سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نھ سھي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :11

لائيف بوٽ، جئڪيٽ، سمنڊ جو پاڻي ۽ شارڪ

 

ايندڙ ڪھاڻي – ”موت جو سفر“ ھڪ اھڙي سامونڊي حادثي جي ڳالھھ آھي، جنھن جھڙا ڪيترا ئي ٿي چڪا آھن. ھيءَ ڪٿا ھڪ انگريز خلاصيءَ جي آھي، جيڪو جھاز جي عملي مان ھو. ھيءَ سچي ڪھاڻي ڪيترين ئي زبانن ۾ اچي چڪي آھي. ليکڪ جو نالو صحيح طرح واضح ٿيل نھ آھي، پر جيئن تھ آخري بچيل ماڻھو ڪئاٽر ماسٽر اينگس آھي، سو ان ئي ھي حادثو بيان ڪيو ھوندو، جنھن کي ٿي سگھي ٿو لفظن جو روپ ڪنھن ٻئي پھرايو ھجي.

بھرحال! ھي سامونڊي حادثون ان ڪري اھم سمجھان ٿو جو منجھس ڪابھ اھڙي ٽيڪنيڪل غلطي نظر نٿي اچي، جيڪي اڪثر ڪوڙن شڪاري قصن ۾ يا فلم ۾ ڏيکاريل ڪورٽ يا اسپتال جي منظرن ۾ عام جام ھونديون آھن. ھھڙي قسم جي سامونڊي حادثن ۾ ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو نظم ۽ ضبط کي ڇڏي ڏيندا آھن ۽ تڪليف وڌڻ تي نفسانفسيءَ جو عالم برپا ٿي ويندو آھي. پر ھن حادثي ۾ جنھن ھمت، عزم، قربانيءَ جو صبر جو مظاھرو مسلمان ھندستاني سپاھين يا انگريز ۽ يورپي عملي جي ماڻھن ۽ مسافرن ڪيو، اھو تعريف جوڳو آھي – جنھن جا مثال تمام گھٽ ملندا.

ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي اھڙيون ٽيڪنيڪل ڳالھيون آھن، جن بابت عام پڙھندڙن کي شايد ڄاڻ نھ ھجي ۽ انھن بابت سنڊن ذھن ۾ ڪي سوال بھ پيدا ٿين. ھتي انھن جي سمجھاڻي ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو تھ جيئن پڙھندڙ ھن سامونڊي حادثي کي چڱي ريت سمجھي/پروڙي سگھن ۽ ساڳي وقت ھن سفر جي مسافرن جي ھمت ۽ بھادريءَ کي ساراھي سگھن.

ھر جھاز تي مسافرن ۽ جھاز جي عملي موجب ٻيڙيون ٿين – جن کي ”لائيف بوٽ“ سڏجي ٿو، جيڪي جھاز جي حادثي مھل زندگي بچائڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون. انھن ۾ ھر وقت کائڻ پيئڻ لاءِ مقرر مقدار ۾ پاڻي، کاڌو (بسڪيٽ، کير يا کير جون ٽڪيون وغيره) ھوندو آھي، جيئن گھٽ تور جي کاڌي مان گھڻي کان گھڻي طاقت ملي سگھي. پاڻيءَ جو پھرين ڏينھن کان ئي راشن شروع ڪيو ويندو آھي، نھ تھ اھو ٿورو پاڻي ڏينھن ٻن ۾ ختم ٿي وڃي ۽ زنده رھڻ جي رھيل کھيل اميد جھٽ پٽ ختم ٿي وڃي.

لائيف بوٽ سڙھ يا چپن تي ھلي، پر اڄڪلھھ جي لائيف بوٽ انجڻ تي بھ ھلي ٿي تھ چپن تي بھ. پر انجڻ ڪري ڪو خاص فرق نٿو پوي، جو ھيءَ ٻيڙي سفر لاءِ استعمال نٿي ڪري سگھجي، جو انجڻ کي ھلائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ سٺ کن ميل ھلڻ جو تيل ٻيڙيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ ٿئي، جيڪو ائٽلانٽڪ، پئسفڪ جھڙن اٿاھ سمنڊن جي ھزارين ميلن جي سفر لاءِ ڪجھھ بھ نھ آھي. لائيف بوٽ جو خاص مقصد فقط اھو آھي تھ حادثي پيش اچڻ جي صورت ۾ (جھاز جي ٻڏڻ، سڙڻ، ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تي) ھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي جان بچائجي ۽ اڌ ميل کن چپن يا انجڻ ذريعي ٻيڙيءَ کي ھلائي جھاز کان پري ٿجي، متان سڙندڙ جھاز جي باھ جو سيڪ رسي يا جھاز جا کوھا وغيره لڳي وڃن.

اڄڪلھھ تھ سڀني جھازن تي اھڙو بندوبست رکيل آھي، جو ٻڏڻ سان ريڊيو روم جو ٽرانسميٽر لڳاتار ايس او ايس (Save Our Souls) جو سگنل ٽرانسميٽ ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت 500 ميلن تائين جيڪي جھاز آھن، انھن جا رسيور اھو سگنل خود بخود وٺي، الارم وڄائين ٿا، جيئن مڙني جھازن جي عملي کي حادثي ھيٺ آيل جھاز جي خبر پئجي وڃي تھ جھاز ٻڏي رھيو آھي. ساڳئي وقت ڪھڙي Latitude (ويڪرائي ڦاڪ) ۽ Longitude  (ڊگھائي ڦاڪ) تي آھي؟ جيئن بچائڻ لاءِ ان ھنڌ ڏانھن ٻيا جھاز روانا ٿين. ھڪ اھو بھ سبب آھي تھ لائيف بوٽ ۾ لٿل ھمراھن کي ٻڏندڙ جھازن جي ارد گرد ئي ترسڻ گھرجي، جو بچائيندڙ جھاز ٻڏندڙ جھاز جي سنوت ڏي رخ رکندا آھن.

پر جيئن تھ ھي حادثو جنگ وارن ڏينھن ۾ ٿيو آھي ۽ چوڌاري ڪنھن جھاز جي ھجڻ جي اميد نھ ھجڻ ڪري، ٻيڙيءَ ۾ بچيل بدنصيب مسافر اتي سمنڊ تي ئي ترسي وقت وڃائڻ بدران، ويجھي ٻيٽ – سينٽ ھيلينا ڏي وڌڻ لاءِ ڪوچ ڪيو آھي.

ھر لائيف بوٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين کان علاوه ڪھاڙي، قطب نما، ضروري دوائون (فرسٽ ايڊ باڪس)، مڇي ڦاسائڻ جي ڪنڍي، رسي، ماچس ۽ ڪجھھ ٻيون اھڙيون شيون ھجڻ ضروري آھن، جيڪي سمنڊ تي ڪم اچي سگھن ٿيون. جيئن ٻيڙيءَ جي ڪا رسي نھ کلي تھ ڪھاڙيءَ سان ڪپي سگھجي، ڪا مڇي ڦاسي تھ ان کي وڍي سگھجي – جيئن ھنن کي ھڪ مڇي ھٿ اچي وئي. رات جي وقت ڪو ھوائي جھاز يا پاڻيءَ جو جھاز اچي لنگھي تھ، ان جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ماچس سان ڪپڙي ٽڪر ٻاري سگنل ڏئي سگھجي ٿو، وغيره وغيره.

ڪي پڙھندڙ شايد اھو بھ سوال ڪن تھ، اھڙي سخت اڃ ۾ سمنڊ جو ٿورو ئي پاڻي پي کڻي اڃ اجھائڻ کپي. پر سمنڊ جو پاڻي ايڏو تھ کارو ٿئي ٿو، جو مرڻ مھل تائين انسان کان پيتو نٿو ٿئي. منجھس تمام گھڻي مقدار ۾ عام رواجي لوڻ (سوڊيم ڪلورائيڊ) کان علاوه ٻيا بھ ڪيترن ئي قسمن جا لوڻ ۽ ڪاميائي شيون مليل ٿين ٿيون، جيڪي سمنڊ جي پاڻيءَ کي زھر جھڙو کارو بڻائي ٿيون ڇڏين، جنھن سبب پيئڻ ناممڪن ڳالھھ ٿيو پوي.

اھڙين حالتن ۾ اسان جھازي گھڻو ڪري ڪوشش اھا ڪندا آھيون تھ، سامونڊي پکي (Sea Gull) يا مڇيون وغيره ڦاسائي کائجن، جيئن ٻيڙيءَ جو محدود راشن بچت ۾ ئي رھي. پر ھي ويچارا، جن سان ھي حادثو پيش آيو، سمنڊ جي اھڙي حصي ۾ ھئا، جيڪو ڪناري کان سوين ميل ڏور ھو، جتي پکي پکڻ تھ ذات نھ ھو پر ڪنھن مڇيءَ بھ سنوت نٿي ڏنن. بدقسمتيءَ سان ھڪ مڇي ”ڊاگ فش“ سندن ٻيڙيءَ ۾ اچي بھ وئي تھ اھا ڪا کائڻ لائق ناھي، جو ھنن بھ ٿوڪاري ڇڏي ۽ سندس رت بھ نھ پي سگھيا. ٻي ڳالھھ تھ اھا بھ کين ايترو تھ دير سان ملي يعني ٽن ھفتن کان پوءِ، جڏھن ھنن ۾ ايتري بھ طاقت باقي نھ بچي ھئي، جو ان کي ڪچو چٻاڙي سگھن. ھنن وٽ رڌڻ پچائڻ لاءِ نھ تھ باھ جو بندوبست ھو ۽ نھ ئي پاڻي بچيل ھو. ھونءَ ڪيترا اھڙا واقعا بھ ٿين ٿا جو بک کي منھن ڏيڻ لاءِ، ماڻھن پنھنجا بوٽ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ٻھ چار ڏينھن پسائي، نرم ڪري پڻ کاڌا آھن.

ھر مسافر ۽ جھاز جي عملي جي ماڻھوءَ کي لائيف جئڪيٽ ڏني ويندي آھي، جيئن جھاز ڇڏڻ وقت اھا پائي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي. لائيف جئڪيٽ ڪري ماڻھو سمنڊ ۾ ٻڏي نٿو. منجھس ھلڪو ڪاٺ يا ٻوچ Cork جھڙي شيءِ ٿئي ٿي، جيڪا ايتري تھ ھلڪي آھي جو ماڻھوءَ کي چوويھن ڪلاڪن تائين، سمنڊ جي مٿاڇري تي جھلي رکندي آھي. ان بعد آھستي آھستي ڳري ٿيڻ ڪري ماڻھو ٻڏيو وڃي.

ڪوارٽر ماسٽر

جھاز جي سکاڻيءَ کي چئبو آھي، جيڪو جھاز کي اسٽرنگ ويل (ڦيٿي) ذريعي سڌو جھلي بيھندو آھي. ھر جھاز تي ٽي ڪوارٽر ماسٽر (سکاڻي) ٿين ۽ ڏينھن رات جي چوويھن ڪلاڪن جي ڊيوٽي اٺ اٺ ڪلاڪ ڪري ورھائي کڻن. پوءِ ھر ھڪ چار ڪلاڪ ڏينھن جي چونڪي ڪري ۽ چار ڪلاڪ رات جي. جھاز جي ڪئپٽن کي ماسٽر بھ سڏيو ويندو آھي. جھاز تي اھو چرچو عام ھوندو آھي تھ جھاز تي فقط ٽي ڪوارٽر (چوٿا) ماسٽر ان ڪري رکيا ٿا وڃن، جو چوٿون ڪوارٽر ماسٽر بھ رکيو ويندو تھ پوءِ چار چوٿا ملي، ھڪ سڄي ماسٽر برابر ٿي پوندا ۽ پوءِ ڪئپٽن (ماسٽر) جي ڪھڙي ضرورت؟

سب مئرين جنگي وڏي ٻيڙي ٿئي، جيڪا پاڻيءَ جي اندر بھ ھلي تھ مٿاڇري تي بھ. حملي وقت پاڻيءَ اندر ٽٻي ھڻي ٻئي جھاز کي ٽارپيڊو ھڻندي آھي، جيڪو بم وانگر ٿئي.

