سيڪشن؛  سفرناما

ڪتاب: گليور جو سير ۽ سفر

باب: 2

صفحو : 4

باب ٻيو

گليور ڪيئن آشنائي پيدا ڪري ٿو

جڏهن آءٌ پيرن ڀر ٿيس، تڏهن پنهنجي آسپاس نهارڻ لڳس، ۽ آءٌ مڃان ٿو ته اهڙو خوبصورت نظارو مون اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. چوڌاري ملڪ هڪڙي وڏي باغ وانگي ڏسڻ ۾ پئي آيو ۽ حد پيل ٻنيون، جي گهڻو ڪري چاليهه فوٽ چورس هيون، سي ڄڻ ته باغ چمن هئا، انهن ٻنين ۾ ٻيلا هئا، جن ۾ تمام وڏا وڻ، منهنجي نظر ۾، ست فٽ ڊگها هئا، کٻي پاسي کان مون کي شهر ڏسڻ ۾ پئي آيو، جو اهڙو پئي ڏٺو جهڙو ناٽڪ جي پردن تي نقاش چٽي ڇڏيندا آهن.

                تنهن کانپوءِ شهنشاهه ٺُل تان لٿو، ۽ گهوڙي تي چڙهي مون وٽ آيو، انهيءَ ڪري ذري گهٽ هن کي جوکو رسيو هو، ڇا لاءِ جو سندس گهوڙو گهڻو ئي تعليم ڏنل هو، ته به اهڙي ڏيک تي هريل نه هو، جو ڄڻ ته هڪڙو جبل سندس اڳيان پئي چُريو، تنهنڪري هن نرا کنيا ۽ پوين ٽنگن تي بيٺو. پر شهنشاهه جو ڏاڍو چابڪ سوار آهي، تنهن زين نه ڇڏي، جيسين سندس نوڪر ڊوڙي نه آيا، ۽ اچي لغام کان نه ورتائون، پوءِ شهنشاهه وجهه وٺي لهي پيو.

                جڏهن هو گهوڙي تان لٿو، تڏهن مون کي چوڌاري ڦري، ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، پر هو منهنجن زنجيرن جي ڊيگهه جيتري پنڌ کان پرڀرو پئي بيٺو. هن پنهنجن بورچين کي حڪم ڏنو ته مون کي کاڌو پيتو ڏين. اهو هنن هڪڙيءَ ڦيٿن واريءَ ميز جهڙيءَ ڪُل تي رکي ڌڪي مون ڏي ڪيو، جتي آءٌ انهيءَ کي پهچي کڻي ٿي سگهيس. ستت ئي اهو کڻي مون خالي ڪري ڇڏيو. اهڙيون ويهه ڪلون هنن کاڌي سان ڀريون، ۽ ڏهه پاڻيءَ سان، کاڌي جي هر هڪ ميز يا ڪَل مان مون ٻه يا ٽي گرنهه ڪيا، ۽ پاڻيءَجا ڏهه ئي ٿانءَ هڪڙي وڏي ٿانءَ ۾ وجهي اهو هڪ ساهيءَ ۾ پي ويس.

                راڻي ۽ ننڍا شاهزادا ۽ شهزاديون ٿوري پنڌ تي ڪرسين تي چڙهي ويٺا هئا، ۽ گهڻيون ئي ٻيون شريف زالون سندن خدمت ۾ حاضر هيون، پرجڏهن شهنشاهه جي گهوڙي جو مٿيون اتفاق ٿيو، تڏهن هو لهي شهنشاهه وٽ آيون، جنهن جو هاڻي آءٌ بيان ڏيان ٿو.

                هو پنهنجن سڀني درٻارين ۽ اميرن کان منهنجي ننهن جيترو قد ۾ ڊگهو هو. فقط ايتري ئي ڪري، ڏسڻ وارن کي خوف ۽ عجب لڳندو هو، مهانڊي ۾ هو مضبوط ۽ مردانو هو، سنها چپ هئس، ۽ ڏنگو ڪُنڍيدار نڪ هئس. بت ۽ عضوا وضعدار هئس، ۽ سندس چرڻ پرڻ جا رستا سڀ سهڻا ۽ وڻندڙ هئا. عمر ۾ جواني کائي موٽيو هو، ۽ اُنهيءَ وقت پوڻا اوڻٽيهه ورهيه ڄمار هيس. هن اٽڪل ست ورهيه ڏاڍي سک سان راڄ ڪيو هو، ۽ اڪثر فتح حاصل پئي ٿيس.

