سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: سير ريگستان

باب: --

صفحو :2

ٿر لفظ جي معنيٰ

 

ٿر هڪڙو انوکو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ هڪ لفظ ۾ بلڪل ادا  ٿي نه ٿي سگهي. عام طرح ٿر لفظ جي لغوي معنيٰ وارياسي زمين ٻڌائي ويئي آهي. مزيد  وضاحت  سان ”اها وارياسي  زمين، جنهن ۾ واريءَ جا وڏا دڙا هجن“ ٻڌايو ويو آهي. مگر حقيقت کي ڏسبو، ته ٿر لفظ جي اها معنيٰ جيتوڻيڪ قريب قريب صحيح معلوم پيئي ٿئي، ته به اهو انوکو لفظ ان قسم جي زمين لاءِ ڪيئن مقرر ڪيو ويو، تنهن باري ۾ اڪثر  روايتون جي ملي سگهن ٿيون، سي ناظرين ڪرام جي معلومات لاءِ هتي لکڻ ضروري ٿو سمجهان.

ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٿر لفظ جي ابتدا چئن  نمونن سان ٿي آهي.

(1) عام طرح سنڌي زبان ۾ ٿر چيو ويندو آهي ان ملائيءَ جي تهه کي، جو کير ڪاڙهي رکڻ بعد ان جي مٿان نظر ايندو آهي. ٿر جي باشندن وٽ به، هڪ سادو مگر حقيقت افشا پهاڪو آهي ته ”اسان جو ديس جي وسيو ته آهي ٿر، نه ته  بر“ هن پهاڪي مان ٿر لفظ جي معنيٰ بلڪل عيان آهي.

معلوم هجي ته ٿر ملڪ جي ماڻهن جو گذران عام طرح مال تي آهي. مال چارڻ ۽ گيهه پيدا ڪري ان جو نيڪال ڪرڻ، هر هڪ ٿريءَ جو مکيه ذريعو روزگار آهي. لهٰذا مذڪوره بالاقول مروج آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته  جيڪڏهن ٿر ۾ برساتون  پيون ته گاهه جام ٿيندا ۽ مال سائو گاهه چري ساڄو ٿيندو، کير مکڻ ۽ گيهه جام ٿيندو، جنهن تي ٿر جي ماڻهن جي آسوده حاليءَ جو دارومدار آهي. ٻيءَ صورت ۾ جيڪڏهن  برسات نه پئي ته مال بکن ۾ پاهه ٿيندو، کير سڪائي ويندو، ۽  ملڪ ۾ خسته حالي ۽  قحط منهن ڪڍندو. ٿر لفظ هن پهاڪي ۾ گيهه جي معنيٰ ۾ ورتل آهي، ڇاڪاڻ ته مکڻ  پيدا ڪرڻ جو واحد ڪارڻ اها ملائي يا ٿر ئي آهي.

(2) ٿر ۽ ان جي متصل لاڙ واري ڀاڱي جي ديهاني حصن ۾، عام طرح سخت برساتن جي وقت، جيڪڏهن برسات جو پاڻي واريءَ جي دڙن مٿان وهڪري ۾ واري گهلي بسا اوقات لائق  آباد زمين تي اهو ريٽ آڻي ڦٽو ڪندو آهي، تڏهن آبادگارن کان عموماً ائين چوندو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته برسات ۾ سڄي زمين ٿر جي ويئي. هتي به ٿر لفظ جي مراد آهي سطحي تهه يا پردو. مگر اهو پردو واريءَ جي پردي لاءِ مخصوص آهي. هتي به ڏسڻ  ۾ ايندو ته ٿر لفظ ساڳيو ملائيءَ جو پردو ئي ثابت ٿيو.

(3) ٽيون ثبوت، جو پڻ معقول آهي، مگر اهڙو قوي نه آهي، سو اهو ته ڪڏهن ڪڏهن ٿري ڳوٺاڻن کان واريءَ جي وڏن دڙن لاءِ ”ٿڙ“ ۽ ننڍن دڙن لاءِ ”ٿڙي“ لفظ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. جڏهن سندن رڍون يا ٻڪريون ٿورو پرڀرو وڃي واريءَ جي دڙن تي ويهي رهنديون آهن،  تڏهن چوندا آهن ته ”ٿڙيئين مٿي رڍون ويٺڙيون هونديون“. ٿر جي هندو ماڻهن تي مارواڙي زبان جو گهڻو اثر آهي، تنهن  ڪري اهو لفظ عام طرح ٿر جا هندو ماڻهو ئي ڳالهائيندا آهن. ٿر جي زمين ڇاڪاڻ  ته سڄي واريءَ جون ڀٽون، دڙا ۽ دڙيون آهن، تنهن ڪري ائين به کڻي چئجي ته وڏن  دڙن جي لحاظ کان هن ملڪ کي ” ٿڙ “ لفظ سڏيو ويو هجي.

مارواڙي ماڻهو اڪثر ڪري ”ر“ کي ”ڙ“ ۾ بدلائيندا آهن. مثلاً ”ترائيءَ“ کي ”تڙائي“ چوندا آهن. غالباً اهو ٿڙ لفظ دراصل مارواڙي آهي، جو تصيح بعد ٿر ٿي ڪم اچڻ لڳو هجي.

(4) ٿر لفظ جي چوٿين معنيٰ بلڪل صحيح نظر اچي ٿي، اها سنسڪرت زبان جو لفظ ”اسجاٿل“. انهيءَ لفظ اسٿل جو اچار ڦري ”ٿل“ ٿي ويل ٿو ڏسجي. عام طرح هندو ماڻهو ائين چوندا آهن ته ”جل ٿل ۾ ايشور وسي ٿو.“ جل جي معنيٰ پاڻي آهي ۽  ٿل  ان جو ضد آهي، جنهن مان مراد  خشڪي آهي. باقي ٿل مان ڦري ٿر ڪيئن ٿيو، سو ان مان ظاهر آهي، جو ٿر ۾ رهندڙ ٺڪر، چارڻ ۽ ٻيون قومون  هميشه ”ل“ کي ”ڙ“ ۾ بدلائينديون آهن، جهڙيءَ طرح ”تلاءُ“ کي ”تڙاءُ“ چوندا آهن.

