ھوور ڪرافٽ، ڪئٽاماران ۽ جناتي جھاز
ڏٺو وڃي ته جهازن جا اڃا به ڪيترائي قسم آهن، جيئن
ته
Cable layer
(جيڪي سمنڊ جي تري ۾ ٽيليفون جون تارون وڇائين
ٿا)، جنگي جهاز (فريگيٽ، مائين سئيپر، سب مئرين،
ايئر ڪرافٽ ڪئريئر وغيره)، ڊريزر
(Dredger)
جيڪي رڳو بندرگاهه وٽ ئي هلن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ گڏ
ٿيندڙ مٽي ۽ ريتي ڪڍي، ان کي اونهو ڪندا رهن ٿا.
سروي جهاز جيڪي نقشا ٺاهين ٿا، ٽرالر، ٽگ بوٽ
(جيڪي وڏن جهازن ۽ بارجن کي ڇڪين ٿا ۽ بندرگاهه ۾
جيٽيءَ سان لڳي بيهڻ ۾ مدد ڏين ٿا)، سپلاءِ شپ،
ڪوسٽر وغيره وغيره، پر هتي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ
لاءِ فقط ٻن جو مختصر ذڪر ڪنداسين: هڪ هوور ڪرافٽ
۽ ٻيو ڪاٽاماران
(Catamaran)
جو.
هوور ڪرافٽ
”هوور ڪرافٽ“ جهاز لاءِ پنهنجي هڪ ڪتاب ”يورپ جا
ڏينهن“ ۾ لکي چڪو آهيان ته، اهو خچر وانگر اڌ
گهوڙو اڌ گڏهه آهي. هوور ڪرافٽ هوائي جهاز به آهي
ته پاڻيءَ وارو جهاز به. هوور ڪرافٽ ۾ هوائي جهاز
وانگر مسافرن ويهن ٿا ۽ کين سفر ۾، چانهه پاڻي يا
ماني، جهاز جون هوسٽسون
Serve
ڪن ٿيون. هوور ڪرافٽ جي انجڻ هوائي جهاز وانگر
”جيٽ انجڻ“ آهي ۽ پاڻي واري جهاز وانگر هن کي
پروپيلر (پاڻي ۾ ڦرندڙ پنکو) نٿو هلائي. هوور
ڪرافٽ گهڻو ڪري سمنڊ مٿان هلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن خشڪي
مٿان به. بيٺل حالت ۾، اهو بندرگاهه ۾، سمنڊ تي به
بيهي ٿو ته خشڪي تي به.
دراصل هُوور ڪرافٽ جهاز ”پاڻيءَ جي جهاز“ واري
اصول تي نه، پر هوائي جهاز جي اصول تي هلي ٿو. جيٽ
انجڻ ۾ هوا جي
Suction
ڪري اڳتي وڌي ٿو. اهي انجڻيون ايڏيون طاقتور نه
آهن جو هن کي مٿي کڻي وڃن ۽ نه وري هوور ڪرافٽ جي
بيهڪ هوائي جهاز جهڙي آهي، جو هن کي مٿي چڙهڻ ۾
آساني ٿئي. بهرحال اهو ڪافي رفتار سان اڳتي ڌڪجي
ٿو. ٻي ڳالهه ته هن جهاز ۾ ايئر ڪمپريسر، جهاز جي
تري ۾، لڳاتار هوا خارج ڪن ٿا، جنهن ڪري هي جهاز
سطح سمنڊ يا ڌرتيءَ کان ٿورو مٿي کڄيو وڃي. سمنڊ
کان ٿورو مٿي کڄڻ ڪري رفتار به سٺي ٿي رهيس، نه ته
پاڻيءَ مٿان هجڻ ڪري پاڻيءَ جو
Resistance
هر جهاز جي رفتار گهٽائي ڇڏي ٿو.