                هن کي چڱي طرح ڏسڻ لاءِ آءٌ پاسي ڀر ليٽي پيس اهڙيءَ طرح، جو منهنجو منهن هن جي سامهون هو. هو مون کان ٽي يارڊ پري بيٺل هو. پر انهيءَ کانپوءِ هو ڪيترائي دفعا منهنجن هٿن ۾ آيو آهي، تنهنڪري هن جو جيڪو بيان مون ڏنو آهي، سو بلڪل پورو آهي.

                هن جي پوشاڪ سادي سودي هئي، مٿي تي هلڪو سون جو ڇٽ هوس، جنهن تي جواهر جڙيل هئا، ۽ اڳيان پيشانيءَ جي مٿان طرو هوس. هن پنهنجي بچاءَ لاءِ ترار ڪڍي هٿ ۾ ڪئي هئي، ته متان آءٌ ڇُڙي پوان. اُها ترار اٽڪل ٽي انچ ڊگهي هئي. اُنهيءَ جو هٿيو ۽ کپ ٻئي سون جا هئا، ۽ اُنهن تي هيرا لڳل هئا. سندس آواز سنهڙو پر صاف هو، ۽ آءٌ بيٺي چٽو ٻڌي سگهندو هوس.

                درٻارين ۽ زالن کي ڏاڍيون عمديون ۽ سهڻيون پوشاڪون پيل هيون، جنهن ٽڪريءَ تي اهي سڀ ماڻهو بيٺل هئا، سا اهڙي ڏسڻ ۾ پئي آئي جو ڄڻ زمين تي هڪڙو ڪپڙو وڇايو پيو آهي، جنهن تي سون ۽ رپي جون مورتون ڀريل آهن.

                شهنشاهه گهڻائي ڀيرا مون سان ڳالهايو، ۽ مون هن کي ورندا جواب ڏنا، پر اسان هڪٻئي جو هڪڙو اکر به نه سمجهيو، شهنشاهه جي حاضريءَ ۾ گهڻائي پادري ۽ قاعديدان وڪيل بيٺل هئا. سندن پوشاڪ مان ائين معلوم ٿي سگهيو ٿي، جيڪي ٻوليون مون کي ٿوريون يا گهڻيون اينديون هيون تن سڀني ۾ مون هنن سان ڳالهايو، مثلن انگريزي، ڊچ، لئٽن، فرينچ، اسپئنش ۽ اٽالين، پر ڪابه هن کي سمجهه ۾ نه آئي.

                اٽڪل ٻن ڪلاڪن کانپوءِ شهنشاهه پنهنجن درٻارين سميت اُٿي ويو، ۽ مون کي گهڻن پهري وارن جي حوالي ڇڏيو ويو ته متان خلق مون کي تمام ويجهي اچي ۽ سوڙهي پوي. پر جيئن آءٌ پنهنجي گهر جي در وٽ زمين تي ويٺو هوس. تيئن گوڙ منجهان ڪن مون کي تير به هنيا، هڪڙو تير ته ذري گهٽ منهنجي کٻي اُک ۾ لڳو هو. پهري وارن سپاهين جي ڪرنل انهن مان ڇهن مک فسادين کي پڪڙايو، ۽ ڀانيائين ته انهن کي منهنجي حوالي ڪرڻ سان هنن کي جوڳي سزا ملندي، تنهنڪري سپاهين کي حڪم ڏنائين ته هنن کي پنهنجن هٿيارن جي اُبتن ڇيڙن سان ڌڪي، منهنجي پهچ اندر آڻين... تنهن تي مون انهن سڀني کي پنهنجي سڄي هٿ ۾ کنيو.

                انهن مان پنجن کي ته مون کڻي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌو، ۽ ڇهن کي کڻي پنهنجي وات تائين آندم، ڄڻ ته جيئرو ئي انهن کي کائڻ ٿي گهريم، ويچارو ڏاڍيون رڙيون ڪرڻ لڳو. سپاهين جو ڪرنل ۽ ٻيا سندس زيردست عملدار ڊڄِي ويا، خاص جڏهن هنن مون کي انهيءَ مهل چاڪون ڪڍندو ڏٺو. پر جڏهن مون هنن تي مهربانيءَ سان نظر ڪئي، تڏهن هڪدم هنن جو ڊپ لٿو. پوءِ مون انهيءَ قيديءَ جا رسا وڍي، آهستي انهيءَ کي زمين تي کڻي رکيو، جنهن تي هو ڊوڙون پائيندو ڀڄي ويو.

