سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: گليور جو سير ۽ سفر

باب: 4

صفحو : 6

باب چوٿون

لِليپٽ جو وڏو شهر يا گاديءَ جو هنڌ

آزاد ٿيڻ کانپوءِ جيڪو پهرين عرض مون ڪيو، سو اهو هو ته مون کي موڪل ملي ته آءٌ گاديءَ جو هنڌ ۽ قلعو (ملڊينڊو) ڏسان. شهنشاهه آسانيءَ سان مون کي موڪل ڏني، پر اهو خاص تاڪيد ڪيائين ته ”ماڻهن کي يا گهرن کي ڪوبه نقصان نه پهچائجئين.“ ماڻهن کي خبر پيئي ته مون کي شهر ڏسڻ جو ارادو آهي. قلعي جي چوڌاري جيڪا ڀت وڃي ٿي، سا اڍائي فوٽ اوچي آهي ۽ تمام  ٿوري ته به يارهن انچ ويڪري آهي، جنهن ڪري گاڏي گهوڙن سميت انهيءَ جي چوڌاري سلامتيءَ سان ڪاهي ٿي سگهجي. ڏهن ڏهن فوٽن تي پاسن کان انهيءَ ڀت تي هڪڙو ٺلهه بيٺل آهي.

                آءٌ انهيءَ جي الهندي واري وڏي دروازي جي مٿان ٻرانگهه ڀري لنگهي ويس، ۽ تمام آهستي پاسيرو ٿي فقط صدريءَ ۾ ٻن مک گهٽين مان لنگهي ويس. وڏو ڪوٽ لاهي ڇڏيم. انهيءَ ڊپ کان ته متان انهيءَ جي دامن سان گهرن جي ڇتين ۽ ڇڄهرين کي نقصان رسي، آءٌ ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان هليس ته متان جيڪي ماڻهو گهٽين ۾ گهمندا هجن، تن کي لتاڙي وجهان، جيتوڻيڪ اهڙو سخت حڪم جاري ٿيل هو ته سڀ ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ هئڻ گهرجن نه ته سندن نقصان جو ڪوبه جوابدار ڪونه ٿيندو. گهرن جي درين ۽ ڇتين تي تماشه بينن جو ايترو گوڙ هو، جو مون ڄاتو ته مسافرين ڪندي مون اهڙو آباد شهر ڪونه ڏٺو هو.

                اهو شهر پورو چورس آهي، جنهن جو هر هڪ پاسو پنج سئو فوٽ ڊگهو آهي، ٻه وڏيون گهٽيون جي انهيءَ ۾ آرپار وڃن ٿيون ۽ شهر کي پورن چئن ڀاڱن ۾ ورهائين ٿيون، سي پنج فوٽ ويڪريون آهن. ننڍيون گهٽيون يا ڪوچا جن ۾ آءٌ گهڙي نه سگهيس مگر جن کي رڳو لنگهندي ڏٺم، سي ٻارهن کان ارڙهن انچن تائين ڪشادا آهن. شهر ۾ پنج لک ماڻهو رهي سگهن ٿا. گهرن تي ٽن کان وٺي پنجن تائين ماڙيون آهن، دڪانن بازارين ۾ جهجهو مال رکيل آهي.

                شهنشاهه جو محلات شهر جي پوري وچ ۾ آهي، جتي ٻئي وڏيون سڙڪون اچي ٿيون گڏجن، انهيءَ جي چوڌاري ٻه فوٽ اتانهين ڀت آهي، جا محلات جي عمارت کان ويهه فوٽ پري آهي. مون کي شهنشاهه جي اجازت هئي ته اها ڀت اورانگهي وڃان، مگر ائين ڪرڻ سان ضرور ٿلهن کي وڏو نقصان پهچي ها، جيتوڻيڪ ڀتيون پڪن پهڻن جون مضبوط جڙيل هيون ۽ چار انچ ٿلهيون هيون. ساڳئي وقت ۾ شهنشاهه جي اها ڏاڍي مرضي به هئي ته آءٌ سندس محلات جو تجمل ڏسان. پر ائين فقط آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪري سگهيس. اهو سڀ وقت مون پنهنجي چاڪونءَ سان شاهي باغ جي تمام وڏن درختن وڍڻ ۾ لڳايو، جو باغ شهر کان اٽڪل هڪ سوء يارڊ پري هو.

                انهن وڻن مان مون وڏا اسٽول يا سپا ٺاهيا، هر هڪ اٽڪل ٽي فوٽ وڏو هو ۽ اهڙو مضبوط هو، جو منهنجو بار کڻي سگهي. ماڻهن کي وري ٻيو ڀيرو اطلاع ملڻ کانپوءِ آءٌ وري به شهر مان لنگهي، پنهنجا ٻئي اسٽول هٿن ۾ کڻي محلات ڏي ويس. جڏهن ٻاهرئين دالان جي پاسي وٽ آيس، تڏهن مون هڪڙي اسٽول تي بيهي ٻيو پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ڇت جي مٿان لنگهائي، پهرئين ۽ ٻئي دالان جي وچ ۾ جيڪا اَٺ فوٽ ويڪري وٿي  هئي، تنهن ۾ رکيم. پوءِ هڪڙي اسٽول تان لانگ ورائي ٻئي تي پير رکيم ۽ پهريون اسٽول ڪُنڍي واري لڪڻ سان پنهنجي پٺيان کڻي ورتم.