انهيءَ ڪري ئي ”ٿل“ مان ”ٿڙ“ ۽ پوءِ ”ٿر ٿي ويو آهي. ساڳيءَ طرح ”جل“ مان ”جڙ“ ۽ پوءِ ”جر“ ٿي ويو آهي. والله اعلم بالصواب.

 

ٿر ضلع جي ايراضي

 

ابتدا ۾ ضلع ٿرپارڪر ۾ صرف مٺي، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر ٽي تعلقا داخل هئا. قديم تفصيلن موجب انهيءَ حصي جي ڊيگهه، 120 ميل، ويڪر 40 کان 50 ميل ۽ سموري  ايراضي 4500 چورس ميل هئي. ڇاڇرو تعلقو، جو ان وقت عمرڪوٽ  واري ڀاڱي ۾ داخل هو، سو جدا هو. اهو تعلقو خود ايڏو  ته وڏو آهي، جو ٻين ڪن  به ٻن تعلقن جي برابر ٿيندو.  هيءُ تعلقو سڄي سنڌ ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو تعلقو چيو وڃي ٿو.

پارڪر واري ڀاڱي جي ڊيگهه 30 ميل  ۽ ويڪر 20 ميل ٿيندي. هيءُ ضلعو13-024 ۽ 21-029 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 40-68 ۽ 5_071 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي ۽ سندس ڪل پکيڙ 13690 چورس ميل آهي. سنڌ گزيٽيئر موجب سوري صحرائي خطي جي پکيڙ حسب ذيل آهي.

 تعلقو مٺي 1526 چورس ميل، تعلقو ڇاڇرو 4796 چورس ميل، تعلقو ڏيپلو 1503چورس ميل، تعلقو ننگرپارڪر 1617 چورس ميل، تعلقو عمرڪوٽ 1466 چورس ميل، جن مان 1018 چورس ميل ٿر ۽ 448 چورس ميل ناراوئليءَ ۾ آهن. انهيءَ حساب سان جملي پکيڙ 7496 چورس ميل ٿئي ٿي. مگر جيڪڏهن کپري تعلقي وارو ريگستاني حصو پڻ شامل ڪيو ويندو، ته سموري ڊيزرٽ جي جملي ايراضي 10542 چورس ميل ٿيندي.

 

ٿر جا ڀاڱا

 

 نقشي تي نظر  ڦيرائيڻ سان معلوم ٿيندو ته بهاولپور رياست کان اوٻاوڙو، مير پور ماٿيلو ۽ خيرپور رياست جو مشرقي حصو،  کپري ۽ عمرڪوٽ تعلقن جو نصف، ڏيپلو، مٺي ۽ ڇاڇرو تعلقا مڪمل ۽ ننگر پارڪر تعلقي جي پارڪر واري حصي کان سواءِ  باقي سمورو ڀاڱو ڀٽن سان ڀرپور آهي. اهي ڀٽون اڀرندي بهاولپور، جيسلمير ۽ جوڌپور رياستن ۾ به لنگهي وڃن ٿيون. تحقيق انهيءَ سموري ڀٽن واري ڀاڱي کي ٿر سڏجي ته بجا آهي. مگر موجوده ملڪي ڀاڱو جنهن کي پاڪستان حڪومت اندر ٿر جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، اهي آهن ٿرپارڪر ضلعي جا محض چار تعلقا. مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر، جن کي گڏي سنڌ جي جاگرافيءَ ۾ ٿر ڊويزن يا ڊيزرٽ ڊويزن چئجي ٿو. اهي چارئي تعلقا، جن کي گڏي هن بعد ٿر سڏيو ويندو، وري طبقي لحاظ سان مکيه چئن  مختلف حصن ۾ ورهايل آهن.

(1) ٿر يعني واريءَ  ۽ ڀٽن وارو ڀاڱو، (2) ڪٺو يا ڪنٺو يعني ڏاکڻو ڀاڱو، (3) پارڪر يعني ننگرپارڪر تعلقي جو اپٻيٽ شڪل وارو اڌ، (4) مهراڻو يعني الهندو حصو. هتي اهو  ٻڌائڻ لازمي آهي ته ٿر ملڪ جي اهي چار حصا انهن نالن سان ڇو منسوب ٿيا؟

 

ٿر

 

ٿر جون وچون ڀاڱو، چنانچه سڄو واري ءَ جي وڏين ڀٽن سان ڀرپور آهي، لهٰذا ان ڀاڱي کي براہِ راست ٿر سڏيو  ٿو وڃي، جتي زراعتي پيدائش بارانيءَ تي، سواءِ ٻاجهري ۽ گوار جي ٻيو ڪجهه به ڪين ٿئي.

ڪٺو:  نقشي تي نگاهه وجهڻ سان ڏسڻ ۾ ايندو ته ٿر جي ڏکڻ طرف ڪڇ جو رڻ آهي. رڻ جي زمين سڄي کاري لوڻ واري  آهي، جتي ڪوبه اوڀر ڪو نه اڀري. اها زمين سمنڊ جي ڇڏي وڃڻ  ڪري ائين بيڪار پئي  آهي، جنهن جي ويجهي حصي ۾ اڃا به عربي سمنڊ تي وڏيءَ وير چڙهڻ  وقت، پاڻي چڙهي ايندو آهي ۽ رڻ  پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو آهي. بدين کان رحڪي بازار، ٻلهياري، ننگرپارڪر ۽  چوڙيي تائين رڻ ئي رڻ هليو ٿو وڃي. چونڪ ڪنهن زماني ۾ ڪڇ جو رڻ سڄو سمنڊ جي زير آب هو، تنهن ڪري رڻ جي ڪنڌيءَ واري ڀاڱي  کي ڪنٺو يا ڪنارو سڏيو وڃي ٿو. ڪنٺي لفظ کي کاري، ڪٺو ڪيو ويو آهي.

