ٽائٽانڪ
جھاز تي فلم
جھاز تھ ھيستائين ڪيئي ٻڏي چڪا آھن ۽ ٻڏندا بھ رھن
ٿا. فلمون بھ نھ فقط ٽائٽانڪ جھاز تي، پر ٻين بھ
ڪيترن ئي جھازن تي ٺھي چڪيون آھن ۽ ٽائٽانڪ جھاز
تي بھ ھيءَ پھرين فلم ناھي، پر
1912ع کان وٺي اڄ ڏينھن تائين
86
سالن ۾ ٽائٽانڪ جھاز تي
ڪيتريون ئي فلمون، ڪتاب ۽ ٽي وي سيريل ٺھي چڪا
آھن.
پھرين فلم تھ جھاز ٻڏڻ بعد يڪدم مھينو کن رکي ٺھي
ھئي، جنھن جي فلم اسٽار اھا ھئي، جيڪا ٽائٽانڪ
جھاز جي ان بدنصيب سفر جي مسافر ھئي. ان فلم جو
نالو
“Saved from the Titanic” ھو. انھن ڏينھن ۾ فلمون ٽاڪيز نھ ھيون.
يعني آواز بنا ٺھنديون ھيون ۽ ٽائٽانڪ ٽريجڊيءَ جي
اھا فلم بنا آواز جي ھئي – يعني گونگي فلم ھئي.
Teutonic Titanic فلم جرمني وارن ٺاھي ھئي، جنھن جو خرچ پکو نازي حڪومت
ڏنو. ھن فلم جو خيالي ھيرو ھڪ جرمن جوان ڏيکاريو
ويو ھو.
1958ع ۾ برطانيھ وارن بھ ٽائٽانڪ تي ھڪ فلم
A Night to Remember
ٺاھي، پر فلم ڊائريڪٽر جيمس
ڪئمران جي ھيءَ تازي فلم
Titanic
سڀني فلمن کان گوءِ کڻي وئي
آھي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي ھاڪ ھلي وئي آھي. ان ۾ ڪو
شڪ ناھي تھ ھن فلم تي، فلم ٺاھيندڙن ”فاڪس فلمڊ
انٽرٽينمينٽ“ وارن وڏو خرچ ڪيو آھي. ٻھ سؤ ملين
ڊالر فلم جي شوٽنگ تي خرچ ٿيو آھي ۽ اھڙا ڏيڍ سؤ
ملين ڊالر مارڪيٽنگ تي خرچ ٿيو آھي. (ھن کان اڳ
گھڻي خرچ واري فلم ”واٽر ورلڊ“ آھي، جنھن تي
175 ملين ڊالر خرچ آيو ھو) منھنجي خيال ۾ ھن
فلم کي مٿانھون ڪندڙ – ماڻھن کي حيرت ۾ وجھندڙ
نظارا آھن، جيڪي ڪمپيوٽر ذريعي پيدا ڪيا ويا آھن.
ھيئن ھن کان اڳ ٺھيل فلم
Jurrasic Park
ھئي، جنھن ۾ ڪمپيوٽر جنريٽيڊ
اسي کن
Shots
ھئا ۽ ھن فلم ٽائٽانڪ ۾
550
آھن.
ھن فلم ٽائٽانڪ جي شوٽنگ جو بندوبست فاڪس فلم
ڪمپنيءَ وارن ميڪسيڪو جي شھر روزاريتو ۾ سورھن
ھيڪٽر ڪامپليڪس تي ڪيو ھو. فلم ۾ جيڪو ٽائٽانڪ
جھاز ڏيکاريو ويو آھي، اھو بلڪل ھوبھو ۽ اصل جھاز
جھڙو آھي، پر اصل جھاز جي ڏھين حصي جيڏو ناھي. ان
کي ڪمپيوٽر ۽ ٻين ڪئمرائين جي اٽڪلن ذريعي ائين
ڏيکاريو ويو آھي، ڄڻ سچ پچ ھجي ۽ سچ پچ جا ماڻھو
اتان ڪري سمنڊ ۾ پيا ٻڏن، جيڪو دراصل
“L”
شڪل جي پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪي
آھي.
ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ٽائٽانڪ فلم جو ڊائريڪٽر
James Cameron ھڪ قابل ۽ ھوشيار فلم ٺاھيندڙ آھي ۽ سندس ھن کان اڳ جي
ٺھيل فلمن مان بھ ڪيتريون ئي مشھور ٿيون. جھڙوڪ:
The Abyss،
True lies،
Terminator II وغيره وغيره. ٽائٽانڪ فلم ائڪشن ۽
رومانس جو ڳانڍاپو آھي، جنھن ۾ ليونارڊو ڊي ڪئپريو
(Jack Dawson)
۽ ڪيٽ ونسليٽ
(Rose Bukater) اھم فلمي اداڪار ٿيا آھن. فلم جي
شوٽنگ جولاءِ
1969ع
کان شروع ٿي ۽
160 ڏينھن ھلي. عام فلمن کان ڪجھھ وڏي ٿي وئي ۽ سندس
Running
ٽائيم ٽي ڪلاڪ چوڏھن منٽ آھي.
