باب پهريون
نڪاح بابت فيصلا
(1)
حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جو ارشاد آهي ته:
(1) ڪنهن رن
زال جو نڪاح انهيءَ جي مرضيءَ کانسواءِ نه ڪيو
وڃي.
(2) ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ جو نڪاح به انهيءَ جي
اجازت کانسواءِ نه ڪيو وڃي.
اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي الله
عليھ وسلم! ڪنواريءَ جي مرضي جي خبر ڪيئن پوندي؟“
پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ
جو خاموش رهڻ انهيءَ ڳالهه جي سڃاڻپ آهي ته اها
انهيءَ نڪاح تي راضي آهي.“
صحيح بخاري جلد 6 ڪتاب (لااڪراه) ص 107، 108.
(2)
حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ خنساءَ
بنت خذام بيوهه هئي. هن جي والد هن جي اجازت يا
مرضي کانسواءِ هن جو نڪاح هڪ اهڙي شخص سان ڪيو،
جنهن لاءِ هوءَ قطعي راضي نه هئي. اِهو ڏسي خنساءَ
بنت خذام حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت
۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله صلي الله
عليھ وسلم! منهنجي والد منهنجي پڇا ڪرڻ کانسواءِ
منهنجو نڪاح ڪري ڇڏيو آهي. اهو نڪاح مون کي قبول
نه آهي“ اهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن
انهيءَ نڪاح کي رد ڪري ڇڏيو.
(بخاري شريف جلد (2) الاکراه ص 107)
(مشڪواة شريف (2) ص 71)
(3)
حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”ڪنواري ڇوڪريءَ جي
نڪاح ڪرڻ وقت انهيءَ جي مرضيءَ کي ڏٺو وڃي، جيڪڏهن
اها خاموشي اختيار ڪري ته انهيءَ جو راضپو سمجهيو
وڃي، جيڪڏهن اها انڪار ڪري ته پوءِ انهيءَ جي مٿان
نڪاح لاءِ ڪوبه دٻاءُ نه وڌو وڃي.“
(سنن ابو دائود-نسائي-مشڪواة جلد 2) ص 72)
(4)
هڪ شخص پنهنجي ڪنواريءَ نياڻيءَ جي شادي هڪ اهڙي
شخص سان ڪئي، جنهن کان ان ڇوڪريءَ کي نفرت هئي،
اهو ڏسي اها ڇوڪري رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم
جن جي درٻار ۾ دانهن کڻي آئي ۽ ساڻن پنهنجو سمورو
احوال پيش ڪيائين. انهيءَ ڇوڪريءَ جي ڳالهه ٻڌي
پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اي
ڇوڪري! توکي اختيار آهي، ته تون انهيءَ نڪاح کي رد
ڪرين يا قائم رکين.“
(مشڪواة جلد (2) ص 72 سنن ابو دائود)
(5)
رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ڪوئي
مرد ٻي نا محرم عورت سان اڪيلو نه رهي.“
اِهو ٻڌي هڪ شخص اٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”يارسول الله
صلي الله عليھ وسلم! منهنجي زال حج تي وڃي رهي
آهي، مگر آءٌ انهيءَ سان گڏ نه وڃي سگهندس، ڇاڪاڻ
ته مون کي فلاڻين فلاڻين جنگين لاءِ نامزد ڪيو ويو
آهي. توهان (صلي الله عليھ وسلم) جن انهيءَ متعلق
ڪهڙو ارشاد فرمايو ٿا؟“ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ
وسلم جن فرمايو ته ”تون واپس اوڏانهن هليو وڃ ۽
پنهنجي زال کي جلدي حج ڏانهن وٺي وڃ.“
(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب نڪاح ص 860)
(6)
عقبه چوي ٿو ته ”مون هڪ عورت سان نڪاح ڪيو ته هڪ
ڪاري رنگ جي عورت آئي ۽ چوڻ لڳي ته ”هي نڪاح نه ٿي
سگهندو ڇاڪاڻ ته مون توهان ٻنهي کي گڏي کير پياريو
آهي، جڏهن مان نهيءَ عورت جي ڳالهه ٻڌي ته پوءِ
حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ ويس ۽
عرض ڪيم ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون
هڪ عورت سان شادي ڪئي آهي ته پوءِ اسان وٽ فلاڻي
ڪاري رنگ جي عورت آئي ۽ چوڻ لڳي ته مون ٻنهي زال ۽
مڙس کي گڏي کير پياريو آهي، مگر سائين اها عورت
بلڪل ڪوڙ ڳالهائي ٿي.“جڏهن مون اهي الفاظ چيا ته
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن پنهنجو منهن