جھاز جي زبان ۾ جھاز جي ساڄي پاسي کي اسٽار بورڊ ۽ کاٻي پاسي کي پورٽ سائيڊ سڏجي ٿو.

چيف آفيسر

ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي جھاز جو انچارج چيف آفيسر سڏجي. چيف آفيسر کي فارين جھازن تي ”ميٽ“ بھ سڏين. چيف آفيسر نيويگشن کان علاوه جھاز جي ڪارگو جي سنڀال ۽ انتظاميھ جو بھ انچارج ھوندو آھي.

سرنگ

آگ وارن، خلاصين ۽ ٻين ھيٺين طبقي جي ڪم وارن جو انچارج ٿئي، جيئن اسان وٽ ھارين جو انچارج ڪمدار سڏجي.

آگ وارو

جيڪو بئالر کي باھ ڏئي ۽ انجڻ روم جي صفائي ڪري.

اسٽور ڪيپر

جھاز جي صفائيءَ ۽ مرمت ۾ ڪم ايندڙ سامان ۽ رنگ روغن جي سنڀال لاءِ ھڪ اسٽور ڪيپر ٿئي، جنھن کي ”ڪسب“ سڏجي يا اسٽور ڪيپر.

اسٽيورڊيس

جھاز تي مسافرن ۽ عملي کي ماني ٽڪي کارائڻ لاءِ جيڪي خذمتگار ڇوڪريون ٿين، تن کي شپ – اسٽيورڊيش سڏجي ٿو.

شارڪ مڇي

شارڪ مڇي (Isurus Glaucus) تمام خطرناڪ مڇي/جانور ٿئي. سمنڊ جي ننڍين مڇين ۽ جيتن جڙن کي بھ ھڙپ ڪري ويندي آھي، تھ ماڻھن کي بھ. اھو ئي سبب آھي جو شارڪ مڇيءَ کي سامونڊي بگھڙ سمجھيو وڃي ٿو.

شارڪ مڇيءَ کي تمام وڏا، تکا ۽ ٽڪنڊا ڏند ٿين ۽ ڪي شارڪ مڇيون تھ سڏجن ئي آدم خور شارڪ مڇيون (Carcharodon  Caracharias). اھي ھر وقت ماڻھن جي ڳولا ۾ رھنديون آھن تھ ڪٿي ٿو ڪو جھاز تان ڪري يا ڪناري تي ٻڏي يا مري وڃڻ تي جھاز تان اڇليو وڃي؟ اڪثر ننڍين ڀٽڪندڙ ٻيڙين جي ڪڍ ھونديون آھن، جو کين ڳجھھ وانگر خبر ھوندي آھي تھ ڄاڻ تھ ماڻھو مئا. جيئن ھن ڪھاڻيءَ ۾ شارڪ مڇيون ٻيڙيءَ جي آس پاس لڳي مئل ۽ جيئرا ماڻھو کائينديون رھن ٿيون.

شارڪ مڇي، وھيل مڇيءَ وانگر پربت تھ نھ ٿئي، پر تڏھن بھ چڱي وڏي ٿئي ٿي ۽ ڪي ڪي چاليھھ فٽن کان بھ ڊگھيون ٿين. يعني ست ماڻھو ھڪ ٻئي مٿان بيھارجن تھ ايتري ڊيگھھ ٿئين ۽ تور ۾ سورھن سترھن مڻ کن ٿين.

شارڪ مڇي، ائٽلانٽڪ ۽ خليج بسڪي (جتي ھنن ھمراھن جي ٻيڙي ڦرندي رھي)، ميڊيٽيرين ۽ پنھنجي پاڙي واري سمنڊ – ڳاڙھي سمنڊ ۾ بھ تمام گھڻيون ٿين ۽ جھاز تان ماڻھن جي ڪرڻ تي امالڪ حملو ڪري ڏينديون آھن. مڇيون ڦاسائڻ وارا – خاص ڪري ٻيڙين وارا ڦاٿل شارڪ مڇيءَ کان بھ خبردار رھندا آھن، جو رسيءَ ۾ ٻڌل يا ڪانٽي ۾ ڦاٿل ھجڻ جي باوجود بھ رکي رکي ٻيڙيءَ وارن تي حملو ڪري ڏيندي آھي.

شارڪ مڇيون گھڻو ڪري ڪناري تي ڪونھ ٿين، پر ڪڏھن ڪڏھن جھازن جي ڪڍ ڪناري تي بھ اچي نڪرنديون آھن.


 

موت جو سفر

ھيءَ ڳالھھ ھڪ اھڙي پاڻيءَ جي جھاز جي آھي، جنھن بدنصيب جھاز ۾ اسين چڙھيل ھئاسين. ”سٽي آف ڪئرو“ (City of Cairo) نالي اسان جو ھي جھاز 2 آڪٽوبر 1942ع تي جڏھن بمبئي کان روانو ٿيو تھ منجھس عملي جي ماڻھن کان علاوه ٻھ سؤ کن مسافر بھ سوار ھئا. سمنڊ ماٺو ھو ۽ جھاز آرام سان ھلي رھيو ھو. ٻي وڏي لڙائيءَ کي شروع ٿئي ٽيون سال ٿي چڪو ھو. سڄي دنيا ۾ ھڪ ڏھڪاءُ متل ھو، پر جن سمنڊن ۾ ھي جھاز ”سٽي آف ڪئورو“ سفر ڪري رھيو ھو، اھي ظاھريءَ طرح جنگ جي گوڙ گھمسان کان پري ھئا. جيتوڻيڪ دلين ۾ اھو بھ ھراس ويٺل ھو تھ ڪنھن وقت بھ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھھ ٿي سگھي ٿي. جرمن سب مئرين ٻيڙيون (پاڻيءَ ھيٺ ھلندڙ جنگي ٻيڙيون) ڀؤنچ سمنڊ، ھندي وڏي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾، ڪڏھن ڪٿي تھ ڪڏھن ڪٿي، گھمي رھيون ھيون، ان ڪري جنگ جي ميدان کان پري ھوندي بھ مسافرن ڊپ محسوس ٿي ڪيو. بندرگاھ ۾ اندر جڏھن جھاز پھتو ٿي تھ، ماڻھن سک جو ساھ کنيو ٿي. بندرگاھ مان نڪرڻ سان ماڻھن جي رڳ رڳ ۾ ھڪ اھڙي ڊپ واسو ٿي ڪيو، جنھن جي اچڻ جي ڪا ڄاڻ نھ ھئي.... ھونءَ بھ ڪا مصيبت يڪدم اچي وڃي تھ ماڻھو ان جو مقابلو بنا ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي ڪري سگھي ٿو. پر ڪنھن مصيبت جو اھو احساس ۽ انتظار تھ خبر ناھي ڪھڙي وقت اچي – ماڻھو جو اندر اڏوھيءَ وانگر کايو ڇڏي ۽ ڪجھھ اھڙي ئي ڪيفيت ھن جھاز جي ھئي – خاص ڪري مسافرن جي. آڪٽوبر جو مھينو ختم ٿيندي ٿيندي اسان ڪيپ آف گڊ ھوپ ۾ سائوٿ آفريڪا جي شھر ڪيپ ٽائون جي ويجھو پھچي وياسين ۽ جڏھن اسان جو جھاز بندرگاھ ۾ اندر لنگر انداز ٿيو تھ سڀني جي دل دماغ تي خوشي ۽ اطمينان جي لھر ڊوڙي وئي. ذري گھٽ ھڪ ھفتو اسان ڪيپ ٽائون شھر ۾ ترسياسين ۽ مسافرن سڄو شھر دل وٽان گھميو.

ڇھين نومبر تي رات جو ساڍي اٺين وڳي، اسان جي جھاز لنگر کنيو ۽ ھاڻي ھندي وڏي سمنڊ کي پٺيان ڇڏي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي منھن موڙيوسون. سڀني جي ذھنن تي ھڪ دفعو وري ڊپ ۽ ھراس پنھنجو ديرو ڄمايو ۽ اھو ڊپ اڳتي وڌڻ سان ويتر وڌڻ لڳو ۽ پوءِ پنجين ڏينھن نيٺ اھا گھڙي اچي وئي، جنھن جو ڀؤ ھر ھڪ مسافر کي مھيني کن کان لڳل ھو.... جھاز ماٺي پاڻيءَ جي مٿان بنا ڪنھن لوڏن جي تري رھيو ھو تھ اوچتو ھڪ قيامت خيز ڌماڪو ٿيو. جھاز ھڪ جرمن سب مئرين (آبدوز) جي ھنيل ٽارپيڊو جو شڪار ٿي ويو. ٽارپيدو لڳڻ ڪري سڄو جھاز لڏي ويو ۽ سندس ھڪ حصي جا تھ ٽڪرا ڇيتين وانگر مٿي اڏامي ويا. عملي جي ارڙھن ماڻھن سان گڏ ٽي مسافر بھ موت جي ماٿرين ۾ ٻڏي ويا.

جھاز جي ڪئپٽن راجر يڪدم ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاھڻ جو حڪم ڏنو. آئون ڪوارٽر ماسٽر (سکاڻي) ھوس ۽ لائيف بوٽ نمبر چار منھنجي حوالي ھئي. ان کي سمنڊ ۾ لاھي بس ڪيم تھ، ڏسان تھ اسٽار بورڊ (ساڄي) پاسي منھنجي دوست ڪوارٽر ماسٽر بوب کي پنھنجي ٻيڙي لاھڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿئي. سو آئون ٽپ ڏئي ان ۾ چڙھي پيس. ھڪ رسو وچ ۾ ڦاسي رھيو ھو، جنھن کي ڇڪي ٻاھر ڪرڻ سان ٻيڙي ھيٺ گھرڪڻ لڳي. آئون ان ئي ڪوشش ۾ ھوس تھ ٻيڙي جھاز جي پاسي سان ٽڪرائي ڀور ڀور نھ ٿئي تھ ايتري ۾ سب مئرين ٻيو ٽارپيڊو فائر ڪيو، جنھن جي ڌماڪي سان نھ فقط جھاز لڏي ويو، پر بوب واري ٻيڙي بھ پرزا پرزا ٿي، ھيڏانھن ھوڏانھن پکڙجي وئي – مون کي فقط شعاع نظر آيو ۽ پوءِ ائين لڳو ڄڻ پولار ۾ سفر ڪري رھيو ھجان. ٿوري دير کان پوءِ ھيٺ سمنڊ ۾ وڃي ڦھڪو ڪيم ۽ ٻڏڻ کان بچڻ خاطر پاڻيءَ ۾ ھٿ پير ھڻڻ لڳس.

