٿم، لالڻ ته ٻڌي ئي نٿو ماميءَ ۽ نانيءَ ته  طعنا ڏيئي ڏيئي  اندر ساڙي رکيو اٿم. پاڻ ته برقعو به نٿو پائڻ ڏي آءٌ ڇا ڪريان، منهنجو ڪهڙو ڏوه....“

”پيون چون، ڪهڙو وڏين برقعو پاتو هو، پڙا لوڏي لوڏي مري ويون. تون جيڪو وڻئي سو پاءِ آخر به ته انجنيئر جي زال آهين“. جنت حميده جي وجود ۾ پنهنجو روشن آئيندو ڏسندي چيو.

”پر ادي ڪيترو ماٺ ڪندس، مون کي ته لالڻ جي مرضي به رکڻي آهي نه، جنهن پڙهيل ڳڙهيل مائٽيون ٿڏي مون سان شادي ڪئي. اڄ جيڪي ٻه درجا انگريزي پڙهن ٿا سي به پاڻ کي شيءِ ٿا سمجهن.“

”ڀاڄائي ور جي مرضي نه رکندينءَ ته هي کوڳيون کائي ويندئي، جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندئي. ڀل پيون مٿون هڻن تون ڪن ئي نه ڏين“.

”تيار آهين نه حميده؟“ لالڻ گهر ايندي چيو. ”جنت تون به تيار ٿي وٺ، زينو کي به چئينس.“

”ادا توهين وڃو اسانکي امان ڪا نه ڇڏيندي.“ جنت امان، بابا ۽ ڏاڏي جن پراڻي خيالن جا آهن انهن جو احترام ۽ تلخ ڳالهيون اکين تي پر حياتي اسان کي به گذارڻي آهي.“

لالڻ جيڪو هاڻي انجنيئر لال محمد خان ٿي پيو هو،ٻنهي ڀينرن ۽ زال سوڌو ڪاريڊور کان نڪري ڪار تائين آيو.

”ڌ....ڌ.... توهان!!“ ڪار جو در کولي لالڻ حيرانيءَ مان چيو. ” اي ها ابا اسين سگهو ٿي موٽر ڪاهه!“

”ڇا ٿيو خير ته آهي ڏاڏي؟“

؟اي سڀ خير آهي“ لالڻ ماءُ وراڻيو ”جلدي ڪري موٽر کي هڪلينس فلم جو ٽيم نه ٽري وڃي!“

”توهين به....!“

اي هائو....و....! اسين به جيئرو ساهه آهيون ’شلبم‘ جي فلم ڏسي هلي روح وندرائي اچون....“ ڏاڏيءَ چيو ۽ پوءِ لالڻ مرڪندي گاڏي اسٽارٽ ڪئي.

------------------------

ڄارو

”بي بي سائڻ، مان ڪٿي سمهان؟“

”هوڏانهن ورانڊي ۾، پَٽ تي.“

کتو، ٻه تيل لڳل پراڻيون ۽ ميريون رليون کڻي هيٺ وڇائي سمهي رهي ۽ سمهڻ سان ننڊ کڻي ويس.

”هيءَ به ته ڪنهن جي ڄائي آهي! ڪيڏي نه ڏکي ستي پيئي آهي!“ دل ۾ قياس جي جذبي ڪَر کنيس.پنهنجي ڌيءُ ڏانهن نظر وڌائين ته هوءَ نرم بستري واري پلنگ تي سک ۽ سانت سان ستي پئي هئي.

 

جڏهن هوءَ پنهنجي وڏي وڳر ۾ ويڙهي سان ڳوٺ واري حويليءَ ۾ رهندي هئي، ته ڍير ساريون دايون، گوليون پٽ تي ستل ڏسي ڪڏهن به کيس اهڙي سوچ نه ٿي هئي. پر هينئر نئين شهر ۾ سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن کان دور هڪ نئون جذبو، هڪ نئين سوچ هن منجهه ڪيئن پيدا ٿي؛ هو پاڻ حيران هئي.

