باب ڏهون
جهاد متعلق فيصلا
(1)
(111) غزوه بدر ۾ الله تعاليٰ مسلمانن کي فتح نصيب
فرمائي.
رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته
”دشمنن جو جيڪو به مال جنهن کي هٿ لڳي، اهو جمع
ڪرائي.“ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي فرمان
مطابق هر مسلمان کي جيڪو به ڪافرن جو مال هٿ لڳو،
انهيءَ اهو مال حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
وٽ جمع ڪرايو، مگر مال غنيمت جي ورهاست بابت
مسلمان مجاهدن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا. انهن ۾
ٽي وڏا گروهه هئا، جن منجهان هر هڪ جي راءِ مختلف
هئي.
1.
ڪجهه ماڻهن جو اهو رايو هو ته جيڪي مال انهن گڏ
ڪيو آهي، اهو انهن کي ڏنو وڃي، انهيءَ مطالبي کي
وزن وارو بنائڻ لاءِ هنن هي دليل پيش ڪيو ته ”پاڻ
ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو هو ته ”مال
غنيمت جيتريقدر جنهن کي ملي، اهو انهيءَ جو آهي.“
2.
ٻيو گروهه انهن ماڻهن جو هو، جيڪي ڪافرن کي قيد
ڪرڻ ۾ مصروف هئا، انهن جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن اسين
ڪافرن کي قيد نه ڪريون ها ته مال غنيمت هٿ نه اچي
سگهيا. انهيءَ ڪري انهي جي مٿان اسان جو وڌيڪ حق
آهي.“
3.
ٽيون گروهه انهن ماڻهن جو هو، جيڪي دشمن جي يلغار
جي خوف کان پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي
حفاظت ڪري رهيا هئا، انهن جو خيال هو ته مال غنيمت
جي مٿان سڀ کان وڌيڪ حق هنن جو آهي.
مٿين گروهن جي دعويٰ پيش ڪرڻ جي سبب انهن ۾ سخت
اختلاف پيدا ٿيو ۽ نوبت سخت ڪلاميءَ تائين پهتي.
اها حالت ڏسي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
الله جي حڪم سان انهيءَ سموري مال غنيمت کي گڏ ڪرڻ
لاءِ فرمايو ۽ الله تعاليٰ جي حڪم مطابق تقسيم
فرمايو.
(سيرت ابن هشام جلد ٻيو)
(2)
(112) هجرت کان بعد جڏهن رسول اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن مديني پاڪ ڏانهن تشريف فرمايو، تڏهن مديني
جي بچاءَ لاءِ مديني جي يهودين سان هڪ معاهدو ڪيو،
جيڪو تاريخ ۾ ”ميثاق مدينه“ جي نالي سان مشهور
آهي، اهو معاهدو هيٺينءَ طرح هو.
1.
جيڪڏهن ڪائي ٻاهرين طاقت مديني جي مٿان حملو ڪري
ته يهودي مسلمانن سان گڏجي مديني جود فاع ڪندا.
2.
ٻاهرين جنگ جي اخراجات ۾ مسلمانن سان گڏ هوندا.
3.
مڪي جي قريش سان ڪو به تعلق نه رکندا.
4.
مذهبي رواداريءَ کان ڪم وٺندا.
جڏهن غزوه بدر جو واقعو پيش آيو ته يهودين انهيءَ
معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، مسلمانن جو ساٿ بلڪل ڪونه
ڏنو، ليڪن الله تعاليٰ مسلمانن کي فتح عطا فرمائي.
تنهن کانپوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
انهيءَ غدار فوج جي متعلق هيٺان فيصلا فرمايا.
بنو قينقاع
(113) غزوه بدر کانپوءِ هڪ مسلمان انصاري عورت
پنهنجو ڪجهه سامان وڪڻڻ لاءِ بنو قينقاع جي بازار
۾ آئي، پنهنجو سامان وڪڻي هڪ سوناري جي دڪان تي
ويئي ته يهودين انهيءَ مسلمان عورت جي بي حرمتي
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اِهو ڏسي انهيءَ عورت واويلا
ڪئي، دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون ته پوءِ هڪ مسلمان
ڊوڙندو آيو ۽ پوءِ سوناري جو ڪم پورو ڪري ڇڏيائين،
جنهن تي يهودين وري انهيءَ مسلمان کي شهيد ڪري
ڇڏيو.
جڏهن مٿين واقعي جو اطلاع حضور انور صلي الله عليھ
وسلم جن کي مليو ته پوءِ يڪدم بنو قينقاع جي بازار
۾ آيا ۽ بنو قينقاع وارن کي گڏ ڪري ارشاد
فرمايائون.
”اي يهوديو! خدا تعاليٰ کان ڊڄو، ڪٿي توهان جو حشر
به اهڙو نه ٿئي، جهڙو قريش جو ٿيو آهي، اسلام قبول ڪريو، آءٌ الله جو موڪليل آخري نبي
آهيان، جنهن جو ذڪر توهان جي ڪتابن ۾ درج ٿيل
آهي.“
مگر يهودين تي انهيءَ تقرير جو ڪو به اثر نه ٿيو ۽
تڪبر منجهان وڏي واڪ چيائون ته
”(اي محمد صلي الله عليھ وسلم) تون اسان جي قوم
مٿان قياس ڪري رهيو آهين، انهيءَ وهم ۾ نه
رهجانءِ، تنهنجو مقابلو انهن ماڻهن سان هو، جيڪي
جنگي فن کان بلڪل واقف نه هئا ۽ توهان انهيءَ کي
زيردست ڪيو.
خدا جو قسم! جيڪڏهن توهان جو واسطو اسان سان پيو
ته توهان کي پتو پئجي ويندو ته لڙائي ڪيئن ٿيندي
آهي ۽ مرد ڪيئن هوندا آهن؟“
بنو قينقاع يهودين جو پهريون قبيلو هو، جنهن
معاهدي جي ڀڃڪڙي هئي ته پوءِ الله تعاليٰ جو فرمان
نازل ٿيو.
”جيڪڏهن توکي ڪنهن قوم جي خيانت جو انديشو ٿئي ته
پوءِ تون به انهن سان اهڙي طرح پيش اچ.“
تنهن کانپوءِ حضور ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن
مسلمانن سان گڏجي بنو قينقاع وارن جي مٿان حملو
ڪيو. پندرهن ڏينهن انهن جو معاصرو (گهيراءُ) ڪيو
ويو، جڏهن بنو قينقاع وارن ڪوبه ڇوٽڪارو نه
سمجهيو ته پوءِ هٿيار ڦٽا ڪيائون ۽ پنهنجيو پاڻ
کي حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن آڏو پيش
ڪيائون.