جهاز جي تري هيٺان هوا کي يڪدم
Leak
ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، جهاز جي تري جي چوڌاري، رٻڙ
جو چار پنج فٽ بارڊر رهي ٿو. ٻي ڳالهه ته عام
پاڻيءَ واري جهاز جي رفتار وڌائڻ لاءِ ڪيترو به
کڻي تيل ٻارجي، مقرر حد کان وڌي نٿي. انجڻ جي
رفتار وڌائڻ سان پروپيلر جي رفتار ضرور وڌندي، پر
ساڳي وقت پروپيلر ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جي وچ ۾ خال
(Cavitation)
ٿيڻ ڪري جهاز ويتر گهٽ رفتار سان چُرندو. پر هوور
ڪرافٽ ۾ هڪ ته جيٽ انجڻ آهن ۽ ٻيو ته هوور ڪرافٽ
پاڻيءَ ۾ ترڻ بدران فٽ ٻه مٿڀرو هوا ۾ هلي ٿو. ان
ڪري هوور ڪرافٽ جي جيتري توهان رفتار وڌائيندئو
اوترو ئي اڳيان وڌندو. هوور ڪرافٽ گهڻي پاڻيءَ ۾
به هلي سگهي ٿو ته گهٽ پاڻيءَ ۾ به- ايتريقدر جو
اهو سمنڊ تان ڪناري تي به اچي سگهي ٿو ۽ خشڪيءَ تي
به هلي سگهي ٿو. هڪ دفعي مونکي هيلسنڪي (فن لئنڊ)
کان پنهنجي يونيورسٽي واري شهر مالمو پهچڻو هو.
مونکي اتي جي حڪومت طرفان جيڪو
Passage
مليو هو، اهو ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) کان هو. يعني فن
لئنڊ جي قومي هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهاز ۾،
مونکي هيلسنڪيءَ کان ڪوپن هيگن اچڻو هو جتان هوور
ڪرافٽ ذريعي مالمو جي بندرگاهه ۾ پهچڻو هو. اسان
جي هوائي جهاز جيئن ئي ڪوپن هيگن ۾ لئنڊ ڪيو ته،
اسان کي ٻُڌايو ويو ته مالمو ويندڙ مسافرن کي
بندرگاهه وڃڻ جي ضرورت ناهي. هوور ڪرافٽ ڪوپن هيگن
جي ايئرپورٽ تي ئي انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾
سندن سامان آٽوميٽيڪلي شفٽ ٿي ويندو.
هوائي جهاز مان لٿاسين ته سامهون ئي هوور ڪرافٽ
هو، جنهن ۾ اچي ويهي رهياسين. دل ۾ مون سوچيو ته
هوور ڪرافٽ جو اهو وڏو سک آهي، نه ته ڪلاڪ کن گهٽ
۾ گهٽ ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ مان نڪرڻ ۾ لڳي ها ۽
جيسين هڪ هڪ جي پاسپورٽ تي اميگريشن وارا ٺپا هڻن
۽ ڪسٽم وارا سامان چڪ ڪن. ۽ پوءِ ٽئڪسيءَ جا ڳرا
ڀاڙا ڀري بندرگاهه ۾ اچڻو پوي ها. پر هاڻ انهن
سڀني مشڪرين کان جان ڇٽي وئي. پنڌهن منٽن ۾ سامان
چڙهي ويو ۽ اهو ڏسي حيرت پئي ٿي ته هڪ پاڻيءَ جو
جهاز بنا
Propeller
۽ بنا ڦيٿن جي زمين مٿان هلي رهيو آهي. دراصل هوور
ڪرافٽ جنهن جي شڪل پاڻيءَ واري جهاز وانگر آهي،
جنهن جي انجڻ ۽ هلڻ جو اصول هوائي جهاز وانگر آهي،
اهو سمنڊ جي سطح يا خشڪيءَ کان ٻه چار فٽ مٿڀرو
اُڏامي ٿو. ان ڪري هوور ڪرافٽ لاءِ ڪچي يا پڪي
رستي جي به ضرورت ناهي. هوور ڪرافٽ سعودي عرب جي
بيابانن ۾ به هلي سگهي ٿو، بلڪ مون ٻُڌو آهي ته
سعودي عرب جي آرميءَ وٽ ڪيترائي هوور ڪرافٽ آهن.
هوور ڪرافٽ جي ٻي مزي واري ڳالهه اها آهي ته هن ۾
”سي سڪنيس“ نٿي ٿئي. ڇو جو
Sea sickness
تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن خراب سمنڊ ۽ خراب موسم ڪري جهاز
لُڏي ٿو يعني
Rolling
۽
Pitching
ڪري ٿو. پر جيئن ته هي هوور ڪرافٽ سمنڊ تي هلڻ ۽
لُڏڻ بدران، سمنڊ جي مٿاڇري کان گهڻو مٿي ۽ هوائي
جهاز وانگر سڌو ئي سڌو وڃي ٿو، ان ڪري هوور ڪرافٽ
جي مسافرن کي سي سڪنيس بنهه نٿي ٿئي، نه ته سئيڊن
جي سخت سياري واري موسم ۾، جڏهن هتي جو بالٽڪ سمنڊ
مڇريل رهي ٿو، تڏهن مالمو کان ڪوپن هيگن عام فيرين
۾ ويندڙ مسافرن جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڇو جو
فيريون ۽ ٻيا جهاز ته سمنڊ جي ڇولين جي رحم و ڪرم
تي هوندا آهن.