فلم ۾ ڪم ڪندڙن کي اصل سمنڊ ۽ ٽانڪيءَ ذريعي ٺاھيل
نقلي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ٽيھھ کن لائيف
گارڊ رکيا ويا ھئا. فلم ٺھڻ دوران ڪوبھ ٻڏي مرڻ جو
حادثو درپيش نھ آيو. البتھ ٽن
Stunt Men جي ٽنگن ۽ ٻانھن جا ھڏا ڀڄي پيا.
وڏو
Risk
کڻي خرچ واري فلم ٽائٽانڪ
جيتوڻيڪ ان وقت ٺھي، جنھن وقت دنيا جون ٻھ ٻيون
مشھور فلمون پڻ ھلي رھيون ھيون. ھڪ جيمس بانڊ جي
نئين فلم
Tomorrow Never Dies
۽ ٻي ڊريم ورڪس جي مزاحيھ فلم
Mouse Hunt،
پر ان ھوندي بھ ھي سامھونڊي بدنصيبيءَ تي ٺاھيل
ٽائٽانڪ سڀ کان گوءِ کڻي وئي ۽ مالڪن جو (يعني فلم
ٺاھڻ وارن مالڪن جو ۽ نھ جھاز ٺاھڻ وارن جو) پئسو
سجايو ڪري رھي آھي.
Archille Lauro
ھميشھ لاءِ غرق ٿي ويو
گذريل ھفتي ليڪچرر روم ۾ چانھھ پي رھيو ھوس تھ
منھنجي ھڪ ڪليگ ۽ ھم عمر ڪئپٽن پرويز اچي ٻڌايو
تھ، اٽليءَ جو پئسينجر جھاز آرڪي لائورو
(Archille Lauro) ٻڏي ويو. سندس ڪو انگلينڊ جو ساٿي انجنيئر (يا شايد
نيويگيٽر) ان جھاز تي ھو، جيڪو ھاڻ پنھنجي ملڪ
واپس موٽندي رستي تان ڪراچيءَ ۾ ھن وٽان ٿيندو
ويو.
ڪن ٻارن يا وڏن لاءِ چئبو آھي تھ ھنن جي قسمت ۾
ڌڪا ۽ ٿاٻا لکيل آھن. جھازن لاءِ بھ اسين اھو ئي
چوندا آھيون تھ ڪي ڪي جھاز
Accident Prone
ٿين ٿا. ھي جھاز (آرڪلي
لائورو) بھ اھڙو ئي بدنصيب جھاز رھيو. ھي اھو جھاز
آھي، جنھن کي فلسطيني مجاھدن
1985ع
۾ ڀؤنچ سمنڊ
(Mediterranean Sea)
۾ اغوا ڪيو ھو ۽ اسرائيل کان پنھنجن پنجاھ فلسطيني
ھمراھن جي آزاديءَ جي گھر ڪئي ھئي، جيڪي ھنن وٽ
قيد ٿيل ھئا. ”آرڪلي لائورو“ جھاز تي ان وقت
400
کن مسافر ھئا. ھاءِ جئڪرن جھاز
جي ڊيڪ تي موجود ھڪ عذر واري مسافر ليان ڪلنگوفر
کي (جيڪو آمريڪا جو يھودي ھو) سندس ويل چيئر سميت
سمنڊ ۾ ڌڪو ڏئي ٻوڙي ڇڏيو. اسرائيل
50
فلسطيني قيدين کي تھ آزاد نھ
ڪيو، باقي اھا
Deal
طئھ ٿي تھ جھاز آرڪلي ۽ ان جي
مسافرن کي ڇڏڻ بدران ھاءِ جئڪرن کي ھوائي جھاز
مھيا ڪيو ويندو، جنھن ۾ ھو پنھنجي ملڪ ڀڄي وڃن.
سندن شرط پورو ڪيو ويو، پر جيئن ئي ھنن جو ھوائي
جھاز آسمان جي بلندي طئھ ڪري اڳتي وڌي رھيو ھو تھ
آمريڪن ايئر فورس جي ھڪ فائيٽر جيٽ ان تي حملو ڪري
کين ھيٺ لھڻ تي مجبور ڪيو. ان سڄي ڊرامي تي آمريڪا
۾ ھڪ اوپيرا (ناٽڪ)
“The Death of Kling hoffer’s” نالي مشھور ٿيو.