”سٽي آف ڪئرو“ جھاز سمنڊ ۾ اونڌو ٿي اندر ٻڏڻ لڳو. منھنجي اوسي پاسي دانھون ۽ ڪوڪون ڪندڙ ماڻھو، جھاز ۽ ٻيڙين جا تختا ۽ سامان سمنڊ جي لھرن ۾ ٻڏي اپڙي رھيو ھو. منھنجي لائيف جئڪيٽ خراب ٿي چڪي ھئي. رات جو اوندھ ۾ مون کي ھڪ ڪارو دٻو نظر آيو. مون ان ڏي ترڻ شروع ڪيو. ويجھو پھچي ڏٺم تھ لائيف بوٽ نمبر پھرين ھئي. ٻئي ڌماڪي ڪري ان کي نقصان رسيو ھو ۽ منجھس پاڻي ڀرجي ويو ھو. ٻڏندڙ کي ڪک جي آسري وانگر – ان ۾ ويٺل ڪجھھ ماڻھن لاءِ جيئرو بچڻ جو اھو ئي ھڪ سھارو وڃي بچيو ھو. آئون بھ ان ۾ چڙھي پيس. ڪجھھ ھوش حواس بحال ٿيا تھ مون پنھنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي. ٻيڙيءَ ۾ موڪل تي وڃڻ وارا انگريز آفيسر، ڪنھن ٻئي ھنڌ وڙھڻ لاءِ موڪليل ھندستاني فوجي، ڪيتريون ئي زالون ۽ ٻار ۽ ڪجھھ يورپي مسافر سوار ھئا. ٻيڙيءَ ۾ پاڻي ايترو تھ ڀرجي چڪو ھو جو سڀني کي چيلھھ تائين پئي آيو. مون ھنن کي صلاح ڏني تھ جھٽ پٽ پاڻي ڪڍڻ شروع ڪيو وڃي. سڀ کان پھرين زالن ۽ ٻارن منھنجي اھا صلاح مڃي، پوءِ مڙس بھ ڪم ۾ جنبي ويا. ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍي بس ڪرڻ کان پوءِ اسان سمنڊ ۾ ھٿ پير ھڻڻ وارن ڏي ڌيان ڏنو ۽ انھن کي جھلي جھلي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھڻ لڳاسين. رات جي اوندھ ۾ اسان کي جيترا بھ ماڻھو ملي سگھيا انھن کي ڇڪي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيوسين. سمنڊ جي مٿاڇري تي منھنجيون نظرون ٻڏندڙن کي ڳولي رھيون ھيون. ھڪ ھنڌ مون کي ڪنھن جو مٿو ڏسڻ ۾ آيو، جنھن جا ڊگھا ڊگھا وار تري رھيا ھئا. مون ھن کي وارن کان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيو. ھوءَ ھڪ عورت ھئي، جنھن پنھنجي کير پياڪ ٻار کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لائي رکيو ھو. ماءُ ۽ ٻار ٻئي بيھوش ھئا. اسان ھنن کي اونڌو ڪري سندن پيٽ ۽ ڦڦڙن مان پاڻي ڪڍيو ۽ ھو جلد ھوش ۾ اچي ويا. جن ماڻھن کي اسان بچايو، انھن ۾ جھاز جو چيف آفيسر سڊني ۽ ڪوارٽر ماسٽر بوب بھ ھئا. بوب جي چيلھھ ۽ ھڪ ھٿ تمام گھڻو ڦٽجي پيا ھئا. اھا رات جبل جيڏي لڳي رھي ھئي. سمنڊ ۾ بھ جوش ھو ۽ لھرن جون ٿڦڙون ٻيڙيءَ کي ڪڏھن ھڪ پاسي تھ ڪڏھن ٻئي پاسي لوڏي رھيون ھيون. خدا خدا ڪري پرھ ڦٽي ۽ سورج شاخون ڪڍيون ۽ سمنڊ جي مٿان ڪيتريون ئي ٻيڙيون ھيڏانھن ھوڏانھن لڏندي نظر آيون. اسان انھن ڏي رخ ڪيو ۽ ويجھو پھچي اڳتي جو سوچيو – ھڪ ٻيڙيءَ ۾ جھاز جو ڪئپٽن راجر بھ سوار ھو. ھن ويجھي ۾ ويجھي ٻيٽ سينٽ ھيلينا ڏي ھلڻ جو فيصلو ڪيو. اسان جي ٻيڙيءَ جي ڪمانڊ سڊنيءَ سنڀالي. سڀني معاملن تي ھڪڙو ئي فيصلو ڪرڻ بعد اسان ماڻھن کي ھيڏانھن ھوڏانھن بدلي ڪيو. مقصد اھو ھو تھ ساڳي خاندان جا ماڻھو ھڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ گڏ ھجن ۽ چيف آفيسر سڊني جي صلاح موجب، جيئن تھ اسان کي ٻيڙيءَ جي ڌماڪي ڪري نقصان رسيو ھو، پاسن کان ڏار پئجي ويا ھئي ۽ چپون (Oars) بھ ڀڄي پيا ھئا، ان ڪري ٻارن کي بھ ان مان لاھي ٻيءَ سڄيءَ ٻيڙيءَ ۾ رکيو ويو.

ماڻھن جي ردو بدل پوري ٿيڻ بعد اسان ٻيڙين جا سڙھ ساڄا ڪيا ۽ ھڪ ڊگھي سفر جا سانباھا ڪياسين. اسان جي ٻيڙيءَ ۾ چوونجاھ ماڻھو سوار ھئا. ويھھ يورپي، ايڪٽيھھ ھندستاني ۽ ايشيائي. يورپي ماڻھن ۾ ٽي عورتون بھ شامل ھيون – جھاز جون ٻھ اسٽيورڊيسون (ھوسٽسون): مس ٽيگراٽ، مس ايني ۽ ٽين ڄڻي ننڍي نيٽي برطانوي ڇوڪري ڊيانا. مس ٽيگراٽ ۽ ڪوارٽر ماسٽر بوب سخت زخمي ھئا. انھن جي سمھڻ لاءِ ٻيڙيءَ جي مھاڳ ۾ ڪجھھ جاءِ ڪئي وئي. ڪا خبر نٿي پيئي تھ بوب کي چيلھھ ۾ ڇا ٿي پيو آھي؟ ان ٻيڙيءَ ۾ ھڪ ڊاڪٽر بھ ھو، پر ھن جي پنھنجي ئي حالت صحيح نھ ھئي، جو اٿي کڻي ڪو مريض ڏسي. سو جيتري قدر ٿي سگھيو، اسان ٻنھي زخمين کي چڱي طرح مرھم پٽي ڪري ورتي. ان ڪم ۾ مس ڊيانا اسان جي وڏي مدد ڪئي. ھن جو فرسٽ ايڊ جو ڪورس ڪيل ٿي ڏٺو.

سفر شروع ٿيو تھ چيف آفيسر سڊنيءَ ماڻھن کي رستي جي ڏکن ڏاکڙن کان آگاھ ڪيو. ھڪ ٻئي سان مڪمل طرح نباھ ڪرڻ ۽ ھر حالت ۾ ڊسيپلين قائم رکڻ جي اپيل ڪئي. پيئڻ جو پاڻي اڌ کن ھارجي چڪو ھو، ان ڪري پاڻيءَ جي راشن بندي ڪئي وئي. ٻيڙيءَ ۾ ٽنگ ٿي پيا ھئا، ان ڪري ان مان سمنڊ جو پاڻي ڪڍڻ ھر ماڻھوءَ جو پھريون فرض قرار ڏنو ويو. ٻئي ڏينھن ٻنپھرن جو اسان کليل سمنڊ ۾ شارڪ مڇين جو ڌڻ ڏٺو. ھو چڱي تعداد ۾ ھيون ۽ ٻيڙيءَ جي چوڌاري چرين وانگر چڪر ھڻڻ لڳيون. ڪڏھن ڪڏھن تھ ائين ٿي لڳو ڄڻ ٻيڙيءَ تي حملو ڪنديون.

رات تمام ماٺ ميٺ ۾ مٿان اچي وئي. موسم سٺي ھئي، پر قسمت ۾ آرام نھ ھو. ماڻھن کي دير دير تائين بيھڻو ٿي پيو. بيٺي بيٺي جھوٽو اچڻ ڪري ھيٺ ٻيڙيءَ ۾ ڪري ٿي پيا. منھنجي ڊيوٽي ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي جو سڙھ سنئون رکڻ جي ھئي. رابرٽ منھنجو ٻانھن ٻيلي ھو. ھن کي ٻيڙين جي تھ ڪا ڄاڻ ھئي ۽ نھ وري ڪو تجربو، ڇو تھ ھو ھڪ ايئرو ناٽيڪل انجنيئر ھو، پر ھن مون کي پھرين ڏينھن ئي ٻڌايو تھ ڪوبھ ڪم ھجي نھ ٻڌائجانءِ، آئون ان کي ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس. ھن جي مدد منھنجي لاءِ وڏي آٿت ھئي. ٻيڙيءَ کي سنڀالڻ ھڪ فن آھي ۽ ان کي ڄاڻڻ وارا تمام گھٽ آھن. ھي ان ڪم ۾ جلد ئي ڪاريگر ٿي ويو.

ٻئي ڏينھن ھوا تکي ٿي وئي ۽ ان سان گڏ ٻيڙين جي رفتار بھ وڌي ويئي. ڪڏھن اسان جون ٻيڙيون ايترو ويجھو ٿي ٿي ويون، جو اسان ھڪ ٻئي سان ڳالھائي بھ سگھياسين ٿي. وري ڇولين ۽ ھوا ڪري ھڪ ٻئي کان ايڏو پري ھليا ٿي وياسين، جو ھڪ ٻئي کي نظر بھ نٿي آياسين. اسان جي ٻيڙيءَ جي رفتار مڙيئي وڌيڪ ھئي. چيف آفيسر سڊنيءَ صلاح ڏني تھ اسان کي سڀ کان اڳيان رھڻ گھرجي، جو اسان جي ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ٿيل آھن. ان ڪري اسان کي پنھنجو سفر جھٽ پورو ڪرڻ کپي. جيڪڏھن اسان سينٽ ھيلينا ٻيٽ جي ڪناري تي پھچي وياسين تھ ٻين جي بھ مدد ڪري سگھنداسين. ٻيڙيون ھڪ ٻئي جي ويجھو پھتيون تھ، چيف آفيسر پنھنجو اھو منصوبو ڪئپٽن کي ٻڌايو. ان اسان جي ضعيف ٻيڙيءَ جي حالت ڏسي، ان ڳالھھ جي موڪل ڏني. خبر ناھي اھا ڪھڙي گھڙي ھئي جڏھن اسان اڳيان وڌياسين! ان کان پوءِ اسان جا ساٿي اسان سان وري ملي نھ سگھيا.

رات ٿي تھ واءُ اڃا بھ تکو ٿي ويو. ٻيڙيءَ جي رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو اوزار بھ خراب ٿي پيو، ان ڪري ان کي پنھنجي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ اسان کي ڏاڍي محنت ڪرڻي ٿي پئي. ھيءَ رات اسان جي سفر جي خوفناڪ ترين رات ھئي. تکي ھوا ڪري سمنڊ مان اڀرندڙ لھرون ڪيترائي ڀيرا اسان کي پيرن کان مٿي تائين آلو ڪري ٿي ويون. ان ئي رات اسان کي خبر پئي تھ ڊاڪٽر ٽسڪر ذھني طرح کسڪي ويو آھي. ھو ذري ذري دانھون ڪري رھيو ھو: ”بئرا! منھنجي چانھھ آڻ!“ ھن جي ھٿ ۾ چاقو ھو، جنھن سان ھن جھاز جي اسٽور ڪيپر جي قميص ڦاڙي رکي. مون ھن کي ڏاڍي مشڪل سان ٿڌو ڪيو ۽ چاقو ڦري ورتومانس.