ڪئٽاماران
هتي هڪ ٻئي، جنهن پاڻيءَ واري جهاز جي ڳالهه ڪري
چاهيان ٿو، اهو ڪئٽاماران
(Catamaran)
آهي. هي جهاز جيڪو اڄڪلهه يورپ پاسي مشهور آهي،
اهو دراصل ڏکڻ هندستانين جي پراڻي ايجاد آهي. جيئن
ڌائو ٻيڙي ڪويت پاسي جي
Specialty
آهي، بتيلو سنڌ جي آهي، تيئن ڪئٽاماران سائوٿ
انڊيا جي صوبي تامل ناڊو جي. ويندي ڪئٽاماران تامل
زبان جو لفظ
Kattu
معنيٰ ٻڌڻ ۽
Maran
معنيٰ ڪاٺ يا وڻ مان نڪتل آهي.
”ڪئٽاماران جهاز“ ٻن وڏن ٻيڙن کي هڪ ٻئي سان
ملائي، يعني ڪئتو ڪري (ٻڌي) ٺاهيو وڃي ٿو.
ڪئٽاماران پهرين سڙهن تي هلندڙ جهاز هئا، هاڻ اهي
انجڻ سان به هلن ٿا. اڳئين زماني ۾ هي جهاز تامل
ناڊو ۾ رهندڙ هڪ مهاڻن جي ڪميونٽي پاراوا استعمال
ڪندي هئي ۽ جيئن ڪويت پاسي جي ڌائو فقط ايراني نار
۽ ڳاڙهي سمنڊ تائين محدود هئي، تيئن هن قسم جي
ٻيڙي به فقط انڊيا جي ڏکڻ واري ڪناري جي سمنڊ تي
هلي ٿي ۽ وڌ ۾ وڌ سريلنڪا ۽ لکديپ ٻيٽن تائين وئي
ٿي.
ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ منهنجو سريلنڪا جو تامل
ڪُليگ، پروفيسر ڪئپٽن رڊرا ڪمار، جيڪو گذريل ڏهاڪو
کن سالن کان، ڪئناڊا جي نيول اڪيڊميءَ ۾ پڙهائي
ٿو، اهو هنن ٻيڙن
Catamaran
لاءِ چوندو هو ته، تامل ناڊو صوبي جي ڪناري تي اهي
تمام پراڻيون آهن، جن جو پنجين عيسوي صديءَ کان
رڪارڊ موجود آهي، جڏهن ڏکڻ هندستان تي ”چولا
گهراڻي“ جو راڄ هو. انهن ڏينهن ۾ تامل ناڊو صوبي
جا سپاهي، انهن ٻيڙين رستي، ڏکڻ اوڀر جي علائقن
برما، ملايا ۽ انڊونيشيا فتح ڪرڻ لاءِ ويندا هئا ۽
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جي ڏاکڻين رياستن
پرلس، ڪيداح وغيره ۾ تن ڏينهن جا تامل هندو مندر
اڄ به موجود آهن.
هنن ٻيڙن
Catamaran
جو انگريزي ڪتابن ۾، پهرين انگريز سياح وليم
ڊئمپيئر ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي
1690ع
۾ سفر دوران هي ٻيڙا انڊيا جي ڏاکڻي ڪناري ۽ خليج
بنگال ۾ نظر آيا، جڏهن هي ٻيڙا ٻه ننڍيون ٻيڙيون
يا ٻن ٽن بُنڊن کي ملائي ٺاهيا ويا ٿي. هو پنهنجي
1697ع
واري سفرنامي ۾ لکي ٿو...
“On the coast of coromandel, threy call them Catamarans. These are but
one log or two… so small, that they carry but
one man, whose legs and breech are always in
water.”
غيباتي جهاز
آخر ۾ ٻه اکر ”غيباتي جهاز“ بابت به لکندو هلان،
جنهن کي يورپ ۽ آمريڪا پاسي
Ghost ship
سڏين ٿا. غيباتي جهاز
(Ghost ship)
فڪشن ۾ ئي ٻڌبو آهي، جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو
ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن ته افسانوي
Ghost ship
اهو آهي جنهن تي ڪو به ماڻهو ڇيڻو نه هجي، ان ڪري
حقيقت جي زندگيءَ ۾ پڻ اهڙا جهاز، جيڪي ٻُڏڻ جي ڊپ
کان ان جو عملو ڇڏي وڃي ٿو، انهن کي پڻ غيباتي
جهاز سڏجي ٿو.