                ٻين قيدين سان به مون ساڳي ئي هلت ڪئي. هڪ_هڪ کي کيسي مان ڪڍندو آزاد ڪندو ويس. انهيءَ ڪري ڏٺم ته جهڙا قيدي تهڙا ٻيا ماڻهو منهنجي انهيءَ رحم تي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ مون کي معلوم ٿيو ته انهيءَ منهنجي هلت بابت، شهنشاهه ۽ انهيءَ جي درٻارين وٽ ڏاڍي ساراهه ٿيڻ لڳي.

                رات پئي، ته آءٌ مشڪلات سان پنهنجي گهر ۾ گهڙيس، ۽ وڃي پَٽَ تي سنئون ٿي سمهي پيس. اٽڪل ٻه هفتا مون انهيءَ طرح پئي گذاريو. انهيءَ وچ شهنشاهه حڪم ڏنو ته منهنجي لاءِ بسترو تيار ڪن. رواجي قد جا ڇهه سئو هنڌ گاڏين ۾ وجهي کڻي آيا، ۽ انهن کي گڏي منهنجي گهر ۾ هڪڙو وڏو هنڌ  ٺاهڻ لڳا. ڪم ڪندڙن انهن کي چئن تهن ۾ کڻي زمين تي وڇايو. انهن مان ڏيڍ سئو هنڌ ڊيگهه ۽ ويڪراڻ قائم ڪرڻ لاءِ کڻي گڏ سبيائون، پوءِ به هنڌ اهڙو ٿلهو نه ٿيو، جو مون کي زمين جي سختيءَ کان بچائي. ڇالاءِ جو فرش لسن پهڻن جو هو. ساڳيءَ طرح هنن منهنجي لاءِ هنڌ جون چادرون، کٿا ۽ رضايون جوڙيون، جنهن ماڻهوءَ هيترا ڏينهن سختيون ۽ مشڪلاتون ڪڍيون هيون، تنهن جي لاءِ اهي سڀ تمام چڱيون شيون هيون.

                جيئن جيئن منهنجي اچڻ جي خبر ملڪ ۾ پکڙندي ويئي، تيئن تيئن بيشمار ماڻهو- ڪي دولتمند، ڪي تماشبين، ڪي رولو گهمندڙ منهنجي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا. ايترو ميڙو ٿيڻ لڳو، جو جيڪڏهن شهنشاهه اشتهار جاري ڪري اهو بند نه ڪرائي ها، ته زمين جي آبادي يا گهرن جو ڪم ڪار جتي ڪٿي وسري وڃي ها ۽ ڳوٺ خالي ٿي پون ها، تنهن ڪري هن حڪم ڏنو ته جن مون کي اڳئي ڏٺو آهي، سي موٽي گهر وڃن ۽ سرڪار جي اجازت کان سواءِ منهنجي گهر کان پنجاهه يارڊن جي اندر وري نه اچن.

                انهيءَ وچ ۾ شهنشاهه ڪيتريون ئي مشيرن سان مجلسون گڏ ڪيون. انهيءَ لاءِ ته منهنجي بابت ٺهراءُ  ڪري ته ڇا ڪجي. هڪڙو خاص دوست، جنهن کي مخفي سرڪاري ڳالهين جي خبر هوندي هئي، تنهن مون کي پوءِ خاطري ڏني ته شاهي درٻار کي منهنجي نسبت ۾ ڏاڍيون مشڪلاتون درپيش هيون. سڀني کي ڊپ هو ته آءٌ پاڻ ڇڏائي نڪرندس يا منهنجي گهڻي کائڻ ڪري ڏڪار پئجي ويندو. ڪڏهن ڪڏهن هنن ارادو پئي ڪيو ته مون کي بک ڏيئي مارين، نه ته زهردار تير منهنجي منهن ۾ هڻي مون کي مارين.

                انهن مجلسن ۽ بحثن هلندي، ڪيترائي فوجي عملدار وڏيءَ درٻار جي جاءِ جي در وٽ ويا ۽ انهن مان ٻه، جن کي اندر وٺي ويا، تن بيان ڪري ٻڌايو ته مون مٿي ذڪر ڪيلن ڇهن قيدين سان ڪهڙي هلت ڪئي هئي. انهيءَ بيان شهنشاهه جي دل تي اهڙو چڱو اثر ڪيو، جو حڪم جاري ڪيائين ته شهر جي چوڌاري نَون سون يارڊن جي اندر ڳوٺن جا سڀ رڪاهو ڏهاڙي صبح جو ڇهه ڍڳا، چاليهه رڍون ۽ ٻيو کاڌو مون کي پهچائيندا رهن ۽ تنهن کان سواءِ مانيءَ ۽ شراب جا وڏا انداز ڏيندا رهن.