 اهو ڀاڱو اهو آهي، جتي ڀٽون آهستي آهستي ننڍيون ٿينديون اچي ختم ٿين ٿيون ۽ سڌا سنوان مگر هيٺاهان ميدان ٺهي پيا آهن. انهن ميدانن ۾ ڀٽن جي اوچائي تان  برسات جو پاڻي  وهي، خوش منظر ڍنڍون ٺاهي ٿو، جتي ربيع جي پوک نهايت ڀلي ٿئي ٿي. رحمڪي بازار جي ويجهو سينگالي جي قريب، يا ننگرپارڪر کان اسلام ڪوٽ ويندي رڻ جي ڪنڌيءَ  کان ٿورو مٿڀرو ڪڻڪ، ڄانڀي، سرنهه وغيره جي فصلن جا دلفريب نظارا نظر ايندا آهن.

 پارڪر: ننگرپارڪر جو هيٺيون ڀاڱو، جو نقشي تي هڪ اپٻيٽ جي شڪل ۾ نظر اچي  رهيو آهي، ان کي پارڪر چئجي ٿو. نقشي  تي  عيان آهي ته ان اپٻيٽ جي ٽنهي  پاسن ڏکڻ، اولهه ۽  اوڀر کان رڻ ڦري آيو آهي. جيئن اسين مٿي ذڪر  ڪري آيا آهيون ته ڪنهن سمي اهو رڻ سڄو سمنڊ هو، تنهنڪري ڪڇ جي ماڻهن کي ڪڇ وڃڻ لاءِ اها  سامونڊي کاري، جا هينئر سمنڊ ڇڏي وڃڻ بعد رڻ جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي. سا ضرور پار اُڪرڻي پوندي هئي. لهٰذا انهيءَ اپٻيٽ واري ڀاڱي کي، جنهن سان تن ڏينهن ڪڇ وارن جو سڌو واپار هلندو هو، تنهن کي ”پار اُڪر“ چوندا هئا، جنهن  مان لفظ بدلجي”پارڪر“  ٿي ويو آهي. بعضي روايتن ۾ ائين به چيو وڃي ٿو ته در اصل اهو  لفظ ”پارکر“ آهي، جنهن جي معنيٰ اها آهي ته کاريءَ جي پار وڃڻ. بهتر صورت اهي ٻيئي معنائون تقريباً ميل جول کائين  ٿيون. انهن کان سواءِ  هڪ ٻي روايت به آهي، جا جيتوڻيڪ اهڙي معقول نه آهي، تاهم مذهبي ماڻهو ان کي وڌيڪ معتبر ڄاڻن ٿا. ازانسواءِ اها به دلچسپيءَ کان خالي نه آهي، تنهنڪري نظر انداز ڪرڻ لاءِ ڪوبه معقول سبب ڪونهي. معلوم هجي ته اهو پارڪر وارو ٽڪر، جو ڪارونجهر ٽڪريءَ جي چؤطرف تقريباً 24 ميلن جي  پکيڙ ۾ ٿيندو، تنهن جي سر زمين ٿر واري ڀاڱي کان بلڪل علحدي آهي. اها زمين ٿر جي برعڪس، سڌي سنئين ۽ ڪڪريءَ واري آهي. منجهس ٿر وانگر ڪابه ڀٽ يا واري ڪانه آهي، مگر ان جي بجاءِ ننڍين ننڍين ٽڪرين سان مزين آهي. ڪارونجهر ٽڪري جنهن جي دامن ۾ ننگرپارڪر جو قديم شهر نهايت سهڻو پيو ڏسڻ ۾ اچي. تنهن ۾ هندن جا پوتر آستان آهن. مثلا ساڙدرو، انچلياسر، ڀيم گوڏو وغيره، چيو وڃي ٿو ته انهن جيان تي”پاراسر رشيءَ“ تپ ڪيو هو، جنهن جو ذڪر پراڻن ڪتابن ۾ به آيل آهي. انهيءَ بناءَ تي پارڪر جا هندو چون ٿا ته هن ڀاڱي کي پاراسر رشيءَ جو نالو مليل آهي. والله اعلم بالصواب.

 

مهراڻو

 

ٿر جي الهندي طرف جتي ڀٽون اچي پوريون ٿين ٿيون، اتي زمين هيٺاهين سنئين ۽ مٽيءَ واري آهي. پراڻي زماني ۾ اتان مٺو درياءَ وهندو هو، جنهن کي ”مهراڻ“ ڪوٺيو ويندو هو. هاڻي به اهو مهراڻ اتان پراڻ جي نالي سان وهي ٿو. جنهن کي ٿري ماڻهو ”جراڻ“ به چوندا آهن. پراڻ لفظ جي معنيٰ ئي آهي پراڻو درياءُ. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اڳي سنڌ ۾ ٻه وڏيون نديون هونديون هيون، هڪڙي هاڻوڪي سنڌوندي ۽ ٻي مهراڻ يا وڏو درياءَ، جنهن کي”هاڪڙو“ يا ”واهندو“ به ڪري ڪوٺيندا هئا. هن وقت جن کي ”اڀرندو نارو“ يا ”الهندو نارو“ سڏيون ٿا. سي درحقيقت اهي  ئي ٻه نديون هيون. سنڌوندي اڃا تائين الهندي ناري واري واٽ وٺ وهي ٿي ۽ مهراڻ يا هاڪڙو، اڀرندي ناري جي پيٽ مان لنگهي، ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ کان ڪڇ جي رڻ  ڏي وهندو هو ۽ اتان ڪوريءَ کاريءَ ڏي وڃي، ڪڇ جي نار ۾ ڇڙندو هو. اڄ به ڏسڻ ۾ ايندو ته اڳيون مهراڻ يا هاڻوڪو پراڻ جيئن جيئن ڀٽن جو الهندو طرف وٺي ور وڪڙ ڏيئي وهندو وڃي ٿو، تيئن تيئن ڀٽون اچي پراڻ جي ور وڪڙن کان اڌ ميل کن تي ختم ٿين ٿيون. ڀٽن جي ختم ٿيڻ واريءَ ڪنڌيءَ کي ڪس چوندا آهن. جنهن جي معنيٰ  آهي ٿر ۽ سنڌ جي زمين جي حد. ويجهڙائي واري ڀٽن جي ڀاڱي کي، جتان مهراڻ  وهي ٿو، چئجي ٿو مهراڻو. پراڻ کي  بئريج جي اثر بعد ڇنڊڻ ڪري ڇڏيو ويو آهي ۽ سندس ٻنهي پاسن کان جيڪا ويران ۽ غير آباد زمين پيئي  هئي، اها آباد ٿيڻ لڳي آهي.