1990ع
۾ برازيل جي اوڀر واري ڪناري وٽ
Fisah Ketsi
نالي هڪ جهاز رڙهندو نظر آيو، جنهن ۾ ڪوبه بني بشر
نه هو. سندس سامان جا سمورا هئچ (گگدام) کليل نظر
آيا. اهڙي طرح
2003ع
۾ آسٽريليا جي ڀرسان
High Aim 6
نالي هڪ جهاز بنا ماڻهن جي ڏٺو ويو. باوجود ڳولا
جي هن جهاز جي عملي جو هڪ ماڻهو به ملي نه سگهيو.
گذريل سال (2006ع)
۾ ته اهڙا ٻه
Ghost ship
نظر آيا. هڪ تيل بردار ٽئنڪر جهاز
Jian Seng
جيڪو پڻ آسٽريليا جي ڪناري وٽ بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي
نظر آيو ۽ ٻيو ڀؤنچ سمنڊ ۾ اٽليءَ وٽ
Bel Amica
جهاز نظر آيو. ان جي به اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي
آهي ته، ان کي هلائڻ وارا ڪير هئا. هنن جهاز ڇو
ڇڏيو ۽ ڪيڏانهن هليا ويا.
غيباتي جهازن
Ghost ships
بابت افسانا ۽ ناول ته آهن، پر ڪجهه فلمون به ٺهي
چڪيون آهن. سڀ کان گهڻي مشهور فلم
Pirates of Caribbean
آهي، جيڪا والٽ ڊزني پڪچرز وارن،
2003ع
۾ رليز ڪئي هئي. ان کان اڳ
2002ع
جي هڪ ڊپ واري
Horror Film
”دي گهوسٽ شپ“ آهي، جيڪا اٽليءَ جي هڪ رول جهاز
Antonia Graza
بابت آهي، جيڪو
1960ع
۾ غائب ٿي ويو هو.
تيل مان عطر بھ ٺھي ٿو
“Fuel & Fuel Technology”
جي پيرڊ ۾، آئون پنهنجن مئرين انجنيئرنگ جي شاگردن
کي هميشھ اهو چوندو آهي، ته
Fuel
(يعني انجڻين ۾ ٻارڻ جو تيل پيٽرول، آڪٽين کان وٺي
ڊيزل آئل ۽ مئرين هيوي فيول آئل) اها نعمت آهي،
جنهن هن دنيا تي وڏو انقلاب آندو. هي ڪارخانا،
فئڪٽريون، هوائي جهاز، پاڻيءَ جا جهاز، جنريٽر،
جيپون، گاڏيون اُن تيل جي ڪري هلن ٿيون ۽ انسان
ذات کي سک پهچائين ٿيون.“ نوح نبي عليھ السلام جي
ٻيڙيءَ کان وٺي اوڻهين صديءَ جي شروعات تائين،
جهاز ڪپڙي جي سڙهن تي، هوا ۽ سمنڊ جي رحم ڪرم تي
هليا ٿي. ڪڏهن به ائين نٿي ٿي سگهيو ته جنهن وقت
چاهجي ۽ جيڏانهن چاهجي جهاز کي وٺي هلجي. سياري ۾
اتر جون هوائون لڳيون ته جهاز مڊل ايسٽ، بنگال کان
ڏکڻ طرف وڌيا ٿي ۽ پوءِ اونهاري جي ڏاکڻين هوائن
۾، اهي سريلنڪا کان واپس اتر طرف وطن موٽيا ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو ته سڄو سڄو ڏينهن هوا نٿي
لڳي ۽ جهاز هڪ هنڌ بيهي ٿي رهيا. انهن ڏينهن ۾
جهازن تي نه لائيٽ هئي، نه ايئرڪنڊيشن يا پنکا، نه
هيٽر، نه پاڻي ڇڪڻ جا پمپ. اليڪٽرسٽي ئي نه هئي،
جو اهي شيون هلن ۽ پوءِ تيل جي ڪري هر قسم جون
انجڻيون هلڻ لڳيون. جهاز مالڪ جي مرضيءَ سان هليا
ٿيا. ڊيڪ تي سمهڻ بدران ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ سمهڻو
پيو ٿي. جيئريون ڪڪڙيون ۽ رڍون کڻڻ بدران، فروزن
گوشت کي ڇهه ڇهه مهينا رکڻ لاءِ ريفريجريٽيڊ رومس
ٺهي ويون. ائين ته تيل کان ڪجهه سال ڪوئلي مان به
اهو ڪم ورتو ويو ٿي، پر ڪوئلي کي هڪ هنڌ کان ٻئي
هنڌ شفٽ ڪرڻ ڏکيو ڪم هو ۽ ڪوئلي گهڻي جڳهه والاري
ٿي. ائين سمجهو ته جهاز جا ڏهه ڪمرا ڪوئلي سان ڀرڻ
بدران، هڪ ڪمرو تيل جو ڪافي آهي. ان کان علاوه
ڪوئلي چاڙهڻ تي ڏينهن جا ڏينهن لڳي ويا ٿي. مزورن
پٺيءَ تي ڪوئلي جون ڳوڻيون رکي، جهاز جي گدامن ۾
رکيون ٿي. هاڻ پمپ ذريعي ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ تيل کي
جهاز جي ٽئنڪن ۾ ڀري سگهجي ٿو ۽ ٻارن لاءِ پمپ
ذريعي تيل ڪڍي سگهجي ٿو.