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن حڪم فرمايو ته
”انهن کي رسن ۾ ٻڌو وڃي.“ انهيءَ کانپوءِ انهن کي
رسن ۾ جڪڙيو ويو، ليڪن عبدالله بن اُبي رسول اڪرم
صلي الله عليھ وسلم جن جي دامن کي پڪڙيو، ليلايو،
گڙ گڙايو ۽ ايلاز منٿ ڪيا، انهيءَ وقت تائين دامن
کي پڪڙي ورتو، جيستائين پاڻ سڳورن صلي الله عليھ
وسلم جن هن جي ڳالهه نه مڃي، تنهن کانپوءِ حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهن جي قتل ڪرڻ جو
حڪم نه ڏنو ۽ هيٺيون فيصلو صادر فرمايو.
1.
بنو قينقاع کي ملڪ بدر (جلاوطن) ڪيو وڃي.
2.
انهن جي ملڪيت کي غنيمت جي مال وانگر مسلمانن ۾
تقسيم ڪيو وڃي.
تنهن کانپوءِ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن
عباده بن صامت کي حڪم ڏنو ته ”بنو قينقاع وارن کي
ڳوٺن منجهان ٻاهر ڪڍي اچ“ اهي ڪل ست سئو هئا، جن
منجهان چار سئو هٿيارن کانسواءِ هئا ۽ ٽي سئو
زرهه پوش هئا ۽ پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم
جن مال غنيمت تقسيم ڪرڻ جو حڪم فرمايو، جيڪو هن
طرح هو.
1.
خمس وصول ڪيو ۽ عام حصو به
2.
۽ باقي چئن حصن کي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم
جن اصحابن سڳورن ۾ تقسيم فرمايو.
(سيرت ابن هشام جلد ٻيو ص 21)
بنو نضير
(114) عمرو بن اميه نمري، مديني شريف ڏانهن واپس
اچي رهيو هو، هن واٽ تي بنو عامر جي قيبيلي جي ٻن
ماڻهن کي قتل ڪيو، حالانڪه انهن سان هنن جو معاهدو
ٿيل هو، عمرو بن اميه انهيءَ معاهدي کان بي خبر
هو، بنو عامر قيبيلي جي چڱي مڙس عامر بن طفيل حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي اهو اطلاع ڏنو. پاڻ
ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن سان گڏ حضرت ابوبڪر
صديق رضه، حضرت عمر فاروق رضه، حضرت علي ڪرم الله
وجھ ۽ اسيد بن حضير رضه به هئا. حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن جو ان جڳهه ڏانهن وڃڻ جو اهو
مقصد هو ته جيئن بنو عامر جي ٻن مقتولن جي ديت
وٺڻ جو بنو نضير وارن کان تعاون حاصل ڪجي.
اهڙيءَ طرح سان پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن
جڏهن انهيءَ جڳهه وٽ پهتا ۽ بنو نضير وارن کي مدد
لاءِ چيائون ته انهن چيو ته ”هائو ابو القاسم!
اسان مدد لاءِ تيار آهيون،“ ليڪن يهودين بد ڪردارن
جو مقصد ته ٻيو هو ۽ پوءِ اهي يهودي پاڻ ۾ سُسِ
پُسِ ڪرڻ لڳا، تنهن کانپوءِ ڇا ڪيائون، جو حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جنهن جاءِ جي ديوار
(ڀت) کي ٽيڪ لڳايو ويٺا هئا، يهودين سازش ڪئي ته
ڪوئي شخص جاءِ جي مٿان چڙهي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح سان
چڙهي ته جيئن ڪنهن به مسلمان کي خبر نه پوي، تنهن
کانپوءِ هڪ وڏو پٿر کڻي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم
جن جي مٿان اڇلائي.
اهڙيءَ طرح سان هڪ يهودي عمرو بن حجاش انهي ڪم
لاءِ اٿيو. هيڏانهن الله تعاليٰ انهيءَ سازش کان
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن کي خبر دار ڪيو.
پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ جڳهه تان
اٿي کڙا ٿيا، جتي ويٺا هئا ۽ اصحابن کي به اتي ڇڏي
ڏنائون ۽ فقط ايترو چيائون ته ”توهان ترسو آءُ جلد
ئي اچان ٿو.“
جڏهن حضور ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن اچڻ ۾ دير
ڪئي ته اصحاب ڪرام به اتان هليا، واٽ تي هڪ شخص
ٻڌاين ته پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وسلم جن مديني
پاڪ ڏانهن ويا آهن ۽ پوءِ اصحاب سڳورا به سندن
خدمت لاءِ مديني ۾ پهچي ويا.
پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن اصحابن کي انهيءَ
سموري حقيقت کان آگاهه ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته يهودين
سان جنگ ڪرڻ لاءِ به تيار ٿين ۽ پوءِ اصحابن سڳورن
کي ساڻ ڪري بنو نضير جي مقابلي لاءِ پهچي ويا ۽
انهن جي گهرن جو محاصرو (گهيراءُ) ڪيائون. اِهو
ڏسي يهودي قلعي ۾ ويهي رهيا.
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”يهودين جي سڀني وڻن کي وڍي ساڙيو وڃي.“
يهودي دانهون ڪري اٿيا ته پوءِ پاڻ ڪريم صلي الله
عليھ وسلم جن محمد بن مسلمه کي پاڻ وٽ گهرايو ۽
فرمايو ته ”تون يهودين ڏانهن جلدي وڃ ۽ کين چئو
ته جلدي منهنجا علائقا خالي ڪن ۽ هتان نڪري وڃن.“
محمد بن مسلمه آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جو
پيغام يهودين تائين پهچايو. يهودي پاڻ سڳورن صلي
الله عليھ وسلم جن جو حڪم مڃڻ لاءِ تيار ٿيا، مگر
منافقن جي سردارن عبدالله بن اُبي کيس تسلي ڏني ته
جيڪڏهن توهان سان هٿ چراند ڪئي ويئي ته پوءِ اسان
جا ٻه هزار نوجوان سپاهي به توهان سان هوندا ۽ ديس
نڪالي ڪرڻ جي صورت ۾ اسان توهان سان هونداسين،
انهيءَ کان علاوه بني قريظه وارا به توهان جي
امداد لاءِ ايندا، ليڪن بني قريضه جي سردار ڪعب بن
اسد بلڪل انڪار ڪيو.