”ڪيتريون ئي خالي کٽون پيون آهن، اُٿاري کڻي سمهاريانس.... مهر، منهنجي پياري ۽ سڪليڌي ڌيءُ ائين پَٽ تي ستل هجي ته جيڪر مان ڪيڏي نه پيڙا ڀوڳيان.“ دل ٿي چويس ته اٿي کٽ تي سمهاريس.

کتو ننڊ ۾ بنهه الوٽ هئي ۽ ڊولن چپن وارو وات پٽيل هئس، انهن مان گگ وهي سڻڀي ويهاڻي تي جذب ٿيڻ بدران پئي ترڪي.

”هان؛ مان هي ڇا ٿي ڪريان، هي ڇا ڄاڻي کٽ کٽولن مان، ڀل ته ستي پئي هجي... پيڙهين کان هن جا ابا ڏاڏا اسان پاڪن جو احترام ڪندا اچن.... اسانجي سڀاڳن قدمن تي پنهنجو سر نمائندا اچن.... مان پاڻ سان برابريءَ جو درجو ڏيئي اها ريت ريٽي رهي آهيان! نه، نه مان وڏڙن جي پَر نه ڀڃندس.... ڀل ته ستي پيئي هجي.... ستي پيئي هجي.... هن کتوءَ جي چهري تي مٿاڇري  نظر وجهندي ڪراهت کان ٿُڪ اُڇلي ۽ واپس وکون کڻي پنهنجي فوم جي گاديلي واري پلنگ ۾ ڦان ٿي پئي. پر ننڊ اکين کان سوين ڪوهه پري هئس، يادگيريون سندس هر سوچ تي ڄڻ ڇانئبيون پي ويون. صبح جو جڏهن کتوءَ جو پيءُ ڳوٺان کيس هت ڪم ڪار لاءِ ڇڏي ويو هو ته هوءَ اچڻ سان ڪيئن نه اڱڻ ۾ پيل جنڊيءَ واري نواڙ جي کٽ تي ٿي ويٺي هئي ۽ پوءِ ڪيئن نه هن بُجو گهروڙي ڏنو هئس:”بي شرمي؛ شرم نٿو اچئي منهنجي اڳيان کٽ تي ٿي ويٺي آهين.“ هوءَ اوچتي دڙڪي کان ڏڪي ۽ وائڙي ٿي ڪيئن نه هيسجي هيٺ ٿي ويٺي هئي.

هن کي اهو به ياد آيو ته اچڻ سان جڏهن کتو هٿ ڏيئي ملي هيس ته هن ڪيئن نه ٽوڪ مان چيو هيس:

”ماڻهين اڃا لڇڻ نه سيکاريا اٿئي ته بيبين سان ڪيئن ملبو آهي؟“ هوءَ پنهنجي ڇيٽ جي چولي جي ڪنڊ کي ڏسڻي ۽ آڱوٺي سان مهٽڻ لڳي هئي. ڊپ ۾ منهن هيڊو ٿي ويو هئس. کيس صفا هيسيل ڏسي رعبائتي ۽ هيبائتي نموني سمجهائيندي چيو هئائين: ”ٻيهر بيبين کي پيرين  پئي پوءِ کيکر ڪندي ڪر. اچي ساماڻين آهين پر ڀايان ٿي حويلين ۾ اٿي ويٺي ڪانه آهين، نه وري ماڻهين ڪا فضيلت سيکاري اٿئي.“

سندس سوچ جو رخ هڪدم  لفظ ”بيبين“ ڏانهن کڄي ويو. اڄ صبح سان سندس ڀنگياڻي ڏيڍيءَ وٽ بيهي ڪيئن نه زور سان سڏ ڪندي چيو هئو! ” بيگم صاب جي، ميري بي بي تـي اندر نئين آ ئي؟“