ٽئين ڏينھن منجھند مھل مس مس ھوا جو زور ڀڳو – ٻيون ٻيڙيون اسان جي نگاھن کان پري ٿي، خبر ناھي ڪھڙي پاسي گم ٿي ويون؟ ھاڻي اسان جون اکيون ڪنھن پاڻيءَ جي جھاز يا ھوائي جھاز جي ڳولا ۾ ھيون، جيڪو اسان کي ڏسي بچائي. ٻئي ڏينھن شام جو ڊاڪٽر جي حالت اڃا بھ وڌيڪ خراب ٿي وئي. ھو لڳاتار پاڻي گھرندو رھيو. چيف آفيسر ھن جي خراب حالت ڏسي، سندس پاڻيءَ جو راشن ٻيڻو ڪيو. رات جو آئون ڊاڪٽر جي ڀرسان ئي ترسيس. ھو آڌيءَ رات جو ڍرڪي منھنجي مٿان اچي ڪريو. صاف ظاھر ھو تھ ھو مري چڪو آھي، پر آئون خاموش رھيس. ڏينھن چڙھيو تھ مون چيف آفيسر سان ڳالھھ ڪئي. اسان ڊاڪٽر جو لاش کڻي ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي رکيو. چيف آفيسر کي بائيبل جي ھڪ دعا ياد ھئي. ھن اھا پڙھي ۽ اسان ڪوماڻيل دلين سان لاش کي آھستي ڪري سمنڊ جي حوالي ڪيو. ان پھرين موت تي اسان سڀ ڏاڍو غمگين ٿياسين ۽ سوچڻ لڳاسين تھ ھاڻ خبر ناھي وري ڪنھن جو وارو اچي؟ سج چڱو مٿي آيو تھ ائون بوب وٽ ويس، جنھن مون کي آھستي چيو: ”اينگس! تنھنجو ڇا خيال آھي؟ ڇا بچڻ جو ڪو امڪان آھي؟“ مون ھن جي پٺي ٺپري چيو: ”سڀ ڪجھھ صحيح ٿي ويندو، بوب! گھٻرائڻ جي ڪا ضرورت ناھي. پڪ ڪونھ ڪو جھاز اسان تائين پھچي ويندو ۽ پاڻ بچي وينداسين.“

بوب جي گذريل سال شادي ٿي ھئي. ھو پنھنجي زال ۽ ٻن ٽن مھينن جي ننڍڙيءَ ڌيءَ جي باري ۾ ڏاڍو فڪرمند ھو. ھن جي ڪرنگھي جي شايد ڪا ھڏي ڀڄي پئي ھئي، ان ڪري ويھي بھ نٿي سگھيو. ھو دير تائين پنھنجي زال ۽ ڌيءَ جون ڳالھيون ڪندو رھيو.

ھندستاني فوجي سڀ مسلمان ھئا. ھنن وڏي ڊسيپلين سان

بيٺي بيٺي نماز ادا ٿي ڪئي ۽ ڏينھن رات دعائون ۽ درود پڙھڻ ۾ رڌل رھيا ٿي. ھڪ وڏي سونھاريءَ وارو فوجي جڏھن بھ پر، سوز آواز ۾ پنھنجي مقدس ڪتاب قرآن جي تلاوت ڪندو ھو تھ، اسان غير مسلمانن تي بھ وجد طاري ٿي ويندو ھو. سندس حال پڇڻ تي ھو پنھنجن سڪل چپن تي مرڪ آڻي فقط اڃ جي دانھن ڪندو ھو.

ڇھين ڏينھن صبح ساڻ ٽي فوجي الله کي پيارا ٿي ويا. وڏيءَ ڏاڙھيءَ واري فوجي ھنن جي جنازي نماز پڙھائي. جھاز جو سرنگ ۽ فائر مئن زنجبار جا مسلمان ھئا. ھو بھ جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا. نماز کان پوءِ ٽنھي ڄڻن کي سمنڊ جي بي رحم لھرن جي حوالي ڪيو ويو.

ھوا ھاڻ بلڪل بند ٿي وئي ھئي. اسان سڙھ لاٿا ۽ چپن کان ڪم ورتوسون. جيتوڻيڪ ھي ڪم تمام ڏکيو ھو، پر ان جو ھڪ فائدو ٿيو. اسان جو ذھن ۽ جسم پورھئي ۾ لڳي ويو. ڪيترن يورپي ماڻھن جي ھاڻ ذھني حالت خراب ٿيڻ لڳي ۽ واري واري سان ھن دنيا جي قيد مان آزاد ٿيڻ لڳا. اسٽيور ڊيس – مس ٽيگراٽ جي جسم تي ڦٽ ڦرڙيون ٿي پيون ھيون ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو دوا دارون نھ ھو. اٺين ڏينھن رات جو ھوءَ بھ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. ان رات ڪجھھ ٻيا ھندستاني فوجي بھ وفات ڪري ويا. اسان رات جو ئي ھنن جون آخري رسمون پوريون ڪري، کين سمنڊ جي حوالي ڪيو.

ڏينھن چڙھيو تھ شارڪ مڇين وري ٻيڙيءَ کي کڻي گھيريو. ھو ٻيڙيءَ جي چوڌاري اھڙو تيزيءَ سان گھمڻ لڳيون، ڄڻ سمنڊ جو پاڻي ولوڙي رھيون ھجن ۽ رکي رکي پنھنجو ڀوائتو وات کولي ٻيڙيءَ ڏي ٿي ڏٺائون. حالتون تمام گنڀير ٿينديون ويون. ٻيڙيءَ جا لاچار ۽ بي وس مسافر سڄو ڏينھن مٿي کي ھٿ ڏيو ويٺا ھوندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن اسان جون ڏرا ڏئي ويل بي نور اکيون ڪڪر ٽڪرو ڏسڻ لاءِ آسمان ڏي کڄيون ٿي، پر ناڪاميءَ کان سواءِ ڪجھھ حاصل نٿي ٿيو. مون ھڪ نوجوان انجنيئر جي ھمٿ وڌائي ۽ کيس چيم تھ مس ڊيانا کان سبق سک، جنھن ھھڙين ڏکين گھڙين ۾ بھ اميد جو پلاند ھٿن مان نھ ڇڏيو آھي. ھو انجنيئر ٻن ڏينھن تائين صحيح سلامت رھيو ۽ پوءِ ماٺ ميٺ ۾ مري ويو. ھيستائين چڱا ماڻھو مري ويا ھئا. ھونءَ ٻيڙي ھلڪي ٿي وئي ھئي ۽ ان جا سوراخ سمنڊ جي مٿاڇري کان گھڻو مٿي ٿي ويا ھئا. ان ڪري اسان کي پاڻي ڪڍڻ جي مزوريءَ کان تھ موڪل ملي وئي. ڏھين ڏينھن جھاز جي ھڪ ٻي اسٽيورڊيس – ايني بھ راھ رباني وٺي وئي. ھن جا ھٿ پير تمام گھڻو سڄي ويا ھئا. ھاڻ ٻيڙيءَ ۾ فقط ھڪ عورت ڊيانا وڃي بچي ھئي، پر ھوءَ اڃا تائين چاق چوبند ڏسڻ ۾ پئي آئي. ٻيڙيءَ جي انچارج سڊنيءَ جا حواس بھ ھاڻي ختم ٿيندا ويا. ھو اڪثر وڦلندو رھيو ٿي. ھن جي ھيءَ حالت تمام ڏکوئيندڙ ھئي. ھو تمام گھڻو پيارو انسان ھو. ٻارھين ڏينھن ھن ۾ ويھڻ ۽ ڳالھيون ڪرڻ جي بھ سگھھ نھ رھي. اسان ھن کي بوب جي ڀرسان ئي سمھاري ڇڏيو. بوب جي حالت بھ تيزيءَ سان خراب ٿي رھي ھئي. ھڪ ڏينھن ھن مون کي سڏي چيو: ”اينگس! منھنجو بچڻ ھاڻي ناممڪن آھي، منھنجي مرڻ کان پوءِ منھنجي ٻاچ ۾ پيل منڊي لاھي وٺجانءِ. جيڪڏھن قسمت توکي وطن پھچايو تھ ھيءَ منڊي منھنجي زال جي حوالي ڪجانءِ.“

يورپي ماڻھن ۾ ڪجھھ ھمراھ اھڙا رھجي ويا ھئا، جن جي صحت وري بھ ٻين کان سٺي ھئي. چوڏھين ڏينھن صبح جو منھنجو دوست رابرٽ بھ ختم ٿي ويو. مون کي ھن جي مرڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو. ھو ڏاڍو شريف انسان ھو. ھن جي زبان مان ڪڏھن تڪليف جو ھڪ لفظ بھ نھ نڪتو ۽ نھ ڪڏھن ھن ڪنھن کي شڪايت جو موقعو ڏنو. ھن موت کي ماٺ ۾ ڀاڪر پائي ورتو. ان ڏينھن اسان ست لاش سمنڊ جي حوالي ڪيا، جن ۾ پنج ھندستاني فوجين جا ھئا.

پندرھين ڏينھن سڊنيءَ ۽ بوب بھ ھميشھ لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ان کان علاوه مرڻ وارن ۾ ٽي يورپي ۽ ڪجھھ ھندستاني فوجي شامل ھئا. ھنن کي ٻيڙيءَ جي تري مان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ جي ڪناري تي آڻڻ تمام ڏکيو ڪم ھو. اسان ايڏو تھ نستا ٿي پيا ھئاسون جو ھڪ ھڪ لاش مٿي کڻي آڻڻ بعد ڪا دير تھ ساھي ٿي پٽيسين. ھڪ فائر مئن ( باھ – واري) پنھنجي راشن جو ڍڪ پاڻي پيئڻ بعد وڌيڪ پاڻي گھريو. ھن جي حالت ڏٺي نٿي ٿي، پر ھاڻي ايترو پاڻي نھ بچيو ھو جو ٿوري اڃ بھ ماري سگھي. دل شڪستو ٿي ھن کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو، پر پنھنجي لائيف جئڪيٽ لاھڻ وسري ويس. اسان ۾ ايتري سگھھ نھ ھئي جو ٻيڙيءَ کي موڙي کيس بچائي وٺون. لائيف جئڪيٽ ھجڻ ڪري ھو يڪدم سمنڊ اندر ٻڏڻ بدران ڪجھھ دير ترندو رھيو – پوءِ اوچتو خوفناڪ شارڪ مڇيون ھن کي چھٽي ويون. ھڪ مڇيءَ پنھنجي ڪارائيءَ جھڙن ڏندن سان ھن جي ٽنگ سٿر وٽان ڪپي ورتي. اسان پنھنجي اکين تي کڻي ھٿ رکيا ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳاسين.

ھاڻ ٻيڙيءَ جي بچيل سچيل مسافرن يڪراءِ سان مون کي پنھنجو انچارج ٺاھيو. پيئڻ جو پاڻي تمام ٿورو وڃي بچيو ھو، ان ڪري ھڪ چمچو صبح جو ۽ ھڪ چمچو شام جو راشن مقرر ڪيو ويو. کائڻ لاءِ بسڪيٽ ۽ کير جون ٽڪيون ھيون، پر بنا پاڻيءَ جي کائڻ ڏکيو ھو. اسان جو وات ايڏو تھ سڪي ٺوٺ ٿي ويو ھو جو بسڪيٽ پائوڊر جي صورت ۾ واڇن کان ٻاھر نڪري آيو ٿي ۽ کير جون ٽڪيون ڏندن ۾ چنبڙي ٿي پيون. ٻن ڏينھن بعد ھڪ يورپي مئرين انجنيئر، ايڊنيرا جو ھڪ بئنڪار ۽ ڪجھھ ھندستاني فوجي لاڏاڻو ڪري ويا. ٽئين ھفتي جي پڇاڙيءَ تائين اسان باقي اٺ ماڻھو ٻيڙيءَ ۾ وڃي بچيا ھئاسين. سياري جي برف جھڙي ٿڌي ھوا لڳي ٿي تھ ائين ٿي لڳو ڄڻ بدن ۾ سئيون ٿي چڀيون.