سلام بن مشڪ قبيلي بنو نضير جي سردار کي صلاح ڏني
ته هو ۽ انهيءَ جي قيبيلي وارا حضور انور صلي الله
عليھ وسلم جن جو فيصلو تسليم ڪن نه ته پوءِ وڙهڻ
وارا برباد ٿي ويندا، اسان جا ٻار غلام ۽ اسان جون
عورتون ٻانهيون بنجي وينديون ۽ سڄو مال ۽ اسباب
ضبط ڪيو ويندو، مگر بنو نضير جو سردار حَيُ بن
اخطب پنهنجي ڳالهه تي ڄميو رهيو ۽ حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ پيغام موڪليو ته
”جيڪو به دل ۾ اچيو ته ڪريو، اسين وطن کان ڪونه
نڪرنداسين.“
مٿيون پيغام سراسر جنگ جو پيغام هو، حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن اڃا به وڌيڪ سخت گهيراءُ ڪرڻ جو
حڪم فرمايو.
هيڏانهن بنو نضير وارن جي مدد لاءِ به ڪوئي ڪونه
آيو، عبدالله بن اُبي ڪونه آيو. پوءِ بيوس ٿي حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي آڏو اچي هٿيار ڦٽي
ڪيائون ۽ درخواست ڏنائون ته
1.
هنن کي قتل نه ڪيو وڃي.
2.
هنن کي جلاوطن ڪيو وڃي.
3.
هنن کي هٿيارن کانسواءِ ٻئي سموري سامان جي کڻڻ جي
اجازت ڏني وڃي.
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هنن جي درخواست
قبول فرمائي ۽ هيٺيون فيصلو صادر فرمايو.
1.
بنو نضير وارن کي قتل نه ڪيو ويندو.
2.
هنن کي وطن ۽ زمين کان بيدخل ڪيو ويندو.
3.
هنن کي جلاوطن ڪيو ويندو.
4.
هي پاڻ سان گڏ مال ۽ اسباب کڻي ويندا.
تنهن کانپوءِ مٿئين فيصلي تي عمل ڪيو ويو.
بنو نضير جي ٻن ماڻهن اسلام قبول ڪيو، هنن جي
ملڪيت واپس ڪئي ويئي ۽ کين ملڪ بدر به نه ڪيو ويو.
(سيرت ابن هشام جلد ٻيو ص 215)
بني غطفان
(115) غزوه خندق جي موقعي تي ڪافرن ڏهن هزارن جي
لشڪر سان مديني جو گهيراءُ ڪري رکيو هو، انهن ۾
بني غطفان قبيلو سر فهرست هو. ڪافرن کانسواءِ
مسلمانن لاءِ منافقن جو اندروني خطرو به موجود هو،
جيڪي ظاهر ۾ مسلمانن سان گڏ ۽ اندروني طرح ڪافرن
سان مليل هئا. گهيراءُ وڌندو پئي ويو. عبدالله بن
حصين ۽ حادث بن عوف بني غطفان قبيلي جا اڳواڻ هئا،
جن ڏانهن رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن پيغام
ڏياري موڪليو ته اهي مسلمانن جي مخالفت ڪرڻ ڇڏي
ڏين، اتحادين کان الڳ ٿين ته پوءِ انهيءَ جي بدلي
کين مديني جي گلن جي فصل جو ٽيون حصو ڏنو ويندو.
جيڪو شرط بني غطفان وارن قبول ڪيو، ٻنهي طرفن کان
صلح ٿيڻ جون ڳالهيون ٿيون، رسول اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن هڪ لکت نامو به پيش ڪيو، مگر فقط
انهيءَ تي شاهدن جي صحيحن جي ضرورت هئي، بني غطفان
جي سردارن به صلح جي گفتگوءَ لاءِ پوري پوري
آمادگي ڏيکاري هئي،
اهڙيءَ طرح سان معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انصارن جي اڳواڻن سعد
بن معاذ رضه ۽ سعد بن عباده رضه کي پاڻ وٽ گهرايو
۽ پوءِ انهن کان بني غطفان سان گفتگو ڪرڻ جي متعلق
صلاح ورتائون. انهن ٻنهي جواب ڏنو ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! جيڪڏهن اها
توهان جي مرضي آهي ته اسان کي انڪار ڪرڻ جي مجال
نه آهي، جيڪڏهن اهو الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته
پوءِ انهيءَ تي عمل ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪابه واٽ نه
آهي، يا ته توهان انهيءَ ۾ اسان جي ڀلائي ڏسو ٿا“
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”انهيءَ ۾ منهنجي ذاتي خواهش جو ڪو به دخل نه آهي،
انهيءَ ۾ مون کي فقط توهان جي چڱائي نظر اچي ٿي،
ڏسون ٿا ته سڄو عرب متحد ٿي ويو آهي، واٽون بند ٿي
ويون آهن. رستا سيل ٿي ويا آهن، آءٌ چاهيان ٿو ته
ڪنهن نه ڪنهن حد تائين انهن جي طاقت کي ٽوڙيان.“
سعد بن معاذ رضه وراڻيو ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! هن کان اڳ اسين
به هنن وانگر مشرڪ هئاسون، اسان کي خدا جي ذات ۽
عبادت جي ڪابه خبر ڪانه هئي، توهان جي وسيلي اسين
ايمان جي دولت سان مالا مال ٿيا آهيون،ا سلام جي
برڪت سان اسان کي عزت جو مقام مليو آهي ته پوءِ
اسين ڪيئن انهن کي پنهنجو فصل ڏيئي سگهون ٿا.؟
الله جو قسم! اسان انهن کي ڪڏهن به پنهنجو مال
ڪونه ڏينداسين، اسان کي انهن جي شرطن تي صلح ڪرڻ
جي ڪابه ضرورت ڪانه آهي، انهن جي جواب ۾ اسان جون
تلوارون حاضر آهن، ايستائين جو الله تعاليٰ انهن ۽
اسان جي وچ ۾ ڪوئي فيصلو فرمائي.“
تنهن کانپوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
تحرير نامو سعد بن معاذ رضه کي ڏنو، جنهن اڳين
تحرير کي مٽائي ڇڏيو.
(سيرت بن هشام جلد ٻيو ص 248)
بنو قريظه
(116) بنو قريظه جو يهودي قبلو به ”ميثاق مدينه“
۾ شامل هو. هنن معاهدي جي خلاف ورزيءَ ۾ نه بنو
قينقاع جو ساٿ ڏنو ۽ نه وري بنو نضير جي حمايت
ڪئي، مگر معاهدي تي ڄميا رهيا.