مبارڪ ٻئي طرف ڦيرايو ته پوءِ مان وري انهيءَ طرف
ويس، جنهن ڏانهن حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن
منهن مبارڪ ڦيرايو هو ۽ پوءِ حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ ٻيو دفعو عرض ڪيو ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اها عورت سراسر
ڪوڙ ڳالهائي ٿي.“
انهيءَ تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”تعجب آهي جڏهن کير پيارڻ واري عورت خود انهيءَ
ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته پوءِ تون ڪيئن گڏ کير
پيئڻ واري عورت سان نڪاح ڪري سگهين ٿو، يعني اها
تنهنجي لاءِ حلال نه آهي.“ ۽ پوءِ پاڻ سڳورن صلي
الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته ”توکي انهيءَ
عورت کان الڳ ٿيڻ گهرجي.“
(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب نڪاح ص 778-779)
(7)
حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾ رفاعه
بن سموال قرضي پنهنجي زال تميمه بنت وهب کي ٽي
طلاقون ڏيئي ڇڏيون ته پوءِ
تميمه بنت وهب عبدالرحمان بن زبير رضه سان ٻيو
نڪاح ڪيو. ڪجهه وقت کانپوءِ عبدالرحمان انهيءَ
عورت (تميمه) کي الڳ ڪري ڇڏيو. اِها خبر جڏهن
تميمه جي پهرئين مڙس کي پيئي ته پوءِ هن تميمه کي
نڪاح ۾ آڻن چاهيو ۽ اهڙيءَ طرح سان هي حضور انور
صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ مٿين
خواهش جو ذڪر پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن سان
ڪيائين. مگر پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن نڪاح
ڪرڻ کان منع فرمائي ۽ فرمايو ته ”اي رفاعه!
تنهنجي لاءِ اها عورت انهيءَ وقت تائين ڪيئن حلال
ٿي سگهي ٿي، جيستائين انهيءَ جو مڙس انهيءَ کي
صحيح طلاق نه ٿو ڏئي.“
(موطا امام مالڪ- سنن نسائي. صحيح مسلم)
(8)
هڪ دفعي هڪ ڪنواري ڇوڪري حضور انور صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول
الله صلي الله عليھ وسلم! منهنجي والد منهنجي شادي
منهنجي سوٽ سان ڪئي آهي، حالانڪه انهيءَ مون کان
انهيءَ سلسلي ۾ پڇا به نه ڪئي آهي ۽ نه وري اجازت
ئي ورتي آهي. انهيءَ ۾ شاديءَ ۾ منهنجي سوٽ جو
مقصد فقط اهو ئي آهي ته هو پهريائين پنهنجي مالي
حالت صحيح ڪري، هاڻي انهيءَ متعلق توهان جو ڪهڙو
حڪم آهي؟ ڇا انهيءَ معاملي ۾ منهنجو به ڪوئي حق ۽
اختيار آهي؟ ”اهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ
وسلم جن فرمايو ته“ هائو توکي هر قسم جو اختيار
حاصل آهي.“ اِهو ٻڌي انهيءَ ڪنواي ڇوڪري چيو ته
”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! انهيءَ ڳالهه
چوڻ جو منهنجو هي مقصد هر گز نه آهي ته مان پنهنجي
والد جي طئه ڪيل رشتي کي رد ڪريان يا ٽوڙي ڇڏيان.
مان ته فقط اِهو چاهيان ٿي ته منهنجون اسلامي ڀينر
هي ڄاڻن ته انهن کي نڪاح جي سلسلي ۾ پورو پورو حق
۽ اختيار حاصل آهي يعني نڪاح ۾ انهيءَ کان (ڪنوار
کان) اجازت وٺڻ ضروري آهي.“
(9)
هڪ عورت رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي دور ۾
اسلام آندو اسلام آڻڻ کانپوءِ انهيءَ عورت ٻيو
نڪاح ڪري ڇڏيو، حالانڪه اها پهريان ئي شادي شده
هئي. انهيءَ عورت جي اڳئين مڙس کي جڏهن هن جي ٻئي
نڪاح جي خبر پيئي ته پوءِ هو حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته
”يا رسول الله صلي الله عليھ وسلم! مون به اسلام
آندو آهي ۽ اِها عورت اسلام کان چڱيءَ طرح واقف
آهي، مان انهيءَ جو مڙس آهيان، انهيءَ هوندي به هن
ٻي شادي ڪئي آهي.“ اِهو ٻڌي حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن انهي ءَ عورت کي ٻئي مڙس کان الڳ
ڪرايو ۽ انهيءَ کي پهرئين مڙس جي حوالي ڪيو.
