سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 8

(3) ھوءَ سو ويت يونين ۽ پنھنجي درميان في الحال پيدا ٿيل مفاھمت  جي ڪري ھن خيال جي آھي تھ ھيءُ وقت  مناسب آھي، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ مفاھمت  ننڍي کنڊ ۾ ھڪ مشترڪھ دلچسپيءَ جو علائقو متعين ڪري ڇڏيو آھي ۽ آمريڪا  کي اميد آھي تھ روس صورتحال جو ناجائزو  استحصال ڪرڻ کان باز رھندو .

 (4) آمريڪا جو خيال آھي تھ چين في الحال پنھنجن داخلي مسئلن ۾ ايتريقدر ڦاٿل آھي، ۽ ان کي ايڏيون  گھڻيون ناڪاميون نصيب ٿيون آھن، جو ھو ڪو دليرانھ  جوابي قدم نھ کڻندو .

(5) ھندستان ۽ پاڪستان جون داخلي مشڪلاتون خصوصا اھي جيڪي اقتصادي ۽ خوراڪ جي فراھميءَ متعلق آھن، ٻنھي ملڪن تي مختلف قسمن جي دٻاءُ وجھڻ لاءِ ساز گار آھن.

(6)آمريڪا، ھندستان ۽ پاڪستان ٻنھي  تي وڌل دٻاءُ جي رد عمل جي حڪمت ِ عملين  کي وڌيڪ تيزيءَ سان حاصل ڪرڻ خاطر، اھا نئين ۽ وڌيڪ سخت دٻاءُ وجھڻ  جو سوچيل سمجھيل خطرو کڻي سگھي ٿي .

اھو پڇڻ مناسب آھي تھ جڏھن آمريڪا وٽ اقتصادي دٻاءُ وجھڻ  جا ڪيئي ذريعا بھ ھئا، تھ پوءِ ان فوجي  ميدان ۾ جبر کان ڪم وٺڻ  ڇا لاءِ پسند ڪيو؟ ھن ڳالھھ کان انڪار نھ ٿو ڪري سگھجي تھ فوجي امداد کي بند ڪرڻ  جي اعلان کان اڳي انھن طريقن سان ڪجھھ  نھ ڪجھھ دٻاءُ وڌو ويو ھو. دراصل، انھيءَ فيصلي  ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪيئي  دٻاءُ خفيھ طريقن سان استعمال ڪيا ويا ھئا. آمريڪا اھي معاھدا رد ڪري ڇڏيا، جن جي تحت ھندستان ۽ پاڪستان کي ڊگھي عرصي جي سخاوت واري بنياد تي خوراڪ ملندي ۽ اھڙا نوان معاھدا طئي ڪيا، جن جا شرط شروط  سخت ھئا، ۽ جن  جي تحت اقتصادي امداد جي  فراھمي  ٽڪرن  ٽڪرن جي بنياد تي ڪئي ويندي رھي . جنھن جي ڪري غير يقيني حالت جي دٻاءُ اقتصادي صورتحال تي عام طرح خراب اثر وڌو. بھرحال، اقتصادي بندشن  جو اھو ساڳيو اثر نھ پوندو آھي، ڇاڪاڻ تھ ان طرح  سان قوم  جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي آھي. اقتصادي مشڪلاتن  تي عام طور  داخلي ڦيرن گھيرن ڪرڻ سان قابو حاصل ڪري سگھبو آھي. ھن حالت ۾  ڊگھي عرصي جو اقتصادي دٻاءُ پاڪستان کان  وڌيڪ ھندستان لاءِ مشڪلاتون  پيدا ڪري ھا، جڏھن تھ ھن وقت وڌيڪ پاڪستان تي دٻاءُ وجھڻو آھي، ڇاڪاڻ تھ ان کان وڏيءَ حد تائين، ھندستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تقاضا ڪئي وڃي ٿي. ڪنھن قوم جي خوراڪ جي فراھميءَ تي وڌل دٻاءُ، طاقتور ھٿيار   ٿي سگھي ٿو.، پر ان جو کلم،  کلا استعمال ڏڪار  جھڙيون حالتون پيدا ڪرڻ سان ، آمريڪا جي صورت کي بگاڙي رکي ھا. ڇاڪاڻ تھ اھو ھڪ اھڙو عظيم مسيحي  ملڪ آھي، جيڪو پنھنجين انسانيت نواز  روايتن  لاءِ مشھور و معروف آھي.  ان کان علاوه، جيڪڏھن خوراڪ روڪي وڃي ھا تھ ان طرح سان پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ھندستان کي وڌيڪ ضرر پھچي ھا، ۽ مٿي بيان  ڪيل سبب ڪري ، وڌيڪ دٻاءُ پاڪستان تي وجھڻ ضروري ھو.

فوجي امداد کي روڪڻ جي ظاھري  صورت اخلاقي قدم جي ھوندي آھي ۽ اھو وقت جي رجحان جي عين مطابق ھوندو آھي. ظاھري طور، جيئن  تھ اھو فيصلو امن افزا آھي، ان ڪري اھو اقوام متحده جي روح جي مطابق آھي، جيڪا ھٿيارن گھٽائڻ تي زور ڏئي ٿي. آمريڪي سياست سان ايترو انصاف ضرور ڪرڻ گھرجي تھ ان  جي طرفان کليل  سزا  ڏيڻ  کان اڳ ۾ گھٽ نقصان ڏيندڙ ذريعا استعمال ڪيا ويا.  ڪنھن ملڪ تي  ظاھري دٻاءُ وجھڻ ڪڏھن بھ خوشگوار  عمل نھ   ھوندو آھي، پر ھاڻي ان کي فقط ان ڪري استعمال ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تھ ان کان  گھٽ  واضح ڪوشش مان تسلي بخش نتيجا نھ نڪري سگھيا. 12_ اپريل سن ١٩٦٧ع واري فيصلي جو اعلان، خفيھ رابطن جي ھڪ سلسلي جي ماحول ۾ ٿيو ۽ آمريڪا جي سرپرستيءَ ۾  ھندستان ۽ پاڪستان  جي مشترڪھ اقتصادي اقدامات تي بحث مباحشي جون خبرون پڻ اينديون رھيون.سن ١٩٥٨ع کان وٺي  آمريڪا جي پرڏيھي پاليسيءَ جو رخ، پاڪستان کي ھندستان سان مشترڪھ رٿائن  جي ڪنھن اھڙيءَ سلسلي ۾ ڦاسائڻ طرف رھيو آھي، جنھن سان  پاڪستان کي ماتحت حيثيت ۾ آڻي بيھاريو وڃي.انھيءَ مقصد جي پيرويءَ ۾ صدر جانسن طرفان آمريڪي ڪانگريس جي نالي موڪليل ھڪ پيغام ۾ مشترڪھ علاقائي رٿائن جي خوبين تي  فصاحت ھڪ پيغام ۾ مشترڪھ علائقي رٿائن جي خوبين تي  تي  فصاحت جا درياھھ وھايا ويا ھئا.9_ مئي سن 1967ع تي نئين دھليءَ ۾ انھيءَ موضوع تي عالمي بئنڪ  جي صدر مسٽر جارج وڊس تفصيلي روشني  وڌي ۽ چيو  تھ پاڪستان ۽ ھندستان  کي ان مان ڪيئي فائدا ٿيندا، جيڪڏھن اھي اھڙين رٿائن ۾ باھمي تعاون ڪن، جن لاءِ عالمي بئنڪ سرمايو مھيا ڪري سگھي ٿي. مسٽر وڊس اڳتي ھلي چيو تھ   ھن انھيءَ معاملي ۾ ھدستاني رھنمائن  سان  تبادلھ خيال ڪيو آھي، ۽ مثال طور  ھن اوڀر   پاڪستان ۽ ھندستان جي صوبي اولھھ بينگال جي پاڻيءَ جي نظام جو   ذڪر ڪيو. ھن انھيءَ مشترڪھ رٿا ۾ واڌاري جي سست رفتاريءَ تي افسوس جو اظھار ڪيو ۽ چيو تھ رٿا جي افاديت  جي شروعاتي مرحلن ۾ تمام گھڻي دير ڪئي ويئي آھي. اسان کي انھن سرگرم ڪوششن جو اطلاع پڻ مليو، جيڪي فوجن ۾  ٻھ– طرفي ڪمي آڻڻ لاءِ ڪيون ويئون ھيون . ائين پيو معلوم ٿئي تھ جڏھن گڏيل اقتصاي رٿائن ۽ فوجن ۾ ڪمي جا اقدامات اڳتي نھ وڌي سگھيا،  تڏھن آمريڪا دٻاءُ اتي وجھڻ شروع ڪيو، جتي اھا گھڻي کان گھڻي تڪليف ڏئي پئي سگھي.

ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن جي نبيري ٿيڻ کان سواءِ ۽ تعلقات کي صحيح معنائن ۾ معمول  تي آڻڻ کان اڳ ۾ ، ھندستان ۽ پاڪستان  جي درميان گڏيل اقتصادي رٿائن جي متعلق سوچي بھ نھ ٿو سگھجي. انھيءَ قسم جو تعاون فقط برابري ۽ باھمي اعتماد  مان ئي پيدا ٿي سگھي ٿو. ان کي بندوق جي نشانھ چـِٽڻ  سان پيدا ڪري نھ ٿو سگھجي، خصوصا اھڙيءَ حالت ۾ جڏھن  ھڪ قوم پنھنجي پاڙيسريءَ جي اقتصادي ۽ علاقائي حقن تي ناجائز قبضو ڪري  رکيو ھجي. انھن حالتن ۾ فوجن ۾ تخفيف ڪرائڻ جي ڪوشش، عملي طور  بھ  وڌيڪ بيسود ثابت ٿيندي.

                              

--------

باب ستون

آمريڪي شرطن تي ھندستان

سان اشتراڪ عمل

 ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان گڏيل اقتصادي ڪار گذاري  جي حق  ۾ جيڪي دليل پيش ڪيا وڃن ٿا، سي ھوبھو اھي ئي آھن، جيڪي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي خلاف پيش ڪيا ويندا ھئا انھن دليلن کي، جن کي  ھندستان جي ورھاڱي فيصلھ ڪن  انداز ۾ طئي ڪري ڇڏيو ھو، وري ٻيھر جيئرو  ڪيو ويو آھي. ننڍي کنڊ جي معيشت ۽ مسلح فوجن جي ورھاڱي جي خلاف انڊين نئشنل ڪانگريس جا اعتراض، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ ۽ مسلمانن جي ھن فيصلي سان  تھ ، اھي ” علحده ۽ برابر “ رھندا ، رد ٿي  چڪا ھئا. ڪيئي سال اڳي ، مسٽر جناح ۽ ھڪ برطانوي مصنف مسٽر بيورلي نڪولس جي درميان ھڪ گفتگو ۾ ورھاڱي جي اقتصادي ۽ دفاعي نتيجن  تي ھن طرح سان بحث ٿيو ھو :

خود( نڪولس): پھريون سوال اقتصادي آھي، ڇا پاڪستان جي تحت  مسلمانن  جي زياده امير يا زياده  غريب ٿيڻ جو امڪان آھي؟ ۽ ڇا، اوھان باقي ھندستان جي خلاف چنگي  ( محصول) لڳائيندا ؟

جناح : ھن باري ۾ آءٌ اوھان کان ھڪ سوال پڇان ٿو. سمجھو تھ توھان کان اھو پڇيو وڃي تھ توھان ڪھڙيءَ شئي کي ترجيح ڏيندا: جرمنيءَ جي ماتحت امير انگلنڊ کي يا ھڪ غريب پر آزاد انگلنڊ کي، تھ توھان جو جواب ڪھڙو ٿيندو ؟

خود: ظاھر آھي تھ انھيءَ سوال جي جواب ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانھي.

جناح: بلڪل. ڇا، اھا ڳالھھ توھان جي سوال کي ڪجھھ بي معني ٰ نھ ٿي بنائي ؟ ھيءُ عظيم نصب العين محض ذاتي آسائش يا عارضي آرام جي  سوالن  کان گھڻو بلند ۽ بالاتر آھي. مسلمان ھڪ سخت جان قوم آھن. سنھا، لڪا ۽ مضبوط- جيڪڏھن پاڪستان ملڻ جو مطلب اھوئي آھي تھ کين ڪجھھ وڌيڪ سخت جان ٿيڻو پوندو تھ اھي شڪايت  نھ ڪندا. پر انھيءَ جو مطلب آخر اھو ڇو ٿيڻ لڳو ؟انھيءَ مفروضي جو ڪھڙو قابل  فھم سبب آھي تھ قوميت جو عطيو اقتصادي  بوجھھ بڻجي پوندو ؟ ڏھن ڪروڙ انسانن جي ھڪ با اختيار قوم ، جيڪڏھن فوري طور تي خود ڪفيل کڻي نھ بھ ٿئي، ۽ خواھ اھا صنعتي لحاظ کان پٺتي بھ رھيل ھجي، تڏھن بھ  ان جي اقتصادي حالت انھيءَ کان وڌيڪ خراب ٿي نھ سگھندي، جيڪا کين ان صورت ۾ درپيش ھوندي، جڏھن ان جا ٽڙيل پکڙيل ۽ غير منظم افراد پنھجويھن ڪروڙ ھندن جي تسلط ھيٺيان منتشر ٿيل ھجن ۽ ھندن جو واحد مقصد، ھنن جو استحصال ڪرڻ ھجي. ھيءَ ڳالھھ منھنجي سمجھھ کان واقعي باھر آھي تھ ورسيلز جي معاھدي کان پوءِ ڪوئي  يورپي شخص ڪھڙي طرح سان اٿي ائين چئي سگھي ٿو تھ ”پاڪستان اقتصادي لحاظ کان ناممڪن آھي. انھن وڏن دماغن وارن کي، جن يورپ کي ڪاٽي ڪوٽي متضاد ۽ مصنوعي سرحدن جو ھڪ کـِل جھڙو، چتين  ڳنڍيل نمونو بڻائي ڇڏيو آھي، اھو حق ڪٿان ٿو ملي تھ ھو اسان کي ويھي اقتصاديات  جو سبق پڙھائين، خصوصا جڏھن اسان جو مسئلو گھڻي قدر آسان آھي؟

خود:   ڇا، اھا ڳالھھ دفاع سان بھ لاڳو ٿئي ٿي؟

جناح: بلاشڪ، اھا دفاع سان بھ لاڳو آھي. ھڪ دفعو ٻيھر آءٌ وري بھ اوھان کان ھڪ سوال پڇان ٿو. افغانستان جو  بچاءُ ڪيئن ٿو ڪيو وڃي؟ ڪيئن ؟ ھنجو جواب زياده پيچيده ڪونھي. ان جو دفاع خود افغان ڪن ٿا. اھائي ڳالھھ آھي. اسين ھڪ بھادر ۽ متحد قوم آھيون، جنھن جا فرد محنت ڪرڻ ، ۽ ضرورت پوڻ تي، وڙھڻ لاءِ تيار آھن. تنھنڪري دفاع جو سوال ڪھڙيءَ طرح سان خاص دشواريون پيدا ڪري ٿو ؟ اسين ٻين قومن  کان ڪھڙيءَ طرح مختلف آھيون ؟ مثال  جي طور ايران کان ؟ ظاھر آھي تھ ھڪ عبوري دؤر ضرور ھوندو . . . . . . . .

جناح: اوھان کي ياد ھوندو تھ ٿورو اڳ ۾ مون چيو ھو تھ انگريزن کي وڏي اورچائي سان گھڻو سوچڻو پوندو. اھا ھڪ اھڙي عادت آھي، جيڪا سندن طبيعت سان موافق نھ ٿي لڳي. ھو آسائش طلب آھن ۽ ھن اعتماد ۾ رھن ٿا تھ ذره انتظار ڪري ڏسون، ھر ڳالھھ آخرڪار ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندي. ان ھوندي بھ، جڏھن بھ ھو سوچڻ جي تڪليف گوارا ڪن ٿا، تڏھن اھي اوتريءَ ئي وضاحت ۽ تخليق سان سوچين ٿا، جيترو ڪا ٻي قوم سوچي ٿي، ۽ انھن جو ھڪ بھترين  مفڪر- گھٽ ۾ گھٽ ھندستان جي مسئلي تي- پوڙھو جان برائيٽ ھو. ڇا، اوھان ڪڏھن ھن جون تقريرون پڙھيون آھن ؟

خود: اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ نھ .