بھرحال! ھتي اسان اٽليءَ جي پئسينجر جھاز آرڪلي
لائورو جي ڳالھھ ڪري رھيا آھيون – بلڪھ ھن جي ڦٽل
ڀاڳ جي ڳالھھ ڪري رھيا آھيون، جيڪو ڪجھھ ڏينھن اڳ
سوماليا ڪوسٽ کان
200 ڪلوميٽر کن اورتي اسان جي پاڙي واري سمنڊ
ھندي وڏي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. اسان پئي سمجھيو تھ ھي
مسافر جھاز جيڪو ھڪ فائيو اسٽار جيان خوبصورت ھو،
پوڙھو ٿيڻ تي ان جا مالڪ ھن کي ڪنھن رومانٽڪ ڪناري
تي بيھاري ھن کي ھوٽل يا جوا خاني
(Casino)
طور استعمال ڪندا، يا تھ ڪنمھن
جنگ يارڊ ڏي موڪلي ڇڏيندس، جتي لوھ ۽ ڪاٺ جا
واپاري ھن جون مختلف شيون خريد ڪري، يادگار طور
رکندا. پر ان جي نوبت نھ آئي. ٻڏڻ کان اڳ ھي
24000
ٽن وزني جھاز سڙي ڀسم ٿي ويو ۽
پوءِ سمنڊ جي تري تي جنازي وانگر ڊھي پيو. سڙڻ ۽
ٻڏڻ وقت ڪنھن جو بھ موت نھ ٿيو ۽ مٿس چڙھيل ھزار
کن مسافر آھستي آھستي ڪري ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا ۽ بيحد
فضيلت سان ٻارن ۽ عورتن کي پھرين ٻيڙين ۾ چاڙھي،
سندن جان بچائي وئي. ان بعد باقي مسافر ۽ جھاز جو
عملو ۽ آخر ۾ جھاز جو ڪئپٽن اورسي
(Orsi) لٿو. ھي حادثو ھيئن ٿيو جو جھاز جي انجڻ
روم کي باھ لڳي وئي ھئي، جتان پوءِ سڄي جھاز تي
پکڙجي وئي. جيتوڻيڪ وڏي پئماني جي باھ ھئي، پر
ڪنھن بھ مسافر اجائي سجائي ھاءِ گھوڙا ڪري پنھنجو
پاڻ کي ۽ ٻين کي پريشان نھ ڪيو. شروع کان ھن جھاز
سان ھميشھ ڪا نھ ڪا ويڌن لڳي رھي. ڪڏھن ڪنھن جھاز
سان ٽڪر تھ ڪڏھن باھ، ڪڏھن ھاءِ جئڪنگ جھڙيون
وارداتون تھ ڪڏھن مالي مسئلا. ھڪ ٻھ دفعو تھ ٽئڪس
۽ في جي ادائگي نھ ڪرڻ ڪري ھي جھاز
Arrest
بھ ٿيو– ڌارئين بندرگاھ ۾ اتي جي حڪومت طرفان
جھليو ويو. ھتي اھو ٻڌائڻ بي مھل نھ ٿيندو تھ
جھازن کي ڏوھاري ھجڻ جي صورت ۾
Arrest
بھ ڪيو وڃي ٿو. مثال طور ڪو جھاز ٽوڪيو مان مرمت
ڪرائي وڃي ۽ قانون موجب باوجود چتائن
(Warnings) جي جھاز جو مالڪ مرمت ڪندڙ شپ يارڊ
کي پئسن جي مقرر ادائگي نھ ڪري تھ شپ يارڊ وارا
پنھنجي ملڪ جي ڪورٽ ۾ دانھين سگھن ٿا، جنھن جي حڪم
موجب اھو جھاز يا ساڳي مالڪ جو ٻيو جھاز ٽوڪيو
بندرگاھ ۾ يا جپان جي ڪنھن بھ بندرگاھ ۾ پھچڻ تي
ھن کي سوگھو ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين فريادي مطمئن
نھ ٿئي، جھاز کي بندرگاھ ۾ ئي ترسڻو پوي ٿو يا بين
الاقوامي قاعدن قانونن موجب جيڪڏھن ڪنھن جھاز تي
ڪا اھڙي کوٽ آھي، جنھن سان جھاز ھلائيندڙ جھاز جي
مسافرن يا جھاز تي ويندڙ سامان جو نقصان ٿي سگھي
ٿو تھ ان حالت ۾ بھ جھاز کي بندرگاھ کان ٻاھر نڪرڻ
کان جھليو ويندو آھي. جيئن مثال طور: يمن وارن جو
جھاز ڪراچي بندرگاھ ۾ اچڻ تي خبر پوي ٿي تھ جھاز
تي باھ وسائڻ وارو پمپ
(Emergency Fire Fighting Pump) خراب ٿي پيو آھي. پاڪستان جي مرڪنٽائيل
مئرين ڊيپارٽمينٽ کي خبر پوڻ تي يا جھاز جي
ماڻھوءَ يا ٻاھرين ڪنھن جي شڪايت تي، ھو ان جھاز
کي روڪي سگھن ٿا، جيسين اھو پمپ صحيح نھ ڪرائين.