                انهيءَ طرح  آءٌ اندرئين دالان ۾ گهڙيس، پوءِ پاسي ڀر ليٽي پنهنجو منهن وچ وارين ماڙين جي درين وٽ جهليم، جي منهنجي لاءِ کولي ڇڏيون هئائون. اندران جايون اهڙيون سهڻيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر. اتي مون راڻي ۽ ننڍا شهزادا ڏٺا، جي پنهنجن پنهنجن جاين ۾ ويٺا هئا ۽ سندن مک خدمتگار سندن آسپاس حاضر هئا. راڻي صاحبه مون کي ڏسي مهربانيءَ جي نظر سان مرڪڻ لڳي ۽ دريءَ مان پنهنجو هٿ ڪڍي مون کي ڏٺائين، جو مون چميو.

                آزاد ٿيڻ کان اٽڪل ٻه هفتا پوءِ هڪڙي ڏينهن صبح جو خانگي ڪمن وارو سيڪريٽري فقط هڪڙو نوڪر ساڻ ڪري منهنجي گهر آيو. هن پنهنجي گاڏي پري بيهاري خواهش ڏيکاري ته آءٌ ساڻس ڪلاڪ کن خلاصي صحبت ڪريان. هو چڱو ۽ لائق ماڻهو ۽ درٻار  ۾ مون کي گهڻي ڪم آيو هو، تنهنڪري مون اها ڳالهه هڪدم قبول ڪئي. مون کيس چيو ته آءٌ ليٽي پوان ته هو منهنجي ڪن تائين پهچي سگهي. پر هن جي مرضي هئي ته آءٌ هن کي هٿ ۾ کڻي جهليان ته اُتي مون سان گفتگو ڪري.

                هن پهرين مون کي پنهنجي ڇوٽڪاري جي مبارڪ ڏني، ۽ چيائين ته ”اُنهيءَ ۾ منهنجو به هٿ هو، پر جي درٻار جي هاڻوڪي  حالت نه هجي ها، ته جيڪر توکي اهڙو جلد ڇوٽڪارو نه ملي ها. ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ ٻاهرين ماڻهن  کي اسان جي حالت تمام چڱي ڏسڻ ۾ ٿي اچي، ته به اسان ۾ به وڏيون خرابيون آهن. هڪڙي هيءَ ته ملڪ جي اندر دوطرفي، ناسازي ۽ مخالفت رهي ٿي، ۽ ٻي هيءَ ته ٻاهرئين ملڪ جي هڪڙي زور ڀرئي دشمن جي ڪاهه جو ڊپ ٿو رهي، پهرينءَ خرابي بابت توکي خبر هجي ته گذريل ستر کن مهينن کان هن بادشاهت ۾ ٻن مخالف ڌرين جي وچ ۾ جهيڙو هلندڙ آهي، جن کي ”وڏيون کُڙيون“ ۽ ”ننڍيون کڙيون“ ٿا سڏين.

                چوڻ ۾ اچي ٿو ته وڏين کُڙين وارا اسان جي قديم قاعدن جي فائدي ۾ آهن. پر انهيءَ هوندي به شهنشاهه رڳو ننڍين کُڙين جي وسيلي ڪم هلائڻ جو پڪو ٺهراءُ ڪيو آهي. توکي معلوم ٿيو ته هوندو، ته سڀ عهدا هو انهن طرف وارن کي ٿو ڏئي. جن جون کُڙيون ٻين دربار وارن کان  تمام ٿورو ته به هڪ دُرو ننڍيون آهن، ۽ دُرا انچ جي چوڏهين پتيءَ جي ماپ آهي. انهن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ ايتري مخالفت آهي، جو هو هڪٻئي جو نڪي کائين پيئن، نڪي هڪٻئي سان ڳالهائين. وڏين کُڙين وارا تعداد ۾ اسان کان گهڻا آهن. مگر حڪومت سازي اسان جي هٿ ۾ آهي.