ڪويت ۽ دبئي جهڙن ملڪن ۾، اونهاري جي گرميءَ ۾
آئون هميشھ اهو سوچيندو آهيان ته، اليڪٽرسٽي کان
اڳ جڏهن نه پنکا هئا ۽ نه ايئرڪنڊيشن، هيتريون
صديون ماڻهو ڪيئن ٿي رهيا ۽ ساڳيءَ طرح ناروي،
سئيڊن ۽ فن لئنڊ جهڙن
Scandinavian
ملڪن ۾، اتي جي ماڻهن ڪيئن ٿي سياري جي ٿڌ ۾ گذر
ڪيو. بهرحال هاڻ اليڪٽرسٽي اچڻ ڪري، جيڪي اسين
سُکَ ماڻي رهيا آهيون، اهي تيل جي ڪري آهن.
تيل نه فقط ٻارڻ جي ڪم اچي ٿو، پر تيل مان ٻيون به
ڪيتريون ئي شيون ٺهن ٿيون. جپان مان جڏهن اسان
شاپنگ ڪندا هئاسين ته، هر دڪان يا ڪمپنيءَ جا شاپر
(ٿيلهيون) جن ۾ هو شيون وجهي ڏيندا هئا، ڏسڻ وٽان
هوندا هئا. اسان ڪوشش ڪري هر هنڌان هڪ ٻه وڌيڪ
شاپر وٺندا هئاسين، جو ڪراچي پهچڻ تي ڪيترا اسان
جا دوست، جپان جا اهي رنگين، مضبوط ۽ ٿلهي پلاسٽڪ
جا شاپر گهرندا هئا. جپاني دڪاندار هميشھ خوشيءَ
سان اسان کي فالتو شاپر ڏئي ڇڏيندا هئا، جو هو ان
کي پنهنجي دڪان يا ڪمپنيءَ جي اشتهار بازي سمجهندا
هئا ۽ پوءِ ستر جي ڏهاڪي ۾ هڪ اهڙو سال آيو، جنهن
۾ اسان جو جهاز جڏهن جپان ۾ پهتو ته، ان ڀيري
دڪاندار وڌيڪ شاپر ته ڇا، پر جنهن هڪڙي ۾ سامان
وجهي ٿي ڏنو، اهو به تمام سنهي پلاسٽڪ جو هو، يعني
اهڙو ٿلهو نه هو جنهن ۾ شولڊر بئگ بدران، سامان
وجهي جهڏي کان جهمپير وڃي سگهجي.
”ڀائي خير ته آهي؟“ اسان جپاني دڪاندار کان پڇيو.
”خير ڪٿي آهي،“ دڪاندار وراڻيو، ”توهان کي خبر
ناهي ته عربن تيل مهانگو ڪري ڇڏيو آهي.“
”اها ته اسان کي به خبر آهي،“ اسان وراڻيس، ”ان
ڪري اسان جي
ڪمپنيءَ جهازن جو ڀاڙو وڌائي ڇڏيو آهي. پر توهان
شاپر ڏيندي ڪنجوسي ڇو پيا ڪريو.“
دڪاندار ٽهڪ ڏيندي چيو، ”ته شاپر ڇا جا ٺهيل آهن؟“
”پلاسٽڪ جا.“ اسان وراڻيس.
”ته پلاسٽڪ تيل مان ئي ته ٺهي ٿي.“ هن وراڻيو.
هي جپاني دڪاندار بلڪل صحيح هو. پلاسٽڪ تيل مان ٿي
ٺهي ۽ اڄ ڏينهن تائين نه تيل وري سستو ٿيو آهي ۽
نه وري اهي خوبصورت شاپر جپان ۾ نظر آيا آهن، جيڪي
1973-74ع
کان اڳ ڏٺاسين.