(سنن ابو دائود)
(10)
رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”ڪنهن عورت کي هي حق حاصل نه آهي ته اها ڪنهن ٻيءَ
عورت جو نڪاح ڪري ۽ نه ئي ٻي عورت کي اختيار آهي
ته اها پنهنجو نڪاح خود ڪري. انهيءَ جي باوجود
جيڪڏهن ڪا ئي عورت پنهنجو نڪاح پاڻ بغير ڪنهن وارث
جي ڪري ٿي ته اهو زنا ۾ شامل آهي.“
(ابن ماجھ جلد 2 مشڪواة ج 2 ص 72)
(11)
حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”جيڪا عورت بغير ڪنهن وارث جي نڪاح ڪري ٿي، يعني
نڪاح ۾ پاڻ خودمختيار آهي ته انهيءَ جو نڪاح باطل
آهي، باطل آهي، باطل آهي،
جنهن عورت جو ڪوئي وارث نه آهي، انهيءَ جو وارث
سلطان (حاڪم) آهي.
(ابو دائود- احمد-ترمذي-ابن ماجد- مشڪواة جلد 2 ص
72)
(12)
هڪ انصاري ڳالهه ڪري ٿو ته ”مون هڪ عورت سان نڪاح
ڪري ڇڏيو، مون سمجهيو ته انهيءَ جي پيٽ ۾ ڪو به
ٻار نه آهي، مگر جڏهن آئون انهيءَ جي ويجهو ويس ته
مون کي معلوم ٿيو ته اها پيٽ سان آهي. تنهن
کانپوءِ آءٌ رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ ويس ۽ سڄي حقيقت کان کين آگاهه ڪيو. تنهن
تي پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”اها عورت مهر جي حقدار آهي، ڇاڪاڻ ته تون انهيءَ
سان مقاربت ڪري چڪو آهين، ٻار ڄمڻ کانپوءِ اهو ٻار
تنهنجو غلام هوندو ۽ پوءِ عورت کي تاز يانو ماريو
ويندو ۽ تنهنجي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ عليحدگي ڪئي
ويندي.“
(13)
غيلان دمشقي جڏهن مسلمان ٿيو ته اسلام آڻڻ کان اڳ
۾ هن کي ڏهه زالون هيون، جڏهن هن جي زالن کي مڙس
جي اسلام آڻڻ جي خبر پيئي ته پوءِ هنن به اسلام
قبول ڪيو، جڏهن پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن کي
خبر پيئي ته انهيءَ غيلان دمشقيءَ کي حڪم ڏنائون
ته
”اي غيلان! تون فقط پاڻ وٽ چار زالون رکي سگهين ٿو
۽ ٻين عورتن کي پاڻ کان الڳ رک يعني طلاق ڏي.“
(ابن ماجھ/مشڪواة جلد 2 ص 80)
(14)
نوفل بن معاويه بيان ٿو ڪري ته ”جنهن وقت مون
اسلام قبول ڪيو ته انهيءَ وقت منهنجي نڪاح ۾ پنج
زالون هيون، آءٌ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
جي دربار ۾ حاضر ٿيس ۽ کانئن انهيءَ جي متعلق پڇا
ڪئي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم ڏنو ته
”اي نوفل! پاڻ وٽ فقط چار زالون رک، انهن منجهان
هڪ کي طلاق ڏي.“
(مشڪواة جلد 2 ص 80)
(15)
فيروز ويلمي جڏهن مسلمان ٿيو ته هن جي نڪاح ۾ ٻه
سڳيون ڀينرون هيون، حضور انور صلي الله عليھ وسلم
جن هن کي حڪم فرمايو ته ”جيڪا توکي انهن ٻنهي گهر
وارين منجهان پسند آهي، اها پاڻ وٽ رک، باقي ٻيءَ
کي طلاق ڏي.“
(مشڪواة جلد 2 ص 80)
(16)
هڪ عورت مسلمان ٿيڻ کانپوءِ ٻئي مرد سان نڪاح ڪيو،
جڏهن هن جي نڪاح جي خبر هن جي پهرئين مڙس کي پيئي
ته پوءَ هي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله
صلي الله عليھ وسلم! آءٌ مسلمان آهيان، منهنجي گهر