جناح: چڱو ڀلا،  ھن تي ھڪ نظر وجھو. گذريل ڏينھن اھا اتفاق سان منھنجي ھٿ لڳي ويئي ھئي.

 ھن مون کي اھو ڪتاب  ڏنو. اھو ھڪ پراڻو ڦـٽل رنگ جو ڪتاب ”دي اسپيچز آف جان برائيٽ“ (جان برائيٽ جون تقريرون ) ھو ۽ جنھن صفحي تي اھو ڪتاب کوليو ويو ھو، تنھن تي 4-جون 1858ع جي تاريخ ھئي. دارالعلوم جي انھيءَ عظيم ترين مقرر انھيءَ موقعي تي جيڪي ڪجھھ چيو ھو، سو ھيٺين طرح ھو :

”انگلنڊ ھندستان تي  ڪيتري عرصي تائين حڪومت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو؟ ڪو بھ آدمي انھيءَ سوال جو جواب ڏئي نھ ٿو سگھي. اھو عرصو پنجاھھ سال ھجي يا سئو سال  يا پنج سئو سال. ڇا. ڪوئي بھ ماڻھو جنھن ۾ سوچ سمجھھ جي ھلڪي تجلي بھ ھوندي، ھن ڳالھھ تي يقين ڪري سگھي ٿو تھ ھڪ ايڏي وڏي ملڪ کي، جنھن ۾ ويھارو کن مختلف قوميتون ھجن ۽ جنھن ۾ ويھھ ٻوليون ڳالھائبيون ھجن، ٻڌي سڌي سلطنت جو ھڪ مربوط ۽ جٽادار حصو بنائي رکي سگھجي ٿو؟ آءٌ تھ انھيءَ ڳالھھ کي بلڪل نا ممڪن سمجھان ٿو .“

جناح: جيڪي ڪجھھ برائيٽ انھيءَ وقت چيو ھو، سو اڄ بھ ائين ئي سچ آھي . . . درحقيقت اڃا بھ وڌيڪ سچ . . . جيتوڻيڪ ايترو زور بلاشڪ ويھن  قوميتن تي ناھي، جيترو بن تي آھي. يعني مسلمان ۽ ھندو . . . ۽ اھا ڳالھھ اڄ وڌيڪ سچي ڇو آھي؟ وقت اسان کي ھڪٻئي سان ڇو نھ ڪٺو ڪيو آھي؟ ڇاڪاڻ تھ مسلمان ”سجاڳ“ آھن . . . ڇاڪاڻ تھ انھن کي تلخ تجربي مان معلوم ٿي چڪو آھي تھ اھي ”متحده ھندستان “ ۾ ھندن جي ھٿان ڪھڙي سلوڪ جي توقع رکي سگھن ٿا.”متحده ھندستان “ جي معني ٰ آھي، ھندن جي تسلط ھيٺ آيل ھندستان . انھيءَ جي معني ٰ اِھائي آھي ۽ ٻيو ڪجھھ بھ نھ. ان کي ٻي جيڪا بھ معني ٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا، سا افسانوي ٿيندي.“ ھندستان ”ھڪ برطانوي تخليق آھي. اھو  محض ھڪ انتظامي اڪائي آھي، جنھن تي نوڪرشاھي ترار جي سھاري سان حڪمراني ڪري ٿي. بس، ايتري ئي ڳالھھ آھي. اھا ھڪ ڪاغذي تخليق آھي ۽ رت ۽ ماس تي ان جو  ڪو بھ بنياد ڪونھي .

خود:   ستم ظريفي تھ اھا آھي تھ توھان جا ناقد چون ٿا تھ پاڪستان خود ھڪ برطانوي تخليق آھي—يعني ”ڦوٽ وجھو ۽ حڪومت ڪريو“ واري اسان جي اصول کي عملي طور لاڳو ڪرڻ واري اسان جي ئي حرفت جو ھڪ مثال آھي.

جناح: (ڪجھھ گرم ٿي ) جيڪو ماڻھو ائين چوي ٿو، تنھن جي راءِ منھنجي ديانت کان علاوه، برطانوي شعور جي باري ۾ تمام ڪريل ھوندي. ھڪ ئي ڳالھھ جيڪا انگريزن کي ھندستان ۾ ”رکندي“ پيئي اچي، سا آھي متحده ھندستان جو اھو ڪوڙو تصور، جنھن  جو گانڌي پرچار  ڪري ٿو . آءٌ وري بھ چوان ٿو تھ  متحده ھندستان برطانيھ  جي تخليق آھي – اھو ھڪ ڏند ڪٿا آھي، ۽ ڏند ڪٿا بھ خطر ناڪ، جنھن  جي نتيجي ۾ دائمي فتنا ۽ فساد پيدا ٿيندا. جيسين اھو فتنو  ۽ فساد باقي آھي، تيسين انگريزن کي رھڻ جو بھانو آھي. ھــِن ھڪ ڀيري،” ڦوٽ وجھو ۽ حڪومت ڪريو“ لاڳو نھ ٿو ٿئي.

خود: اوھان جيڪي چاھيون ٿا، سو ” تقسيم ڪريو ۽ دفع ٿيو“ آھي؟

جناح :اوھان اصلي ڳالھھ ڏاڍي صفائيءَ سان ادا ڪئي آھي.

خود: ڇا، اوھان اھو محسوس ڪريو ٿا تھ برطانوي ووٽر لاءِ اھا ڳالھھ ڪجھھ قدر صدمي جو باعث ٿيندي؟

جناح : سچ گھڻو ڪري صدمو ڏيندڙ ھوندو آھي. پر ھي سچ خاص طرح ڇو ؟

خود: ڇاڪاڻ تھ ھڪ عام، شريف،فراخدل ووٽر، جيڪو ائين چاھي ٿو تھ برطانيھ پنھنجا وعدا پورا ڪري ۽ ھندستان کي آزادي عطا ڪري ، تنھن ڪانگريس جي نقطھ نظر کان سواءِ ٻيو ڪجھھ ٻڌوئي ڪونھي. مغرب ۾ مسلمانن  جي ترجماني ڪرڻ وارو  ڪو مشڪل سان ئي ملندو .

جناح: (تلخيءَ سان ) آءٌ انھيءَ  ڳالھھ کان چڱيءَ طرح سان واقف آھيان، ھندن ھڪ طاقتور ”پريس“ منظم ڪري رکي آھي، ۽ ڪانگريس ۽ مھاسڀا کي ھندو سرمايھ دارن ۽ صنعتڪارن کان جيڪا مالي امداد حاصل آھي، سان اسان کي ميسر ڪانھي .

خود: ان جو نتيجو اھو آھي تھ ھو ( انگريز ووٽر ) ائين سمجھن ٿا تھ ڪانگريس ئي ھندستان آھي ۽ جيئن تھ ڪانگريس ڪڏھن بھ ھيئن  چوندي نھ ٿي ٿڪجي تھ ھندستان ھڪ ۽ ناقابل تقسيم آھي، ان ڪري ھنن جو خيال آھي تھ ان کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش تنگ نظر، رجعت پسندانھ ۽ سراسر بدانديشيءَ واري رٿا ڄاڻان ٿو تھ اھو ذھني انتشار جو نتيجو آھي. پر پوءِ اسان جھڙي جمھوريت ۾، جنھن کي بيشمار پيچيده مسئلن جو فيصلو ڪرڻو پوندو آھي، انتشار تھ عام طرح سان ھوندو ئي آھي. ھنن کي سمجھڻو اھو آھي تھ واحد، غير متعصب رستو، واحد فراخدليءَ وارو رستو، جيڪو ھندستان کي ڇڏڻ ۽ حڪومت جون واڳون حوالي ڪرڻ جي مخلصانھ ارادي سان ٺھڪندڙ آھي، سو آھي . . . . . .

جناح: ۽، اوھان کي اھو بھ چوڻ گھرجي، واحد سلامتي وارو رستو . . . . .

خود { پاڪستان آھي . 

جناح

             . . .                . . .                       . . .

