سيڪشن؛ دينيات

ڪتاب: حضور پاڪ ﷺجا فيصلا

باب:-12

صفحو :8

 

باب ٻارهون

ميراث متعلق فيصلا

(1)

(133) حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”مسلمان ڪافر جو ۽ ڪافر مسلمان جو وارث نه ٿيندو.“

(صحيح بخاري جلد پنجون ص 246)

 

(2)

(134) حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”جيڪا ميراث جاهليت جي دور کان وٺي جنهن نموني سان هلندي اچي ٿي، اها ايئن ئي برقرار رهندي، جنهن ميراث جي اڃا تائين ورهاست ڪانه ٿي آهي، اها قرآن مجيد جي حڪمن مطابق ورهائي ويندي.“

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 160)

(3)

(135) حضور انور  صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”ميراث ۾ جن ماڻهن جو حق آهي، انهن کي پنهنجي حصي مطابق حصو ڏيو، تنهن کانپوءِ جيڪي بچي پوءِ ته اهو انهيءَ مرد جو حق آهي، جيڪو مال واري جو ويجهو رشتيدار هجي.“

(صحيح مسلم جلد چوٿون ص 337)

 

(4)

(136) حضرت سعد رضه جي گهر واري  جڏهن رن زال ٿي ته ٻنهي نياڻين سان جيڪي سعد رضه منجهان هئا، وٺي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجو مڙس توهان سان عزوه احد ۾ شريڪ هو ۽ شهيد ٿي ويو. هن پنهنجي پٺيان ٻه نياڻيون ڇڏيون، جيڪي توهان جي اڳيان موجود آهن. منهنجي مڙس ملڪيت ۾ جيڪي ڪجهه ڇڏيو آهي، اهو منهنجي مڙس جي ڀاءُ (ڏير) پنهنجي هٿ ۾ رکيو آهي ۽ منهنجي ۽  انهيءَ ٻارن جي لاءِ ڪجهه به نه ڇڏيو آهي.“

اِهو ٻڌي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن خاموش ئي رهيا ته پوءِ انهيءَ عورت وري چيو ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هاڻي جڏهن ماڻهو عورت جو مال ڏسي عورت سان نڪاح ڪن ٿا، ته پوءِ هن يتيم نياڻين سان بغير مال جي ڪير نڪاح ڪندو.“

انهيءَ کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”الله تعاليٰ جي اڳيان هن جو معاملو آهي، اهو ئي ان جو فيصلو ڪندو ۽ ضرور انهيءَ جي معاملي ۾ ڪوئي حڪم نازل فرمائيندو.“ تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ عورت کي واپس ڪري ڇڏيو. آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن ڪجهه ڏينهن الله تعاليٰ جي حڪمن جي انتظار ۾ رهيا، جيستائين الله تعاليٰ ميراث جي متعلق آيت نازل فرمائي.

تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن سعد بن ربيع جي بيوه زال ۽ ڀاءُ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ هيءَ آيت تلاوت فرمائي

”الله تعاليٰ اولاد جي متعلق هي حڪم ڏئي ٿو ته پٽ جو حصو نياڻيءَ جي حصي جي برابرآهي، جيڪڏهن ”ميت“ پنهنجي پويان ٻه يا ٻن کان وڌيڪ نياڻيون ڇڏي وڃي ته انهن کي 2/3 حصو ڏنو ويندو.

تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن سعد جي ڀاءُ کي حڪم ڏنو ته ”سعد جي زال کي اٺون حصو ادا ڪريو، سعد جي نياڻين کي 2/3 حصو ادا ڪريو، جيڪو باقي بچي اهو تنهنجو آهي.

 

(5)

(137) حضرت بيبي عائشه صديقه رضه کان روايت آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”اسان نبين جو ڪوئي وارث (ميراث) نه هوندو آهي، اسين جيڪو پنهنجي پويان ڇڏي ويندا آهيون، اهو صدقو ڪيو ويندو آهي.“

حضرت ابو هريره رضه بيان ڪري ٿو ته رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”منهنجي وارثن جو هي حق نه آهي ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پويان هڪ دينار به ڇڏي وڃان ته اهي پاڻ ۾ تقسيم ڪن، مگر جيڪا به ملڪيت ڇڏي وڃان، سڀ کان پهرين انهيءَ منجهان منهنجي گهر وارين جو خرچ الڳ ڪيو وڃي، انهيءَ کانپوءِ باقي جيڪو بچي، اهو صدقو (خيرات) ڪيو وڃي.“

(صحيح بخاري جلد پنجون ڪتاب فزائض اوالاحڪام)

 

(6)

(138) هڪ شخص فوت ٿي ويو، هن جي پويان فقط هڪ غلام کانسواءِ ٻيو ڪو به وارث ڪونه هو.

جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ هي معاملو پيش ڪيو ويو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”فوتي (ميت) جو ڪوئي وارث به آهي“

اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! ٻيو ته ڪوئي به نه آهي، فقط هڪ غلام آهي، جنهن کي به فوتي وفات کان اڳ آزاد ڪري ڇڏيو هو.“

تنهن کانپوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”

فوتيءَ جي ميراث هن جي آزاد ڪيل غلام جي حوالي ڪئي وڃي، اهو ئي هن (فوتي) جو وارث آهي.

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 158)

(7)

(139) آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ هڪ شخص آيو ۽ عرض ڪيائين ته

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجو پوٽو فوت ٿي ويو آهي، هن پنهنجي پويان جيڪا ميراث ڇڏي آهي، ڇا انهيءَ ۾ منهنجو به ڪوئي حصو آهي؟“

اِهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي شخص! انهيءَ جي ملڪيت منجهان ڇهون حصو توکي ڏنو ويندو.“

حضرت عبدالله بن عباس رضه کان روايت آهي ته ”آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن ڏاڏيءَ کي به ميراث منجهان ڇهون حصو ڏياريو.

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 152)

 

(8)

(140) ٻه شخص حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا ۽ سندن اڳيان ميراث جي متعلق مقدمو پيش ڪيائون. ٻئي شخص پنهنجي پنهنجي دعويٰ کي سچ ثابت ڪرڻ ۾ بضد هئا، ليڪن ٻنهي کي شاهد ڪونه هئا.

انهن جي دعويٰ ٻڌي پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”غور سان ٻڌو! آ انهيءَ جي متعلق جنهن شخص جي حق ۾ فيصلو ڏيندس، جيڪڏهن اها شيءِ واقعي انهيءَ جي نه آهي، ۽ انهيءَ جي مخالف جي آهي ته پوءِ انهيءَ مال جي حيثيت باهه جي مثال آهي، جيڪو انهيءَ کي ڏنو وڃي ٿو.“

پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جو فرمان ٻڌي ٻيئي اٿي بيهي رهيا ۽ چيائون ته

”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون کي هي مال نه گهرجي، آءٌ پنهنجي ڀاءُ جي حق ۾ دستبردار ٿيان ٿو.“

تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”وڃو ۽ پنهنجي رضامنديءَ سان پاڻ ۾ تقسيم ڪريو، ليڪن حق سان ورهاست ڪريو.“

(مشڪواة جلد ٻيو ص 205)

(9)

(141) حضرت عبدالله بن عمر رضه بيان ڪري ٿو ته

”رباب بن حذيفه، ام وائل بنت معمر سان نڪاح ڪيو، ام وائل منجهان رباب کي ٽي ٻار ٿيا. ڪجهه وقت کانپوءِ انهيءَ ٻارن جي ماءُ فوت ٿي ويئي ته پوءِ انهيءَ جا ٻار انهيءَ جي زمين ۽ ملڪيت جا وارث قرار ڏنا ويا.“

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 154)

(10)

(142) عروه بنت حمزه بيان ڪري ٿو ته

”منهنجي هڪ ٻانهي هئي، انهيءَ جو انتقال ٿي ويو، هن پنهنجي پويان فقط هڪ ڌيءَ ڇڏي، اهڙي طرح آءٌ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيس ۽ انهيءَ جي متعلق حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”انهيءَ ٻانهيءَ جي ملڪيت منجهان هڪ حصو مون کي ۽ هڪ حصو انهيءَ جي ڌيءَ کي ڏنو وڃي.“

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 154)

(11)

(143) حضرت جابر بن عبدالله رضه روايت ڪري ٿو ته ”هڪ دفعي آءٌ سخت بيمار ٿي پيس، آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن حضرت ابوبڪر صديق رضه سان گڏ منهنجي عيادت لاءِ تشريف فرما ٿيا، انهيءَ وقت آءُ بيهوش هُيس، تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن وضو ڪيو ۽ وضوءَ جو پاڻي منهنجي مٿان ڇڻڪايو ته مون کي هوش آيو. تنهن کان پوءِ مون عرض ڪيو ته

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءُ پنهنجي مال جو ڇا ڪريان؟“ هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته جابر عرض ڪيو ته ”منهنجون ڪيئي ڀينر آهن، آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ وقت خاموش رهيا، ايستائين جو ملڪيت جي تقسيم جي متعلق هيءَ آيت نازل ٿي.