 

ٻيا ڀاڱا

 

هن کان سواءِ ٻيا به ٿر جا ننڍا ننڍا ڀاڱا آهن، جي درحقيقت انهن چئن مکين  ڀاڱن ۾ سمايل آهن.

مثلاً:

1-              کائڙ يعني ڇاڇري کان گڊڙي تائين. هن حصي ۾ البت ڀٽون ننڍيون ۽ وڏا وڻ بلڪل گهٽ آهن.

2-               سامروٽي يعني مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن جا ڏکڻ وارا ڀاڱا.

3-              ونگو، جو ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ اولهه ڀاڱي کي سڏيو وڃي ٿو.

4-              وٽ يا ڪنارو، ڪڇ جي رڻ سان مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي جي دنگئي حد کي انهيءَ نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

5-              ڍٽ، جو ٿر جي وچ واري حصي کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ عمرڪوٽ، ڇاڇري ۽ مٺي جا ڀاڱا به اچي وڃن  ٿا.

انهيءَ لفظ ڍٽ سببان ئي ٿر وارن ماڻهن کي ڍاٽي سڏيو ويندو آهي.

 

ڀٽون

 

 جن ماڻهن ٿر جون ڀٽون بلڪل نه ڏٺيون آهن، اهي خيال ڪندا  هوندا ته ٿر جون ڀٽون به اهڙائي وڏا واريءَ جا دڙا هوندا، جهڙا اسان جي سنڌ ڀاڱي ۾ درياءَ جي رخ بدلائڻ سبب، ڀرين، پڊعيدن، ڀٽ شاهه، کٽياڻن ۽ نصرپور وٽ آهن.، يا موجوده درياءَ جي ڪناري تي گدو بندر وٽ آهن. اهي ماڻهو صحيح تصور ڪري نه سگهندا، ته ٿر جون ڀٽون ڪهڙي نرالي ڍنگ جون هونديون آهن. مان خود گهڻو زمانو اڳي جڏهن ٻڌندو هوس ته ٿر جي سفر ۾ اُٺن جي سواري آهي ۽ ڀٽن جي لهه چڙهه آهي، تڏهن دل جو دل ۾ تعجب کائيندو هوس ته هروڀرو ڀٽن تي اٺ چاڙهڻ جي ڪهڙي  ضرورت آهي. کڻي ٿورو  ڦيرو ٿيندو، پوءِ ڇو نه جتان واريءَ جو دڙو پورو ٿيندڙ هجي، اتان ڦري ٻن دڙن جي  وچان لنگهي، ور وڪڙ ڪري، مفاصلو طي ڪجي، ان کان جو ڀٽن جي لهه چڙهه جي رحمت برداشت ڪجي! مگر جڏهن روبرو ڀٽن جو ديدار نصيب ٿيو،  تڏهن ڏسڻ ۾ آيو ته هي ٿر جون ڀٽون ته قدرت الاهيءَ جو هڪ عجيب ڪرشمو آهن. هي ڀٽون ته گويا واريءَ جا وڏا پهاڙ آهن. هي ڀٽون ته وارياسن جبلن جون باقاعدي بلند چوٽين واريون ڊگهيون قطارون آهن، جي ڪيترن ميلن جي مفاصلي تائين يڪيون ئي يڪيون هليون ٿيون هلن. هتي ته ڦيرو ڪري هلڻ جي صورت ئي نظر ڪانه ٿي اچي. هتي ته ڀٽ  مٿان ڀٽ سوار آهي. هڪڙيءَ ڀٽ تان اڃا لهجي ئي ڪين ته ٻي تيار آهي. ٿر جا ماڻهو مذاقيه ڀٽن جو بيان هنن لفطن ۾ ادا ڪندا آهن ته ”ٿر آهي  بر، ڀٽون آهن ڀوت، اڃا هڪڙي چڙهان ئي ڪين ته ٻي ٿي ڪڍي ٻوٿ“ بعضي هڪڙيءَ  وڏيءَ ڀٽ تي پهچون، مگر پنڌ ڪرڻ سان خبر پوندي ته انهن ٻن وڏين ڀٽن جي درميان چند ميلن جو مفاصلو هوندو ۽ ڪيتريون ئي ننڍيون ڀٽون يا دڙا ان جي درميان هوندا، جي وڏيءَ ڀٽ جي چوٽيءَ تي چڙهڻ وقت، اهڙا ته ننڍڙا  پيا نظر ايندا جو گويا زمين  سرکي يا هموار پئي  ڀانئبي،  مگر پوءِ جنڊ ڪڍن سَسيُون، هلندي هوندا حال! ٿر جي سفر جون دشواريون سڀ سامهون  اچي بيهنديون ۽ مسافر کي حافظ شيرازيءَ عليہ رحمة جي اها سٽ بار بار ياد ايندي ته

