باب چوٿون
گليور برابڊنگ نئگ ڇڏي وڃي ٿو
مون کي هاڻي
انهيءَ ملڪ ۾ رهئي ٻه ورهيه ٿي ويا هئا. ٽئين
مهيني جي شروعات ۾ بادشاهه ۽ راڻي ملڪ جي ڏکڻ واري
ڪناري ڏي ويا. آءٌ ۽ گلمڊال ڪلچ به سندن خدمت ۾
هئاسون. هميشه جي دستور وانگي مون کي پنهنجي سفر
واري پيتيءَ ۾ کنيائون، جنهن جو بيان مون ڏنو آهي.
اها موچاري ڪشادي ڪوٺي هئي ۽ ٻارنهن فوٽ ويڪري
هئي.
جڏهن پڇاڙيءَ واريءَ منزل تي
پهتاسين، تڏهن بادشاهه جي مرضي ٿي ته فلئنفلئسنڪ
جي ويجهو جا محلات آهي، تنهن ۾ ڪي ڏينهن گذارجن.
اهو شهر سمنڊ کان ارڙهن انگريزي ميلن جي اندر آهي.
آءٌ ۽ گلمڊال ڪلچ ٻيئي ٿڪجي پيا هئاسون. مون کي
ٿورو زڪام به ٿي پيو هو، ۽ هوءَ ويچاري ته اهڙي
بيمار ٿي هئي جو وڃي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ پيئي.
منهنجي دل ٿي ته آءٌ سمنڊ ڏسان، جو ڄاتم ٿي ته
جيڪڏهن مون کي ڇوٽڪارو ملندو، ته اُتان ئي ملندو.
مون ڪوڙ ڪري پاڻ کي زياده بيمار
ڪيو ۽ عرض ڪيم ته مون کي موڪل ملي ته سمنڊ جي تازي
هوا کانوان. هڪڙو ڇوڪرو راڻيءَ جو خدمتگار، جو مون
کي گهڻو وڻندو هو ۽ جنهن جي حوالي ڪڏهن ڪڏهن مون
کي ڪري ڇڏيندا هئا، تنهن جي به ٻانهن گهريم. مون
کي اِها ڳالهه نٿي وسري ته گلمڊال ڪلچ ڏاڍي
ناراضپي سان هائو ڪئي، ۽ انهيءَ ڇوڪر کي منهنجي
پوري سنڀال ڪرڻ لاءِ پارت ڪيائين. ساڳئي وقت ۾ زار
زار رنائين به، ڄڻ ته ڄاڻ پيو هوس ته ڇا ٿيڻو آهي.
ڇوڪر مون کي پيتيءَ سوڌو کڻي سمنڊ
جي ڪناري وارن ٽڪرن ڏي آندو، جي محلات کان اڌ ڪلاڪ
کن جي پنڌ تي هئا. مون چيس ته مون کي هيٺ رکي،
پوءِ هڪڙو پردو کڻي، مون ڏاڍيءَ سڪ سان سمنڊ ڏي
نهاريو. مون پاڻ کي بلڪل چڱو ڀلو نٿي ڄاتو،
تنهنڪري ڇوڪر کي چيم ته ”منهنجي مرضي آهي ته آءٌ
پنهنجي هنڌ ۾ وڃي سمهي پوان. ته من بهتر ٿيان.“ ان
موجب آءٌ اندر لنگهي ويس، ۽ ڇوڪر دري بند ڪري ڇڏي
ته متان مون کي ٿڌ لڳي.