مينھن اڃا تائين نھ وٺو ھو ۽ پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ فقط ڪجھھ ڍڪ پاڻي وڃي بچيو ھو. سمنڊ جو کارو پاڻي بھ پنھنجو اثر ڏيکارڻ لڳو. اسان جي بدن تي چنبڙيل لوڻ جا ذرڙا اس ۾ جرڪيا ٿي ۽ جڏھن اسان انھن کي پنھنجي جسم تان کرڙڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي تھ، سھڻ کان پري سور جون لھرون سڄي بدن مان پار ٿي ٿي ويون.

چوٿين ھفتي دوران ھڪ رات آئون غنودگيءَ جي عالم ۾ ستو پيو ھوس تھ اوچتو ٻيڙي لوڏا کائڻ لڳي. ڀڻڪندي اٿيس. ڏسان تھ ھڪ تمام وڏي مڇي ٻيڙيءَ ۾ ڦٿڪي رھي آھي. مون جھٽ پٽ ڪھاڙيءَ ۾ ھٿ وڌو ۽ مڇيءَ تي حملو شروع ڪري ڏنم، پر ڪھاڙيءَ جا ڌڪ ھن تي ائين لڳي رھيا ھئا، ڄڻ ڪنھن رٻڙ جي ڍڳ کي لڳي رھيا ھجن. نيٺ مون ڪھاڙيءَ جا ڪجھھ وسڪارا مڇيءَ جي کوپڙي تي ڪيا، تڏھن مس مس ھن ڦٿڪڻ بند ڪيو. ھوءَ ٽي فٽ ڊگھي ۽ گھڻي نھري ”ڊاگ فش“ ھئي. ان جدوجھد ۾ منھنجو ھٿ ھن جي وات ۾ اچي ويو ۽ ھڪ آڱر چچرجي وئي. خير مون ھن مڇيءَ کي رسيءَ جي ھڪ ٽڪر سان بينچ جي ٽنگ ۾ ٻڌي ڇڏيو ۽ پاڻ وري سمھي رھيس. ڏينھن چڙھيو تھ چاقوءَ سان ان جا ڳڀا ڳڀا ڪيم ۽ اسان سڀ ڏندن سان چٻاڙڻ لڳاسين. مون ۽ ڊيانا تھ مڇيءَ جي گھاٽي ڳاڙھي رت جو ھڪ ھڪ ڍڪ بھ ڀريو، پر اھو ايترو تھ خراب ھو جو ماڳھين دل ڪچي ٿي پيئي. مڇيءَ جا ٽڪرا بھ اسان کان ڳٿا نٿي ٿيا، سو سمنڊ اندر ٿوڪاري ڇڏياسين.

رات ٿي تھ منھنجو ھٿ ۽ ساڄي ٻانھن سڄي پئي. ڊيانا جو خيال ھو تھ مڇيءَ جي ڏندن جو زھر منھنجي ساڄي ٻانھن تي چڙھي ويو آھي. ھن مون کي ھدايت ڏني تھ آئون پنھنجي ٻانھن سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ئي ٻوڙي رکان. سڄي رات منھنجي ٻانھن ۾ سور جون سيٽون اڀرنديون رھيون. صبح ٿيو تھ ڊيانا منھنجي کيسي مان ڊاڪٽر ٽسڪر وارو چاقو ڪڍي ڦٽيل آڱر تي چھڪ ڏنو ۽ پوءِ ھٿ ۽ ٻانھن کي زور ڏيئي منجھانئس زھريلو مادو چڱيءَ طرح ڪڍيو. اھڙيءَ طرح مون کي ڪجھھ سڪون مليو. زھريلو گند چڱيءَ طرح نڪري ويو تھ مون پنھنجي ٻانھن وري سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏي. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ٻانھن جي سوڄ تھ ھلي وئي، پر ڦٽ ڇٽڻ ۾ پوءِ بھ مھينا لڳي ويا.

چوٿين ھفتي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون ڏينھن ڳڻڻ ڇڏي ڏنا. اسان سڀني تي ھاڻي ھڪ قسم جي غنودگي طاري رھي ٿي. اٿي بيٺاسين ٿي تھ گھرڪي ھيٺ وڃي ڦھڪو ٿي ڪيوسين. ھڪڙي ڏينھن صبح جو اٿي ڏٺوسين تھ جھاز جو پوڙھو سرنگ ۽ زنجبار جا رھڻ وارا ”فائرمين“ ٻيڙيءَ جي تري ۾ مئا پيا ھئا. وڏيءَ مشڪل سان ھنن کي مٿي آڻي، سمنڊ ۾ اڇليوسين. رات ٿي تھ ھڪ ٻئي ھمراھ جي حالت خراب ٿي وئي. ھن کي ٻيڙيءَ جي تري ۾ آرام سان سمھاريوسين، پر ھو ٿڙندو ٿاٻڙندو مٿي ٻيڙيءَ جي تختي تي اچي ستو. مون ان جو سبب پڇيومانس تھ ھن جي سڪل چپن تي اداس مرڪ تري آئي. چوڻ لڳو: ”اينگس! آئون اڄ رات پڪ مري ويندس. ٻيڙيءَ جي تري مان لاش ڇڪي مٿي آڻڻ ھاڻي توھان جي وس کان ٻاھر ٿي پيو آھي. ھتي مٿين تختي تي مري ويندس تھ توھان کي منھنجو لاش سمنڊ ۾ اڇلڻ ۾ آساني ٿيندي، ان ڪري مون کي ھتي ئي سمھڻ ڏيو.“ ھن جي اھا ڳالھھ ٻڌي منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. مون ٿڌو ساھ کنيو ۽ ھن وٽان ھليو آيس. واقعي ان رات ھو اسان کان ھميشھ لاءِ موڪلائي ويو ۽ صبح جو اسان ھن جي لاش کي سمنڊ جي نذر ڪيو. ٻئي ڏينھن چار ٻيا ساٿي اسان کان جدا ٿي ويا.

ھاڻي ٻيڙيءَ ۾ فقط ٽي ماڻھو: آئون، ڊيانا ۽ جئڪ رھجي ويا ھئاسين. ٻيڙيءَ جا سڙھ ائين پٽ تي پيا ھئا، پر انھن کي سنڀالڻ جي ھاڻ مون ۾ ھمت بنھھ ڪانھ ھئي. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو تھ اسان ٽئي لورپول (انگلينڊ) ۾ گھمي رھيا آھيون. صبح جو اٿڻ سان مون ڊيانا ۽ جئڪ کي پنھنجو خواب ٻڌايو ۽ چيو: ”ھن خواب مان لڳي ٿو تھ پاڻ بچي وينداسين. ڪو نھ ڪو راھ ويندڙ جھاز پاڻ کي کڻي ويندو.“ جئڪ ۽ ڊيانا پھرين تھ منھنجي ان ڳالھھ تي مرڪيا ۽ پوءِ اچي سڏڪن ۾ پيا. ٻيڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي آخري بوند بھ ختم ٿي وئي ھئي. اسان ٽئي ھاڻ رڳو پاڻيءَ جا خواب ڏسندا ھئاسين. مون کي تھ خواب ۾ پاڻي شڪلين ۾ نظر ايندو ھو. ڪڏھن نديءَ ناري جي شڪل ۾ تھ ڪڏھن ڍنڍ ڍوري جي روپ ۾ - يا وري ڪڏھن وڏ ڦڙي وسڪاري جي صورت ۾. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو تھ آئون ھڪ پائپ ذريعي پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪري رھيو آھيان.

جئڪ جي بھ حالت ھاڻ آھستي آھستي خراب ٿيڻ لڳي. ھو ٻيڙيءَ جي پٺين ڪنڊ ۾ ستو پيو ھو. ھوڏانھن ڊيانا ٻيڙيءَ جي اڳئين ۽ ڪجھھ سڪل حصي ۾ ھئي. ھن مرڪي اسان ڏي ڏٺو ۽ چوڻ لڳي: ”جيڪڏھن مينھن پئجي وڃي تھ پنھنجي بچڻ جا آثار پيدا ٿي سگھن ٿا.“ بک ۽ اڃ کان بيتاب، اسان لاشن وانگر ھڪ ھنڌ پيا ھئاسين ۽ نظرون مٿي آسمان ڏي ھيون تھ من ڪو ڀليل ڀٽڪيل ڪڪر ئي ھتان اچي نڪري ۽ ٿوري دير وسڪارو ڪري، جيئن اسان پنھنجي سڪل نڙيءَ کي آلو ڪري سگھون. سور جي سيٽ کان وات کولڻ تي مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ اجھو تھ تارون ٽڙڪيو.

اوچتو ڊيانا چوڻ لڳي: ”اچو تھ گڏجي برسات لاءِ دعا پنون. ٿي سگھي ٿو تھ الله کي اسان جي حال تي رحم اچي وڃي!“ اسان ٽئي ادب سان ٿي بيٺاسين ۽ گوڏن تي جھڪي دل جي گھرائين سان دعا گھريسين. خدا کي اسان تي ٻاجھھ اچي وئي ۽ ان ئي رات ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي. آئون غنودگيءَ جي عالم ۾ ستو پيو ھوس تھ ڪجھھ بوندون منھنجي منھن کي لڳيون. ٽپ ڏئي اٿي ويٺس ۽ چرين وانگر رڙيون ڪيم: ”مينھن ڙي مينھن! ٻيلي وارو ڪيو.“ جيڪ منھنجي مدد ڪرڻ جي قابل نھ ھو. ڊيانا جي حالت بھ خراب ھئي، پر ھوءَ بھادر ڇوڪري دل ٻڌي اٿي ويٺي ۽ رڙھندي رڙھندي مون تائين آئي. اسان ٻنھي وڏي ڪشالي سان ٻيڙيءَ جو سڙھ وڇايو، جيئن پاڻي گڏ ڪري سگھجي. پاڻي گڏ ٿيو تھ اسان ان کي خبرداريءَ سان ٽانڪيءَ ۾ وڌو. سڙھ تي باقي بچيل پاڻيءَ جي ڦڙن کي زبان سان چٽيوسون. سڙھ تي سامونڊي ڇولين جو پاڻي لڳڻ ڪري چڱو خاصو لوڻ موجود ھو، جنھن ڪري مينھن جو گڏ ڪيل پاڻي بھ ڪڙو ٿي پيو ھو. پر تنھن ھوندي بھ اسان لاءِ وڏي غنيمت ھو. پاڻيءَ جا ٻھ ٻھ ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ اسان جي حالت مڙيئي ڪجھھ سڌري. ڊيانا جو ڳلو سڄي پيو ھو، ان ڪري ھن ڏاڍي مشڪل سان پاڻي پيتو. ٿوري دير کان پوءِ آئون اٿي ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي ۾ آيس ۽ ھڪ دٻي سان سمنڊ جو پاڻي پنھنجي مٿان وڌم. ان وھنجڻ مان مون کي ڏاڍي فرحت ملي. ان ڪري مون جيڪ ۽ ڊيانا کي بھ پوءِ وھنجاريو. ڊيانا جيتوڻيڪ سڪي ڪنڊا ٿي وئي ھئي، پر ھن جو حوصلو اڃا بھ بلند ھو. ھن کي ھاڻ ڳالھائڻ جي بھ طاقت نھ ھئي، پر ھن جھيڻي آواز ۾ اتر انگلينڊ ۾ ٺھيل سندس سھڻي گھر جو ذڪر ڪيو ۽ پوءِ چوڻ لڳي: ھوءَ گھوڙي سواري ۽ ٽينس جي وڏي شوقين آھي. کيس ڳالھائڻ ۾ جيتوڻيڪ سور ٿي رھيو ھو، پر لڳاتار ڳالھائيندي رھي. وڌيڪ چوڻ لڳي: ”جڏھن پاڻ انگلينڊ پھچنداسين تھ تون ضرور منھنجي گھر اچجانءِ! منھنجا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ توسان ملي ڏاڍو خوش ٿيندا.“ ڊيانا جي ان دعوت تي مون کي ھڪ عجيب خوشي محسوس ٿي تھ، مون وانگر ھن کي بھ ان ڳالھھ جو پختو يقين آھي تھ اسان موت جي چنبي مان نڪري وينداسين.