پاڪستان جو اصلي روح- گھٽ ۾ گھٽ ان جي جذبي جو اصل تصور، مٿي ذڪر ڪيل گفتگوءَ ۾ ملي ٿو. ان جي رٿا جي تفصيلن جي مڪمل وضاحت، ھن ٿولھھ جي ھڪ مختصر ڪتاب ۾ ڏيڻ ناممڪن آھي. ان لاءِ تھ نقشن جو ھڪ وڏو  ويڙھوٽو ۽ انگن اکرن  جا  ڪيئي  صفحا درڪار آھن، ۽ اھا ڪوشش اسان کي تمام دور، ھندستان جي سرحدن جي  ھـُن پار کڻي ويندي ۽ اسين  بي فائدي  قياس آراين  ۾ ڦاسي پونداسون.

”تنھن  ھوندي بھ ڪافي اعتماد سان چئي سگھجي ٿو تھ  ھڪ اھڙو پڙھندڙ، جنھن کي ھن معاملي ۾ تعصب کان سواءِ، صاف دل  سان ان جي  گھراين ۾ وڃڻ   جي تڪليف گوارا ھجي، يا جنگي قسم جي ڪائي بھ اھڙي مشڪلات پيش نھ ٿو ڪري، جيڪا ناقابل عبور ھجي، ۽ بنان  ڪنھن شڪ جي ان جو حصول انھيءَ قسم جي ڪيترن ئي ٻين مسئلن کان، گھڻو وڌيڪ آسان ثابت ٿيندو، جن کي دنيا گذريل پنجاھھ سالن ۾ وڌيڪ ڪاميابيءَ سان حل ڪيو آھي. بيشڪ ھي ھڪ وڏو جراحيءَ جو عمل ٿيندو، پر بدقسمتيءَ  سان افراد جي زندگين وانگر، قومن جي زندگيءَ ۾ پڻ اھڙا موقعا  ايندا آھن، جڏھن جراحي نھ فقط مطلوب ھوندي آھي، پر زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ اڻٽر بھ ھوندي آھي، ۽ ھي موقعو اھڙن موقعن  مان ھڪ آھي. ھندو قوم ۽ مسلمان  قوم جي درميان مستقل ٽڪراءَ ھڪ اھڙي چيز پيدا ڪري وڌي آھي، جيڪا سياسي جسم ۾ سرطان سان مشابھات رکي ٿي. سرطان جو، ان جي  وڌيل حالت ۾ ھڪ ئي علاج ھوندو آھي، ۽ اھو آھي نشتر- گانڌيءَ  جا عقيدت وارا علاج، برطانيھ جا تسڪين بخش شربت ۽ اھي ڪرامتي نسخا، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ وڏي شوق سان آڇيا ويندا آھن– سڀ بيسود آھن. اھي دوائون مريض جي حالت کي وڌيڪ خراب  ڪن ٿيون ۽ ان جي  قطعي شفايابيءَ کي وڌيڪ مشڪل بنائي ڇڏين ٿيون. آخرڪار، نشتر جو استعمال ئي ڪرڻو پوي ٿو ۽ يقينا ھڪ نشتر، جيڪا ڦڙتيءَ ۽ صحيح اندازي سان استعمال ڪبي، سا اھڙن لکن چاقن کان بھتر آھي، جيڪي اونداھ ۾ انڌا ڌنڌ ڪاٽ ڪوٽ ڪندا رھندا.

” پاڪستان جي متعلق سڄي اختلاقي بحث ۾ عجيب ڳالھھ اھا تائيد ناھي ، جيڪا ان کي آھستي آھستي سڀني حقيقت پسند ماڻھن وٽان حاصل ٿي رھي آھي، پر ان جي اھا مخالفت آھي، جيڪا ھن  وقت  تائين ھندستان جي سچن  خيرخواھن  طرفان  ٿي رھي آھي. اھا صورتحال يقينا ڪانگريس جي پروپئگنڊي جي قوت ۽ ان جي تسلسل جو نتيجو آھي، جنھن کي ھندن جي وڏن ڪاروباري ماڻھن  جي حمايت حاصل آھي. پروئگنڊا تي ھندن جي ذري گھٽ اجاره داري آھي. ھنن غير محسوس ۽ مسسل پروپئگنڊا جي ذريعي دنيا وارن کي  يقين ڏياري ڇڏيو آھي تھ اھي ئي ”ھندستان“ آھن، ۽ ”ھندستان “ کي تقسيم  ڪرڻ جي ڪا بھ ڪوشش انگريزن جي طرفان ڪيل ھڪ ظالمانھ سازش آھي. جيڪي ”ڦوٽ وجھو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پنھنجي تسليم ٿيل اصول تي عمل ڪري رھيا آھن.

”مغرب  جا اڪثر آزاد خيال ماڻھو انھيءَ  پروپئگنڊا جو  مڪمل طورشڪار ٿي چڪا آھن. نتيجي طور،  اسان کي ھيءُ انتھائي حيرت انگريز منظر  ڏسڻ ۾ اچي ٿو تھ اڪثر پختھ ڪار برطانوي سياستدان دارالعلوم ۾   بيھي سنجيدگي ۽ خلوص سان ھندستان جي ” وحدت“ جي پيروي  ھندستان جي  آزاديءَ جي مشترڪھ مقصد لاءِ ڪري رھيا آھن، ۽کين  ايترو بھ معلوم ناھي تھ سندن  طرفان انھيءَ ”وحدت“ تي اصرار ٿي  رھيو آھي، جنھن انگريز کي سندس گاديءَ تي ڄمائي ويھاريو آھي.

متحده ڪريو ۽ حڪومت ڪريو!

تقسيم ڪريو ۽ دفع ٿيو(1) !“

آزاديءَ  جي ٻن ڏھاڪو سالن کان پوءِ بھ ھندستان  ۽ پاڪستان  جا تعلقات ھڪ ئي ھنڌ بيٺل آھن. ڪي بھ عداوتون دور نھ ٿيون آھن ۽ تقسيم  جي اسبابن مان ڪنھن ھڪ سبب جو علاج ڪو نھ ٿيو آھي. موجودھ حالتن  ۾ پاڪستان جي فوجن ۾ ڪمي، سڀني تڪرارن کي ھميشھ لاءِ ڄمائي ڇڏيندي ۽ ان جو فائدو ھندستان  کي ملندو. اھا ڳالھھ ننڍي کنڊ ۾ ھندستان جي بالادستيءَ کي طور تسليم ڪرڻ جي مترادف ٿيندي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ۽ علاقائي حقن تي ھندستان جي غاصبانھ قبضي کي عملا قانوني حيثيت ڏيئي ڇڏيندي. تاريخ ۾ ڪوئي  اھڙو مثال ڪونھي، جنھن ۾ ھٿيارن ۾ ٻھ – طرفي ڪمي ٻن اھڙين رياستن ۾ ٿي ھجي، جن جي درميان بنيادي طور اڻ طئي ٿيل علاقائي تڪرار ھجن. ھٿيارن ۾ ڪمي جا اقدامات عام طور  تي اھڙي گھڻ – طرفي سرپرستيءَ ھيٺ ڪيا ويا آھن، جھڙوڪ ليگ آف نيشنس ۽ اقوام متحده- ھٿيارن  ۾ ھڪ طرفي   ڪمي خودڪشيءَ جي قدم وانگر آھي. حريفن  جي دمريان ٻھ – طرفي ٺاھھ جي بنياد تي ھٿيارن جي ڪمي خودمختاريءَ جي نفي آھي، ۽ حريفن مان ھڪ جي طرفان شڪست جو اعتراف. ھندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ في الحال ھٿيارن ۾ ٻھ- طرفي  ڪمي امڪان جي دائري کان  ٻاھر آھي. ٻھ – طرفي ٺاھھ جي بنياد تي فوجن ۾ ڪمي آڻڻ  تي رضامند ٿي  وڃڻ، اھڙيءَ صورت ۾ ھڪ تمام وڏو خطرو آھي، جڏھن مستقبل  جي دوران واقعا اميدن  جي خلاف تبديليون آڻي ۽ اڻ طئي ٿيل تڪرارن تي رنجش پيدا ڪر ي سگھن  ٿا.