”ائي هان، ڇا ٿي چوين؟ بيبي! ڪهڙي بي بي؟“

”جي ميري تيءَ حاڪم بي بي.“

”آئي گهوڙٽ، ندوري، مار پويو رسول جي، توهين به بيبيون ٿيون ٿيو؟ سيد سان لکيو ڪيو هئي ڇا جنهن منجهان اها بيبي ڄڻيئي!“

”ڪيا ڪنهندي او بيگم صاب جي؟ تاڊيان گلان تـي مينون سمجهه نئين پڙديان.“ ڍڳيءَ مهانڊي پوڙهيءَ ڀنگياڻي ٻهاريءَ سان پنيون کنهندي چيو.

”ڪس دي گهوڙي؟ تي ڪيڙا سيد؟“

”ائي ڪجهه نه، ڏائڻ وڃ هتان ٽر، ڪونهي ڌيڻهين ڀنگياڻي هتي. صبح سان هانءُ ساڙڻ آئي آهين ۽ پاڪن جي جتيءَ ۾ ٿي پير وجهين.“

”ڪيڏي نه ڳڻتي ۽ خيال اٿن جوان ڌيئرن جو؛ اکين کان ٿورو هيڏانهن هوڏانهن ٿيون ته بس سندن مائرون جهڙيون چريون. اسان ليکي ته ڀنگياڻيون آهن جو اَک ئي نٿي ٻڏي، پر عزت هر ڪنهن کي پياري ٿئي ٿي.“ سوچ جو رخ ٿڙي پنهنجي جوان ڌيءَ ڏانهن ويس: ”ڇا ڪريان... ڪو سنڱ نٿو ملي.... پنهنجن ۾ ته ڪا اهڙي واه ناهي.... ڌارين ۾ به مائٽيون ته گهڻئي چڱيون آهن پر اُهي سڀ امتي آهن، ۽ امتين ۾ بي بي!“ اِهو سوچي ڇرڪي پئي... کيس ڊپ ٿيو ته انهن ڪيترين ئي بيبين جيان ڌيڻس به ڪنهن امتيءَ سان سول ميرج ڪري نه رڳو پنهنجي قيامت ڪاري ڪري پر خاندان تي به دانگي ملي.

اوچتو ياد آيس پنهنجي سڳي سؤٽ- سيد دادن سائين جي زال.... بي بي امير زادي، جنهن نه لَو ميرج ڪئي نه سول ميرج. باقي جهنڊولن وارن وارو ڪارڙو ڊولڙو پٽ سو ڄني ڏنو هيائينس. جنهن سان لاشڪ ته سندس پيڙهائتي لوهه مروڙ ٻانهي دلاور جي ڏاڍي دل هئي. اُڀ اکئين پي ڏٺو. ته به سڀني ڊولڙي کي بابو ڀاون سائين ڪري نه رڳو جُتي سوڌو جهوليءَ ۾ ورهايو پر دادن سائين جي مُئي پڄاڻان پڳ ٻڌي راڄ جو وڏو به ڪيائونس.

 

ائين ڇو....“ ائين ڇو؟ چئبو ته سول ميرج کان اهو ڪم ڀلو نه ئي قيام ڪاري ٿيڻ جو ڊپ نه ئي خاندان تي دانگي ملجڻ جو خطرو.

 

اهي مرد وري ڪهڙا ستا جتا آهن. جڏهن پنهنجو اولاد ڳليءَ ڳليءَ ڳاڙيندا وتندا آهن تڏهن ته کين ڪائي غيرت ڪانه اچي. سوين سچا سيد ۽ بيبيون به گولڙا ۽ ٻانهيون ٿيو وتا پلجن.

 

ته چئبو رت جا رشتا يا خون جي ڪشش ڪجهه به ناهي. اهو سڀ ڍونگ آهي. ذهن جنهن کي دنياوي دستور موجب شعوري طرح قبول ڪري؛ اهو ئي سڀ ڪجهه آهي.