                انهيءَ سڀ سَرسات جي لاءِ شهنشاهه پنهنجي هڙان پئسا ڏيندو هو، ڇالاءِ جو هو خاص پنهنجي ئي پيدائش تي گذاريندو آهي،ڪڏهن اتفاق سان وڏي ضرورت وقت، هو پنهنجي رعيت کان پئسو اڳاڙيندو آهي. جا جنگين جي وقت پنهنجي خرچ سان وٽس حاضر رهڻ لاءِ ٻڌل آهي. مون کي ڇهه سئو نوڪر به ڏنا ويا، جن کي کاڌي جو خرچ ملندو هو، ۽ انهن جي رهڻ لاءِ منهنجي در جي ٻنهي پاسي تنبو کوڙي ڇڏيا هئائون. اهو به حڪم ڪڍيو ويو ته ٽي سئو درزي ملڪ جي دستور ۽ نموني موجب منهنجي لاءِ هڪڙو ڪپڙن جو وڳو ٺاهين. شهنشاهه هيئن به حڪم ڏنو ته سندس وڏن عالمن مان ڇهه ڄڻا مون کي اتي جي ٻولي سيکارين. هن جي حڪم جي پٺيان شاهي گهوڙا اڪثر منهنجي اڳيان گهمائيندا هئا ته مون کي ڏسي هري وڃن ۽ ٽهن نه.

                انهن سڀني حڪمن جي پوري تعميل ٿيڻ لڳي، ٽن هفتن جي اندر مون هنن جي ٻولي سکڻ ۾ گهڻي ترقي ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ شهنشاهه پاڻ مهرباني ڪري ڏسڻ جي لاءِ تشريف فرما ٿيندو هو ۽ مون کي تعليم ڏيڻ ۾ منهنجن استادن کي مدو ڏيندو هو. اسين هڪڙي رستي سان پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳاسين. پهريان لفظ، جي مون سکيا، سي انهيءَ خواهش ظاهر ڪرڻ لاءِ هئا ته هو مهرباني فرمائي مون کي آزاد ڪري، اهو عرض آءٌ ڏهاڙي گوڏا کوڙي ڪندو هوس. هن جو جواب، منهنجي سمجهه موجب، اهو هوندو هو ته ڪجهه وقت کان پوءِ ائين ڪرڻ ۾ ايندو، ۽ سندس مشيرن جي صلاح کان سواءِ اهڙي رٿ ڪرڻ ۾ نه ايندي. ٻيو ته پهرين آءٌ ساڻس ۽ سندس ملڪ سان صلح ۾ رهڻ جو انجام ڪريان. انهيءَ هوندي به هن وعدو ڪيو ته مون سان هر طرح مهربانيءَ جي هلت پيئي ٿيندي.

                شهنشاهه مون کي هيءَ صلاح به ڏني ته ”تون صبر ۽ سمجهه سان اهڙي چڱي هلت ڪر، جو منهنجي ۽ منهنجي رعيت جي تنهنجي نسبت ۾ چڱي راءِ ٿئي.“ اهو به چيائين ته ”جي آءٌ پنهنجن ڪن عملدارن کي تنهنجي  بدن جي تلاشي وٺڻ لاءِ چوان ته تون رنج نه ٿج، ڇالاءِ جو امڪان آهي ته تو ساڻ ڪي هٿيار هجن، جي تو جيڏي ماڻهوءَ جي موافق هئڻ ڪري خوفناڪ هجن.“

                مون ورندي ڏني ته ”حضور جي خاطري“ ڏيارڻ لاءِ آءٌ تيار آهيان ته پنهنجا ڪپڙا لاهي ڇڏيان ۽ پنهنجا کيسا اُٿلائي ڏيکاريان، اهو جواب مون ڪجهه لفظن ۾ ڏنو ۽ ڪجهه اشارن سان. هن انهيءَ جي ورنديءَ ۾ فرمايو ”ملڪ جي قاعدي موجب منهنجن عملدارن مان ٻه ضرور تنهنجي بدن جي تلاشي وٺندا. مون کي خبر آهي ته اهو ڪم تنهنجي مرضيءَ ۽ مدد کان سواءِ ٿي ڪين سگهندو. تون اهڙو نرم دل ۽ انصاف وارو آهين، جو منهنجي تنهنجي نسبت ۾ تمام چڱي راءِ آهي، ۽ منهنجو توتي اهڙو اعتبار آهي جو پڪ اٿم ته هنن کي تنهنجن هٿن ۾ نقصان نه پهچندو. جيڪي هو تو وٽان ڪڍندا، سو هن ملڪ مان نڪرڻ مهل توکي وري موٽائي ڏنو ويندو يا ته منهنجي ڪٿ موجب انهيءَ جي قيمت ادا ڪئي ويندي.“