که عشق آسان نمود اول وله افتاد  مشکلا

ڪي ڪي ڀٽن جون قطارون، ذرا ڏنگيون ڦڏيون  سلاميءَ واريون به آهن، ڇو ته اڪثر قدرت جا نظارا ناهموار هوندا آهن. مگر ڪٿي ڪٿي ته ڀٽون وري اهڙيون سڌيون سنيون ۽ اُڀيون آهن، جو انهن جون قطارون، ائين پيو ڀائنبو آهي، گويا ڪن ديون يا جنن پنهنجي هٿن سان تيار ڪيون آهن ۽ ائين سمجهبو آهي ته ڪي قلعن يا ڪوٽن جون خطرناڪ ديوارون آهن، جن کي هزارين ورهيه گذري چڪا آهن، ته به سلامت بيٺيون آهن. اهڙيون سڌيون ڀٽون اڪثر ڪري ڏيپلي کان اسلام ڪوٽ ويندي، ڀڪوئي جي مسافرخاني کي ويجهو نظر اينديون آهن. رات جي سفر وقت، چنڊ جي سهائيءَ  ۾ سندن نظارو هو بهو اهو هوندو آهي، جو مٿي بيان ٿي چڪو آهي. پڙهندڙن مان ڪي احباب اهو خيال ڪندا  هوندا، ته اهڙين اهڙين اُوچين  ۽ اڀين ڀٽن تي اٺ چڙهي ويندا هجن، اها ڳالهه حد امڪان کان بعيد آهي. انهن صاحبن کي معلوم هجي ته ”ضرورت، ايجاد جي ماءُ آهي“ سفر جي ضرورتن ٿري ماڻهن کي اهڙين ڀٽن مان لڪ ڳولي ڪرڻ جو حوصلو  عطا ڪيو  ٿو ڏسجي. جن ٿوري ڦيري گهيري سان اهڙين دشوارتر ڀٽن سان تان اهي هنڌ ڳولي ڪڍيا آهن. جتان البت سلامتي هجي ۽ اٺ آهستي آهستي چڙهي چوٽيءَ تي پهچي سگهي. اهڙين ڀٽن جي لنگهن کي عام طرح لڪ چوندا آهن. جتي جڏهن اڪثر هڪڙي لڪ مان مٿي چڙهندا آهن، تڏهن  اڳيان نظر ڊوڙائي سامهون ايندڙ ڀٽ ڏسي چوندا آهن ته ” وري وو پريئن ڀٽ جي هن لڪ مان پاڻ کي ڍرڻو پوندو.“ ان هوندي به ڪي ڪي ڀٽن جا لڪ بلڪل اڀا هوندا آهن ۽  اتان چڙهڻ وقت نهايت خوف پيو وٺندو آهي. بعضي ته اهڙيون ڀٽون درپيش اينديون آهن، جن تي صرف چڙهڻ ۾ ئي 20 منٽ کن لڳي ويندا آهن. اهڙين ڀٽن تي چڙهڻ مهل خوف ٿيندو آهي ته خدا خير ڪري خبر ناهي ته  چڙهي پار  پئبو يا نه!

ڀٽ تي جيئن جيئن اُٺ چڙهندو ويندو، تيئن تيئن جيڪڏهن سامهون نظر هوندي ته هروڀرو ائين ڪونه سمجهبو ته ڪو تمام اتاهينءَ تي چڙهندو ٿو وڃجي. مگر جڏهن پوئتي نگاهه ڪبي، تڏهن خوف وٺي ويندو ته ”يا الله! مان هيترو مٿي چڙهي ويو آهيان!

اهڙين موتمار ڀٽن تي چڙهڻ وقت، اڪثر اُٺ ويچاري جون ٽنگون پيون ٿڙڪنديون آهن. آزمودگار جت اُٺ کي لڪ تي سڌو چڙهڻ بدران ٽارو ڪري پاسي کان چاڙهيندا آهن. اٺ ويچارو هڪ هڪ قدم ڪري چڙهندو هلندو آهي ۽  ناسن ۾ ساهه ڀرجي ايندو اٿس. جت خواهه سوار ٻنهي جو ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي ۽ ان وقت ٻنهي تي هڪ هيبتناڪ خاموشي طاري ٿي ويندي آهي.

مگر جت کان زياده غير ٿري سوار جو ساهه مٺ ۾ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو اهڙين چاڙهين کان ناآشنا رهيو آهي. جتن ۽ ٿري باشندن جو ته اهو روزانو معمول آهي. تنهن هوندي به اهڙين اڻانگين ڀٽن تي چڙهڻ وقت خدا کي ياد ڪندا آهن ۽ بلڪل خبردار ٿي ويهندا آهن. اڪثر جت اهڙين ڀٽن تي چڙهڻ کان اڳ اُٺ جي تنگ کي ڇڪي ڏسندا آهن ته تنگ مضبوط آهي؟ ۽ اُڀو چڙهڻ ڪري  پاکڙو سرڪي ته نه ويندو؟

خود خوار به دستور موجب، چاڙهيءَ تي  چڙهڻ مهل اڳيان بدن کي نمائيندو آهي ۽ اُٺ جي خاني ۾ بدن کي مضبوط جهلي ويهندو آهي. بعضي اوقات ڀٽن تي چڙهڻ واري  پيچري جي بلڪل لڳ، برسات جي اثر ڪري خوفناڪ گهارا يا ڏرڙ پيل هوندا آهن ۽ اهو خوف دامنگير هوندو آهي ته خدانخواسته اُٺ جو پير پيچري کان ٿڙڪي ويو ته الاجي ڪهڙو حشر ٿيندو! مگر ياد رکڻ گهرجي ته اٺ جو پير واريءَ تي هميشه ڄمي بيهندو آهي ۽ اهڙو اتفاق قريب ناممڪن آهي. خصوصاً ٿر جا اُٺ، انهن گسن جا اهڙا ته روشناس ٿيا پيا آهن. جو ڪاريءَ رات ۾ جڏهن انسان جا حوصلا ئي توائي ٿي وڃن ۽ طرفن جي ڪابه خبر نه پوي، تڏهن به اُٺ پنهنجي هڪ دفعي ڏٺل  واٽ کي ورلي ڪو ڀلجي سگهي.