واريءَ کي منهنجي مسلمان ٿيڻ جي خبر هئي، پر خبر
هوندي به انهيءَ ٻيو نڪاح ڪري ڇڏيو.“ اهو ٻڌي پاڻ
ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ
عورت کي پنهنجي اڳين مڙس جي حوالي ڪيو وڃي.“
شرح السنه ۾ آهي ته ”حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم
جن ڪيترن ئي عورتن کي اڳين نڪاح جي ڪري انهن جي
اڳين مڙسن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن مڙس ۽ زال ٻنهي
ايمان آندو هو.“
(17)
وليد بن مغيره جي ڌيءَ صفوان بن اميه جي نڪاح ۾
هئي، جنهن ڏينهن مڪو شريف فتح ٿيو ته انهيءَ ايمان
آندو، مگر انهيءَ جي مڙس اسلام قبول نه ڪيو ۽ مڪي
شريف منجهان ڀڄي ويو، جڏهن حضور اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن کي خبر پيئي ته پاڻ سڳورن صلي الله
عليھ وسلم جن انهيءَ جي سوٽ وهب بن عمير کي انهيءَ
ڏانهن روانو فرمايو ۽ چوايو ته توکي امان ڏني وڃي
ٿي ۽ هيءَ چادر امان جي نشاني
آهي، اهو ڏسي صفوان واپس مڪي شريف ۾ آيو ته انهيءَ کي نه فقط امان ڏني ويئي،
مگر چئن مهينن جي مهلت ڏني ويئي، ايستائين جو
صفوان اسلام قبول ڪيو ته هن جي زال وليد جي ڌيءَ
هن جي نڪاح ۾ رهي.
(18)
هڪ ٻي عورت ام حڪيم حارث بن هشام جي ڌيءَ هئي،
جيڪا عڪرمه بن ابو جهل جي نڪاح ۾ هئي. هيءَ عورت
به مڪي جي فتح وقت اسلام ۾ داخل ٿي. مگر هن جي مڙس
عڪرمه بن ابو جهل ايمان نه آندو ۽ يمن ڏانهن ڀڄي
ويو. اِهو ڏسي امه حڪيم حضور ڪريم صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ پنهنجي مڙس لاءِ امان
طلب ڪيائين، جيڪا درٻار نبي ڪريم صلي الله عليھ
وسلم جن جي طرفان منظور ٿي. تنهن کانپوءِ امه حڪيم
پنهنجي مڙس کي يمن کان وٺي مڪي شريف ڏانهن آئي.
عڪرمه بن ابوجهل جڏهن مڪي پاڪ ۾ آيو ته اسلام قبول
ڪيائين. انهي ڪري انهن ٻنهي زال ۽ مڙسن جو اڳيون
نڪاح برقرار رهيو.
(سيرت ابن هشام،
جلد 2، باب فتح مڪه)
(19)
حضرت حسن بصري رضه چوي ٿو ته ”مان حضرت معقل بن
يسار رضه کان ٻڌو جيڪو فرمائي رهيو ته ”مون کي هڪ
ڀيڻ هئي، مون انهيءَ جو نڪاح هڪ اهڙي شخص سان ڪيو،
جنهن انهيءَ کي شادي کان ڪجهه وقت پوءِ طلاق ڏيئي
ڇڏي، جڏهن منهنجي ڀيڻ عدت جا ڏينهن پورا ڪيا ته
پوءِ انهيءَ ساڳئي شخص ٻيهرنڪاح ڪرڻ جو پيغام
موڪليو ته پوءِ مون انهيءَ کي چيو ته ”مون توسان
پنهنجي ڀيڻ پرڻائي، توکي عزت وارو ڪيو ۽ انهيءَ کي
تنهنجي لاءِ آرام وارو بنايو، انهيءَ چڱي ڪم جي
بدلي تو انهيءَکي طلاق ڏني ته پوءِ ٻيو دفعو ڪيئن
وري انهيءَ کي نڪاح ۾ آڻين ٿو. الله جو قسم! ائين
ڪڏهن به نه ٿي سگهندو. هاڻي اها ٻيهر آءٌ تنهنجي
نڪاح ۾ نه ڏيئي سگهندس.“ اهو شخص ۽ منهنجي ڀيڻ جي
به خواهش هئي ته انهيءَ جو نڪاح ٻيهر انهيءَ سان
ڪيو وڃي، مگر آءٌ انهيءَ تي راضي نه هيس. تنهن کان
پوءِ هيءَ آيت نازل ٿي ”فلا تعضلو هن ان ينکحن“
تنهن کانپوءِ درٻار النبي صلي الله عليھ وسلم جن ۾