(سورت نساءَ آيت 11، 12)

(صحيح بخاري جلد پنجون)

(12)

(144) حضرت عبدالله بن مسعود رضه بيان ٿو ڪري ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته

”نياڻيءَ کي ملڪيت منجهان اڌ حصو ملندو، جيڪڏهن نياڻي اڪيلي وارث هجي، پوٽيءَ کي ڇهون حصو ۽ باقي مال ڀيڻ کي ملندو.“

(صحيح بخاري جلد پنجون ڪتاب الفرائض)

 

(13)

(145) حضرت بي بي عائشه صديقه رضه بيان ڪري ٿي ته: حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جو هڪ غلام هو، اهو کجيءَ جي وڻ تان ڪري پيو ۽ فوت ٿي ويو، هن غلام جي نه ته ڪائي اولاد هئي ۽ نه وري هن جا ڪي رشتيدار هئا ته پوءِ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”هن غلام جي ڳوٺ وارن منجهان ڪنهن هڪ ويجهي مائٽ کي هن جي ملڪيت ڏني وڃي.“

(سنن ابن ماجه جلد ٻيو ص 155)

(14)

(146) حضرت سعد بن ابي وقاص رضه بيان ڪري ٿو ته

”حجتھ الوداع جي موقعي تي آءُ مڪي شريف ۾ اهڙو بيمار ٿيس جو بچڻ جي ڪابه اميد نه رهي، آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن منهنجي عيادت ڪرڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا ته مون حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ گذارش ڪئي.

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءُ بستري تي موت جي حالت ۾ پيل آهيان، مون وٽ تمام گهڻي دولت آهي، مگر هڪ نياڻي آهي، انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به وارث نه آهي، منهنجي تمنا آهي ته پنهنجو 2/3 مال الله جي راهه ۾ خيرات ڪريان، انهيءَ ۾ توهان جو ڪهڙو حڪم آهي؟“

تنهن تي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي سعد! هرگز ائين نه ڪجانءِ.“

مون عرض ڪيو ته ”پوءِ اڌ مال؟“

رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اهو به صحيح نه آهي.“

مون عرض ڪيو ته ”سائين! جيڪڏهن اجازت ڏيو ته مال جو ٽيون حصو خيرات ڪريان؟“

رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي سعد! بس ٽيون حصو ڪافي آهي، تنهنجي لاءِ اهو صحيح آهي ته پنهنجي اولاد کي ڪنگال نه ڇڏي وڃ ۽ اهي ڪنهنجا محتاج نه رهن.“

(صحيح بخاري جلد پنجون ڪتاب الفرائض)

(15)

(147) جڏهن ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليھ وسلم جن عمرو شريف ادا ڪري فارغ ٿيا ۽ معاهدي جو وقت به پورو ٿيو ته پوءِ قريش جا ڪجهه ماڻهو حضرت علي ڪرم الله وجھ وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا ته

”اي علي رضه! وقت پورو ٿي ويو  چڪو آهي، هاڻي پنهنجي صاحب (حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن) کي چئو ته اهي جلد ئي مڪي منجهان هليا وڃن.“

اهڙي طرح سان پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن مڪي منجهان هلڻ جو حڪم فرمايو، تڏهن حضرت امير حمزي رضه جي نياڻي چاچا پڪاريندي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي پويان ڊوڙي اِهو ڏسي حضرت علي رضه سائين جن انهيءَ ڇوڪري کي کنيو ۽ حضرت بي بي فاطمتھ الزهريٰ رضه کي ڏيندي چيو ته

”هي تنهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي، هن کي سنڀال.“

انهيءَ تي حضرت علي رضه سائين، حضرت زيد رضه۽ حضرت جعفر رضه جي وچ ۾ چپقلش پيدا ٿي پئي. هر هڪ جو مطالبو هو ته ڇوڪريءَ جي مٿان انهيءَ جو حق زياده آهي، تنهن ڪري ڇوڪري هن کي ملي.