پر خير.... سيد جي گهر ۾ ڪو ڪوچڙو به جنم وٺندو ته اهو سيد نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو! انهيءَ ۾ ڪهڙو ڀئو ڀولو. هن مرڪي سوچيو. ڏيتي ليتيءَ ۾ ڪهڙو گناهه.... کير وڃي ساڳيو ڀت ۾ پيو. اُهي سيدن جي حوليءَ ۾ سيد ٿي پلجن ٿا ته بيبيون آرياڻيون به  ڇو نه گوليون ٻانهيون ٿي پلجن.... پر.... مان پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڪنهن کي آڱر کڻڻ نه ڏيندس. اُها اَک ئي ڪڍي ڇڏيندس جا مٿس ميري نظر وجهي....

”سائينءَ کي به چوان ڌيءَ جي ڪا اون ئي ڪانهي، ٻانهن سيراندي ڏيو ويٺو آهي.“ سندس خيال مڙسس ڏانهن ويو.

”اڄ ته چڱي دير ڪئي اٿس. هوندو پنهنجي شونق شڪارن ۾ پورو، مان ته ڪڏهن اعتراض نه ڪندي آهيان. هروڀرو مرد جي پٺيان گهپي لائڻ ڪا چڱي ته ناهي. مردن جو شان ئي انهيءَ ۾ آهي. آخر مرد جو ٿيا. ڀل سو سريتون هجنس. مور نه مٽ منهنجو. منهنجو مان ته وري به مٿاهون آهي سون ۾ ڳاڙهي ٿي ويٺي آهيان، ٻيو ڪهڙو سک کپيم! مون جهڙا ته شال ڪنهن جا ڀاڳ ٿين. رب سائين منهنجي ٻچڙيءَ جا به نصيب موچارا ڪندو.“

ڦري گهري سوچ جو رخ وري ڌيڻس ڏانهن آيو.

”هاڻي ته قيامت جون نشانيون اچي ويون آهن، اُمتين ۾ به بيبيون اُٿارين پيا... ڀلا اُمتيءَ جو اکر ايڏو ڪيريل ۽ نيچ محسوس ڇو ٿو ٿئي... مسلمان ته سڀيئي نبيءَ جي امت آهن.... ڇا مان نبيءَ جي امت ناهيان... مان اُمتين سان گڏ ڏينهن قيام جي ڪلمو پڙهي نه اُٿندس ڇا....“ رسول پاڪ پنهنجي پڦيءَ جو سڱ غلام سان ڪرائي سگهن ٿا ته مان نعوذ بالله ان کان به مٿي آهيان ڇا؟.... مان به ڌيءَ جي مائٽي ٻاهر ڪندس.... مان اهو فرق ميٽي رهندس.... هاڻ ته هرڪو گرو گنجو سيد ٿي پيو آهي.... مئو کڏن! واڻيا به عرب ۾ سيد پيا سڏجن.... پر....پر.... اسان .... اسان جي ته خير ٻي ڳالهه آهي.... اسين ته آهيون ئي برتر.... اسان کي پيڙهين کان برتريءَ جو احساس ڏياريو ويو آهي.... جيڪو مان ۽  مرتبو رب اسان کي ڏياريو آهي، سو شال دائم ۽ قائم هجي. ڪير سڙي ته پيو سڙي.... پيو ٻري.... ڀل پيا پيرين پون.... ڀل ته پيا ڪنڌ نوائين.... سيد جو سڱ نه مليو ته حق بخشائي ڇڏيندي مانس. ست پيڙهيون اَڪ کاڌي ڌيءُ ڪاڻ نه لڄائيندس.“

ڄاري لڳل دونهاٽيل ذهن سان آخري فيصلو ڪري هوءَ گهري ننڊ سمهي رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com