انھن سببن ۽ ڪن ٻين ڳالھين جي ڪري ھٿياربند  فوجن ۾ ڪمي آڻڻ، ناقابل عمل آھي. اھا فقط بجيٽ سان واسطو رکندڙ ضابطن سان عمل ۾ نھ ٿي اچي سگھي، نھ وري اھا تخفيف ھن  طرح نافذ ٿي سگھي ٿي تھ ھندستان جي  ھرٽن يا چئن وردي پوش سپاھين جي مقابلي ۾ پاڪستان جو ھڪ  باوردي جوان ھجي، صنعت ۽ حرفت جي ھن دور ۾ ھٿيارن جي تخفيف جو مسئلو ان طرح جو  ڪو سڌو سادو مسئلو نھ رھيو آھي. ھاڻي ھٿيارن  جي ڪمي، محض ڊويزنن ۽ برگيڊن جي تعداد ۾ ڪمي ڪرڻ  جي ڳالھھ نھ، پر ھڪ نھايت پيچيده قدم آھي، جنھن کي اڃا تائين  گھڻ – رخين ڳالھين ۾ ڪاميابي حاصل نھ ٿي سگھي آھي.  ايترن سارن عناصر  جو حساب رکڻو پوي ٿو.  جو طاقت جي توازن  جو تعين ڪرڻ  ناممڪن  ٿيو پوي. پنھنجين  ھٿياربند فوجن  جي سطح  گھٽائڻ جي عمل ۾ اسان کي  ھندستان جي باقاعده فوج کان علاوھ ٻي  افرادي قوت، ھٿيارن کي بھتر بنائڻ ۾ ان جي  ترقيءَ  جي رفتار، جوھري  ترقيءَ ۾ ان جي پيشقدمي، ان جي ٻارڻ ۽ معدني وسيلن، ان  جي ٽئنڪن ، ھوائي جھازن ۽ ٻين خودڪار ھٿيارن ٺاھڻ وارن  ڪارخانن جي تعداد ۽ ڪم  جي معيار ۽ انھن ھٿيارن جي معيار کي نظر ۾ رکڻو پوندو. متوازن  ڪمي لاءِ انھن  ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمن کي خيال ۾ رکڻو پوندو. ان کان علاوه، انھيءَ قسم جي  ٺاھھ تي علمدرآمد جي جاچ پڙتال لاءِ پڻ  ڪوئي ذريعو رکڻو پوندو. اڳوڻن ٺاھن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ ھندستان جو سابقھ رڪارڊ افسوسناڪ حد تائين ناقص آھي. پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ھيڏي ساري  وڏي ملڪ  ۾ جاچ پڙتال ۽ نگھباني  نھايت ئي مشڪل آھي، ۽ جيڪڏھن بغرض ِ محال  ممڪن بھ ھجي، تھ انھيءَ نگھبانيءَ جو محافظ ڪير رھندو ؟  جيڪڏھن ان جا محافظ آمريڪا  ۽ سوويت يونين ٿيا  تھ ان جو مطلب جنگ کي ٽارڻ بدران سرد جنگ جي ھڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو. ۽ انھيءَ  ڪارروائيءَ  جو سڄو مقصد ئي فوت  ٿي ويندو. چين ٻنھي ملڪن تي آمريڪا ۽ سو ويت يونين جي نگھباني قبول ڪرڻ ھو اھڙو الزام لڳائيندو، جنھن جو رخ ان جي  خلاف آھي.

ھٿيارن ۾ ٻھ – طرفي ڪمي   جي خلاف ظاھر اعتراضن جي باوجود، پاڪستان جي حڪومت 68-1967ع ۾ ھٿياربند فوجن جي  خرچ ۾ ھڪ طرفي ڪميءَ جو غير معمولي  قدم  کنيو. بجيٽ پيش ڪندي وزير خارجھ تعمير ۽ ترقيءَ جا قصيدا ڳايا ۽ ھٿيارن جي بار جي متعلق تفصيلي تقرير ڪئي ۽ ھن انھن ھٿيارن کي غير پيداواري“ خرچ قرار ڏنو. ھندستان لاءِ خيرسگاليءَ جي اظھار طور حڪومت انھيءَ سال جي دفاعي خرچ ۾ ست  ڪروڙ رپيا گھٽائي ان کي ٻھ ارب پنجويھن ڪروڙن کان ٻھ ارب ارڙھن ڪروڙ رپيا ڪري ڇڏيو، ۽ 66-1965ع جي بجيٽ جي  مقابلي ۾، جيڪي ٻھ ارب پنجاسي ڪروڙ رپيا ھئي، ان طرح مجموعي طور 24 سيڪڙو ڪمي ڪئي. سابق تجربي مان اندازو لڳائيندي معلوم ٿئي ٿو تھ پاڪستان کي انھيءَ قدم کڻڻ جي شايد ڪافي  گھڻي قيمت ادا ڪرڻي پوي. موجودھ سرڪاري انداز فڪر جو الميھ اھو آھي تھ ان اھو وساري ڇڏيو تھ پاڪستان کي سيپٽمبر 1965ع واري جنگ ۾ ھن ڪري ڪيترو نقصان ٿيو  جو ان ھندستان جي  دفاعي خرچ  ۾ تيز واڌاري جي رجحان جي باوجود پنھنجي  دفاعي  خرچ کي ذري گھٽ ھڪ ھنڌ تي ڄمائي رکيو ھو. جنگ جي دوران ڪيئي آفيسر پنھنجي انھيءَ تلخ ڏک کي بھ  لڪائي سگھيا تھ انھن 1962ع کان پوءِ  خرچ ۾ جيڪڏھن  ايترو اضافو ڪيو  ھجي ھا جو  ھڪ يا ٻھ وڌيڪ ڊويزن فوج تيار ٿي پوي ھا تھ فتح ۽  شڪست جي درميان فيصلھ ڪن فرق واضح ٿي پوي ھا.

66-1965ع  وارن جنگي سالن ۾ بھ ٻن اربن پنجاسي ڪروڙ  رپين جو چوٽيءَ وارو خرچ انھن ڏھن اربن ڇھويھن ڪروڙ رپين جي سالياني خرچ جي مقابلي ۾، جيڪو ھندستان 1962ع کان وٺي دفاع لاءِ باقاعده طور مخصوص ڪندو آيو ھو، پڄي سگھڻ لاءِ مشڪل سان  ڪافي ھو. آمريڪا کان امداد  ملڻ  جي خاتمي تي دفاع تي جيڪڏھن خرچ ۾ اضافو نھ ڪجي ھا تھ گھٽ ۾ گھٽ انھيءَ خرچ کي، جيڪو ھندستان جي خرچ جي مقابلي ۾ چوٿين حصي کان بھ گھٽ ھو، قائم رکڻ ئي زيادھ معقول ڳالھھ ٿئي ھا. ھٿيارن جي ايتري ھڪ طرفي ڪمي ڪري، جنھن مان قومي سلامتيءَ لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا، پاڪستان جي حڪومت سنتيانا جي ھن قوم  جي صداقت کان بيخبريءَ جو اظھار ڪيو تھ ”جيڪي ماڻھو ماضيءَ کي  ياد رکي  نھ ٿا سگھن، تن جي سزا ان کي دھرائڻ آھي. “