تيل مان پلاسٽڪ جون ٿيلهيون (شاپر)، رسا، تڏا،
رانديڪا ۽ ٻيون شيون ٺهن ٿيون، پر تيل مان ويندي
مختلف عطري مردن ۽ عورتن لاءِ وارن جون
Wigs
به ٺهن ٿيون. مانچسٽر ۾ اسان جي مڪاني آفيس جي
مئنيجر ٻُڌايو ته اتي (مانسچٽر) ۽ ڀر واري شهر لور
پول ۾، تيل مان
75
کن مختلف شين ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن.
بهرحال جتي تيل وڏي نعمت آهي، اُتي تيل وڏي مصيبت
به آهي- انسانذات لاءِ توڙي سامونڊي مخلوق لاءِ.
تيل جي ڪري جهازن تي باهيون لڳن ٿيون، جن ۾ جهاز ۽
جانيون تباهه ٿيو وڃن. تيل توڙي ان مان نڪرندڙ
گئسون، سامونڊي مخلوق کي تباهه ڪري ٿيون ڇڏين. اها
ڳالهه جيئن ئي دنيا جي ڏاهن محسوس ڪئي ته جهازي
دنيا جي بين الاقوامي اداري
IMO
سڀني جهاز هلائيندڙن لاءِ، اهو قانون ڪڍيو ته ڪنهن
کي به سمنڊ تي جهاز مان تيل خارج ناهي ڪرڻو. اسان
جهڙن ملڪن ۾ ته اڃا به ان قانون جي ڄاڻندي يا اڻ
ڄاڻائيءَ ۾ ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ٿي، پر جپان ۽ يورپ جهڙن
سڌريل ملڪن ۾ جتي جي ماڻهن کي پنهنجو سمنڊ ۽ ان ۾
رهندڙ سامونڊي مخلوق (مڇيون، گانگٽ، کيکڙن وغيره)
کي صاف سٿرو ۽ صحتمند رکڻ جو وڏو اونو آهي، انهن
ته ستر جي ڏهاڪي کان ئي سختي شروع ڪري ڇڏي. مونکي
ياد آهي ته
1974ع
يا
1975ع
۾ اسان جو جهاز يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ وڃڻ لاءِ،
”خليج ٽوڪيو“ کان ڪافي پري، کلئي سمنڊ ۾ پنهنجي
واري اچڻ جو انتظار پئي ڪيو. ٻه ڏينهن انتظار ڪندي
گذري ويا هئا، اڃا به لڳو ٿي ته شايد ڏينهن ٻه
ترسڻو پوي. انجڻ روم جي تري ۾ پمپن ۽ ٽانڪين مان،
پاڻي ليڪ ٿي ڪافي گڏ ٿي چڪو هو. ان کي صاف سٿرو
رکڻ لاءِ جهاز جي فورٿ انجنيئر بلج پمپ هلائي، اهو
پاڻي ٻاهر خارج ڪري ڇڏيو. نڄاڻ ان پاڻيءَ ۾ ڪجهه
تيل به مليل هو يا شايد اهو پمپ ڪجهه دير اڳ، تيل
ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ ڪنهن هلايو هجي ۽ بالٽي اڌ جيترو
تيل ان جي پائيپن ۾ رهجي ويو هجي.
ٿوري دير بعد ڏسون ته اسان جي جهاز مٿان هڪ
هيليڪاپٽر پيو اُڏامي، جنهن مان جپان جي مئرين
پوليس جو سپاهي لٿو ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جو سئمپل ۽
اسان جي جهاز جي انجڻ روم جي تري ۾ بچيل پاڻيءَ جو
سئمپل کڻي ويو. دراصل تيل جي اها به مصيبت آهي
(بقول اسان مئرين انجنيئرن جي) ته تيل پاڻيءَ کان
هلڪو آهي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ کان ته اڃا به وڌيڪ
هلڪو آهي، ان ڪري اهو سمنڊ ۾ ڪِرڻ سان پاڻيءَ اندر
ٻُڏڻ بدران سمنڊ جي سطح تي ترندو رهي ٿو ۽ منجهس
Spreadibility
به ڏاڍي آهي. يعني هڪ بالٽي کن تيل جي ميل کن جي
پکيڙ ۾ پکڙجي ويندي ۽ اُس ۾ تيل واري چمڪ ۽ انڊلٺ
جهڙا رنگ، پري پري تائين نظر پيا ايندا.سو ان
ڏينهن اسان به رنڱيل هٿن سان جهلجي پياسين.