غزوه احذب جا محرڪ يهودي هئا، انهن ۾ بنو نضير جو
سردار حيء بن اخطب سڀ کان اڳڀرو هو، هن ڪافرن کي
مديني تي چڙهائيءَ لاءِ همٿايو. ڪافرن جي لشڪر ۾
ڏهه هزار جوڌا هئا، جن ۾ يهودي به شامل هئا.
رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن بچاءَ لاءِ مديني
جي هڪ طرف کان خندق کوٽائي، پنهنجي مجاهدن جي
جماعت ساڻ کنيائون، اهڙي جڳهه تي ترسيا، جتي پويان
جبل هو ۽ اڳيان خندق هئي.
انهيءَ کانسواءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن
عورتن ۽ ٻارن کي هڪ محفوظ جڳهه تي رهايو ۽ انهيءَ
جي مٿان سنڀال لاءِ حسان بن ثابت رضه کي رکيو.
هيڏانهن حَيءُ بن اخطب بنو قريظه جي سردار کي
چالاڪيءَ ۽ فريب سان پاڻ سان گڏايو، بنو قريظه جو
سردار ڪعب بن اسد هو.
حئي بن اخطب، ڪعب بن اسد کي چيو ته ”آءُ بني غطفان
۽ ٻين قبيلن جو وڏو لشڪر ساڻ کڻي آيو آهيان، جيڪو
مسلمانن کي نيست نابود ڪرڻ کانسواءِ هتان نه
ويندو، منهنجو انهن سان معاهدو ٿيل آهي“ مگر ڪعب
بن اسد حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن سان ڪيل
معاهدي کي ٽوڙڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته
”تون منحوس ۽ بدبخت آهين، مون کي منهنجي حالت تي
ڇڏي ڏي، آءُ ڪڏهن به رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم
جن جي مخالفت ڪونه ڪندس.“
مگر حئي بن اخطب هن کي سبز باغ ڏيکاري پنهنجي
چالاڪيءَ جي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو.
جڏهن حضور انور صلي الله عليھ وسلم جن کي انهن جي
خبر پيئي ته پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن
سعد بن معاذ رضه (سردار اوس) سعد بن عباده رضه
(سردار خزرج) عبدالله بن رواحه رضه ۽ خواث بن جبير
رضه کي وڌيڪ حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو ۽ انهن
کي هدايت فرمائي ته ”جيڪڏهن ڳالهه سچي آهي ته
اشارن ۾ ڳالهائجو ۽ جيڪڏهن غلط آهي ته لشڪر گاهه
۾ اعلان ڪجو.“
جڏهن اهي اصحابي سڳورا اتي ويا، جتان جو کين حڪم
هو ته ڪعب بن اسد جي چال ۾ سختي ڏٺائون. هن رسول
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي شان ۾ گستاخي ڪري
چيو ته ”وڃو اسان ۾ ۽ محمد صلي الله عليھ وسلم ۾
ڪو به معاهدو ڪونه آهي.“
جيئن ته خبر جي سچي هئڻ جي تصديق ٿي ويئي ۽ جڏهن
اهي واپس آيا ته حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
جي درٻار ۾ اشارن سان تصديق ڪيائون.
محاصري (گهيراءُ) جي دوران يهودين هڪ ٻيو قيوم
کنيو ۽ انهن بدعهديءَ جو سڀ کان وڌيڪ بدترين مثال
قائم ڪيو، هنن پنهنجو هڪ مرد انهيءَ جڳهه ڏانهن
موڪليو، جتي مسلمان عورتون ۽ ٻار ترسيل هئا، تان
ته صورتحال جو مشاهدو ڪري ۽ پوءِ ڪارروائي ڪئي
وڃي.
حضرت بيبي صفيه رضه جيڪا حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن جي پڦي هئي، چوي ٿي ته ”اسان وٽ حسان بن
ثابت رضه کانسواءِ ٻيو ڪو به مرد ڪونه هو، جڏهن
اهو يهودي اسان جي جاسوسي ڪرڻ لڳو ته ڪٿان حملو
ڪرڻ گهرجي؟ ته پوءِ مون حسان بن ثابت رضه کي چيو
ته هن يهوديءَ کي قتل ڪر، ليڪن هن انهيءَ کي قتل
ڪرڻ کان نٽايو، تنهن کانپوءِ مان خيمي کي کوٽڻ جو
هڪ چهنب وارو اوزار کنيو ۽ قلعي کان هيٺ لهي
يهوديءَ جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ جو سِرُ وڍي
يهودين ڏانهن اڇلايو. تنهن کانپوءِ يهودين کي اسان
ڏانهن اچڻ جي ڪابه جرئت ڪانه ٿي“
انهن ئي ڏينهن ۾ نعيم بن مسعود جنهن جو تعلق بني
غطفان قبيلي سان هو، اهو حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين.
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ ته اسلام
قبول ڪري چڪو آهيان، مگر اها خبر منهنجي قبيلي
وارن کي ڪانه آهي، هاڻي سائين جن جو منهنجي لاءِ
جيڪو حڪم آهي، آءُ حاضر آهيان“ پاڻ سڳورن صلي الله
عليھ وسلم جن کيس حڪم فرمايو ته هڪ کيڏجي ذريعي
ڪيئن به ڪري قريش ۽ بنو قريظه وارن جي وچ ۾ وڇوٽي
وڌي وڃي.“
تنهن کانپوءِ نعيم بن مسعود ويو ۽ پهريائين پنهنجي
هوشياريءَ سان بنو قريظه وارن کي قريشن کان بذطن
ڪيائين ۽ پوءِ قريشن وٽ اچي کين بنو قريظه وارن
لاءِ شڪ ۽ گمان ۾ رکيائون.
ايتري ۾ الله تعاليٰ طرفان ٻي صورت ۾ ڪافرن جي
مٿان عذاب نازل فرمايو ۽ پوءِ قريشن گهيراءُ ختم
ڪيو ۽ مڪي جي واٽ ورتائون.
بني غطفان ۽ ٻين قبيلن به پنهنجو رستو ورتو، صبح
ٿيندي ئي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن واپس
مديني ۾ تشريف فرما ٿيا، سڀني هٿيار لاهي ڇڏيا،
ليڪن ٻپهريءَ جي وقت حضرت جبرائيل عه حضور انور
صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ الله تعاليٰ جو
حڪم کڻي آيو ته ”جلد ئي بنو قريظه جي طرف پيش قدمي
ڪريو.“
تنهن کانپوءِ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن مجاهدن
کي تيار ڪيو ۽ بنو قريظه وارن جو محاصرو ڪيو ۽
اهو محاصرو 25 ڏينهن تائين جاري رهيو، هاڻي يهودين
کي يقين ٿي ويو ته جيستائين نبي ڪريم صلي الله
عليھ وسلم جن مقصد ۾ ڪامياب نه ويندا، تيستائين
واپس نه ويندا.