 --------

باب اٺون

آمريڪي مطالبا ۽ پاڪستان لاءِ کليل  راھون

ننڍي کنڊ  لاءِ فوجي امداد بند ڪرڻ جو آمريڪا فيصلو ظاھري طور، ھن حيثيت کان ٻنھي ملڪن جي خلاف نظر اچي ٿو، جنھن کي 1965ع واري ٽڪراءَ جي وقت ٻنھي ملڪن سان ”يڪسان سلوڪ“  جو نالو ڏنو ويو ھو. در حقيقت اھو فيصلو، ان کان اڳئين روش وانگر فقط پاڪستان لاءِ نقصانڪار آھي، جيڪو ڏھن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ فقط آمريڪا کان فوجي سازو سامان حاصل ڪندو رھيو آھي. ان جون فوجون آمريڪي ھٿيارن جون عادي آھن، ۽ دفاعي انتظام جي جوڙجڪ پڻ آمريڪي طرزفڪر جي مطابق ڪيل آھي. پاڪستان وٽ پنھنجي ضرورتن لاءِ گولھ بارود بنائڻ  جا ڪافي ڪارخانا ڪينھن. جيتوڻيڪ فوجي سازو سامان  جي پھچ جو فقط پاڪستان جو واحد ذريعو اوچتو بند ٿيو ھو، پر آمريڪا جي انھيءَ فيصلي جي خلاف شور ھندستان ۾ بلند ٿيو. تمام سخت شرطن جي تحت آمريڪا نقد پيسن جي ادائگي  جي بنياد تي  ٻنھي ملڪن کي فالتو پرزن جي فروخت لاءِ رضامند ٿيو آھي. مڃيوسين تھ اھا. رعايت ھڪ مختصر مدت لاءِ پاڪستان جي دفاعي ضرورتن  کي سھارو ڏيندي، پر اھو فيصلو ھن ڪري نھ ڪيو ويو تھ پاڪستان کي ھندستان تي سرسي حاصل ڪرڻ جي عارضي  دفاعي فائدو حاصل ٿي وڃي پر ھن لاءِ تھ پاڪستان جي دفاعي  نظام تي آمريڪي قبضو قائم رھي. فوجي امداد کي ختم ڪرڻ کان پوءِ بھ  ھيءَ ڳالھھ آمريڪا جي مفاد ۾ آھي تھ ان جي ھڪ آڱر بندوق جي گھوڙي تي رھي.  اھڙيءَ طرح آمريڪا نھ فقط ھـِن  نھايت اھم ميدان  ۾ پنھنجو اثر  و رسوخ قائم رکي سگھي ٿي، بلڪ انھيءَ  فوجي سازو سامان جي متعلق جيڪو تازو پاڪستان ٻين ذريعن  کان حاصل ڪيو آھي، ڪارگر معلومات پڻ ڪڍي سگھي ٿي.

جيڪڏھن پاڪستان ھاڻي پنھنجي سلامتيءَ جي بچاءَ لاءِ مناسب جوابي قدم تڪڙ ۾ نھ کنيا تھ انديشو آھي تھ ھندستان آسام جي سرحدن تي وڌيڪ مسلمانن کي ٻاھر ڪڍي اڇليندو، انھن جي معيشت جو گلو دٻائي ڇڏيندو ۽ آزاد ڪشمير ۽ جيڪڏھن ضروري  ٿيو، تھ باقي پاڪستان  تي بھ حملي ڪرڻ جون تياريون ڪندو. داخلي  خلفشار ۽ خارجي  مشڪلاتون  ھندستان کي . انھيءَ قسم جي حملي جي ترغيب ڏيئي سگھن ٿيون. ھاڻي اڳرائي ھندستان جي خارجھ حڪمت  عمليءَ جو ھڪ مستقل اوزار بڻجي چڪي آھي- ھڪ اھڙو اوزار جنھن کي ھو آزادي ملڻ کان پوءِ ويھن سالن جي عرصي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڇھن  موقعن تي استعمال ڪري  چڪو آھي.  جيڪڏھن فوجي توازن جو لاڙو ھندستان جي طرف ٿي ويو تھ ھن خوش فھميءَ جي ڪا بھ گنجائش ڪانھي تھ ھو ستين ڀيري پاڪستان يعني پنھنجي ”دشمن نمبر اول“ جي خلاف اڳرائيءَ کي دھرائڻ کان ڪيٻائيندو.

ننڍي کنڊ ۾ آمريڪا جي ٻين مقصدن ڏانھن توجھ ڪندي اھو چئي سگھجي ٿو تھ ھن ڳالھھ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابتيون موجود آھن تھ ھندي وڏي سمنڊ تي قابو رکڻ خاطر ۽ ننڍي کنڊ لاءِ روس جي ”تاريخي خطري“ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ انگريزي ۽ آمريڪي  طاقتن  ھڪ متحده ھندستان رکڻ  ٿي چاھيو. ھنن ورھاڱي کي بد دليءَ سان قبول ڪيو ھو ۽ ساڻ ئي ھن اميد تي ھندستان کي مضبوط بنائڻ لاءِ گھڻو ڪجھھ ڪيو تھ جڏھن وقتي جوش  و خروش دٻجي ويندو، تڏھن ٻيئي قومون وري گڏجي ھڪ ٿي وينديون . آزاديءَ کان پوءِ آمريڪا ھندستان جي طرف ڪيئي ڀيرا ھٿ وڌايو، ۽  فقط ان وقت جڏھن اھو ظاھر ٿي ويو تھ وزيراعظم نھرو ڪنھن  بھ صورت ۾ ھندستان کي وڏين طاقتن  جي سياست ۾ ڦاسائڻ  ۽ عالمي سياست ۾ ھڪ پياده بنائڻ لاءِ تيار ناھي، تڏھن پاڪستان کي 1954ع وارن معاھدن ۾ ڦاسايو ويو ۽ فوجي امدادن جي آڇ ڪئي ويئي . سن 1962ع  کان پوءِ سڄي صورتحال بدلجي ويئي. آمريڪا ھندستان ۾ قدم رکڻ ۽ ان کي پنھنجي اثر جي حلقي ۾ شامل ڪرڻ جو ھڪ وڏو  عمدو موقعو ڏنو. ھن اميد ۾ تھ اھا نيٺ پاڪستان کي ھندستان سان تعاون ڪرڻ لاءِ رضامند ڪري سگھندي، آمريڪا نھايت  گرمجوشيءَ سان مشترڪھ دفاع  جي تجويز کي ساراھيو ۽ ان کان پوءِ ھندستان ۽ پاڪستان  جي درميان اشتراڪ عمل پيدا ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون ڪوششون ڪيون . 

انھن بدليل حالتن  جي نتيجي طور، آمريڪا ڄمون ۽ ڪشمير واري تڪرار کي نئين  روشنيءَ ۾ ڏسڻ لڳي. انھيءَ جي ڪري قوام متحده جا اھي ٺھراءَ، جن ۾ ڪشمير جي عوام لاءِ خود اراديت جي حق کي عمل ۾ آڻڻ جومطالبو ڪيو ويو آھي، پس منظر ۾ گم ٿي ويا آھن. انھيءَ تڪرار کي نبيرڻ لاءِ ھن کان وڌيڪ حق بجانب ڪوئي ٻيو طريقو ٿي نھ ٿو سگھي تھ اتان جي ماڻھن جي مرضي معلوم ڪئي وڃي، پر آمريڪا ھاڻي انھيءَ مسئلي  کي چين  جي گھيري جي منصوبي جي تڪميل ۾ ھڪ پريشان ڪندڙ رڪاوٽ سمجھي ٿي . ھندستان کي ڪشمير جي ماٿريءَ ۽ ان جي لداخ واري نازڪ علائقي سان مواصلات جي ذريعن تي قابو رکڻ جي جيڪا ضرورت آھي، تنھن جو آمريڪا کي خيال رکڻو آھي. جيڪڏھن انھيءَ مسئلي جو منصفانھ طريقي سان حل ٿي وڃي ھا تھ امڪان اھو ھو تھ ان طرح چين ۽ پاڪستان جي درميان پرامن سرحدي ٺاھھ ٿي وڃي ھا. آمريڪا کي، بھرحال چين جي سرحدن تي امن نھ، بلڪ ڇڪتاڻ گھرجي تھ جيئن چين جون سڄيون فوجي قوتون منچوريا کان وٺي لداخ تائين ڦاٿيون رھن.  آمريڪا مفادن جي مطابق اھا ڳالھھ آھي تھ ھي تڪرار ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھڪ وڌيڪ وسيع ۽ ھمھ گير معاھدي اندر جذب ٿي  وڃي. ان مان سرحدن تي ڇڪتاڻ اڃا بھ وڌي شدت سان ۽ ھڪ متحده فوجي طاقت جي موجودگيءَ ۾ جاري رکي سگھبي. جيڪڏھن مقصد انھيءَ تڪرار کي سرد  ڪرڻ ھجي تھ پاڪستان لاءِ فوجي امداد جي خاتمي ۽ ان مان پيدا  ٿيڻ واري ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان جنگي عدم توازن مان فقط موجوده نامنصفانھ حالت کي دائمي بنائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي. 