لئبارٽري ٽيسٽ جي اهائي رپورٽ آئي ته، سمنڊ جي تري
تي جيڪي تيل جا ذرڙا تري رهيا آهن، ان تيل جي ساڳي
ڪمپوزيشن آهي، جيڪا اسان جي جهاز جي انجڻ روم جي
تري ۾ موجود تيل جي آهي. ڪورٽ طرفان اسان جي جهاز
تي لک کن يين جو ڏنڊ پيو، جيڪو اسان جي جهاز جي
يوڪوهاما واري مڪاني آفيس ڀري ڏنو. ان کان علاوه
سمنڊ تي ڪِريل تيل کي ڪيميڪل ذريعي صاف ڪرائڻ جو
پڻ خرچ ڏنوسون.
هڪ عام پڙهندڙ لاءِ هتي ڪجهه مختصر احوال ”ٻارڻ“
(Fuel)
بابت لکڻ چاهيان ٿو، جنهن سان دنيا جون انجڻيون،
ڪارخانا، بئالر جهاز، گاڏيون هلن ٿيون. ڏٺو وڃي ته
انهن کي ٽن قسمن جي ٻارڻن سان هلايو وڃي ٿو، جيڪي
آهن: ڪوئلو، تيل (جنهن کي فيول يا پيٽروليم به
سڏيو وڃي ٿو) ۽ گئس. اهي ٽئي شيون ڌرتيءَ هيٺ دٻيل
آهن، جن کي کوٽي يا ڊرل ڪري، ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو.
سندن ان خصوصيت ڪري انهيءَ ٻارڻ جو نالو
Fossil
فيول پڻ آهي. فاسل
(Fossil)
لئٽن ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنيٰ کوٽي ڪڍڻ. ان تيل
کي پاڻ پيٽروليم به سڏيون ٿا، جنهن جو مطلب آهي،
پٿرن وارو تيل- ان ڪري جو اهو پٿرن
Rocks
جي وچ ۾ ڦاٿل تيل آهي.
اهو تيل، گئس يا ڪوئلو زمين ۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟ لکين
سال اڳ گهٽ ۾ گهٽ
300
ملين سال اڳ (يعني ٽيهه ڪروڙ سال اڳ) هيءَ ڌرتي وڻ
ٽڻ، ولين ٻوٽن ۽ گاهه سان ڀري پئي هئي. ڊائنا سورس
جهڙا ڪئين آفت قسم جا جانور هئا، جيڪي سمنڊ ۾ بيٺا
ٿي ته گوڏي تائين پاڻي مس ٿي آين. اهي ويا ڌرتيءَ
هيٺ دٻبا ۽ مٿان مٿيءَ جا تهه چڙهندا وين ۽ پوءِ
ائين آڪسيجن (هوا) جي غير موجودگيءَ ۾، سخت پريشر
۽ گرمائش ڪري، وڻ ٽڻ ڪوئلو ٿي ويا ۽ جانورن تيل جي
صورت اختيار ڪئي. اسان جي ملڪ واري سُوئي گئس يا
ٻين ملڪن ۾ استعمال ٿيندڙ گئسون، ان تيل جي سمجهو
ته ٻاڦ
(Vapours)
آهن. ڌرتيءَ اندر جيڪو ڏامر جهڙو
Crude
(اڻ ڇڻيل) تيل موجود آهي، ان کي ٿوري ئي گرمائش
رسڻ تي، هن مان ميٿين ۽ ايٿين جهڙيون گئسون نڪرن
ٿيون. وڌيڪ گرم ڪرڻ تي مختلف گريڊن جا تيل ڌار ڌار
ٿين ٿا، جهڙوڪ آڪٽين، پيٽرول، گاسليٽ، هاءِ اسپيڊ
ڊيزل آئل (جيڪو اڇي رنگ جو هلڪو ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ
موٽر گاڏين ۾ استعمال ٿئي ٿو)، مئرين ڊيزل آئل
(ڪارسرو سستو تيل، جنهن تي پاڻيءَ جي جهازن تي ڳرا
جنريٽر هلن ٿا)، هيوي فيول آئل- جيڪو ڏامر کان
ٿورو هلڪو ٿئي ٿو ۽ ان تيل کي جهاز جي پيور ريفائر
روم ۾ ٿورو صاف ڪري، ان تيل سان جهاز جي مين انجڻ
هلائيندا آهيون، جنهن سان جهاز جو پروپيلر هلي ٿو.