ڪي ڪي ڀٽون جي نشيب واريون آهن ، انهن جو چاڙهه بعضي اڌ اڌ ميل بلڪ ميل ميل به ٿي ويندو آهي. جتان مٿاهين شروع ٿئي ٿي، اتان کان وٺي ڀٽ جي چوٽيءَ تائين، چاڙهيءَ کي ٿري ماڻهو چاڙهه چوندا  آهن. چاڙهه کان ڏکيو  ڍار هوندو آهي. اُٺ چاڙهه ۾ اهڙو اولو نه هوندو آهي، جهڙو ڍوراڻ ۾. ڪي ڪي اُٺ ڍوراڻ ۾ جيڪڏهن سکيا هوندا آهن، ته اها هنن جي بهترين خوبي ليکي ويندي آهي. بهر صورت ٿرين وٽ عام طرح پهاڪو آهي ته ”اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت آهي ته لاهيءَ  کي به لعنت آ.

جن ماڻهن ٿر نه ڏٺو آهي، سي ائين ڀائيندا هوندا ته ٿر جون ڀٽون به ڪي ڪيئن ته ڪي ڪيئن بي ترتيب ٽڙيل پکڙيل هونديون. مگر انهن کي عجب لڳندو، جڏهن پڙهندا ته قدرت الاهيءَ سان ٿر جون ڀٽون سڀ الهندي کان اڀرندي طرف  پکڙيل آهن. فقط نالي ماتر به ڪا اهڙي ڀٽ نه هوندي، جا اتر کان ڏکڻ  نظر اچي. انهيءَ ڪري ٿر جي مسافر کي جيڪڏهن اتر کان ڏکڻ يا ڏکڻ کان اتر سفر نصيب ۾ پيو ته مٺو. هڪ ڀٽ لهندو ته ٻي چڙهندو. باقي جيڪڏهن  خوشي نصيباً الهندي کان اڀرندي يا اڀرندي کان الهندي پنڌ پيس ته البت ڪن ڪن دڙن کان سواءِ جي ٻن ٻن ڀٽن جي وچ واري هيٺاهينءَ زمين، جنهن کي مڙهو يا ويئر چئبو آهي ۽ جنهن کي عام فهم ٻوليءَ ۾ ماٿري کڻي چئجي، اتان گهڻي سهوليت سان اُڪرڻو پوندو. هتي هن ڳالهه کي صاف ڪرڻ نهايت ضروري آهي ته آخر اهي ڀٽون هتي ڪيئن پيدا ٿيون ۽ انهن جون قطارون ڏکڻ الهندي کان اتر اڀرندي ڇا کان ٿيون آهن؟ ان لاءِ جيڪي روايتون ممڪن ٿي سگهن ٿيون ۽ جي عام ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، سي ناظرين جي معلومات لاءِ هيٺ درج ڪجن ٿيون.

1- چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهي ڀٽون  ڪنهن زلزلي جو نتيجو آهن.

2- وارياسي وارو سمورو ڀاڱو ڪنهن سمي سمنڊ هو، جو رفتي رفتي اتر کان ڏکڻ طرف ڪڇ جي رڻ  ڏانهن هٽندو ويو ۽ جيڪا زمين ڇڏيندو ويو، سا وارياسي ٿي پئي، جنهن تي ڏکڻ الهندي جي بحري هوائن لڳڻ سبب، طوفان ايندا رهيا ۽ قدرتي طرح واري اُڏامندي اُڏامندي ڪن بيشمار صدين ۾، واريءَ جي ڀٽن  اهو روپ ورتو آهي.

3-  اهي ڀٽون اصل وارياسي پٿر جا جبل آهن، جي ايامن جي گذرڻ بعد ڀُري واري ٿي ويا آهن.

پهرين ڳالهه لاءِ ايترو معلوم ڪرڻ ڪافي ٿيندو ته ٿر وارياسو ملڪ آهي، جيئن سندس نالو ڳالهائي ٿو. پر واري به ڪا  لس واري ڪانهي. چپي چپي تي وڏيون شاهي ڀٽون يا واريءَ جا جبل آهن، جن جي اوچائي 150 فوٽن تائين آهي ۽ انهن جو مثال ائين سمجهڻ  گهرجي، جيئن سمنڊ ۾ لهرن وقت سمنڊ جو مٿاڇرو هيٺ  مٿي نظر ايندو آهي. انهن ڀٽن جو شمار ڪونهي مثال لاءِ ڏيپلي کان نئون ڪوٽ 26 ميل مفاصلو آهي ۽ ان وچ ۾ تقريباً ننڍيون وڏيون ڏيڍ سئو ڀٽون آهن، ڇاڇري کان نبي سر جو 48 ميل آهي يا ڇاڇري کان عمرڪوٽ جو پڻ 48 ميل آهي. تن جي درميان پڻ 160 ۽ 140 ڀٽون ڳڻيون ويون آهن، جيتوڻيڪ اڀرندي ٽڪر ۾ ڀٽون گهٽ آهن. جيڪڏهن ڏيپلي کان اسلام ڪوٽ يا اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر جو رستو ڏسبو ته به ڀٽ، ڀٽ تي سوار آهي. اسلام ڪوٽ کان مٺي يا مٺيءَ کان نئون ڪوٽ، جي سڄي ٿر ۾ آسان ۾ آسان رستا ليکيا ويندا آهن، فقط انهن کي ڏسبو ته به ننڍن دڙن ۽ وڏين ڀٽن کي ڳڻيندي ٿڪجي پئبو. ماهرن جو خيال آهي ته ايتريون ڀٽون هوا لڳڻ سان هر گز ٺهي ڪين سگهنديون. قديم زماني ۾ ضرور ڪو زلزلو آيو آهي. جنهن زمين جي اها صورت پيدا ڪئي آهي. ٿر جي قديم برباد ٿيل آثارن مان پڻ ان ڳالهه جي تصديق ملي ٿي.