مون کي گهرايو ويو ۽ مون کي فرمان الاهي ٻڌايو
ويو، مون عرض ڪيو ”يا رسول الله صلي الله عليھ
وسلم ! الله تعاليٰ جو حڪم نازل ٿي چڪو، هاڻي
منهنجي لاءِ سواءِ انهيءَ حڪم مڃڻ جي ٻيو ڪو به
چارو نه آهي.“
(صحيح بخاري جلد 4 ڪتاب النڪاح)
(20)
امه المومنين امه حبيبه رضي الله عليھ کان روايت
آهي ته ”آءٌ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ ويس ۽ عرض ڪيم ته ”يا رسول الله صلي الله
عليھ وسلم! ڇا توهان کي منهنجي ڀيڻ ابو سفيان جي
ڌيءَ چڱي نه ٿي لڳي؟“ اِهو ٻڌي پاڻ سڳورن صلي الله
عليھ وسلم جن فرمايو ته ”انهيءَ منجهان تنهنجو
ڪهڙو مطلب آهي؟“ مون عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي
الله عليھ وسلم! توهان
منهنجي ڀيڻ
سان نڪاح ڪريو.“ اِهو ٻڌي رسول الله صلي الله عليھ
وسلم جن فرمايو ته ”ڇا تون انهيءَ کي برداشت ڪري
سگهندين؟“ مون کين عرض ڪيو ته يا رسول الله
صلي الله عليھ وسلم! مان به ته توهان جي اڪيلي گهر
واري نه آهيان، جهڙي طرح ٻيون منهنجون پهاڄون آهن،
اتي جيڪڏهن منهنجي ڀيڻ به هوندي ته ڇا ٿيندو؟ مان
چاهيان ٿي ته منهنجي ڀيڻ به مون سان ڀلائي ۾
ڀائيوار هجي.“
پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”مگر
اهو ته منهنجي لاءِ حلال نه آهي ”يعني هڪ مرد وٽ
ٻه سڳيون ڀينرون نه ٿيون رهي سگهن.“
(صحيح مسلم جلد 4 ڪتاب الرضاءِ ص 66)
(21)
حضرت علي ڪرم الله وجھ چوي ٿو ته ”هڪ ڏينهن مون
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ عرض
ڪيو ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! سمجهه ۾
نه ٿو اچي ته توهان قريش جي عورتن ڏانهن نڪاح لاءِ
لاڙو رکو ٿا، ليڪن اسان ڏانهن ڌيان نه آهي.“ اهو
ٻڌي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”ڇا ڪائي اهڙي عورت آهي، جنهن سان آءٌ نڪاح ڪري
سگهان؟“ مون کين عرض ڪيو ته ”يا رسول الله صلي
الله عليھ وسلم!، هائو توهان جي چاچي حضرت امير
حمزي رضه جي نياڻي نوجوان به آهي، خوبصورت به آهي
۽ قريش منجهان به آهي.“ اِهو ٻڌي سرور ڪونين صلي
الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”اها منهنجي لاءِ
جائز نه آهي، ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته امير حمزو رضه
منهنجو ٿڃ شريڪ ڀاءُ آهي! جنهن شيءِ کي الله
تعاليٰ نسب جي لحاظ کان حرام قرار ڏنو آهي، اهو
کير جي رشتي سان به حرام آهي.“
(صحيح مسلم جلد 4 ص 56، مشڪواة جلد 2 ص 77)
(22)
حضرت انس رضه بيان ڪري ٿو ته ”حضور انور صلي الله
عليھ وسلم جن کي نو گهر واريون هيون، پاڻ سڳورن
صلي الله عليھ وسلم جن هر هڪ لاءِ وارو مقرر ڪرڻ
فرمايو هو، اهڙيءَ طرح سان پهرين گهر واريءَ جو
وارو نائين ڏينهن اچي پيو، پاڻ سڳورا صلي الله
عليھ وسلم جن جنهن گهر واريءَ ڏانهن تشريف
فرمائيندا هئا، تڏهن سندن پاڪ گهر واريون گڏ
هونديون هيون.“
(صحيح مسلم جلد 4 ص 78) |