انهن سڀني تيلن توڙي گئسن ۾ (جيڪي پڻ هڪ قسم جا
تيل چئي سگهون ٿا، جو ٿڌ ۽ دٻاء ۾ اچڻ سان
Liquid
ٿيو وڃن، جيئن سگريٽ لائيٽر ۾ نظر ايندڙ تيل دراصل
گئس آهي) ٻه شيون موجود آهن: هئڊروجن ۽ ڪاربن. ان
ڪري گئس توڙي پيٽرول يا گاسليٽ وغيره ”هائيڊرو
ڪاربن“ به سڏجن ٿا. فرق فقط اهو آهي ته ڪاربان جا
جزا ڪنهن ۾ گهٽ آهن ته ڪنهن ۾ وڌيڪ. سڀ ۾ مختصر ۽
آسان صورت ۾ ”ميٿين گئس“ آهي، جنهن ۾ ڪاربان جو
فقط هڪ ائٽم آهي، جيڪو هائيڊروجن جي چئن ائٽمن سان
جڙيل ٿئي ٿو. ٻئي نمبر تي هلڪي گئس ايٿين گئس آهي،
جنهن ۾ ڪاربان جا ٻه ايٽم آهن، جيڪي هائڊروجن جي
ڇهن ايٽمن سان ڳنڍيل آهن. اهڙي طرح پروپين، بيوٽين
گئسون آهن، جيڪي عام طرح بوتلن ۾ ڀريل وڪامن ٿيون،
جيڪي سگريٽ لائيٽرن، رڌ پچاءُ، گئس ڪٽنگ جهڙن ڪمن
۾ ڪم اچن ٿيون. ان بعد مختلف گريڊن جا پيٽرول آهن،
جن ۾ آڪٽين به اچي ٿو وڃي. انهن ۾
7
کان
9
ڪاربان جا ائٽم آهن، جنهن تيل سان هوائي جهاز،
هيليڪاپٽر ۽ پيٽرول انجڻ واريون ڪارون هلنديون
آهن. گاسليٽ آهي، جنهن ۾
11
کان
18
ائٽم ڪاربان آهن، جيڪو چلها
(Stoves)
ٻارڻ ۾ استعمال هيٺ اچي ٿو. ان بعد ڊيزل آئل جا
قسم آهن، ان بعد انجڻين جي حصن کي چڪنو رکڻ لاءِ
ليوب آئل آهي ۽ جيئن جيئن ڪاربان ائٽم وڌن ٿا ته
تيل جي
Viscosity
به وڌي ٿي. ليوب آئل بعد هيوي
فيول آهن، جيڪي بئالر کي ٻارڻ ۽ پاڻيءَ جا جهاز
هلائڻ ۾ ڪم اچن ٿا، ان بعد گريز ۽
Wax
آهي، جيڪو
Lubrication
۽ ميڻ بتيون ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ آخر ۾ ڏامر جهڙو
گهاٽو ۽ ڪارو تيل
Bitumen
آهي، جيڪو رستا ۽ ڇتيون ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ زمين
مان نڪتل تيل
Crude oil
کي گرم ڪرڻ تي، ٻيا تيل ۽ گئسون نڪرڻ بعد آخر ۾
بٽيومن ۽ گريز وڃيو ٿا رهن.
·
تيل ۽ گئس پائيپن ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائي
وڃي ٿي. ڪوئلو
(Coal)
ريل گاڏيءَ ۽ ٻيڙين ذريعي شفٽ ڪرڻ کان علاوه،
پائيپن ذريعي به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچايو وڃي
ٿو. ڪوئلي کي پهرين پينهي پائوڊر وانگر ڪري، ان ۾
پاڻي ملايو وڃي ٿو- جنهن کي
Slury
سڏجي ٿو. اها سلري آسانيءَ سان پمپ ڪئي وڃي ٿي.
·
تيل مان ڪيتريون ئي شيون ٺهن ٿيون، جن مان ڪجهه
پهرين به ٻُڌائي چڪو آهيان ۽ ڪجهه ٻيون هن ريت
آهن، جن لاءِ پڪ اٿم ته هڪ ماڻهوءَ لاءِ حيرت واري
ڳالهه هوندي ته، تيل مان اهڙيون به شيون ٺاهيون
وڃن ٿيون، جيئن: رانديڪا، ٽائر، لينولين، ٽٿ برش،
عطر، ڊيوڊورنٽ، شئمپو، وي سي آر، ٽيپ، رٻڙ جا
پائيپ، اکين جا ڪانٽئڪٽ لينس، ڦڻيون، نقلي وار ۽
انهن جا رنگ، لپ اسٽڪ، جوتن جي پالش وغيره وغيره. |