تازو واقعو آهي ته مونگير جي طرف بهار جي زلزلي بعد چون ٿا ته اهڙيون ئي ڀٽون پيدا ٿي پيون آهن. ازنسواءِ پاري ننگر جهڙو عظيم الشان شهر غرق ٿي وڃڻ، سنڌونديءَ جو وهڪرو ڦرڻ، سمنڊ اوتجي وڃڻ ۽ رڻ نمودار ٿيڻ، ڀٽون پيدا ٿي  پوڻ، اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن مان غالياً اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته هتي ضرور ڪو  ڀونڪپ (زلزلو) آيل آهي. چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ سنڌو ندي خود ٿر مان وهندي هئي ۽ اچي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جتي عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو ۽ جهاز سڌا لنگهي پاري ننگر جي بندر تائين ايندا هئا، جو ننگرپارڪر جي شهر کان 14 ميل اتر پاسي اندرئين طرف ويراواهه ڳوٺ جي اڀرندي طرف هو. ازنسواءِ  ڏوتڙ يعني ٻه تڙ جو ڳوٺ اڃا تائين قائم آهي، اتي جهازن جي  لنگر  هڻڻ جا هنڌ، وڏيون لوهه جون دنگيون، ۽  ڪلا موجود آهن، جي بند هجڻ جي پڪي ثابتي آهن.

سنڌونديءَ جي هتان وهڻ  جي روايت  پڻ انومان ڏياري ٿي ته ٿر ملڪ ان وقت سنئين  سڌي زمين وانگر هو، مگر زلزلي سبب ئي سنڌو ندي وهڪرو ڦيرائي ويئي، ڳوٺ ۽ شهر غرق ٿي ويا ۽ سوها  ڪوهن تائين زمين  هيٺ مٿي ٿي ويئي ۽ ڀٽون پيدا ٿيون. عربي سمنڊ ان ڪري هتان هٽي سڪي ويو، جنهن ڪري ڪڇ جو رڻ نمودار ٿيو. اها زمين جي اٿل پٿل  ڌرتيءَ ڌٻڻ ڪري يا زمين جي اندرئين معدنيات جي طاقت ڪري جا ظاهر ٿي، تنهن بابت  ڪابه خبر پئجي نه ٿي سگهي ته ڪهڙي زماني ۾ ائين ٿيو. تواريخ جا ورق پن هن باري ۾ خاموش آهن.

ڪن جو چوڻ اهي ته قديم  زماني ۾ ضرور ڪو سخت زلزلو، مصبيت جي صورت ۾ هن ملڪ تي آيو هوندو، جنهن زمين جي اها صورت بنائي آهي، اهڙا زلزلا وقت بوقت ٿيندا رهيا آهن. جن زمين  جي صورت ۾ گهڻو تغيز ۽ تبديل پيدا پئي ڪيو آهي. سنڌ جي هندن جي تاريخ ڀاڱو_1 (ڀيرو مل مهرچند) صفح 3 ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ ملڪ ۾ هڪ زلزلو  راجا ڪيشي ڪمار جي وقت ۾ سندس ظلمن سبب سن 536 ق.م  وقوع پذير ٿيو هو، جنهن ۾ راجا ڪيشي ڪمار جي گاديءَ جو هنڌ ۽ ٻيا ڪيترا شهر  ناس  ٿي ويا هئا. پراچين هندو سڀيتا دوارڪا پرشاد شرما جي صفح 44 تي لکيل آهي ته سن 962 جي زلزلي ڪري سنڌوندي پنهنجو رخ بدلائي ويئي ۽ الور جو شهر ناس ٿي ويو. خود برهمڻ آباد جو  نابود ٿي وڃڻ به ڌرتيءَ جي زلزلي جو نتيجو هو. 1819ع ۾ سنڌ اندر اهڙو ته هولناڪ زلزلو ٿيو هو، جو سنڌ ۾ ڪڇ جي رڻ جي ڪيتري قدر صورت بدلجي ويئي هئي.

سال 1934ع ۾ بهار جو زلزلو ٿيو، جنهن بابت پنڊت جواهر لعل نهرو پنهنجي  ڪتاب ”جواهر جيوتي“ ڀاڱي 6 جي صفحي 182 ۾ چش ديد واقعات بيان ڪندي لکي ٿو ته زلزلي جي اثر هيٺ ڪيترن هنڌن تي وڏا خال ۽ ٻرگهل پئجي ويا  هئا.

واهن ۽ ڪڙين وغيره جون پليون ڊهي پيون هيون ۽ سڄي ايراضي پاڻيءَ جي ڍورن ۽ واريءَ جي ڊٻن وارو برپٽ ٿي پئي هئي، ڄڻ ته ڪنهن راڪاس بهار جي علائقي  کي مٽيءَ جو پنوڙو سمجهي پنهنجي طاقتمند هٿن سان، اٽي وانگر ڳوهي مروٽي سروٽي صورت الحال ئي  ڦيرائي ڇڏيو هو. سال 1935ع جي مئي مهيني ۾ ڪوئيٽا جي زلزلي ڪري به زمين جي حالت بدلجي ويئي هئي. تازو آسام جي زلزلي ۾ به هوبهو بهار جهڙيون حالتون پيدا ٿيون هيون. اهڙيءَ طرح ٿر ۾ به سمجهجي ٿو ته ڪنهن وڏي زلزلي سبب ئي سمنڊ جي پاڻيءَ هٽي وڃڻ ڪري زمين هيٺ مٿي دڙا ۽ ڀٽون ٿي پئي هئي.

