سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: سير ريگستان

باب: --

صفحو :1

سير ريگستان

محمد اسماعيل عرساڻي

پيش لفظ

 

 الله تعاليٰ هن ڪشاد ڪره ارض جي وسيع سطح تي هن گنبذ نيلوفريءَ جي هيٺان، پنهنجي قدرت ڪامله سان جيڪي عجائب خلقيا آهن، تن مان سندس بي انت حڪمت، صنعت، نزاڪت، جمال ۽ ڪمال بالڪل عيان آهن. عاجز انسان جي هن  ضعيف زبان کي ڪابه طاقت  ناهي، جو ان مالڪ الملڪ جي آپار احسانن جو بيان بتائي سگهي. نه وري هن قاصر کي قدرت  آهي جو ان سٻاجهي ستار جي ڪارنامن کي قلمبند ڪري سگهي. ڪلام  مجيد فرقان حميد ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته؛ قُل لوڪان البحر مدادا لڪلمات ربي لنفد البحر قبل ان تنفد ڪلمار ربي ولو جئنا بمثله مدد.

 هڪ هندي شاعر جو پڻ قول آهي:

 سڀ ڌرتي ڪاغذ ڪرون،  ليکَن ڪرون وڻراه،

 سات سمنڊ سياهي ڪرون، توڀي هري گن لکا نه جاءِ.

انهيءَ ڪر ناقص انسان کي واجب آهي ته ان قادر ذوالجلال جي طاقت اڳيان پنهنجو سَر تسليم خم ڪري ۽ پاڻ کي صرف عبديت لاءِ بهتر ڄاڻي.

هن ربع مسڪون تي ڏسڻ ۾ ايندو ته قسام ازل، زمين کي ڪيترن ئي  مختل قسمن ۾ ورهايو آهي. ڪٿي ڪارو ڪلر آهي، ڪٿي پٿر آهي. ڪٿي رڃ آهي، ڪٿي لعل ته  ڪٿي  چيڪي مٽي آهي، ڪٿي واري آهي ته ڪٿي ٻين قسمن  جي ڌرتي آهي، جنهن کي ڏسي الله تعاليٰ جي وحدانيت جو صحيح رعب انسان جي وجود تي طاري ٿي وڃي ٿو ۽ هو بي اختيار سندس وجود جو قائل ٿي رهڻ تي مجبور ٿئي ٿو.

 هڪ فارسي شاعر جو قول آهي ته:

 برگ سبز درختان در نظر هوشيار،

هر ورقي دفتر يست زمعروفت ڪرد گار.

اڄ زمين جي جنهن حصي جو بيان هتي مقصود آهي اهو آهي اسان جي پياري سنڌ جو پيارو ۽ عجيب ڀاڱو ريگستان،  جو عام طرح ٿر جي نماڻي نالي سان منسوب آهي. عموماً اهي ماڻهو جن ٿر جو ڀاڱو اکين سان نه ڏٺو هوندو، اهي ائين سمجهندا هوندا ته  ٿر هڪڙو بيابان، ڀٽن سان ڀرپور صحرا آهي، جتي گرم موسم ۾ واري تَپي، لُڪون لڳن، سخت جهولا اچن، پيئڻ لاءِ کارو پاڻي، سواريءَ لاءِ فقط اُٺ، ڀِٽون اُتانهيون جن تان لهه چڙهه مصيبت، نانگ بلائون ۽ ڦوڪڻيون اهي جن جي تصور سان ئي بدن ساهه ڇڏيو وڃي، نه ميوو ملي، نه ڀاڄي نصيب ٿئي، نه سوڍائون نه لمليٽ، نه ريسٽورنٽ نه هوٽلون، نه سئنيمائون نه پارڪ ۽ نه ٻيون مهذب دنيا جون مرغوب لذتون، ماڻهو لاعلم، ٻڪرار ۽ ريڍار، غيرمتمدن، غليظ ۽ بيوقوف، گهر ڪکن جا، کاڌو ٻاجهري، لَسي ۽ کاٽيو وغيره، مطلب ته ڏيهان ڏور ملڪان پري،  خدا نه شل ڪري، جو ڪنهن دشمن کي به ٿر جو سفر نصيب  ٿئي.

اهي آهن چنڊ اثرات جن جي بناء تي هن قدرت جي عجيب ملڪ ڏسڻ کان عوام جي دلين ۾  نفرت ۽ خوف سمائجي ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڏيکاريو ويندو ته عيب جو ئي ڪندڙن جي انهن اڻ ڏٺل آزمودن ۾ ڪيتري صداقت آهي، جن فقط مبالغ آميز روايتن تي پنهنجي  اعتراضن جو بنياد ٻڌو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان سونهاري  سنڌ جي هڪ نهايت ئي  اهم ۽ ضروري حصي کان عوام کي متنفر ڪرڻ جي بي نتيجي ڪوشش ڪئي آهي. درحقيقت  اهڙن ماڻهن  سنڌ جي هن عجيب و غريب ڀاڱي جي فقط اُونداهي پهلوءَ تي  نظر ڊوڙائي آهي ۽ روشن حصي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.

وسڪاري جي وقت  ٿر کي سنڌ جو  ڪشمير چئجي ته زيبا آهي. برسات بعد ڪيئن نه گسن تي گاهه ڦٽندا آهن! ڏهر ڀٽون، مڙها مڙهڪيون، دڙا دڪيون، سڀ ساوڪ سان  سٿجي ويندا آهن!  گويا سموري وارياسي زمين قدرتي سائو زمردين وڳو ڍڪي سوڀياوان ڏسڻ ۾ پيئي ايندي آهي، پلر جي پالوٽ سان ٽوڀا ۽ ترايون، ڇاڇر جي ڇُلي ويندا آهن. گاهن تي ٻڪرارن جون رهاڻيون، ڀَٽارين جون رنڀون، هڪواري روح کي راحب بخشيو ڇڏين. وري وڻندڙ هير ته هيڪاري چت چورايو ڇڏي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح  ٿر ملڪ ۾ ڪهڙيون غير معمولي خوبيون ڏٺيون هيون، جن کيس ٿر جي ڪک پن تي موهت ڪري وڌو هو ۽ هن قدرت جي بي نظير شاعر، ٿر کي ڪهڙن سنجيده الفاظن سان زندگي جاويد بخشي ڇڏي آهي، ان جي تصديق حتيالوسعت هيءُ ننڍڙو ڪتاب  ڪندو.

محمد اسماعيل عرساڻي

 

انتساب

 

انتهائي عزت ۽ محبت سان  پنهنجي شفيق به محترم دوست علامه غلام  حسين صاحب جعفري، ايم- اي- پي- ايڇ- ڊي(U.S.A) پرنسيپال ٽريننگ ڪاليج فارمين  حيدرآباد  سنڌ جي نام نامي اسم گرامي تي منسوب ڪريان ٿو. درحقيقت منهنجي هيءَ قلمي خدمت صاحب موصوف جي ئي ارشاد فيض صحبت  جي رهين منت آهي.

- محمد اسماعيل عرساڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org