ھيءُ سوال ڪري سگھجي ٿو تھ ھندستان اھڙي فائديمند ٺاھ ڪرڻ تي رضامند ڇو ناھي. جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان گھڻي کان گھڻو تعاون ئي آمريڪا جو مقصد ھجي ھا، تھ ھندستان کي فتحمنديءَ جو احساس ٿئي ھا. تھ  تعاون آڻڻ جي انھيءَ ڪوشش جو مقصد خود تعاون آڻڻ نھ، بلڪ چين کي گھيرو ڪرڻ آھي. چين سان ھڪ ننڍي مقابلي جو تجربو حاصل ڪرڻ بعد،  ھندستان ان سان کليل مقابلي  واري صورتحال پيدا ڪرڻ کان خائف آھي ۽ عام حالات ۾ ھو پنھنجي غير جانبداري واري حيثيت کي قائم رکڻ چاھي ٿو. پر ان کي چيني –ھندي جڳھڙي جي ورثي کي منھن ڏيڻو آھي، ۽ ان کي آمريڪا تي پنھنجي اقتصادي ۽ فوجي آڌار ۽ پنھنجي غذائي ضرورتن جو پڻ خيال رکڻو آھي. جن  کي فقط آمريڪائي پورو ڪري سگھي ٿي ۽ جنھن جي امدادکان سواءِ لکين ھندستاني بک وگھي مري سگھن ٿا.  جيڪڏھن اھي حالتون  نھ ھجن ھا تھ امڪان  اھو ھو ۽ ھندستان چين سان ٺاھھ ٺوھھ جي ڪوشش ڪري ھا. ھو ھـِن وقت اھڙو ڪو ٺاھھ چاھي ٿو يا نھ، سو سوال غير ضروري آھي. ھن وقت جيڪا ڳالھھ موقعي جي عين مطابق آھي، سا اِھا آھي تھ ھندستان چين سان  پنھنجن اختلافن کي وڌيڪ شدت ڏيڻ ، ۽ ان طرح عالمي  ڇڪتاڻ ۾ ھڪ پياده جي حيثيت اختيار ڪرڻ نھ ٿو چاھي. ھڪ  سرحدي ٽڪراءَ جي ورثي سان نڀاءُ ڪرڻ ۽ سرحدي ڇڪتاڻ کي آمريڪا وٽ وڌائي پيش ڪرڻ سان ان کان اھم رعايتون حاصل ڪرڻ  ھڪ ڳالھھ آھي، ۽ ھڪ اھڙي معاملي ۾ ڦاسڻ، جنھن مان ننڍي کنڊ جي مڪمل تباھي رونما ٿي سگھي ٿي، بلڪل ٻي ڳالھھ آھي. ويٽ نام جي جنگ پنھنجون موجوده سرحدون  لتاڙي ٻاھر بھ نڪري سگھي ٿي. جيڪڏھن ائين ٿيو تھ ھندستان ۽ پاڪستان جو رويو وڏي اھميت جو  حامل ٿيندو، ۽ قدرتي طور ھندستان پاڻ کي ڪنھن بھ مونجھاري ۾  وجھڻ نھ ٿو چاھي. ھندستان ھن وقت  تائين غير وابستگيءَ جي پاليسي تي ھليو آھي، پر حالات ان کي ٻِـِٽيءِ وابستگيءَ ۾ جڪڙي رکيو آھي. پاڪستان سان تعاون جي خلاف ان جو مقابلو خود انھيءَ تعاون جي مخالفت مان پيدا نھ ٿيو آھي، جيڪو ان جو تاريخي فرض آھي، پر ھن لاءِ جو انھيءَ قسم جو تعاون ان کي فقط عالمي سياست جي مونجھارن ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿو. انھيءَ  سبب ڪري ھندستان انھيءَ معاملي ۾  مذبذب رھندو ۽ انھيءَ حساب سان مٿس دٻاءُ وڌندو ويندو، جيتوڻيڪ اھو دٻاءُ  پاڪستان تي پوندڙ دٻاءُ کان گھٽ ھوندو. جيڪڏھن  ھندستان ان کي قبول بھ کڻي ڪري، تڏھن بھ ھن جو ان مان فيض حاصل ڪرڻ مشڪل ئي آھي. جتي گانڌي ۽ نھرو ناڪامياب ٿيا، اتي پاڪستان  تابعداري حاصل ڪرڻ ھندستان جي ھارايل ماڻھن لاءِ ھڪ مھميز جو ڪم ڏيئي سگھي ٿي، ۽ شايد اھا چيز  عارضي طور  تي اندروني خلفشار جي لاڙن  کي روڪي وجھي . پر جيڪڏھن ان جي بدلي ۾ چين جو مقابلو عالمي جدوجھد  ۾ ھڪ ويڙھوءَ جي حيثيت سان ڪرڻو پيو  تھ اھو سودو نقصان وارو ٿي پوندو. انھيءَ قسم جي بندو بست جي فائدن جي باوجود گھڻو ڪري ھندستان انھيءَ سلسلي ۾ اھوئي سوچيندو تھ ان جي باعث آمريڪا جي عالمي حڪمت عملي جي گورک ڌنڌن ۾ ڦاسڻ انھن فائدن جي ضرورت کان زياده مھانگي قيمت آھي. اھڙيءَ صورت ۾ ان کي وڌيڪ زوردار دٻاءَ جو نشانو بنايو ويندو.

ان جي باوجود، پاڪستان لاءِ قرباني ، ٻـِٽي ٿيندي. ھندستان جو حاشيھ بردار ٿي رھڻ جو تصورئي ڏاڍو مڪروه آھي، ۽ چين سان ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ  جي مقصد سان ھندستان سان تعاون، اوتروئي نفرت انگيز آھي. انھيءَ قسم جو اھتمام، جيڪو آمريڪي حڪومت جي ذھن ۾ آھي، سو ھندستان لاءِ فائدن ۽ نقصان، ٻنھي جو حامل آھي، پر پاڪستان لاءِ ان ۾ فقط نقصان ئي نقصان آھن. جيڪڏھن ھندستان، چين سان  اختلافن ھئڻ جي  باوجود، ان جي خلاف ڪنھن  وڏي ٽڪراءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ رضامند ناھي، تھ پاڪستان لاءِ اھو ھيڪاري وڌيڪ ضروري آھي تھ انھيءَ ملڪ سان موتمار ٽڪراءَ کان پاسو  ڪري، جنھن انھيءَ وقت اسان جي مدد لاءِ پھچي  پنھنجي دوستيءَ جو ثبوت ڏنو، جڏھن اسين ھندستان جي اڳرائيءَ جو مقابلو ڪري رھيا ھئاسين. پاڪستان لاءِ اھڙي قسم جي ڪنھن بھ وابستگيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ، زبردست مصيبت ٿيندي.

آمريڪا جو فوجي امداد کي ختم ڪرڻ جو مقصد اھو ھو تھ اھا ٻنھي ملڪن کي چين جي خلاف مقابلي لاءِ مجبور ڪري. ھڪ مقرر مقصد جي حصول، يعني چين جي گھيري لاءِ ھندستان ۽ پاڪستان جو باھمي تعاون ھڪ ضروري  قدم آھي. ويٽ نام جي ڌٻڻ  ۾ بريءَ طرح سان ڦاسي پوڻ ڪري آمريڪا فقط اھڙن ملڪن کي فوجي امداد ڏيڻ پسند ڪري ٿي، جيڪي انھيءَ امداد کي  ويٽ نام جي جنگ ۾ استعمال ڪرڻ تي  رضامند ۽ چين جي خلاف ڪم ۾ آڻڻ تي آماده ھجن. ھو پنھنجا ھٿيار ۽ گولھ بارود اھڙن ملڪن تي ضايع ڪرڻ نھ ٿي چاھي، جن جو انھن کي اھڙين لڙاين ۾ استعمال ڪرڻ جو انديشو ھجي، جن ۾ آمريڪا شريڪ ناھي. سنھ 1967ع جي بھار واري موسم ۾ مسٽر مئڪنمارا اعلان ڪيو ھو تھ ڏکڻ  ويٽ نام کان علاوه آمريڪي امداد جو وڏو حصو حاصل ڪرڻ وارا ملڪ ڏکڻ ڪوريا، ٿائلنڊ، فلپائين ۽ تائيوان ھوندا. اھي سڀ ملڪ ويٽ نام جي جنگ ۾ ملوث آھن ۽ ڪنھن  نھ ڪنھن صورت ۾ آمريڪا جي ھٿياربند فوجن سان تعاون ڪري رھيا آھن.