مينھن وٺي ٽي ڏينھن ٿي ويا ھئا. اسان جي حالت پھرين کان وري بھ سڌري چڪي ھئي. چوٿين ڏينھن آئون وري ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي ويھي سمنڊ جي پاڻيءَ سان وھنتس. پوءِ اٿس، ننڍي سڙھ جو رخ ڦيرائي، وڏي سڙھ کي کوھي تي چاڙھڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ھيڻائيءَ ڪري ناڪام رھيس. سو ان کي اتي ئي وڇائي مٿس سمھي رھيس ۽ ھفتن بعد ڪا گھاٽي ننڊ ستس. ٻئي ڏينھن پرھ ڦٽيءَ کان بھ اڳ ڊيانا مون کي اٿارڻ لاءِ ھٿ سان ڌوڏيو. ھوءَ وائڙن وانگر نھاري رھي ھئي: ”اينگس! ڇا توکي ڪنھن ھوائي جھاز جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي پيو؟“ ھن ڊگھا ڊگھا ساھ کڻندي چيو. مون مٿي آسمان ۾ نگاھون کپائي ڏٺو. چوڌاري اوندھ ھئي ۽ اڃا تارا ٽمڪي رھيا ھئا. مون ڪن لڳائي غور سان آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. واقعي مون کي بھ ائين لڳو ڄڻ ڪو ڏور ھوائي جھاز اڏامي رھيو ھجي – چرين وانگر ماچس جي تيلي ٻاري ھڪ سڪل بيلٽ کي باھ ڏني ۽ پوءِ بيھي ان کي گھمائڻ لڳس. جيڪ بھ پنھنجي جاءِ تان اٿيو ۽ آھستي آھستي ھلي اچي منھنجي ڀرسان بيٺو. لائيف بيلٽ ٻري ٻري وسامي ويو، پر ھوائي جھاز اسان جي ٻيڙي تائين نھ پھتو. مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي. عجيب ڳالھھ اھا تھ ھن جو آواز اڃا تائين پھچي رھيو ھو. ٿوري دير کان پوءِ صبح جي روشني ٿي تھ ڊيانا آڱر سان ھڪ طرف اشارو ڪيو. پري پري ھڪ تمام وڏو پاڻيءَ جو جھاز لوڏا کائيندو نظر آيو ۽ دراصل ان جي ڊيزل انجڻ جو آواز ھوا جي لھرن ذريعي اسان جي ڪنن تائين پھچي رھيو ھو. اسان ٽئي ڄڻا ٽڪ ٻڌي ان کي ڏسڻ لڳاسين ۽ اسان جي اکين مان لڳاتار ڳوڙھا ڳڙي رھيا ھئا. جھاز ڏسي جئڪ ۾ بھ ڄڻ سگھھ اچي وئي. انھيءَ وچ ۾ جھازن تان ڪنھن ميگافون ذريعي چيو: ”ڇا توھان پنھنجي ٻيڙي جھاز جي ويجھو آڻي سگھو ٿا؟“

مون ٻيڙي جو منھن جھاز ڏي موڙيو. جئڪ بھ سھڪندو سکاڻ

جھلي منھنجي مدد ڪرڻ لڳو. آئون جئڪ ۽ ڊيانا جي حوالي سکاڻ ڪري چپو ھلائڻ لڳس تھ ٻيڙي آھستي آھستي جھاز جي ويجھو ٿي، نيٺ وڃي ھن جي پاسي کان لڳي. رسيءَ جي ڏاڪڻ لڙڪائي وئي ۽ ٻھ ماڻھو اسان جي مدد لاءِ ڏاڪڻ ذريعي ھيٺ ٻيڙيءَ ۾ لٿا. سڀ کان پھريان ڊيانا کي ھڪ رسيءَ سان ٻڌي جھاز تي پھچايو ويو. ان کان پوءِ جئڪ کي بھ ان ريت مٿي ڇڪيو ويو ۽ آخر ۾ آئون بنا ڪنھن جي مدد سان ڏاڪڻ رستي جھاز تي پھچي ويس. مٿي پھچي سڀ کان پھرين مون پيئڻ لاءِ ڪجھھ پاڻي گھريو، جنھن جي پيئڻ کان پوءِ منھنجا حواس سامت ۾ آيا تھ مون جھاز کي غور سان ڏٺو. پھرين تھ خيال آيو تھ شايد سئيڊن جو جھاز آھي، پر پوءِ ھڪ دروازي وٽ مون کي ھالينڊ جو جھنڊو ڏسڻ ۾ آيو. ڪجھھ گھڙين کان پوءِ مون ٻن ماڻھن کي جڏھن جرمن زبان ۾ ڳالھائيندي ڏٺو تھ منھنجا تھ ٺپ ئي ٺري ويا. ھي ھڪ جرمن جھاز ھو. مون کي جرمن زبان مڙيئي ڪجھھ ڪجھھ آئي ٿي. مون اھا حقيقت پنھنجن ھمراھن سان آھستي ڪئي تھ ڊيانا چوڻ لڳي: ”تھ پوءِ ڇا ٿيو؟ آھي تھ ھي جھاز ئي نھ!“

اسان جھاز جي ڊيڪ تي ڪرونڊڙا ٿي ويٺا ھئاسين تھ ھڪ ماڻھوءَ ھلڻ لاءِ چيو. ٻھ خلاصي ٻيا بھ اچي نڪتا. ھنن مدد لاءِ جئڪ ۽ ڊيانا کي سھارو ڏنو ۽ پوءِ اسان کي ڊاڪٽر جي ڪئبن تائين پھچايو. ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ اسان کان سفر جو احوال ورتائين. مون ھن کي ٻڌايو: ”ڇھين نومبر تي اسان جو جھاز ٽارپيڊو جو شڪار ٿيو ھو. ان کان پوءِ اسان لڳاتار سمنڊ تي سفر ڪري رھيا آھيون. ھاڻ تھ اسان ڏينھن جي ڳڻپ ئي ڇڏي ڏني آھي. پھرين تھ اسان جي ٻيڙيءَ ۾ بي شمار ماڻھو ھئا، پر ھاڻي اسان ٽي وڃي بچيا آھيون. باقي جيڪي مرندا ويا، انھن کي اسان سمنڊ ۾ اڇلائيندا وياسين.“ ڪئپٽن ٻڌايو تھ اڄ ٻارھين ڊسمبر آھي. آئون اھو ٻڌي ڏڪي ويس. يعني موت جو ھي سفر اسان پورا ڇٽيھھ ڏينھن ڪيو. ڪئپٽن ٻڌايو تھ توھان ھڪ جرمن جھاز ”راڪو تيز“ تي آھيو. مون ڊيانا جو ٿيلھو جنھن ۾ ڳھھ ڳٺا ۽ ٻيون قيمتي شيون ھيون، ڪئپٽن جي حوالي ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ ھڪ ماڻھوءَ اسان کي ڪافي آڻي پياري ۽ ٻڌايو تھ ڊاڪٽر جي چوڻ موجب اسان کي ڪوبھ شربت گھڻي مقدار ۾ پيئڻو ناھي. ڪمپائونڊر مون کي ۽ جئڪ کي ڪوسي پاڻيءَ سان وھنجاريو. منھنجي ڦٽيل ھٿ کي چيٺي پٽي ٻڌائين. پوءِ اسان ٻنھي کي ھڪ ڪئبن ۾ اماڻيو ويو. ڊيانا ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ ئي رھي. ڪئبن ۾ پھچي مون آرسيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڏٺو تھ منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. منھنجي بدن تي گوشت نالي ڪا شيءِ نھ ھئي. آئون صفا ھڏين جو پڃرو وڃي بچيو ھوس. جيتوڻيڪ ڏاڙھي مڇن جي وارن ۾ منھنجي منھن جون ھڏيون، پاسا لڪي ويا ھئا، جئڪ جي بھ اھا ئي حالت ھئي. ڪمپائونڊر اسان کي ڪجھھ گوريون کارايون ۽ سئي ھڻي ھنڌ تي سمھاري ويو. اسان سڄو ڏينھن غشيءَ جي حالت ۾ سمھي رھياسين.

ٻئي ڏينھن صبح جو ستين وڳي ھڪ اسٽوورڊ اسان کي ڪافي ۽ نيرن آڻي ڏني. ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ اسان جي صحت سڌري تھ مون ھيڏانھن ھوڏانھن گھمڻ شروع ڪيو. اسان کي ڊيانا سان ملڻ جي موڪل نھ ھئي، پر ڪئپٽن اسان کي ٻڌايو: ”ھن جي نڙي ايترو تھ سڄي پئي آھي جو ھاڻ ڪابھ شيءِ کائي نٿي سگھي. ان ڪري سين رستي خوراڪ ڏني پئي وڃيس. ڊاڪٽر ھن جي ڳلي جي آپريشن ڪرڻ ٿو چاھي، پر ان لاءِ ھن کي توھان جي موڪل گھرجي.“

مون وراڻيو: ”جيڪڏھن ڊيانا جي تندرستيءَ لاءِ ڊاڪٽر آپريشن ضروري ٿو سمجھي تھ پوءِ اسان طرفان ھن کي اجازت آھي، پر اسان ڊيانا سان ملڻ گھرون ٿا.“

ڪئپٽن مون کي ۽ جئڪ کي وٺي ڊيانا جي ڪمري ۾ آيو. ھوءَ اسان سان ملي ڏاڍي خوش ٿي. ھن جا وار ڌوتل ۽ چڱيءَ طرح ڦڻي ڏنل ھئا، پر ھوءَ بھ ھڏين جو پڃرو ٿي وئي ھئي. ھن کان ڳالھايو صفا نٿي ٿيو، رڳو وات پئي چوريائين ۽ اشارا ٿي ڪيائين. اسان اٽڪل ٻھ ڪلاڪ کن ھن وٽ ويٺاسين، ان کان پوءِ ھن کي آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا ۽ اسان ٻڏل دل سان پنھنجي ڪئبن ۾ موٽي آياسين.