هيڏانهن بنو قريظه وارن حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن ڏانهن پيغام ڏياري موڪليو ته ”اسان جي معاملي جو امين سعد بن معاذ رضه کي
بنايو وڃي، انهيءَ جو فيصلو اسان کي منظور هوندو.“
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن بنو قريظه
وارن کي حڪم ڏنو ته اهي قلعن کان ٻاهر نڪري هيٺ
لهي اچن، صبح ٿيندي ئي بنو قريظه جيئن هيٺ لهي آيا
ته پوءِ کين گرفتار ڪيو ويو.ا يتري ۾ بنو اوس وارا
ڊوڙندا آيا ۽
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ پهتا
۽ بنو قريظه جي حق ۾ سفارش ڪرڻ لڳا ته ”بنو قريظه
جي مٿان رحم ڪيو وڃي.“
انهيءَ تي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته
”اي اوس! قبيلي وارؤ! ڇا توهان انهيءَ ڳالهه سان
خوش آهيو ته جيڪڏهن آءٌ توهان منجهان هڪ ماڻهو
مقرر ڪيان، اهو انهيءَ متعلق جيڪو فيصلو ڪري، اهو
توهان کي منظور آهي.
اوس قبيلي وارن وراڻيو ته ”اسان کي قبول آهي.“
رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته ”ٻڌو!
توهان جي سردار سعد بن معاذ کي امين بنايو وڃي
ٿو.“
سعد بن معاذ رضه انهيءَ وقت زخمي هو ۽ مسجد نبويءَ
۾ ترسيل هو. اهو ٻڌندي ئي ماڻهو ڊوڙندا ويا ۽ سعد
بن معاذ رضه کي سواريءَ تي کڻي آيا. سعد بن معاذ
رضه پنهنجي قبيلي وارن کي چيو ته ”آءٌ الله تعاليٰ
جي حڪم مطابق فيصلو ڪندس، اهو توهان کي قبول ڪرڻو
پوندو.“ سڀني هائو ڪئي.
تنهن کانپوءِ حضرت سعد بن معاذ رضه جن هيٺيون
فيصلو ڪيو.
1.
انهن جي سڀني مردن کي قتل ڪيو وڃي.
2.
انهن جو مال ۽ ملڪيت تقسيم ڪيو وڃي.
3.
انهن جي ٻارن ۽ عورتن کي غلام ۽ ٻانهيون بنايو
وڃي.
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن انهيءَ فيصلي جي
تصديق فرمائي، تنهن کانپوءِ آنحضرت صلي الله عليھ
وسلم جن مديني ڏانهن آيا، اتي خندقون (کاهيون)
کوٽايائون ۽ پوءِ بنو قريظه جي سڀني مردن کي ننڍن
ننڍن ٽولن ۾ آندو ويو؟ پوءِ کين قتل ڪيو ويو. اهو
تعداد اٽڪل 700 هو.
تنهن کانپوءِ سندن مال منصفانه نموني طور تقسيم
ڪيو ويو.
1.
سڀ کان پهريون خمس ڪڍيو ويو.
2.
بنو قريظه جي مال، عورتن ۽ ٻارن کي مسلمانن ۾
تقسيم ڪيو ويو.
3.
سوارن ۽ پيادن جا حصا مقرر ڪيا ويا.
4.
سوار جي لاءِ ٽي حصا ۽ پيادي لاءِ هڪ حصو مقرر ڪيو
ويو.
(سيرت ابن هشام جلد ٻيو ص 248)
غزوه خبير (7 هجري)
(117) صلح حديبه جي واپسيءَ کانپوءِ حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن 2 مهينا مديني پاڪ ۾ ترسيا ۽
پوءِ 7 هجري محرم جي آخر ۾ خيبر لاءِ نڪتا. مختلف
منزلون طئه ڪندا رجيع جي مقام تي خيما کوڙيائون.
هيءَ جڳهه خيبر ۽ غطفان جي وچ ۾ هئي. مقصد هي هو
ته بني غطفان جيڪي خيبر وارن جا ساٿي هئا، اهي
خبير وارن جي مدد لاءِ نه اچي سگهن. پهريائين ته
بنو غطفان واري مقابلي لاءِ سندرا ٻڌا، ليڪن پوءِ
پنهنجي آبادين ڏانهن واپس وريا.
هيڏانهن نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن يهودين جي
ڳوٺن کي فتح ڪرڻ شروع ڪيو. فتح ڪرڻ وقت کين ڪافي
مال غنيمت هٿ آيو ۽ پوءِ هيٺان حڪم جاري
فرمايائون.
1.
گهر ۾ پليل گڏهن جو گوشت نه کاڌو وڃي.
2.
پيٽ ڀريل قيدي عورتن سان همبستري نه ڪئي وڃي.
3.
درندن جو گوشت نه کاڌو وڃي.
4.
ورهاست کان پهريائين مال غنيمت جي خريد ۽ فروخت نه
ڪئي وڃي.
تنهن کانپوءِ يهودين جي قلعن جو محاصرو ڪيو ويو ۽
اهومحاصرو پورا ڏهه ڏينهن رهيو. تنهن کانپوءِ
يهودين تنگ اچي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
جي خدمت ۾ درخواست پيش ڪئي ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! اسان کي وطن
منجهان ٻاهر نڪرڻ ڏيو ۽ جانين جي امان ڏني وڃي.“
تنهن کانپوءِ سندن درخواست منظور ڪئي ويئي، فدڪ
وارن کي جڏهن خيبر وارن جي حشر جي خبر پيئي ته هنن
۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کي امان جي
درخواست ڏيڻ ۾ پنهنجو ڇوٽڪارو سمجهيو.
اهڙي طرح سان هنن درخواست ڏني ته
1.
هنن کي جان جي امان ڏني وڃي.
2.
هنن کي جلاوطن ڪيو وڃي.
3.
هي پنهنجي سموري ملڪيت مسلمانن لاءِ ڇڏي وڃن.
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هنن جي درخواست
هن شرط تي منظور فرمائي ته ”جڏهن به اسان چاهيون،
ته توهان کي بيدخل ڪري هتان ڪڍي سگهون ٿا.“
خيبر وارن سان گڏ فدڪ وارن به انهيءَ شرط تي صلح
ڪيو.