جھاز جو
Arrest
ٿيڻ ڪا سٺي ڳالھھ نٿو سمجھيو
وڃي. ان سان جھازران ڪمپنيءَ جي پئسي جو نقصان ھڪ
طرف ٿئي ٿو ۽ ناموس کي ڇيھو ٻي طرف رسي ٿو.
ھونءَ ”آرڪلي لائورو“ مسافر جھاز اٽلي جي ناليرن
جھازن مان ھڪ ھو. اھو ڪنھن زماني ۾ ”فخر اٽلي“ ھو
۽ ھڪ دفعي مشھور ڪتاب
Around the World in 80 days
موجب سڄي دنيا جو ڦيرو اسي
ڏينھن ۾ پورو ڪري ڏيکاريو ھئائين. آرڪلي لائورو
جھاز ڄائي ڄم کان بدنصيب رھيو. ھي جھاز
1947ع
۾ ھڪ ڊچ ھمراھ (ھالينڊ جي رھاڪوءَ)
‘Willem Ryus’
نالي ٺھرايو، جنھن جو
1953ع
۾ سندس ”سسٽر – شپ“
‘Oranje’ سان ٽڪر ٿيو. ان بد ھن جون مرمتون ھلنديون
رھيون.
1966ع
۾ اٽلي جي ھڪ امير ماڻھوءَ آرڪلي لائوروءَ اھو
جھاز ھالينڊ وارن کان خريد ڪري، ان جو نالو پنھنجي
نالي سان آرڪلي لائورو رکيو. ڪجھھ عرصو ھلڻ بعد ان
کي پاليرمو ۾ سخت باھ لڳي ۽ ٻڏي ويو. مالڪ امير
ھو. دل بيھي وڃڻ بدران ڌڪ بچائي ويو ۽ ھن ان جھڙو،
ساڳي نالي سان نئون جھاز ٺھرايو، جنھن کي
1972ع
۾ وري باھ وڪوڙي وئي. سڄو جھاز تباھ ٿيندي ٿيندي
بچي ويو. مالڪ وڏو خرچ ڪري وري ھن کي ھلڻ لائق ڪيو
پر پورن ٽن سالن بعد (1975ع ۾) ھڪ لبناني جھاز سان ٽڪرائجي پيو، جنھن ۾ چار کن جھازي بھ
مري ويا. وري وڏو خرچ ڪري جھاز جي مرمت ڪرائي وئي
۽ ڪجھھ سال صحيح ھلڻ بعد
1981ع ۾ ڪناري ٻيٽن
(Canary Islands) تي باھ اچي لڳس، جنھن ۾ ٻھ مسافر ٻڏي ويا – شايد ھنن
ھراس ۾ يا ٻي ڪا واھ نھ ڏسي پنھنجي بچاءَ لاءِ
پاڻيءَ ۾ کڻي پاڻ ڇڏيو ۽ وقت تي مدد نھ ملڻ ڪري
ٻڏي ويا. ان کان پوءِ وري جھاز جي مرمت ھلندي رھي
۽ پوءِ سال بھ ڪو مس ھليو تھ بلن جي پوري ادائگي
نھ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ھن کي ڪنھن بندرگاھ ۾
Arrest
ڪيو ويو ۽ مٿس ڪورٽ جا ڪيس
ھلندا رھيا. ان کان علاوه ھي جھاز سياسي خواريءَ
جو پڻ سبب بنيو. گذريل سال (1993ع)
۾ اٽليءَ جي نيوفاسشٽ نئشنل الائينس جي ليڊر جان
فرئنڪو فينيءَ پنھنجي سياسي پارٽيءَ لاءِ فنڊ گڏ
ڪرڻ لاءِ ھن جھاز کي چارٽر ڪيو (يعني ڪجھھ عرصي
لاءِ ٺيڪي تي ورتو) ۽ مسافرن کي جن بندرگاھن
گھمائڻ جو پروگرام ٺاھيو، انھن ۾ اتر آفريڪا جا
اھي بندرگاھ پڻ ھئا، جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ لڙائيءَ
جا ميدان ھئا. اٽليءَ ۾ ھن سامونڊي سفر تي سخت
تنقيد ڪئي وئي ۽ جتي ڪٿي ھن جھاز کي ننديو ويو.
بھرحال ڏھاڪو ڏينھن کن اڳ ھي جھاز
47
سالن جي خوبصورت سامونڊي سفرن
۽ بدنصيب حادثن بعد ھندي وڏي سمنڊ جي اونھن تھن ۾
ھميشھ ھميشھ لاءِ غرق ٿي ويو آھي.
|