شام جو ڪئپٽن کي لٿل منھن سان اسان جي ڪئبن ۾ ايندو ڏسي آئون تھ ڏڪي ويس. ھن جي منھن مان ئي لڳو پئي تھ ھن وٽ اسان لاءِ ڪابھ سٺي خبر ناھي. ھن ٻڌايو تھ ھوءَ انگريز ڇوڪري (ڊيانا) آپريشن کان پوءِ مري وئي. جيتوڻيڪ آپريشن ڪامياب ٿيو، پر ھن جي دل ايتري تھ ڪمزور ٿي پئي ھئي، جو بيھوش ڪرڻ واري دوا جو اثر سھي نھ سگھي. آئون اھو ٻڌي پلنگ تي ڪري پيس ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳس. جئڪ بھ سڏڪن ۾ پئجي ويو. ٻھ ماڻھو اسان کي ٻانھن کان جھلي ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ وٺي آيا، جتي ھڪ ميز تي ڊيانا جو فاني جسم رکيو ھو. ھن جي ڳلي تي پٽي ٻڌل ھئي، منھن تي سڪون ۽ ماٺ طاري ھئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھوءَ ننڊ ۾ ستل ھجي. ھن جون آخري رسمون ٻئي ڏينھن ادا ٿيڻيون ھيون. ٻئي ڏينھن اسان مايوس دلين سان جھاز جي فور ڊيڪ (اڳئين حصي) تي پھتاسين. سڄو عملو يونيفارم ۾ موجود ھو ۽ سامھون ھڪ تابوت ۾ ڊيانا جو لاش ھو. ڪئپٽن جرمن زبان ۾ تقرير ڪئي ۽ پوءِ اسان لاءِ بھ ڪجھھ لفظ انگريزيءَ ۾ چيا. عملي جي وڏي تعداد جي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا، ڇو تھ ھنن ھن انگريز ڇوڪريءَ جي بچائڻ ۾ گھڻي دلچسپي ورتي ھئي. ڪپئٽن دعا پڙھي ۽ تابوت کي آھستي آھستي سمنڊ ۾ لاھي ڇڏيو. عملي جا ماڻھو مٿي اگھاڙا تيستائين بيٺا رھيا، جيستائين تابوت اکين کان اوجھل ٿي ويو. اھڙا نظارا دلين کي ڏاڍو غمگين ۽ متاثر ڪرڻ وارا ٿين ٿا. اھڙيءَ طرح ھڪ دلير، شريف ۽ عظيم ڇوڪريءَ جو آخرڪار ھن دنيا مان لاڏاڻو ٿيو.

”راڪو تيز“ جھاز کي نئين سال جي پھرين ڏينھن شام جي وقت فرينچ بندرگاھ ”بورڊي“ ۾ لنگر انداز ٿيڻو ھو. ڪرسمس اسان جھاز تي ئي ملھايو. ان ڏينھن پيٽ ڀري گوشت ۽ ٻيون سٺيون سٺيون شيون کاڌيونسين. نئين سال جو پھريون ڏينھن ھو. صبح جو چئين وڳي جئڪ مون کي لوڏي جاڳايو. ڊيڪ تي ڌماڪن جا آواز ۽ زرد رنگ جي روشنيءَ جا شعلا بھ نظر اچي رھيا ھئا. خبر پيئي تھ اسان جي ملڪ برٽس جا ھوائي جھاز ھن پاڻيءَ جي جھاز ”راڪو تيز“ تي حملو ڪري رھيا آھن. جواب ۾ ”راڪو تيز“ تي لڳل ائنٽي ڪرافٽ توبن بھ گجگوڙيون شروع ڪري ڏنيون. ھوائي جھاز ڪا دير حملو ڪرڻ بعد غائب ٿي ويا. جھاز کي ڪو خاص نقصان نھ رسيو، ان ڪري اسان جو سفر جاري رھيو. شام جي وقت ساڍي چئين وڳي وري جھاز جو گھنڊ وڄڻ لڳو. ان سان گڏ توبن جي ڌماچوڪڙي بھ مچي ويئي. ان ئي گوڙ گھمسان ۾ ھڪ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ ھڪ جرمن فوجيءَ دانھون ڪري سڀني کي ٻيڙين ۾ لھڻ جو حڪم ڏنو. منھنجي پڇڻ تي ٻڌايائون تھ ھن دفعي ھڪ برٽش ڪروز (جنگي جھاز) اسان جي ھن جرمن جھاز تي حملو ڪري تمام گھڻو نقصان رسايو آھي. جا کڻي ڏسون تھ واقعي جھاز ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين باھ جي ڄڀين ۾ ويڙھيو پيو ھو ۽ برٽس جھاز جي توبن جا گولا وسڪارا ڪري رھيا ھئا. موسم بھ خراب ٿي رھي ھئي ۽ سمنڊ جون ديو جھڙيون لھرون اڀري رھيون ھيون. افراتفريءَ جي عالم ۾ جئڪ مون کان وڇڙي ويو. بھرحال آئون ھڪ ٻيڙيءَ ۾ ويٺس. گولا اڃا تائين ڦاٽي رھيا ھئا. ٻيڙي ٻڏندڙ جھاز کان ھڪدم رڙھي پري ويئي. ”راڪو تيز“ آھستي آھستي سمنڊ جي تھن ۾ غرق ٿيڻ لڳو. جرمنن، پنھنجن مٿن تان ٽوپيون لاھي ٻڏندڙ جھاز کي آخري سلامي ڏني.

شام جا پاڇولا ڊگھا ٿي چڪا ھئا. ٻيڙيءَ خليج بسڪي Bay of Biscay ۾ سفر شروع ڪيو. ان تي اسان ڪل پنجٽيھھ ماڻھو سوار ھئاسين. رات اونداھي ۽ سرد ھئي. منھنجي مٿي تي ڪابھ ٽوپي نھ ھئي، سو سڄو مٿو ٿڌ کان کيرو ٿي رھيو ھو. مون مٿي کي ڍڪڻ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڪا شيءِ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ھڪ جرمن جي پتلون جي پٺئين کيسي ۾ ”برٽ ٽوپي“ ڦاٿي پئي ھئي. مون اھا آھستي آھستي ڪڍي پنھنجي مٿي تي کڻي رکي. ٻيڙيءَ جي جرمن انچارج ان جو رخ ويجھي فرانسي ڪناري ڏي موڙيو. ڏينھن چڙھيو تھ اسان کي ھڪ گلاس پاڻي ۽ مٺ مٺ بسڪٽن جي نيرن طور ملي. يارھين وڳي ڌاري ھڪ جرمن سب – مئرين اسان جي ويجھو سمنڊ مان ٻاھر اڀري آئي ۽ اسان سڀ ان ۾ سوار ٿياسين – ھيءَ سب مئرين ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ مختلف جھازن جو شڪار ڪرڻ بعد واپس جرمنيءَ وڃي رھي ھئي. ھن کي ريڊيو ذريعي ”راڪو تيز“ جھاز جا مسافر کڻڻ جو نياپو مليل ھو. ان سب مئرين ۾ سندس عملي کان علاوه اسين پنجٽيھھ ڄڻا بھ چڙھي پياسين تھ ان جي حالت اھڙي ٿي پئي جيئن ڪنھن دبي ۾ سارڊين مڇيون بند ھونديون آھن. اسان کي ڪافي پياري ويئي ۽ سمھڻ لاءِ پٽ تي جاءِ ڏيکاري وئي.

اڃا اسان کي سب مئرين ۾ آئي پندرھن ويھھ منٽ مس ٿيا ھوندا جو مصيبت وري اچي ڪڙڪي. الارم وڄڻ لڳا ۽ سب مئرين سمنڊ اندر کڻي ٽٻي ھنئي. ڪجھھ لمحن بعد ٽي وڏا ڌماڪا ٿيا، جن سب مئرين کي سڄو لوڏي ڇڏيو. سمنڊ جي ھيٺين تھن ۾ پھچي پوءِ سڌي ٿي تھ سندس انجڻ بند ڪئي وئي ۽ اسان کي ماٺ ۾ رھڻ لاءِ چيو ويو. خبر پئي تھ انگريزن جي ھڪ ھوائي جھاز ان سب – مئرين کي نظر ۾ رکي سمنڊ جي اونھائين ۾ ڦاٽڻ وارا ٽي بم ھنيا. ڪلاڪ کن کان پوءِ سب مئرين جي انجڻ وري سجاڳ ٿي ۽ سفر شروع ٿيو. سب مئرين جي اندر جي ھوا ۾ ھاڻي گھٽ ۽ ڌپ ٿي ويئي ھئي، پر اسان کي ٻڌايو ويو تھ سج لھڻ کان اڳ ھن جو سمنڊ جي مٿان ترڻ ناممڪن آھي، ان ڪري تيستائين اسان کي ھڪ ھنڌ بنا چرپر ڪرڻ جي رکيو ويو، جيئن گھٽ کان گھٽ آڪسيجن استعمال ڪري سگھون. شام جو اسان کي ماني، پنير ۽ ڪافي ڏني وئي – ماني کائڻ کان پوءِ اسان رات جي اونداھيءَ ۾ تازي ھوا کائڻ جي انتظار ۾ ماٺ ڪيو ستا رھياسين. رات ٿي تھ سب مئرين سمنڊ جي مٿاڇري تي آئي ۽ ھوا جي تازن جھوٽن اسان جي جسم ۾ جان وڌي. ٽئنڪن ۾ ھوا گڏ ڪرڻ جا پمپ ھلايا ويا ۽ بورچيءَ ماني پچائڻ لاءِ چلھا ٻاريا. واضح رھي تھ پاڻيءَ جي ھيٺ سب مئرين ۾ ماني نٿي پچائي وڃي، جو ان لاءِ بھ ھوا ٿي کپي. ان ڪري سمنڊ ھيٺ بند کاڌي جي دٻن تي گذارو ڪيو ويندو آھي. سڄي رات سب مئرين پاڻيءَ جي مٿاڇري تي سفر ڪندي رھي ۽ ان ڊيزن انجڻ جو گوڙ ٻڌندا رھياسين. تازي ھوا جي ڪري ھر ھڪ ماڻھو خوش ھو. ڏينھن چڙھيو تھ سب مئرين وري پاڻيءَ اندر گھڙي وئي. ڊيزل انجڻ بند ٿي وئي ۽ چارج ٿيل بيٽريون ڪم ڪرڻ لڳيون.

اھڙيءَ ريت رات جو سمنڊ جي مٿان ۽ ڏينھن جو سمنڊ جي اندر، اسان جي سب مئرين جو سفر جاري رھيو. ٽئين ڏينھن ٻنپھرن جو ھڪ برٽش جھاز ھن کي ڦري آيو. الارم وڳو تھ عملي جي ماڻھن ڊوڙي وڃي پنھنجي پوزيشن سنڀالي. آئون ٽارپيڊو جي توبن وٽ ئي ستو پيو ھوس. سب مئرين ايڏو تھ تيزيءَ سان ٽٻي ھنئي جو اسان سڀ ھڪ ٻئي تي وڃي ڪرياسين. ٻئي ۽ ٽئين ڌماڪي ۾ ھوءَ تمام گھڻو لڏڻ لڳي، پر بمن کان محفوظ ھئي. ان کان پوءِ ڪجھھ ٻيا بھ ڌماڪا ٿيا. تري ۾ پھچڻ کان پوءِ بيٽريءَ تي ھلندڙ انجڻ بھ بند ڪئي وئي ۽ اسان چپ چاپ سمھي رھياسين. سب مئرين ۾ وري گھٽ وڌڻ لڳي. ڪجھھ لمحن کان پوءِ ان جون سڀ بتيون وسامي ويون – خبر پئي تھ ڌماڪي ڪري اليڪٽرڪ جي تارن کي نقصان پھتو آھي. چڱي دير تائين عملي جا ڪارڪن ٽارچن جي مدد سان بتيون صحيح ڪندا رھيا. آخرڪار اليڪٽرڪ جو ڪرنٽ صحيح ٿيو ۽ بتيون ٻريون. سب مئرين جي ڪمانڊر لائوڊ اسپيڪر تي اسان کي ھدايتون ڏنيون تھ چپ چاپ ستا رھون. ڏينھن چڙھيو تھ سب مئرين سمنڊ جي مٿان اچڻ شروع ڪيو. سڄي رات پاڻيءَ منجھھ گذارڻ کان پوءِ اسان جي حالت خراب ٿي وئي ھئي. مٿي پھچي سب مئرين جا دروازا کليا ۽ تازي ھوا اندر آئي تھ اسان جي منھن تي بھ رونق موٽي آئي. ھي آخري حادثو ھو، جيڪو اسان کي درپيش آيو. جلد ئي اسان سينٽ نزائري بندرگاھ پھچي وياسين. اتان مون کي جرمنيءَ جي ھڪ قيدي ڪئمپ ۾ موڪليو ويو، جتي جرمنيءَ کي شڪست اچڻ تائين آئون قيد رھيس ۽ مئي 1945ع ۾ آزاد ٿيس.