انهيءَ کانپوءِ سڄو خيبر مسلمانن لاءِ مال غنيمت
قرار ڏنو ويو ۽ جيئن ته فدڪ سواءِ لڙائي جي قبضي ۾
آيو هو، تنهنڪري اهو فقط رسول الله صلي الله عليھ
وسلم جن لاءِ مخصوص ڪيو ويو.
(سيرت ابن هشام جلد ٻيو ص 392)
مڪي جي فتح
(118) مڪي جي فتح اسلام جي سربلندي ۽ عظمت جو
ڏينهن هو، مڪي جي قريشن اسلام قبول ڪري پنهنجي
وڃايل شان ۽ شوڪت کي بحال رکيو، فتح ڪرڻ کانپوءِ
آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن هر شخص کي جان جي
امان ڏني، ايتري تائين جو پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ
وسلم جن ڪجهه مخصوص ماڻهن کانسواءِ هر شخص کي معاف
ڪري ڇڏيو. جن پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن ۽
انهن جي ساٿين تي هر قسم جا ظلم ڪيا هئا، هجرت
کانپوءِ انهن يلغارون ۽ ڪاهون ڪيون هيون ته جيئن
اسلام جو نالو نشان ئي زمين تان مٽائي ڇڏين. فقط
ڪجهه ماڻهو هئا، جن کي آنحضرت صلي الله
عليھ وسلم جن
واجب القتل ٺهرايو. انهن منجهان، جن ماڻهن سر
نوايو ۽ توبهه تائب ٿيا، تن کي به بخشيو ويو ۽
انهن کي به جان جي امان ڏني ويئي.
جيڪي شخص واجب القتل قرار ڏنا ويا، انهن جا نالا
هي آهن.
(1) عبدالله بن خطل (2) مقيس بن حبايه (3) قريه
(ٻانهي)
(4) حويرث بن نفيد (5)فرتني (ٻانهي) (6) ساره
(7) حبار بن الاسود (8) عبدالله بن سعد بن ابي
سرح
(9) عڪرمه بن ابو جهل (10) صفوان بن اميه
(1)
عبداالله بن خطل
(119) هن جو تعلق بني تيم بن غالب سان هو، هي
مسلمان هو، آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن هن کي
صدقات وصول ڪرڻ جي ارادي سان عامل بنائي موڪليو.
هن سان گڏ هن جو خدمتگار به هو، اهو به مسلمان هو،
هلندي هلندي ابن خطل هڪ هنڌ تي ترسيو ۽ پنهنجي
خدمتگار کي حڪم ڏنو ته ڇيلو ذبح ڪري کاڌو تيار
ڪرائي، حڪم ڏيڻ کان پوءِ سمهي رهيو ۽ هن کي ننڊ
اچي ويئي، وري جڏهن سجاڳ ٿيو ته ڏٺائين ته کاڌو
تيار ڪونه ٿيو آهي، هن کي غصو اچي ويو ۽ پنهنجي
خدمتگار کي قتل ڪري وڌائين ۽ پوءِ مرتد ٿي ويو. هن
ٻه وڏا ڏوهه ڪيا. هڪ ناحق قتل ۽ ٻيو ارتداد.
تنهن ڪري پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن هن جي
قتل جو حڪم فرمايو.
(2)
مقيس بن حبايه
(120) مقيس ۽ هن جو ڀاءُ مسلمان بنجي مديني ۾ آيا
۽ اتي ئي رهڻ لڳا.هڪ انصاري غلطيءَ منجهان مقيس جي
ڀاءُ کي قتل ڪري وڌو. انهيءَ لاءِ هن جي ديت ادا
ڪئي ويئي. مگر مقيس جو غصو ٿڌو ڪونه ٿيو. اهڙيءَ
طرح سان هن موقعي تي ملندي ئي ڄاڻي ٻجهي انهيءَ
انصاريءَ کي قتل ڪري وڌو ۽ پوءِ به هن جو غصو ٿڌو
ڪونه ٿيو، مسلمان منجهان ڦري مرتد ٿيو ۽ مديني
منجهان مڪي ڏانهن هليو ۽ وڃي مشرڪن سان مليو.
هن جا ٻه وڏا ڏوهه هئا، ناحق قتل ۽ ارتداد.
تنهنڪري پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جن هن کي به
واجب القتل ٺهرايو.
(3)
قريه (ٻانهي)
(121) هيءَ عبدالله بن خطل جي ٻانهي هئي ۽ پنهنجي
مالڪ جي حڪم تي آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي
گستاخي ڪندي هئي ۽ انهيءَ کي ڪلام جي انداز ۾
ڳائيندي هئي، هن کي به واجب القتل قرار ڏنو ويو،
قتل جي حڪم ملڻ کانپوءِ به هن نه معافي ورتي ۽ نه
وري توبهه ڪئي، تنهن ڪري کيس قتل ڪيو ويو.
(4)
حوير بن نفيد
(122) جڏهن آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن مڪي ۾
قيام پذير هئا، تڏهن هن انهن کي هر قسم جون
تڪليفون ۽ ايذاءُ ڏنا. هن جو ٻيو وڏو ڏوهه اهو هو
ته حضرت بيبي زينب بنت رسول الله صلي الله عليھ
وسلم جن جي اٺ کي ڀڄائڻ ۾ هبار بن الاسود سان هي
گڏ هو. بي بي سيده رضه اُٺ کان هيٺ ڪري پيئي هئي،
جنهن سان هنجو حمل ساقط ٿي ويو هو. هي بدبخت
آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن کان معافي ڪونه وٺڻ
آيو. انهيءَ ڪري قتل ٿي ويو.
(5)
فرتني (ٻانهي)
(123) هيءَ عورت به عبدالله بن خطل جي ٻانهي هئي ۽
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي گستاخي ڪندي
هئي ۽ قريبه به انهيءَ ۾ شريڪ هئي، پاڻ سڳورن صلي
الله عليھ وسلم جن انهيءَ جي قتل جو حڪم صادر
فرمايو. هن توبهه ڪئي ۽ جان بخشڻ جي درخواست ڪئي.
تنهن کانپوءِ هن جي جان بخشي ٿي.
(6)
ساره
(124) هيءَ بني عبدالمطلب جي ڪنهن شخص جي ٻانهي
هئي، هيءَ رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي شان
۾ گستاخي جا شعر سازن تي ڳائيندي هئي، جڏهن رسول
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن هن جي قتل ڪرڻ جو حڪم
فرمايو ته هيءَ توبهه تائب ٿي ۽ حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آئي ۽ کيس بخشيو ويو
۽ هن اسلام قبول ڪيو.