سگهوئي مون کي ننڊ اچي ويئي ۽ آءٌ
ڀانيان ٿو ته ڇوڪر مون کي ستل ڏسي ڄاتو ته ٻيو ڪو
خوف ڪونهي. تنهنڪري ٽڪرن ڏي پکين جي آنن ڳولڻ لاءِ
هليو ويو. انهيءَ کان اڳي به مون پنهنجي دريءَ مان
ڏٺو هوس ته هيڏي هوڏي رلي ڳولي هڪ _ ٻه آنا ٽڪرن
جي ڦاٽن ۾ وڃي لڌا هئائين. پر انهيءَ کي ڇا
ڪبو!..... لوهه جي ڪڙي، جيڪا منهنجي پيتيءَ کي
آسانيءَ سان کڻڻ لاءِ ان جي چوٽيءَ تي ٻڌل هئي،
تنهن کي اوچتو ڏاڍي ڇڪ آئي. ڏٺم ته منهنجي پيتي
هوا ۾ تمام مٿي کڄي ويئي، ۽ پوءِ تمام تِکي اڳتي
هلڻ لڳي.
پهريون لوڏو اهڙو هو، جو آءٌ ذري
گهٽ هنڌ تان اُڇلجي ويو هوس، پر پوءِ اهو البت ڍرو
ٿيو،، مون تمام وڏي آواز سان ڪيترائي ڀيرا سڏ ڪيا،
پر انهن مان ڪي ڪين ٿيو، درين مان نهاريم ته به
آسمان ۽ ڪڪرن کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين ڏٺم.
پنهنجي مٿان کَنڀن جي ڦڙڪڻ جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم، ۽
پوءِ پنهنجي غمگين حالت معلوم ٿيڻ لڳيم. ڪنهن باز
منهنجي پيتيءَ جي ڪڙي پنهنجي چُهنب ۾ کنئي هئي ته
اها ڪنهن ٽڪر تي ڀڃي، جيئن ڪَڇونءَ کي ڪندا آهن،
انهيءَ لاءِ ته منهنجو بُت ڪڍي کائي وڃي. انهيءَ
پکيءَ کي اهڙي باس ايندي آهي ۽ اهڙي اٽڪل اٿس، جو
تمام پري پنڌ کان پنهنجو شڪار سهي ڪري وٺندو آهي.
جيتوڻيڪ اهو مون کان به وڌيڪ لڪل هجي، ۽ آءٌ به ٻه
انچ ٿلهي تختي تي اندر بند هوس.
سگهوئي کنڀڙاٽين جو آواز ۽ ڦڙڪو
زياده ٿيڻ لڳو، ۽ منهنجي پيتي هيٺ مٿي اڇلجڻ لڳي،
جيئن واچ واري ڏينهن ڪاٺيءَ تي لڳل نشان جو تختو
ڪندو آهي. مون کي اهو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو ۽ ائين
پئي ڄاتم ته باز کي ڌڪ به لڳا(مون کي پڪ آهي ته
ائين هوندو، جو باز کي منهنجي پيتيءَ جو ڪڙو چهنب
۾ هو، سو اڏامندي پيتيءَ جا ڌڪ لڳندا هوندس) پوءِ
اوچتو مون پاڻ کي هڪڙي منٽ کان وڌيڪ عرصي تائين
ڪرندو ڏٺو، پر اهڙي تيزيءَ سان جو منهنجو ساهه ئي
گُهٽجي ٿي ويو.
ائين ڪندي پيتيءَ جي پاڻيءَ ۾ ڪرڻ
جو ڦهڪو ٿيو ۽ انهيءَ اهڙو وڏو آواز ڪيو، جو نايا
گرانديءَ جي ڪِرڻ جي ڪڙڪي کان به وڏو هو. تنهن
کانپوءِ، آءٌ منٽ کن تائين ته اونداهيءَ ۾ هوس، ۽
پوءِ وري منهنجي پيتي ايترو ته مٿي چڙهي، جو آءٌ
درين جي چوٽين تان روشنائي ڏسي سگهيس. منهنجي بدن
۽ منهنجي سامان لاءِ ڪشادو لوهه جو پٽو، ڏسي
سگهيس. منهنجي بدن ۽ منهنجي سامان لاءِ ڪشادو لوهه
جو پٽو، جو مضبوطيءَ لاءِ چوٽيءَ ۽ تري ۾ چئن ڪنڊن
تي لڳل هو، تنهن جي بار کان منهنجي پيتي پاڻيءَ ۾
پنج فوٽ هيٺ وڃي، پوءِ ترڻ لڳي.