                مون انهن ٻن عملدارن کي کڻي هٿن ۾ ڪيو ۽ پوءِ پهريائين مون هنن کي پنهنجي ڪوٽ جي کيسن ۾ وڌو ۽ پوءِ ٻيا جيڪي کيسا هئا تن ۾ وڌم، سواءِ پنهنجن ٻن واچ جي کيسن جي، ٻيو به هڪڙو ڳجهو کيسو هوم، جو مون هنن کي نه ڏيکاريو، جو انهيءَ ۾ ڪي ضروري شيون هيون جي مون کان سواءِ هنن مان ڪنهن جي به ڪم جون نه هيون. منهنجي هڪڙي واچ جي کيسي ۾ چانديءَ جي زنجيري هئي ۽ ٻئي ۾ ڪي ٿورا سون جا سڪا چم جي پاڪيٽ ۾ پيل هئا.

                انهن ٻن صاحبن سان قلم، مس ۽ ڪاغذ هئا، جيڪي ڏٺائون تنهن جي مفصل ياداشت شهنشاهه جي لاءِ لکيائون. جڏهن اهو ڪم ڪري  رهيا، تڏهن مون کي چيائون ته ”هاڻ اسان کي لاهي هيٺ رک، ته اها ياداشت شهنشاهه کي وڃي ڏيون.“ اها ياداشت مون پوءِ انگريزيءَ ۾  ترجمو ڪئي ۽ اها هيٺ ڏجي ٿي: وڏي جبل جهڙي ماڻهوءَ جي ڪوٽ جي سڄي پاسي واري کيسي ۾ گهڻيءَ تلاش کانپوءِ اسان سادي ڪپڙي جو فقط هڪڙو وڏو ٽڪر لڌو، جو ايڏو آهي، جو حضور جي درٻار واري ڪمري جي فرش کي ڍڪي ڇڏي. کٻي پاسي واري کيسي ۾ اسان هڪڙي تمام وڏي چانديءَ جي پيتي ڏٺي جنهن تي ڍڪ به چانديءَ جو هو، جو اسين تلاش وٺڻ وارا مٿي کڻي نه سگهياسين. اسان جي چئي ته هن اهو ڍڪ لاٿو ۽ اسان مان هڪڙو انهيءَ ۾ لهي پيو ۽ پاڻ کي هڪڙي قسم جي مٽيءَ ۾ پيل ڏٺائين. انهيءَ مٽيءَ مان ٿوري اُڏامي اسان جي منهن ۾ پئي، ۽ اسان ٻنهي انهيءَ ڪري ڳچ وقت تائين پئي نڇون ڏنيون.

                ”هن جي صدريءَ جي کيسي ۾ اسان هڪڙي سنهي اڇي شيءِ جي هڪڙي وڏي ڳنڍڙي ڏٺي. اها شيءِ هڪٻئي تي ويڙهيل هئي ۽ قد ۾ ٽن ماڻهن جيڏي هئي. اها ڳنڍڙي هڪڙي تمام ٿلهي مضبوط رسي سان ٻڌل هئي ۽ مٿانئس ڪارا نشان يا انگ هئا، جي اسان جي سمجهه موجب اکر لکيل آهن. هر هڪ اکر اسان جي هٿن جي اڌ تريءَ جيڏو هو.“

                ”صدريءَ جي کٻي کيسي ۾ هڪڙي قسم جي ڪَل هئي، جنهن جي پٺئين پاسي مان ويهه وڏيون ڪاٺيون نڪتل هيون، جيئن حضور جي درٻار جي اڳيان ڪٽهڙو ڏنل آهي. انهيءَ سان اسين ڀانيون ٿا ته اهو جبل جهڙو ماڻهو پنهنجن وارن کي ڦڻي ڏئي ٿو! پڪ اسان کي ڪانهي، ڇالاءِ جو اسان هن کي ذري ذري سوالن وجهڻ ۽ تحقيقات ڪرڻ سان تڪليف نه ڏني، جو هن کي مطلب سمجهائڻ اسان کي نهايت مشڪل نظر آيو.“