 

 


 

 

 

ٻيڙيون ٻاجھارن جون، تاريون طوفانن......

اٿاھ سمنڊ ۾ جتي اسان جا وڏا آفت جيڏا ۽ طاقتور انجڻن تي ھلندڙ جھاز بھ پيا لوڏا کائيندا آھن ۽ اسان جا منھن لٿا پيا ھوندا آھن، اتي ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڀر مان لنگھندڙ چپوءَ يا سڙھ تي ھلندڙ ڪمزور ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ھمراھن کي کلندو ڏسي تعجب لڳندو آھي.

ان جو تجربو/مشاھدو مون کي پھرين ئي سفر ۾ ٿيو. اسان جو جھاز جون ڌاري ڪراچيءَ کان نڪتو ۽ سانوڻيءَ جي سمنڊ ۾ سٽبو خليج بنگال جو ٻن ڏينھن جو سفر پورو ڪري، ھاڻ ملاڪا نار ۾ گھڙڻ وارو ھو. خراب سمنڊ – سو بھ پھرئين ئي سفر ۾ پھرين ئي ڏينھن کان ملڻ ڪري سامونڊي زندگيءَ کان دل کٽي ٿي پيئي ھئي. ھڪ ڏينھن ملاڪا نار جي منھن وٽان لنگھڻ وقت، ڪمري جي دريءَ وٽ ڪا دير بيھي، اھو ڏسي رھيو ھوس تھ ڪيئن نھ اسان جو آفت جيڏو جھاز ھڪ ڪمزور ٻار مثل لڳي رھيو آھي، جنھن کي سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون، ايندي ويندي ٿڦڙون ھڻي، ڌونڌاري ٿي ويون. آئون اھو سوچي رھيو ھوس تھ ھھڙي خراب موسم ۾، سمنڊ ۾ نوڪريءَ جي مجبوريءَ خاطر، اسين اڌ چريا ھن پيڙا ۾ ولوڙجي رھيا آھيون. ايتري ۾ ڏسان تھ ھڪ ننڍڙي ڪاٺ جي ٻيڙي، جنھن تي ڦاٽل ليڙون ٿيل سڙھ چڙھيل ھئا، ماڻھن سان ٽٻ، جھاز جي ڪام (پاسي) کان پئي اچي. سمنڊ جي وڏين ڇولين ۾ ڄڻ بال وانگر ٽپا کائي رھي ھئي. اسان جي جھاز وٽان لنگھي تھ ھيٺين ڊيڪ تي بيٺل جھاز جي خلاصين سيٽيون وڄايائون. منجھس ويھارو کن عورتون ۽ ٻار ھئا ۽ اوترا ئي مرد ويٺل ھوندا. سڀ کلي رھيا ھئا. ڪي زالون ڪچھريءَ ۾ مشغول ھيون، ڪي ٻيڙيءَ جي اند تي پنھنجن ٻارن کي ھنگائي مٽائي رھيون ھيون. مردن جو ھڪ جٿو پتي راند ۾ مشغول ھو. ڪنڊ ۾ ڪجھھ عورتن ۽ مردن دھل وڄائي ڪو راڳ پئي ڳايو. کين سمنڊ، موسم ۽ ھن ھيڻيءَ ٻيڙيءَ جي ڪا پرواھ ئي نھ ھئي. رکي رکي سمنڊ جي وڏي اڇل ٿي آئي تھ ان مھل ھنن فقط ٻيڙيءَ جي ھٿئي ۾ ھٿ وجھي، ڪرڻ کان پنھنجو پاڻ کي بچايو ٿي. ان بعد وري پنھنجي پنھنجي ڪرت کي لڳي ٿي ويا. اھي سڀ ھمراھ انڊونيشي نسل جا ھئا. جھاز تي ڪجھھ فلپينو ۽ ملئي خلاصين ساڻن ڪنھن زبان ۾ ٻھ چار جملا ڳالھايا، تيسين اسان جو جھاز سندن ٻيڙيءَ کان ڪجھھ پري نڪري ويو.

ڏينھن اڌ بعد جھاز سنگاپور پھتو. جڏھن سامت آئي ۽ شھر جو چڪر ھڻي تازا توانا ٿياسين – سامونڊي نوڪري وڻڻ لڳي تھ، اوچتو رستي تي مليل ان ٻيڙيءَ جي ياد آئي. جھاز جي ھڪ فلپينو ملاح کي سڏي پڇيم تھ، اھي ٻيڙيءَ وارا ڪير ھئا ۽ ڪيڏانھن پئي ويا؟ ”سائين اھي ھمراھ ھڪ انڊونيشي ٻيٽ جا ماڻھو ھئا ۽ پنھنجي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ ڏي ڪا شاديءَ جي دعوت کائڻ وڃي رھيا ھئا.“

”شابس ھجين.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. اھڙي سمنڊ ۾ جتي اسان جي الٽين ۽ اٻڙاڪن جو ڦھڪو ھو ۽ اڇل تي پيٽ ۾ پيل پاڻيءَ ڍڪ بھ ٻاھر نڪري ٿي آيو، اتي ھي ھمراھ اھڙيءَ ڀڳل ڇوڏي جھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ دعوت کائڻ پئي ويا.

”سائين ھتي جي ماڻھن جو ٻيو ڪم ئي ڪھڙو – چوڌاري ھزارين ٻيٽ ننڍا وڏا پکڙيا پيا آھن. ھنن لاءِ ھڪڙي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين وڃڻ ائين آھي، جيئن پاڻ لاءِ ڪنڊ واري ھوٽل تان چانھھ پي اچڻ.“

مون نقشي ڏي نھار ڪئي تھ واقعي رڳو انڊونيشيا ۽ فلپين جا ھزارھا ٻيٽ ھن سمنڊ جي ٽڪري ۾ پائوڊر وانگر ڇٽيا پيا آھن. سوين اھڙا بھ ٻيٽ آھن جيڪي ايراضي ۽ اوچائيءَ ۾ ايترو ننڍڙا جو سمنڊ جي وڏي اڀام تي پاڻيءَ ھيٺ اچيو وڃن. سو واقعي ھي جھڙا ٻيٽ تي تھڙا ٻيڙين منجھھ ۽ ھيءَ ڳالھھ – شاديءَ جھڙي تھ تمام وڏي ٿي، جڏھن تھ ھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ يا گاسليٽ تيل لاءِ ھڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين ائين ھلندا ٿا وتن، جيئن ڪراچيءَ جي ڪيترين ڪالونين جا ماڻھو دٻا کڻي ڪڏھن ڪنھن نل تي تھ ڪڏھن ڪنھن تي. يا اسان وٽ ٻھراڙيءَ جا ماڻھو دوا ۽ ڊاڪٽر جي ڳولا لاءِ شيشو ھٿ ۾ کڻي، ڪڏھن ڪنھن ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال ڏي تھ ڪڏھن ڪنھن ڏي ھلندا وتن ٿا.

سخت اونھاري ۾ سنڌ جي رستن تان گاڏيءَ ۾ لنگھندي اھڙن ھنڌن تي جتي ميلن تائين آبادي ناھي، اتي واٽھڙن کي ڏسي تعجب لڳندو آھي تھ ھي ھھڙي نٽھڻ اس ۾ پيرين پيادا ڪيڏانھن پيا وڃن؟ سنڌ ۾ ھاڻ اڃا بھ ايترو محسوس نٿو ٿئي جو بجلي، رستن ۽ سوارين جي وڌي وڃڻ ڪري، ھر ميل تي ڪا سواري، آبادي يا پٺاڻ جي ھوٽل نظر ايندي – سواءِ ٿر پارڪر، ٺٽي ۽ دادو ضلعي جي، پر مصر ۾ گاڏيءَ ۾ پورٽ توفيق کان قاھره ويندي يا اسڪندريا کان سئيز ايندي، رڻ پٽ ۾ اوچتو ماڻھو ڏسي تعجب لڳندو آھي تھ چوڌاري ريتي ريتي ۽ رڻ پٽ لڳو پيو آھي، نھ پيئڻ لاءِ پاڻي، نھ ڇانو لاءِ منھھ. ھي پيرين پيادا ھمراھھ، ٻارن ۽ زالن سميت ڪيڏانھن وڃي رھيا آھن؟ ڪيترو پنڌ اڃا ڪرڻو اٿن؟ ۽ رستي تي اڃ، بک، ٿڪ کي ڪيئن منھن ڏيندا؟

سو اھڙي طرح کلئي سمنڊ ۾ جتي ڏنگين ڏائڻين جھڙيون لھرون ۽ سيسر، شارڪ ۽ مڇ توڙي مڇيون منھن کولي ويٺيون آھن، اتي ھيئن ڪنھن ڪمزور دنگيءَ کي درياءَ وچ ۾ ٻڏندو اپڙندو ڏسي، ان ۾ ويٺلن کي دعا يا داد ڏيڻ بنا رھي نٿو سگھجي تھ، ملاح تنھنجي مڪڙيءَ کي شل ڪا سٽ نھ اچي ۽ جتي ڍينگ ڍرا ٿيو پون، اتي ھنن ناکئن ۽ ناخدائن کي رب جو ئي آسرو آھي.

ھاڻ جيڪا ڪھاڻي آھي، سا آھي: ”ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالھھ“ اھا ڳالھھ بلڪل حقيقت تي مبني آھي، جيتوڻيڪ ھڪ عام پڙھندڙ کي ايترو ئي تعجب لڳندو، جيترو ڪراچي يا وڏي شھر جي رھواسيءَ کي پھريون دفعو نئون ڪوٽ يا مٺيءَ بس/ٽرڪ ۾ ويندي، رستي تي ڊٻن تان ويندڙ ڪنھن پيرين اگھاڙي ٿري پير مريد کي نٽھڻ اس ۾ اڪيلو ويندو ڏسي ٿئي.

ڪھاڻي جيمس رامسي جي آھي، جيڪا گھڻو اڳ ھاليڊي رسالي ۾ آئي. تنھن کان پوءِ 1964ع ۾ ريڊرس ڊائجيسٽ وارن بھ ڏني ھئي. مٿيون ليکڪ سندس ھڪ ٻي ڪھاڻي ”دي وائيٽ ٽاور“ کان تمام گھڻو مشھور آھي.نوٽ

مٿئين ليک جو عنوان تاجل بيوس جي ڪتاب ”جڏھن ڀونءِ بڻي“ جي ھيٺينءَ وائيءَ تان کنيل آھي:

ٻيڙيون ٻاجھارن جون،

تاريون طوفانن،

لنگھي سير سمونڊ جي،

آيل سامونڊين

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org