مو کي تڏهن به اهو خيال آيو ۽
هاڻي به اچي ٿو ته جو باز منهنجي پيتي کڻي اڏاڻو
هو، تنهن کي ٻه _ ٽي ٻيا باز پٺيا پيا هئا، جن جي
ڪري لاچار ٿي هن مون کي ڪيرائي ڇڏيو، ۽ پاڻ پنهنجي
بچاءَ لاءِ هنن کي سامهون ٿيو، جو هنن کي شڪار ۾
حصيدار ٿيڻ جي طمع هئي. جي لوهه جا پٽا پيتيءَ جي
ترن ۾ لڳل هئا، سي تمام مضبوط هئا. انهن جي ڪري
ڪرڻ مهل پيتيءَ جو وزن پورو جهليو آيو ۽ پاڻيءَ جي
مٿان لڳي ڀڄي پوڻ کان پيتي بچي ويئي. انهيءَ جا ست
سنڌا هڪٻئي ۾ چڱا کُتل هئا ۽ دَرُ نِرماد تي نٿي
ڦريو، پر هيٺ_مٿي اچي سگهيو ٿي، تنهن ڪري منهنجي
ڪوٺي اهڙي مضبوط هئي جو تمام ٿورو پاڻي اندر اچي
ٿي سگهيو. آءٌ مشڪلات سان پنهنجي هنڌ مان نڪتس، پر
پهرين ڇت جي تختي کي کسڪائي ڪڍيم، جو هوا جي آڻڻ
لاءِ رکيو ويو هو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو هو، نه ته
جيڪر آءٌ گُهٽجي مري وڃان ها.
انهيءَ مهل ڪيترو نه، ٿي گهريم ته
پنهنجي پياري گلمڊال ڪلچ سان گڏ هجان! جنهن کان
ڌار ٿي ڪلاڪ مس گذريو هوم. انهيءَ حالت ۾ آءٌ چار
ڪلاڪ برابر پيو هوس. اها اُميد ۽ خواهش پئي رکيم،
ته اجهو ٿو دم ڏيان. اهڙيءَ غمگينيءَ ۽
نااُميديءَ ۾ پيتيءَ جي هن پاسي هڪڙي قسم جي گسڻ
جهڙو آواز مون کي ٻڌڻ ۾ آيو، جتي پيتيءَ جي کڻڻ
لاءِ ڪنڊا لڳل هئا. تنهن کان پوءِ سگهوئي مون ڄاتو
ته پيتي سمنڊ ڏي ڇڪجيو پئي وڃي. رکي رکي هڪڙي قسم
جي ڇڪتاڻ مون کي معلوم پئي ٿي، جنهن ڪري لهريون
چڙهي منهنجي درين جي چوٽين تائين ٿي آيون ۽ آءُ
اونداهيءَ ۾ رهجيو ٿي ويس. انهيءَ ڪري ٿوري
ڇوٽڪاري جي اميد منهنجي دل ۾ پيدا ٿي، اگرچ خيال ۾
نٿي آيم ته ڪيئن اها صورت وٺي سگهندي.