ڪپتان اسٽئنلي ريڪس 1847ع ۾ ڪڇ ڀڄ ۾ اسٽيٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو هو. مٺي، ننگرپارڪر ۽ ڏيپلو تعلقا، جي انهيءَ سال برٽش سرڪار جي حفاظت ۾ آيا، تن جو انتظام ڪپتان ريڪس جي حوالي ڪيو ويو. صاحب موصوف سرڪاري رڪارڊ ۽  ملڪي روايتن مان تجس ڪرڻ  بعد ” حالات ٿر ۽ پارڪر بابت هڪ ڪتاب سال 1856ع ۾ لکيو جو 1859ع ۾ بمبئي سرڪار شايع ڪيو هو. اهو پهريون ئي ڪتاب آهي. جو ٿر ۽ پارڪر  جي اڳين خواه پوئين حالات تي ڪجهه روشني  وجهي ٿو. ڪئپٽن ريڪس جي تحقيقات موجب پارڪر ۾ هڪ قديم سلطنت جو پتو پئجي سگهي ٿو، جنهنجو مکيه شهر پاري ننگر هو ۽ جنهن جو بنياد چوڻ ۾ اچي ٿو ته  عيسوي پهرين صديءَ ۾ پيو. اتي جي ماڻهن جو  مذهب جين ڌرم ۽ پاري ننگر  جي آدمشماري 40 هزار هئي ۽ هڪ  وڏو بندرگاهه هو. جنهن کي هاڻي ڪڇ جو رڻ چئجي ٿو، اهو خود عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو. ان وقت سنڌو ندي خود اتان  وهندي هئي ۽ ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي ۽ هاڪڙي جي نالي سان سڏجن ۾ ايندي هئي.

ڪهڙي زماني ۾ اهو زلزلو ٿيو، ان بابت ڪئپٽن ريڪس  يا ٻئي ڪنهن به تاريخ نويس ڪجهه به ڪو نه ڄاڻايو آهي. ڪئپٽن ريڪس، جنهن ٿر جي حالتن جو باريڪ مطالعو ڪيو آهي، سو پنهنجي  ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ٿر جي زمين  جو ڀٽن جي شڪل اختيار ڪرڻ ڌرتي  ڌٻن کان سواءِ ٿي نه ٿو سگهي. هوائن جي لڳڻ سان ائين ٿيڻ ناممڪن آهي. البت هاڻي هوائون ڪن ڪن ڀٽن جي دڙن جي شڪل ۾ مختصر طور ڦير گهير ڪنديون رهن ٿيون.

ٻي ڳالهه جا حامي وري  هن طرح دليل ٿين ٿا ته ٿر جي ڀٽن ۾ قريباً اهي سڀ آثار موجود آهن، جن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هن زمين تي ڪنهن زماني ۾ سمنڊ ضرور لهرون هڻندو هو. واريءِ جو ڳاڙهو رنگ اڄ به هو بهو ساڳيو آهي، جو ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن وٽ جمع ٿيل واريءَ جو آهي. ورنه مٺي درياءُ جي ڇڏڻ  ڪري عموماً سنڌ ۾ نظر اچي ٿي جا واريءَ اها سفيد آهي ۽ نه ڳاڙهي، ٿر ۾، خصوصاً ڏيپلي تعلقي ۾ بيشمار سن يعني لوڻ جون ڍنڍون آهن، جن ۾ مشهور سارڻ جي ڍنڍ آهي، جنهن تي گورنمينٽ جو ضابطو آهي. انهن سنن جو پاڻي  زمين مان ئي پيدا ٿئي ٿو ۽ بلڪل سمنڊ جهڙو کارو آهي ۽ ان جي بوءِ پڻ صاف صاف سمنڊ جي  پاڻيءَ جهڙي آهي، کپري تعلقي جي وارياسي ڀاڱي ۾ پڻ ٻين ننڍين سنن سان گڏ ڍليار جي مشهور ڍنڍ آهي، جنهن تي پڻ سرڪار جو صابطو آهي. اهي سنون گويا سمنڊ  پنهنجون نشانيون ڇڏيون آهن. ازانسواءِ ٿر جي  لال واري، جا چمڪندڙ پٿرين جي ڀور آهي، ۽ ڏسندرن کي اڪثر موتين وانگر معلوم ٿيندي آهي، اها انهن پٿرين جي ڀور جي مثال آهي، جي ڪراچيءَ ۾ منهوڙي تي سمنڊ جي ڪناري وٽ پٿريون پاڻ ۾ ڇولين جي اثر هيٺ گسي گسي ڀور ٿي پونديون آهن. نه فقط ايترو مگر  ڪيترن هنڌن تي ڪڪري، سنک، کانکروٽا ۽ رائو، خواه ڪوڏين ۽ سپن جا ذرات پڻ نظر ايندا آهن، جي سڀ سمنڊ جي هجڻ جو عين بين ثبوت آهن.

تنهن کان سواءِ  اهو پڻ فيصل شده امر آهي ته سمنڊ جي تري ۾ پٿر ٿئي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي ته وڏا ٽڪر به پاڻيءَ جي اندر هوندا آهن. ساڳي نشاني ٿر جي زمين ۾ پڻ  موجود آهي. واريءَ جي پنجن- ڇهن پر هُن جي تهه هيٺيان فقط پٿر ئي نظر ايندو، ڄاڻڻ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن طائرانه نظر ڪبي ته ٿر جون ڀٽون سڀ يعني ايئن نظر اينديون جيئن واري تي هوا لڳڻ ڪري لهرون ٺهي پونديون آهن. چونڪ واريءَ تي جيڪي لهرون  ٺهنديون آهن.، اهي پڻ اهڙيءَ طرح ٺهنديون آهن، جيئن هوا جو رخ هوندو آهي، ساڳيءَ طرح ٿر جون  ڀٽون به ائين ئي ٺهيون آهن، جيئن  هوا جو اثر رهيو آهي، اڄ به هوائون ٿر جي ننڍين ڀٽن جي شڪل ۾ ٿوري ڦيرگهير ڪن پيون. ازنسواءِ ٿر جو کارو پاڻي پڻ ڪافي گواهي ڏئي ٿو ته هتي سمنڊ ضرور هو، ورنه مٺي درياءُ جي ڇڏيل وارياسي زمين مان پاڻي هميشه مٺو ۽ ٿڌو نڪرندو آهي، جهڙيءَ طرح نصرپور جو پاڻي مشهور آهي، جو اتان مٺو درياءُ وهندو هو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org