                ”هن جي پتلون جي سڄي پاسي واري وڏي کيسي ۾ اسان لوهه جو هڪڙو پورو پيلپائو ڏٺو، جو ماڻهوءَ جي قد جيڏو هو، جو انهيءَ پيلپائي کان وڏي مضبوط ڪاٺ سان ٻڌل هو، انهيءَ پيلپائي جي هڪڙي پاسي تي لوهه جا ڪيترائي تمام وڏا ٽڪر ٻاهر نڪتل هئا، جي قسم قسم شڪلين ۾ وڍيل هئا. اسان کي خبر نه پئجي سگهي ته اهو ڪهڙي ڪم جو آهي.“

                ”کٻي پاسي واري کيسي ۾ ساڳئي قسم جي ٻي ڪَل هئي، سڄي پاسي واري ننڍڙي کيسي ۾ وري ڪيترائي گول ڇپرا اڇي ۽ ڳاڙهي ڌاتوءَ جا ٽڪر هئا، جي جدا جدا قد جا هئا، جي اڇا ٽڪر، جي چانديءَ جا ڏسڻ ۾ ٿي آيا، سي اهڙا وڏا هئا، جو اسين ٻيئي کڻي نه سگهياسين.“

                ”کٻي پاسي واري ننڍڙي کيسي ۾ ٻه ڪارا پيلپاوا هئا، جي ڪنهن سوڌي ءَ شڪل جا نه هئا. اسين هن جي کيسي جي تري ۾ هئاسين، تنهنڪري ڏاڍي مشڪلات سان انهن جي چوٽيءَ تي پهچي سگهياسين. انهن مان هڪڙو ڍڪيل هو ۽ هڪڙو يڪو ٽڪر پئي ڀانيو، پر ٻئي جي مٿئين ڇيڙي وٽ هڪڙي اڇي گول شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جا اسان جي مٿن کان قد ۾ ٻيڻي هئي، انهن مان هر هڪ جي اندر رڪ جو هڪڙو وڏو پڙڇ هو. اسان هن کي چيو ته اهي اسان کي ڏيکار، جو اسان کي ڊپ هو ته متان اهي خوفناڪ هٿيار هجن. هن اهي انهن جي خانن مان ڪڍي چيو ته ”پنهنجي ملڪ ۾ آءٌ انهن مان هڪڙي سان پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙيندو هوس، ۽ ٻئي سان کاڌي جون شيون وڍيندو هوس.“

”ٻيا به ٻه کيسا هئا، جن ۾ اسين لنگهي نه سگهياسين. انهن کي هن واچ جا کيسا ٿي سڏيو، اهي هن جي پتلون جي چوٽيءَ تي ٻن وڏن شگافن وانگي هئا ۽ تمام سوڙها پوريل هئا، انهن کيسن مان سڄي منجهان هڪڙو وڏو چانديءَ جو زنجير پئي لڙڪيو، جنهن جي هيٺئين پاسي هڪڙي عجيب قسم جي ڪَل هئي. اسان حڪم ڏنس ته انهيءَ زنجير جي ڇيڙي ۾ جيڪي آهي، سو ڪڍ، هن اهو ڪڍيو. اهو هڪڙو گولو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو اڌ چانديءَ جو هو ۽ اڌ ڪنهن ٻئي ڏاتوءَ جو، جنهن مان آرپار ڏسي ٿو سگهجي، شفاف پاسي تي اسان ڪي عجيب شڪليون گهيري ۾ نڪتل ڏٺيون، اسان ڀانيو ته اسين انهن کي هٿ لائي ڏسون، پر اسان جون آڱريون انهيءَ عجيب ڏاتوءَ تي بيهي رهيون. اندر نه هليون.“

                ”هن اُها ڪَل جي ڪنن تي رکي ته انهيءَ ڏاڍو خوفناڪ آواز پئي ڪيو، جيئن ڪا پاڻيءَ تي هلندڙ چَڪي يا گرڻي ڪري، ۽ اهو آواز بيهڻ جو ئي ناهي. اسين ڀانيون ٿا ته اهو ڪو عجيب جانور آهي يا ڪو ديوتا آهي، جنهن جي هو پوڄا ٿو ڪري. اسين وسهون ٿا ته اهو هن جو ديوتا آهي. ڇالاءِ جو هن جي اڻپوريءَ ٻوليءَ مان اسان رڳو هيترو سمجهيو، جو هن اسان کي پڪ ڏني ته ڪوبه ڪم هو انهيءَ جي صلاح کان سواءِ نٿو ڪري. انهيءَ کي هن پنهنجو غيبي صلاحڪار ٿي سڏيو ۽ چيائين ته اهو سندس حياتيءَ جي سڀ ڪنهن ڪم جو وقت ٿو ڏيکاري.“