مون همت جهلي پنهنجي هڪڙيءَ
ڪرسيءَ جو اسڪرو يا پيچ کوليو، جو هيٺ تر واري
تختي سان لڳل هو. پوءِ جيڪو کسڪندڙ تختو مون تازو
کوليو هو، تنهن جي هيٺيان وري اهو اسڪرو ڏيئي ڀيڙي
ڇڏيم. پوءِ ٽپ ڏيئي، انهيءَ ڪرسي تي چڙهيس ۽ ٽنگ
کي ويجهو وات رکي وڏي آواز سان مدد جي لاءِ رڙيون
ڪرڻ لڳس. جيڪي ٻوليون اينديون هيم، تن سڀني ۾
دانهون ڪيم پوءِ جيڪو لَڪڻ آءٌ ساڻ کڻندو هوس تنهن
جي چهنب ۾ رومال ٻڌي ٽنگ مان ڪڍي، گهڻا ڀيرا هوا ۾
لوڏڻ لڳس. انهيءَ لاءِ ته جي ڪا ٻيڙي يا ڪو جهاز
ويجهو هجي، ته خلاصي ڄاڻن ته ڪو ڪمبخت انسان هن
پيتيءَ ۾ پوريو پيو آهي.
جيڪي ڪري سگهيس، تنهن مان ڪوبه
نتيجو نه نڪتو، پر ايترو صفا معلوم پئي ٿيم ته
منهنجي ڪوٺي پاڻيءَ جي مٿان هلندي هلي. ڪلاڪ کن جي
اندر پيتيءَ جو ٻيو پاسو، جنهن ۾ ڪنڍا پيل هئا ۽
دريون ڪين هيون، سو ڪنهن سخت شيءِ تي وڃي لڳو. مون
کي ڊپ ٿيو ته اهو ٽڪر آهي، ڇالاءِ جو آءٌ ڏاڍو
ڇاڇولجي ويس. ڪوٺيءَ جي ڍڪ تي ٿُلهي رسي لڳڻ جهڙو
آواز چٽيءَ طرح ٻڌم، ۽ ڪڙيءَ مان لنگهڻ ۽ گسڻ جو
آواز به ڪن تي پيم، پوءِ ڏٺم ته ٿوري کان ٿورو ٽي
فوٽ مٿي درجي بدر جي کڄي ويس.
تنهن تي وري به مون پنهنجو لڪڻ ۽
رومال ٻاهر ڪڍيو، ۽ مدد جي لاءِ ايتريون رڙيون
ڪيم، جو آواز ئي ويهي ويم. جواب ۾ ٽي ڀيرا وڏي رڙ
ٻڌيم، جنهن منهنجي دل ۾ اهڙي خوشي پيدا ڪئي، جنهن
جي فقط انهن کي خبر هوندي، جن کي اُها ٿيندي
هوندي. پوءِ پنهنجي مٿان ڌٻڪو ٻُڌم، ۽ ڪنهن ماڻهو
ٽُنگ مان انگريزيءَ ٻولي ۾ وڏي سڏ چيو ته ”جيڪڏهن
ڪو ماڻهو هيٺ آهي، ته ڳالهائي.“ مون ورندي ڏني ته
”آءٌ پاڻ انگريز آهيان، جو ڪمبختيءَ جي ڪري هڪڙيءَ
سخت مصيبت ۾ ڦاسي ويو آهيان. ڀلائي ڪري مون کي هن
بند مان ڪڍو.“
انهيءَ ماڻهوءَ جواب ۾ چيو ته
”هاڻ تون سلامت آهين، جو تنهنجي پيتي جهاز سان
قابو ٻڌل آهي. واڍو انهيءَ دم ٿو اچي، ۽ انهيءَ
ٽُنگ مان توکي ڇڪي ٿو ڪڍي. جو اهو وڏو ٽُنگ آهي“
مون چيو ته ”ائين نه ڪريو، انهيءَ ۾ گهڻو وقت
لڳندو. رڳو هڪڙو خلاصي پنهنجي آڱر ڪڙي ۾ وجهي پيتي
سمنڊ مان ڪڍي جهاز تي آڻي ۽ پوءِ ڪپتان جي ڪوٺيءَ
۾ ئي.“ انهن مان ڪن مون کي اهڙيءَ طرح بڪ ڪندو ٻڌي
ڄاتو ته آءٌ چريو آهيان. ٻين پئي مون تي کليو.