(7)
هبار بن الاسود
(125) هن بيبي زينب رضه (جيڪا ٻنهي جهانن جي سردار
صلي الله عليھ وسلم جن جي نياڻي هئي، جن اُٺ کي
زور سان ڀڄايو، جنهن ڪري بيبي صاحبه رضه اُٺ تان
هيٺ ڪري پيئي ۽ هن جو حمل ساقط ٿي ويو. آنحضرت صلي
الله عليھ وسلم جن هن جي قتل جو حڪم فرمايو. هن
جڏهن قتل جي خبر ٻڌي ته پوءِ روپوش ٿي ويو، ليڪن
جلد ئي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار
۾ توبهه ڪيائين ۽ کين جان جي بخشش ڪئي ويئي.
(8)
عبداالله بن سعد بن ابي سرح
(126) هي شخص جڏهن مسلمان ٿيو ته هن کي آنحضرت صلي
الله عليھ وسلم جن ڪاتب وحي بنايو. مگر ڪجهه وقت
کان پوءِ مرتد ٿي ويو ۽ مديني منجهان مڪي ڏانهن
ڀڄي ويو ۽ اتي ويهي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم
جن جي خلاف رٿون رٿڻ لڳو، ايستائين جو چوندو هو ته
”مٿس وحي نازل ٿئي ٿو.“
مڪي جي فتح جي ڏينهن آنحضرت صلي الله عليھ وسلم
جن، جن شخصن جي قتل ڪرڻ جو حڪم فرمايو هو ۽ فرمايو
هو ته چاهي اهي ڪعتبه الله جي پردن ۾ پناهه وٺن،
تڏهن به انهن کي قتل ڪبو، انهن ۾ هي به شامل هو.
هن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي مڪي ۾ داخل
ٿيڻ وقت حضورت عثمان غني رضه وٽ پناهه ورتي. جڏهن
حالتون معمول تي اچي ويون، تڏهن حضرت عثمان غني
رضه عبدالله بن سعد کي وٺي امان جي لاءِ حضور اڪرم
صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾ آيو ۽ امان جي
درخواست ڪيائين. پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن
پهريائين خاموش رهيا ۽ پوءِ انهيءَ کي معافي
فرمايائون. ڪن روايتن ۾ معافيءَ جو بيان نه آهي.
جڏهن هي (عبدالله بن سعد) واپس وريو ته اصحابن
سڳورن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن کان خاموش
رهڻ جو سبب دريافت ڪيو. پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ
وسلم جن فرمايو ته ”مون خاموشي انهيءَ ڪري اختيار
ڪئي هئي ته ڪوئي الله جو ٻانهو اٿي ۽ انهيءَ
(عبدالله سعد) جي گردن اڏاري ڇڏي.“ هڪ انصاري چيو
ته ”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! توهان مون کي
اشارو ڇو نه پيا ڪريو.“ تنهن کان آنحضرت صلي الله
عليھ وسلم جن فرمايو ته
”ڪنهن نبيءَ لاءِ اهو صحيح نه آهي ته اهو ڪنهن کي
اشاري سان قتل ڪرائي.“
(9)
عڪرمه بن ابوجهل
(127) هي شخص
بنو مخزوم منجهان هو، اسلام ۽ رسول اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن جو سخت دشمن هو، هميشھ مسلمانن جي
خلاف سازش ۾ مصروف رهندو هو، مگر مڪي جي فتح
کانپوءِ يمن ڏانهن ڀڄي ويو. هن جي گهر واريءَ امه
حڪيم بنت حارث اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي مڙس لاءِ
بخشش جي درخواست ڪئي. تنهن کانپوءِ آنحضرت صلي
الله عليھ وسلم جن هن کي معاف فرمايو. سندس زال
کيس يمن کان وٺي آئي ۽ توبهه تائب ٿيو ۽ انهيءَ
سان گڏ اسلام قبول ڪيائين.
(10)
صفوان بن اميه
(128) جڏهن بنو بڪروارن رات جي اونداهيءَ ۾ بنو
خزاعه تي حملو ڪيو ته انهيءَ جو محرڪ به انهي
معرڪي ۾ شريڪ به صفوان بن اميه هو، جيئن ته بنو
خزاعه مسلمان جو حليف ساٿي هو. انهيءَ ڪري حضور
اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ديت جو مطالبو ڪيو ته
هنن انڪار ڪيو.
مٿين بنياد تي قصاص ۾ صفوان بن اميه کي واجب القتل
قرار ڏنو ويو. تنهن کانپوءِ صفوان بن اميه جدي
ڏانهن هليو يو، اتان هي يمن ڏانهن وڃڻ چاهي پيو،
هن جي لاءِ عمير بن وهب حضور اڪرم صلي الله عليھ
وسلم جن جي درٻار ۾ اچي هن جان جي بخشي طلب
فرمائي. حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن اها
منظور فرمائي ۽ نشاني طور پنهنجو عمامو شريف عمير
بن وهب جي حوالي ڪيو. عمير ويو ۽ صفوان کي امان جي
نشاني ڏيکاري. حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ حاضر ٿيو. هن اسلام قبول ڪرڻ کان ٻن مهينن
جي اجازت طلب ڪئي، حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم
جن هنکي ٻن جي بدلي چئن مهينن جي اجازت ڏني.
غزوه حنين کانپوءِ هن اسلام قبول ڪيو ۽ هن جي جان
بخشي وئي.
(سيرت ابن هشام جلد ٻيو ص 469)
باب يارهون
جاسوسيءَ جي سزا جو فيصلو
(1)
(129) هڪ دفعي ڪنهن غزوه جي سلسلي ۾ حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن هڪ منزل تي تشريف فرما ٿيا ته
اتي هڪ مشرڪ کي ڏٺائون ته هي جاسوسيءَ جي مقصد کان
آيو. هن جو اطلاع جڏهن آنحضرت صلي الله عليھ وسلم
جن کي مليو ته هي (جاسوس) ڀڄڻ لڳو. حضور اڪرم صلي
الله عليھ وسلم جن حڪم ڏنو ته
”جاسوس کي قتل ڪريو.“
اهڙيءَ طرح سان هڪ شخص جلد ئي گهوڙي تي سوار ٿي هن
جي پٺيان پيو، هن کي رستي ۾ پڪڙيو ويو ۽ کيس
گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. انهي کانپوءِ مقتول جي
سامان کي به قبضي ۾ ڪيو ويو.
جڏهن اهو قاتل حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي
درٻار ۾ آيو ته آن حضرت صلي الله عليھ وسلم جن
مقتول جو سامان قتل واري مجاهد کي مال غنيمت طور
عطا فرمايو.