                ”اسان کي اهو ڊپ آهي ته وليعهد صاحب جو لاڙو وڏن کُڙين وارن ڏي آهي. ڏسجي پيو ته هن جي جُتيءَ جي هڪڙي کُڙي ٻئي کان ٿورو مٿي آهي، جنهن ڪري هلندي هو منڊڪائي ٿو. هاڻي هنن اندروني جهيڙن جهڳڙن هوندي اسان کي پاسي واري ٻيٽ بليفسڪو جي بادشاهه جي ڪاهه جو ڊپ آهي. اها به دنيا جي ٻي وڏي بادشاهت آهي ۽ اهڙي وڏي زور ڀري آهي، جهڙي هيءَ.“

                ”تون چوندو آهين ته دنيا ۾ ٻيون به بادشاهتون ۽ رياستون آهن، جن ۾ تو جيڏا وڏي قد جا ماڻهو رهندا آهن، سا ڳالهه اسان جن ڏاهن کي اعتبار ۾ نٿي اچي. هو ويساهه ڪن ٿا ته تون چنڊ مان يا ڪنهن ٻئي تاري مان هيٺ ڪري پيو آهين. يقين آهي ته تو جيڏا هڪ سئو ماڻهو ٿوري ئي وقت ۾ ساريءَ بادشاهت جا ميوا ۽ ڍور کائي چٽ ڪري ڇڏيندا ۽ اسان جا تاريخ نويس، ڇهن هزارن مهينن جا به، انهن ٻن بادشاهتن، لِليپٽ ۽ بليفسڪو، کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن جو ذڪر نٿا ڪن.“

                ”هاڻي ٻُڌ، هي ٻه وڏيون بادشاهتون گذريل ڇٽيهن مهينن کان سخت جنگيون ڪنديون آيون آهن، اُها جنگ هيٺين سببن ڪري شروع ٿي، سڀ قبول ڪن ٿا ته کائڻ کان اڳي، آنن ڀڃڻ جو پهريون رستو آهي اُنهن جي موڪري ڇيڙي تي زور ڏيڻ، پر اسان جي شهنشاهه جو ڏاڏو اڃان ٻار هو، تڏهن آني کائڻ مهل اڳوڻي دستور موجب جو آنو ڀڳائين، ته اتفاق سان پنهنجي هڪ آڱر وڍي وڌائين. تنهن تي شهنشاهه جي ڏاڏي هڪ قاعدو جاري ڪيو ته سڀ رعيتي ماڻهو آنن جا ننڍا پاسا ڀڃن، نه ته سخت سزا ملندين.“

                ” ماڻهن کي انهيءَ قاعدي جي نسبت ۾ اهڙو سخت اعتراض هو، جو اسان جا تاريخ نويس چون ٿا ته انهيءَ ڪري ڇهه فساد برپا ٿيا، انهن مان هڪڙي ۾ شهنشاهه مارجي ويو ۽ ٻيو تخت تان لاٿو ويو. اهي اندروني جنگيون بليفسڪو جي بادشاهن جي چوڻ تي ٿينديون هيون، جڏهن اهي بند ڪيون ويون، تڏهن ڏوهاري هميشه انهيءَ ملڪ ڏي ڀڄي ويندا هئا. حساب ڪيو ويو آهي، ته يارهن هزارن ماڻهن آنا ننڍي پاسي کان نه ڀڳا، پر موت قبول ڪيائون. “

                ”هاڻي وڏي پاسي کان ڀڃڻ وارن ڀڳلن ماڻهن بليفسڪو جي درٻار ۾ ايترو مان لڌو آهي ۽ انهن کي هن ملڪ جي خانگي طرفدارن کان ايتري مخفي مدد ملي آهي، جو گذريل ڇٽيهه مهينن ۾ ٻنهي بادشاهتن جي وچ ۾ سخت لڙايون پئي ٿيون آهن، جن ۾ ڪڏهن هڪڙي فتحياب پئي ٿي آهي، نه ڪڏهن ٻي، انهيءَ وچ ۾ اسان جا چاليهه وڏا جهاز ناس ٿي ويا آهن. ننڍن جهازن جو ته ڳاڻيٽو ئي ڪونهي، تنهن کان سواءِ ٽيهه هزار چونڊيل سپاهي ۽ خلاصي مارجي ويا آهن. دشمن کي ته اسان کان وڌيڪ نقصان پهتو آهي. انهيءَ هوندي به هاڻ هنن بيمشمار جهاز تيار ڪيا آهن ۽ اسان تي ڪاهه ڪرڻ وارا آهن. اسان جي شهنشاهه جو منهنجي همت ۽ طاقت ۾ گهڻو ڀروسو آهي. هن مون کي حڪم ڏنو آهي ته هي سڀ احوال توکي ٻڌايان.“

                 مون سيڪريٽري  کي چيو ته ”شهنشاهه کي منهنجون بندگيون ڏجو ۽ چئجو ته آءٌ پرديسي ماڻهو آهيان، تنهن ڪري آءٌ ڀانيان ٿو ته مون کي مناسب ناهي ته ٻين جي وچ ۾ دست اندازي ڪريان، پر آءٌ شهنشاهه ۽ سندس ملڪ بچائڻ لاءِ سڀني ڪاهه ڪندڙن سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، پوءِ جي انهيءَ ۾ منهنجو ساهه ويو، ته حرڪت ڪانهي.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org