ڪنهن طرح سان مون کي اها ڳالهه خيال ۾ ئي نه پئي
آئي ته آءٌ هاڻي پنهنجي قد ۽ طاقت وارن ماڻهن ۾
آهيان. نيٺ واڍو آيو ۽ ٿورن ئي منٽن ۾ ڪارائيءَ
سان چئن فوٽن چورس جيڏي دري ڪيائين، ۽ پوءِ هڪڙي
ننڍي ڏاڪڻ اندر لنگهائي وڌائون، جنهن تي آءٌ چڙهي
آيس. مٿان وري هنن مون کي جهاز ۾ آندو، پر آءٌ
ڏاڍي ضعيف حال ۾ هوس.
خلاصي سڀ حيران ٿي ويا ۽ هزارين
سوال مون کان پڇڻ لڳا، جن جو مون جواب ڏيڻ نٿي
گهريو، پر ڪپتان مسٽر ٽامس ولڪسن، جو سچو ۽ لائق
هو، ۽ شراب شائر جو رهاڪو هو، تنهن سهي ڪيو ته آءٌ
بيهوش ٿيڻ تي آهيان. تنهن ڪري هو هڪدم مون کي
پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويو ۽ اتي مون کي دل جي قوت
جو عرق پياريائين ۽ مون کي صلاح ڏنائين ته ”ٿوري
ننڊ ڪر، جو انهيءَ جي توکي گهڻي گهرج آهي“.
جڏهن وري جاڳيس، تڏهن پاڻ کي بهتر
حالت ۾ ڏٺم. انهيءَ مهل رات جا اَٺ لڳا هئا ۽
ڪپتان ماني آڻڻ جو هڪدم حڪم ڏنو، جو ڄاتائين ته
مون گهڻي وقت تائين نه کاڌو هوندو. هن مون سان
ڏاڍيون مهربانيون ڪيون ۽ چيائين ته ”حيران نه
ٿيءُ ۽ اجائي سجائي ڳالهه نه ڪر،“ جڏهن
اڪيلاٿياسين، تڏهن هن مون کي چيو ته ”هاڻ سفر جو
بيان ڪري ٻڌاءِ ۽ خبر ڏي ته ڪهـڙيءَ طرح هيڏي ساري
پيتيءَ ۾ بند ٿئيم؟“
مون چيس ته ”آءٌ پنهنجو سارو قصو
اوهان کي ٻڌايان ٿو، سو تحمل سان ويهي ٻڌو،“ پوءِ
انگلينڊ مان نڪرڻ جي وقت کان وٺي هن جي پريندي مون
کي لهڻ وقت تائين جيڪو احوال هو، سو مون هن کي ڪري
ٻڌايو. سچ هميشه سمجهه وارن ماڻهن جي دلين ۾
جائنشين ٿئي ٿو، تنهنڪري ايماندار ۽ لائق شخص، جو
موچاري علم ۽ تميز وارو هو، تنهن کي هڪدم منهنجي
ڳالهه تي ويساهه اچي ويو.
انهيءَ کان پوءِ جيڪو سمنڊ جو سفر
ڪيوسين، سو تمام سڻائو هو. انهيءَ جي مفصل بيان
ڏيڻ سان آءٌ پڙهندڙن کي هلاڪ نه ڪندس. جڏهن ڊائونس
۾ پهتاسين، تڏهن آءٌ جهاز مان موڪلائي هليو ويس.
اها سن 1706ع جي جون مهيني جي ٽي تاريخ هئي.
انهيءَ سفر ۾ منهنجي ڇوٽڪاري کان پوءِ اٽڪل نَوَ
مهينا لڳي ويا هئا. مون ڪپتان کي چيو ته ”ڀاڙي ڏيڻ
تائين آءٌ پنهنجو سامان ضمانت ۾ ڇڏڻ گهران ٿو،“
پوءِ ڪپتان چيو ”آءٌ ڪي به ڪين وٺندس.“ پوءِ
ڏاڍيءَ محبت سان هڪٻئي کان موڪلايوسين، ۽ منهنجي
چوڻ تي هن انجام ڪيو ته هو ريڊرف ۾ مون کي پنهنجي
گهر اچي ڏسندو. مون پنج شلنگ ڏيئي. هڪڙو گهوڙو ۽
هڪڙو سونهو ڀاڙي ڪيو. اهي پنج شلنگ مون ڪپتان کان
اُڌارا ورتا.