(صحيح بخاري شريف)
(2)
(130) مسلمه ڪذاب هڪ خط ٻن قاصدن جي هٿ حضور انور
صلي الله عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ موڪليو، جڏهن
آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن خط پڙهيو ته پاڻ
سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن قاصدن کان سوال ڪيو
ته ”توهان جو مسلڪ ڪهڙو آهي؟“
هنن قاصدن کي چيو ته ”جيڪو مسلمه بن ڪذاب چوي ٿو،
اهو اسان جو مسلڪ آهي.“
اِهو ٻڌي رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته ”جيڪڏهنق قانوني طور سفيرن جو قتل جائز هجي ها
ته آءٌ ٻنهي جون گردنون تلوار سان اڏاري ڇڏيان
ها.“
(3)
(131) حضرت جابر رضه چوي ٿو ته
”آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جنگ احزاب جي دوران
فرمايو ته“
ڪير آهي، جيڪو دشمنن بابت اطلاع اسان تائين
پهچائي. اِهو ٻڌي زبير رضه اٿيو ۽ عرض ڪيائين ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ انهي لاءِ
تيار آهيان“
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن ٻيو دفعو فرمايو
ته
”دشمنن جي جاسوسيءَ لاءِ ڪير پنهنجو پاڻ کي پيش
ڪري ٿو.“
حضرت زبير رضه ٻيو دفعو عرض ڪيو ته
”يارسول الله صلي الله عليھ وسلم! آءٌ حاضر
آهيان.“
اهو ٻڌي رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو
ته
”هر پيغمبر جو هڪ حواري هوندو آهي منهنجو حواري
زبير رضه آهي.“
(صحيح بخاري جلد ٽيون)
(4)
اهل ڪتاب ۽ جذيو
(132) سن نائين هجريءَ ۾ نجران جي عيسائين جو هڪ
وفد حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن جي درٻار ۾
آيو. اِهو وفد سٺ ماڻهن جو هو . وفد جي ماڻهن کي
آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن مسجد نبويءَ ۾
ترسايو. عاقب عبدالسميع وفد جو اڳواڻ (سردار) هو ۽
هنن جو مشير ۽ منتظم (انتظام سنڀاليندڙ) حارثه بن
علقه هو، جيڪو اصل ۾ عرب هو ۽ قبيلي بڪر بن وائل
منجهان هو، مگر عيسائيت قبول ڪئي هئائين، اهي سڀ
ماڻهو رسول اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن سان مناظرو
ڪرڻ آيا هئا. تنهن کانپوءِ هنن آنحضرت صلي الله
عليھ وسلم جن سان مناظرو ڪيو، جنهن ۾ عيسائين کي
شڪست آئي ۽ آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن کي فتح
حاصل ٿي، ليڪن تڏهن به عيسائين مڃڻ کان انڪار ڪيو
تنهن کانپوءِ قرآن مجيد جون هي آيتون نازل ٿيون.
(1) الم الله لااِلھ هو الحي
القيوم...........لااِلٰھ هو العزيز الحڪيم...
(آل عمران -1، 2)
(2) ان مثل عيسيٰ عندالله کمثل آدم......... لعنتھ
الله علي الکاذبين.
(آل عمران 59-61)
انهن آيتن جي نازل ٿيڻ کانپوءِ رسول اڪرم صلي الله
عليھ وسلم جن مباهلي لاءِ تيار ٿي ويا ۽ ٻئي ڏينهن
حضرت علي ڪرم الله وجھ، بيبي فاطمتھ الزهريٰ رضه،
حضرت امام حسين رضه ۽ حضرت امام حسن رضه جن کي ساڻ
کڻي ٻاهر تشريف فرما ٿيا. نجراني عيسائين جڏهن
سندن نوراني چهرن کي ڏٺو ته وايون بتال ٿي ويون،
مباهلي کان باز آيا ۽ مهلت گهريائون، ليڪن
عبدالسميع جيڪو هنن جو سردار هو، انهيءَ کين چيو
ته ”آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن واقعي ئي سچا
نبي آهن. هنن سان ڪڏهن به مباهلو نه ڪجي، مان سندن
(حضور اڪرم
صلي الله عليھ وسلم جن جو) چهرو مبارڪ اهڙو نوراني
ڏٺو، جو جيڪڏهن دعا گهرن ها گه جبل به پنهنجي جاءِ
تان هٽي وڃن ها.“
تنهن کانپوءِ هنن حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن
جي درٻار ۾ صلح جي درخواست ڪئي ۽ ساليانو جزيو ادا
ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي. اهڙيءَ طرح سان انهن جي درخواست
تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن صلح ڪرڻ جو
فيصلو فرمايو. انهيءَ مقصد سان هڪ صلح نامون تحرير
فرمايو، جنهن جو خلاصو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
1.
اهل نجران هر سال ٻه هزار ”حله“ ادا ڪندا. هڪ هزار
رجب جي مهيني ۾ ۽ هڪ هزار صفر جي مهيني ۾ هر ”حله“
جي قيمت 40 درهم هوندي.
2.
اهل نجران وارن جي مٿان لازمي هوندو آهي ته اهي
آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جن جي هڪ مهيني تائين
مهماني ڪندا.
3.
يمن ۾ جيڪڏهن ڪائي شورش يا فتنوبوپا ٿئي ته اهل
نجراق لاءِ ضروري آهي ته اهي 30 گهوڙا، 20 زرهون ۽
30 اُٺ ڀريندا ۽ پوءِ بعد ۾ انهن کي اهي شيون ادا
ڪيون وينديون.
4.
انهيءَ جي بدلي الله تعاليٰ ۽ رسول الله صلي الله
عليھ وسلم انهن جي جان ۽ مال جا ذميوار آهن، انهن
جون ملڪيتون، مال، مذهب ۽ زمينون يعني سڀڪجهه
پنهنجي جاءِ تي برقرار رهندو.
5.
جاهليت جي ڪنهن خون جو مطالبو انهن کان نه ڪيو
ويندو.
6.
انهن جي حدن ۾ ڪو به لشڪر داخل نه ڪيو ويندو.
7.
ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ انصاف ڪيو ويندو.
8.
وياج کائڻ واري جي اسان جي مٿان ڪابه ذميواري نه
آهي.
9.
جيڪو شخص ڪنهن سان ڏاڍائي ڪندو ته انهيءَ کانسواءِ
ٻئي ڪنهن جي پڪڙ نه ٿيندي.
(فتح الباري جلد اٺون ص 73) |