حضرت علي رضه سائين جو چوڻ هوته ”هيءَ منهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي ۽ منهنجو حق زياده آهي.“

حضرت جعفر رضه جو چوڻ هو ته ”هي منهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي ۽ انهيءَ جي ماسي منهنجي نڪاح ۾ آهي.“

جڏهن ته زيد رضه جو چوڻ هو ته هيءَ منهنجي ڀاءُ جي ڌيءَ آهي، آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جڏهن اها صورتحال ڏٺي، ته ٽنهي کي گهرايو ۽ فرمايو ته ”ڇوڪريءَ جي مٿان سڀ کان وڌيڪ جعفر رضه جو آهي، انهيءَ کي ڏني وڃي. اهڙي طرح هيءَ ڇوڪري پنهنجي ماسيءَ وٽ رهندي. ماسي هن جي ٻين کان وڌيڪ سنڀال ڪندي.“

 

(16)

(148) عتبه بن ابي وقاص پنهنجي ڀاءُ سعد بن ابي وقاص رضه کي وصيت ڪئي ته ”اي سعد رضه! ڏس زمعه بن قيس جي ٻانهيءَ جي پيٽ منجهان جيڪو پٽ پيدا ٿيو آهي، اهومنهنجي نطفي منجهان آهي، تنهن ڪري جڏهن مڪي شريف وڃڻ ٿيئي ته انهيءَ ڇوڪري کي پنهنجي قبضي ۾ آڻجانءِ“

جنهن سال مڪو شريف فتح ٿيو ته حضرت سعد بن ابي وقاص رضه به آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ هو. حضرت سعد رضه جڏهن انهيءَ ڇوڪري (عبدالرحمان) کي ڏٺو ته پڪڙي وڌو ۽ چوڻ لڳو ته

”هي منهنجو ڀائٽيو آهي، منهنجو آهي، منهنجي ڀاءُ مون کي وصيت ڪئي هئي ته انهيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ وٺان.“

اهو ڏسي عبد بن زمعه به اٿي کڙو ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته

”نه ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، هي منهنجو ڀاءُ آهي، منهنجي والد جي بستري تي پيدا ٿيو آهي، منهنجي پيءُ جي ٻانهيءَ جي پيٽ منجهان پيدا ٿيو آهي.

اهڙي طرح سان ٻنهي ۾ جهڳڙو پيدا ٿيو ۽ پوءِ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيا ته سعد بن ابي وقاص رضه چوڻ لڳو ته

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هي ڇوڪرو منهنجو ڀائٽيو آهي، منهنجي ڀاءُ عتبه مون کي وصيت ڪئي هئي ته آءٌ انهي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺان.“

تنهن کانپوءِ عبد بن زمعه چوڻ لڳو ته ”نه يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي ۽ منهنجي پيءُ جي بستري تي پيدا ٿيو ۽ منهنجي پيءُ جي ٻانهيءَ انهيءَ کي ڄڻيو آهي.“

ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”اي عبد بن زمعه! هيءُ ٻار وٺ، انهيءَ تي تنهنجو حق آهي، ٻار انهيءَ جو هوندو آهي، جنهن جي بستري تي پيدا ٿيندو آهي ۽ زاني لاءِ پٿر آهن، انهيءَ کي سنگسار ڪيو وڃي.“

تنهن کانپوءِ اهوٻار عبد بن زمعه کي ڏنو ويو.

(صحيح بخاري جلد پنجون ڪتاب الفرائض)

(17)

(149) بنو فزاعه جو هڪ شخص فوت ٿي ويو، ماڻهو انهيءَ جي ميراث حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن وٽ کڻي آيا، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جو وارث ڪو به ڪونه هو، حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن کي اهو احوال ڏنائون . تنهن تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته

”بنو فزاعه جي ڪنهن چڱي مڙس جي ڳولا ڪريو ۽ فوتيءَ جي ملڪيت انهيءَ جي حوالي ڪريو.“

(مشڪواة جلد ٻيو ص 58)

(18)

(150) اوس بن ثابت رضه جي بيوه گهرواري آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته

”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجو مڙس فوت ٿي ويو آهي، هن پنهنجي پويان ٻه نياڻيون ۽ هڪ نابالغ پٽ ڇڏيو آهي. عرب جي قديم دستور مطابق اوس جي ٻن سئوٽن اچي مرحوم جي ملڪيت تي قبضو ڪيو آهي، مون کي ۽ منهنجي اولاد کي ڪجهه به نه ڏنو آهي.

يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون اِها به ڪوشش ڪئي ته منهنجي مڙس جا سئوٽ منهنجي ٻنهي نياڻين سان نڪاح ڪن، ليڪن هنن انهي جو به جواب ڏنو.“

اِهو ٻڌي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن هيٺيون فيصلو فرمايو.

1.      زال کي سڄي ملڪيت جو اٺون حصو ڏنو وڃي.

2.     باقي مال جو اڌ هن جي پٽ کي ڏنو وڃي.

3.      باقي جيڪو اڌ بچ،ي اهو ٻنهي نياڻين ۾ برابر تقسيم ڪيو وڃي.

4.     فوتيءَ جي سئوٽ کي وارثت کان محروم ڪيو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org