                ” پتلون جي کٻي کيسي مان هڪڙو وڏو ڄار ڪڍيو، جو مڇي مارڻ وارن جي کڻن جهڙو هو، اهو ٻٽونءَ وانگي پٽيو ۽ پوريو ٿي، ۽ هن کي ساڳئي ئي ڪم ٿي آيو، انهيءَ ۾ پيلي ڏاتوءَ جا ڪيترائي وڏا ٽڪر پيل ڏسڻ ۾ آيا. اهي جي، سچ پچ سون آهن، ته انهن جي قيمت تمام ڳري هوندي.“

”حضور جن جي حڪم موجب هن جي سڀني کيسن جي محنت  سان تلاشي وٺڻ کانپوءِ اسان هن جي چيلهه جي چوڌاري ڪنهن وڏي جانور جي کَل جو پٽو ڏٺو. انهيءَ مان کٻي پاسي کان هڪ ترار پنجن ماڻهن جي قد جيڏي پئي لڙڪي. انهي جي سڄي پاسي هڪڙي ڳوٿري ٻن خانن واري پئي لڙڪي. انهيءَ جو هر هڪ خانو اهڙو هو، جنهن ۾ حضور جي رعيتي ماڻهن مان ٽي پئجي سگهن.“

                ”انهن خانن مان هڪڙي ۾ تمام ڳري ڌاتوءَ جا ڪيترائي گولا هئا، جي قد ۾ اسان جي مٿن جيڏا هئا ۽ جن کي ڪو زور وارو ماڻهو کڻي ٿي سگهيو، ٻئي خاني ۾ وري هڪڙي قسم جا داڻا ڍڳ ٿيو پيا هئا، پر نڪي وڏي قد جا هئا، نڪي ڳرا هئا، ڇالاءِ جو اسين انهن مان پنجاهي کن پنهنجن هٿن جي ترين ۾ کڻي ٿي سگهياسين.“

                ”اها آهي پوري يادداشت انهن شين جي، جي اسان انهيءَ جبل جهڙي ماڻهوءَ جي بُت تي لڌيون. انهيءَ اسان سان گهڻي مروت ۽ مهرباني ٿي ڪئي، ۽ حضور جا حڪم ڏاڍي تعظيم سان ٿي بجا آندائين. بس تاريخ چوٿين، حضور جي سڀاڳي راڄ جي اوڻانوي مهيني ۾، هن تي صحيح ڪئي ويئي ۽ مُهر هنئي ويئي، صحيح، ڪليفرن فريلاڪ، صحيح، مارسي فريلاڪ.“

جڏهن اها يادداشت شهنشاهه کي پڙهي ٻڌائي ويئي تڏهن هن هڪدم مون کي حڪم ڏنو، مگر تمام نرم لفظن ۾، ته ”اهي سڀ شيون يادداشت ۾ ڏيکاريل ڪڍي ڏي پهريان هن منهنجي ترار گهري جيڪا، مون هن کي کپ سميت ڪڍي ڏني. انهيءَ وچ ۾ جيڪي ٽي هزارچونڊيل سپاهي انهيءَ وقت سندس حاضري ۾ هئا، تن کي حڪم ڏنائين ته تير ڪمان ڪڍي هڻڻ لاءِ تيار ٿي، ٿوري پنڌ تي منهنجي چوڌاري بيهي وڃن. پر مون هنن کي ڪونه ڏٺو، ڇالاءِ جو منهنجون اکيون شهنشاهه تي کتل هيون.

                تنهن کان پوءِ هن مون کي ترار ڪڍڻ لاءِ چيو جا اگرچ سمنڊ جي پاڻيءَ لڳڻ ڪري ڪن هنڌن ڪٽجي ويئي هئي، ته به گهڻو ڪري تمام چمڪندڙ هئي. مون اها ڪڍي ٻاهر ڪئي، ته ساري لشڪر مان حيرت جهڙي رڙ نڪري ويئي. ڇالاءِ جو سج صاف پئي چمڪيو ۽ ترار جي عڪس هنن جون اکيون انڌيون ڪري ٿي ڇڏيون، جو مون انهيءَ کي پنهنجي هٿ ۾ هيڏي هوڏي ٿي ڦيرايو. شهنشاهه، جو تمام سخي ۽ رحمدل بادشاهه آهي، سو اهڙو دل جو بهادر هو، جو منهنجي خيال ۾ ئي نه هو. هن مون کي حڪم ڏنو ته ”ترار وري کپ ۾ وجهي هيٺ زمين تي اڇلائي ڇڏ.“ مون آهستي آرام سان اها لاهي، پنهنجي زنجيريءَ جي ڇيڙي کان اٽڪل ڇهن فوٽن تي رکي.