رستي تي هلندي گهر، وڻ، ڍور ۽
ماڻهو مون کي اهڙا ننڍڙا پئي ڏسڻ ۾ آيا، جو مون
ڀانيو ته آءٌ اڃا لِليپٽ ۾ آهيان، جيڪو واٽهڙو ٿي
گڏيم، تنهن جي نسبت ۾ اهو ڊپ ٿي ٿيم ته چِپي يا
لتاڙي نه وجهانس، ۽ پري کان هڪل ڏئي پاسي ٿيڻ لاءِ
ٿي چيومان ته متان تڪڙ ڪري هڪ _ٻن جو مٿو ڀڇي
وجهان.
جڏهن آءٌ پنهنجي گهر آيس _ جو
پڇائون ڪري ڪري مس لڌم، ۽ منهنجي هڪڙي نوڪر اچي در
پَٽيو، تڏهن آءٌ ڪنڌ جهڪائي اندر لنگهيس ته متان
منهنجو سَر در کي لڳي. منهنجي زال مون کي ڀاڪر
وجهڻ لاءِ ڊوڙي آئي، پر آءٌ هن جي گوڏن کان به هيٺ
جهڪي بيٺس، انهيءَ خيال کان متان هوءَ منهنجي وات
تائين پهچي نه سگهي. ڌيءُ دعا گهرڻ لاءِ منهنجي
اڳيان گوڏا کوڙي اچي بيٺي، پر جيسين هوءَ وري اُٿي
بيٺي، تيسين آءٌ هن کي ڏسي نه سگهيس، ڇالاءِ جو
هيستائين آءٌ پنهنجو مٿو ۽ اکيون ست فوٽن کان به
مٿي ڪري بيهڻ تي هِري ويو هوس. پوءِ آءٌ هڪڙو هٿ
هن جي چيلهه ۾ وجهي، مٿي ڪرڻ لاءِ ويس. جيڪي نوڪر
۽ هڪ _ ٻه دوست، جي گهر ۾ هئا، تن تي آءُ حقارت
سان نظر ڪرڻ لڳس، ڄڻ ته هو گُڏي جيڏا ماڻهو هئا ۽
آءٌ ڪو ديوتا يا راڪاس هوس. مون پنهنجي زال کي چيو
ته تُو ڏاڍي صرفي سان پئي گذاريو آهي، ڇالاءِ جو
تو پاڻ کي به ۽ پنهنجي ڌيءُ کي به ناحق بُک ماريو
آهي.“ مطلب ته آءٌ اهڙي بي سبب هلت ڪرڻ لڳس، جو
هنن سڀني جو ساڳيو اهڙو خيال هو جهڙو. ڪپتان جو
هو، جڏهن هن پهرين مون کي ڏٺو هو ۽ سمجهيائين ته
آءٌ ديوانو آهيان.
ٿوري وقت ۾ آءٌ منهنجي گهر جا
ڀاتي ۽ دوست سڀ هڪٻئي سٺي کي طرح سمجهي وياسين، پر
منهنجي زال مون کي سخت تاڪيد ڪيو ته ”وري ڪڏهن به
سمنڊ جي سفر تي متان وڃين“ پر منهنجي قسمت ٻيءَ
طرح جي هئي ۽ تنهن کي هوءَ روڪي نه سگهي، جيئن
پاڻيهي پڙهندڙن کي هن کان پوءِ معلوم ٿيندو.
انهيءَ وچ ۾ آءٌ پنهنجي نڀاڳي سفر جو ٻيو ڀاڱو
پورو ڪريان ٿو.
|