                ٻي شيءِ جا هن گهري، سا هئي لوهه جي پورن پيلپاون مان هڪڙو، يعنيٰ منهنجا تپاچا، سندس حڪم پٺيان مون هڪڙو ڏنس ۽ وس پڄندي سمجهايو مانس ته ڪهڙي ڪم ٿو اچي. مون انهيءَ کي فقط بارود سان ڀريو، جو سمنڊ ۾ ڀڄڻ ڪري ۽ ٿيلهي جي سُسڻ ڪري پاڻيهي نڪري ٿي پيو، پهرين بادشاهه کي چيم ته ”ڊڄو متان“، پوءِ اهو هوا ۾ کڻي ڇوڙيم. انهيءَ تي ترار جي ڏسڻ کان به هنن کي زياده عجب لڳو، ڇالاءِ جو سوين ماڻهو ٺڪاءُ تي ڪري پيا، ڄڻ ته ڌڪ لڳڻ ڪري مري پيا آهن. خود شهنشاهه به، جو اگرچ پنهنجي جاءِ تي بيٺو هو، ته به ٿوري وقت تائين هوش جاءِ نه هوس.

                جيئن ترار ڏني هيم، تيئن پنهنجا ٻيئي تپاچا به ڏيئي ڇڏيم ۽ پوءِ دارونءَ ۽ گولين جو ٿيلهو به ڏيئي ڇڏيم. مون عرض ڪيو ته دارونءَ کي باهه کان پري رکن، نه ته تمام ننڍي چڻنگ سان به انهيءَ کي باهه لڳي ويندي ۽ شاهي محلات به هوا ۾ اڏامي ويندو. مون پنهنجي واچ يا گهڙي  به ڏيئي ڇڏي، جو شهنشاهه کي انهيءَ جي ڏسڻ جي ڏاڍي خواهش هئي. هن پهرين وارن سپاهين کي هڪڙي ڇڙهه ۾ لٽڪائي، ڪنواٺيءَ وانگي ڪلهن تي رکي. کڻي هلن. هن کي انهيءَ جا ساندهه آواز ڪرڻ تي ۽ منٽ واري ڪانٽي جي هلڻ تي ڏاڍي حيرت لڳي، ڇالاءِ جو هن جي نظر اسان جي نظر کان تيز آهي، ۽ انهيءَ ڪري واچ جي ڪانٽي جو چُرڻ آسانيءَ سان ڏسي ٿي سگهيو.

                تنهن تي هن پنهنجي عالمن کان انهيءَ بابت راءِ پڇي. هنن جدا جدا رايا ڏنا، پر سڀ غلط هيا. نيٺ جڏهن مون ٻڌاين، تڏهن خبر پين، پر جيڪي هنن چيو ته سو آءٌ پوري طرح سمجهي نه سگهيس.

                پوءِ مون چانديءَ ۽ ٽامي جا سڪا ڪڍي ڏنا ۽ پنهنجو ٻٽون به، جنهن ۾ نَوَ سون جا وڏا سڪا ۽ ڪي ننڍا سڪا به هئا. پنهنجي ڇَري ۽ پاڪي، پنهنجي ڦَڻي ۽ ناس جي دٻلي، پنهنجو رومال ۽ روزنامي جي ڪتابڙي- اهڙيون سڀ شيون به ڪڍي ڏنيم، منهنجي ترار ۽ تپاچا ۽ بارود ۽ گولين جو ٿيلهو، اهي ته گاڏين ۾ وجهي، شاهي گدام ڏي کڻائي ويا باقي ٻيو سامان هنن مون کي موٽائي ڏنو.

                مون مٿي چيو آهي ته مون کي هڪڙو ڳجهو کيسو هو، جو تلاش وقت هنن کي ڏسڻ ۾ نه آيو هو. انهيءَ ۾ منهنجي عينڪ پيل هئي. (ڇالاءِ جو اکين جي ضعف ڪري آءٌ ڪڏهن ڪڏهن اها ڪم آڻيندو آهيان) ۽ هڪڙي ننڍي دوربين ۽ ڪي ٻيون شيون به پيل هيون. اهي بادشاهه جي ڪم جون نه هيون، تنهنڪري مون انهيءَ جي زور ڪري ڏيکارڻ جو ضرور نه ڄاتو، ۽ اهو به ڊپ هوم ته منهنجي هتان نڪرڻ ڪري متان گم ٿي يا خراب ٿي وڃن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org