انھيءَ فيصلي ذريعي ھندستان ۽ پاڪستان کي جيڪو پيغام ڏين مقصود آھي، تنھنجي قطع نظر اھو معلوم ٿئي ٿو تھ دانشمنديءَ واري حڪمت عملي اھا آھي تھ ھٿيار فقط انھن ئي ملڪن کي ڏنا وڃڻ،  جيڪي ويٽ نام جي جنگ ۾ شريڪ ھجن ۽ انھن ملڪن  کي نھ ڏنا وڃن، جيڪي انھن ھٿيارن کي انھيءَ مشترڪھ جدوجھد ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ھجن. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي خلاف  جيڪو بھ  ڄاتل سڃاتل تعصب ھجي، ۽ ڪميونسٽ چين جي خلاف ھڪ متحده ننڍي کنڊ کي تشڪيل ڏيڻ جي ڪوشش چاھي ڪيتري بھ شديد ھجي ۽ ڪينيڊيءَ جي صدارت واري دؤر ۾ اقتصادي امداد تي، فوجي معاھدن جي مقابلي ۾ زياده دٻاءُ وجھڻ سان چاھي جيڪي بھ تبديليون  ٿي ويئون ھجن، فوجي امداد جي خاتمي جو اصلي مصلحتي ۽ وزنائتو سبب  ويٽ نام جي جنگ جي ردوبدل ۾ دستياب ٿي سگھي ٿو. اسرائيل جي قابل فھم استشني ٰ کان علاوه، جيڪا بنيادي  لحاظ کان آمريڪا جي نھ فقط بين الاقوامي  ذميواري آھي، بلڪ داخلي پڻ آھي ، جيڪڏھن فوجي سازو سامان ٻين ملڪن  کي فراھم ڪيو وڃي ٿو تھ اھو ڪميونزم جي خلاف  استعمال لاءِ، ۽ نھ غير ڪميونسٽ لڙاين لاءِ . ڳالھھ جو اصلي ڳاٽو اھو آھي تھ ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي کان پوءِ، آمريڪا جي طرفان فقط اھڙن ملڪن کي فوجي امداد ڏني ويئي آھي، جيڪي ڪميونسٽ رياستن جي خلاف معاھدن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار آھن. الھندي يورپ کي ڀاري اقتصادي ۽ فوجي امداد ھن ڪري ڏني ويئي تھ جيئن اھو سوويت يونين جي خلاف ھڪ مضبوط قلعو بنجي پوي. ايشيا ۾ جنگي معاھدا بھ انھيءَ مقصد لاءِ ڪيا ويا. جپان، فلپائين ، تائيوان، ڏکڻ ڪوريا، ٿائلنڊ ۽ ڏکڻ ويٽ نام  کي عوامي جمھوريھ چين  جي خلاف صف آرا ٿيڻ لاءِ فوجي امداد ڏني ويئي. ايران، ترڪي ۽ يونان کي ھن ڪري فوجي امداد ڏني ويئي تھ جيئن اھي سو ويت يونين جي خلاف مضبوط قلعو بنجي پون. پاڪستان کي ھن شرط تي ھٿياربند ڪيو ويو تھ اھو ايشيا، يورپ ۽لاطيني آمريڪا جي ملڪن وانگر ڪميونسٽ خطري  جو احساس رکندي سوويت يونين ۽ چين جي انھن عالمگيري گھيري ڪرڻ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي وڃي، ھن جو مشترڪھ ۽ اجتماعي مقصد اھو آھي تھ ضرورت پوي تھ طاقت جي استعمال جي ذريعي بھ ڪميونزم جي روڪ ٿام ڪئي وڃي.

سمجھيو ائين ويو ھو تھ پاڪستان ھڪ نظرياتي رياست ھئڻ  جي ڪري دھريھ ڪميونزم جو فطري مخالف ۽ ان جي ڪري آمريڪا جو فطري  دوست آھي. ھيءَ ڳالھھ بلڪل چڱيءَ طرح ڄاتل ھئي تھ پاڪستان جا ھندستان سان بنيادي جڳھڙا آھن ۽ ھن ڳالھھ جو انديشو بھ موجود ھو تھ پاڪستان صرف ان لاءِ فوجي امداد جي ڳولا ۾ آھي تھ  جيئن اھو ھندستان جي خلاف پنھنجي دفاع کي مضبوط بنائي سگھي. اھو شڪ آمريڪا جي انداز ِ فڪر ۾ ھميشھ کان وٺي موجود ھو، پر ان جي برعڪس کيس ھيءَ اميد بھ ھئي تھ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ھندي- پاڪستاني اختلافات پنھنجو پاڻ حل ٿي ويندا ۽ پوءِ پاڪستان  پنھنجي سڄي توجھ ڪميونسٽ خطري کي ڏيندو. اھا اميد پاڪستان طرفان آمريڪا جي حمايت ۾ ڪيل ڪيترن  ڳالھين جي مد نظر برحق معلوم ٿيندي ھئي، ۽ وزيراعظم نھروءَ جي انھن روين ۽ اعلانن جي مدنظر پڻ، جيڪي آمريڪا کي ڪميونسٽ غرضن جي موافق نظر ايندا ھئا. پاڪستان طرفان پنھنجي خلوص ۽ انھيءَ مشترڪھ مفاد  سان پنھنجي وابستگيءَ جي مظاھري ڪرڻ لاءِ، اسان ڄاڻي ٻجھي سو ويت يونين ۽ عوامي جمھوريھ چين سان بيگانگيءَ جي پاليسي اختيار ڪئي. سوويت يونين  سان اسان جا ناتا عملي طور عدم  موجود ھئا. وزيراعظم لياقت علي خان سو ويت يونين طرفان دعوت نامي ملڻ جي خواھان ھئڻ جي باوجود، ان جي وصول ٿيڻ بعد اوچتوئي  اوچتو  پنھنجو روس جو دورو  منسوخ ڪري ڇڏيو. اھو نامناسب قدم، مشڪل سان ئي سٺن ناتن  پيدا ڪرڻ  ۾  مدد ڏيئي ٿي سگھيو. انھيءَ وڏي طاقت سان اسان جي ناتن ۾ ڪشيدگيون پيدا ٿيون، تان جو ”يو-ٽو“ واري قصي انھن کي عروج تي پھچائي ڇڏيو.

پاڪستاب انقلاب کان  جلدئي پوءِ چين کي تسليم ڪيو ھو، پر  انھيءَ  ملڪ سان اسان جا ناتا معمول جي مطابق بلڪل ڪين ھئا. يقينا، ھڪ  موقعي  تي ٻنھي ملڪن جي وزيراعظمن جو ھڪٻئي ڏانھن اچڻ ۽ وڃڻ بھ ٿيو ھو، ۽ ڪجھھ واپاري لڳ لاڳاپا بھ قائم ٿيا ھئا، پر تعلقات اطمينان بخش نھ ھئا. اقوام متحده ۾ چين جي داخلي جي ابتدائي حمايت ڪرڻ جي ڪجھھ عرصي کان پوءِ آمريڪا جي دٻاءُ جي تحت اسان جو رويو بلڪل بدلجي ويو. ڪوريا واري تصادم جي دوران، اسين ڪن اڻ گھربل اشتعال انگيزين جا پڻ ذميوار ٿياسون، جنھنڪري سن 1962ع کان اڳ ۾ ٻنھي ملڪن جي درميان جيڪي تعلقات ھئا، تن کي خوشگوار چئي نھ ٿو سگھجي. اقوم متحده ۽ ٻين  بين الاقوامي اجلاسن  ۾ پاڪستان عام طرح سان آمريڪا حڪمت عملين  جي حمايت ڪرڻ ۾ نمايان رھندو ھو ۽ ڪن موقعن تي تھ خفي ڪندڙ وفاداري ڏيکاريندو ھو. انھيءَ ڪري اھو باور ڪيو ويندو ھو تھ جيتوڻيڪ ھندستان پاڪستان جو سڀني کان  وڏو روايتي دشمن ھو، تڏھن بھ پاڪستان آمريڪا جي فطري دوست وانگر، ان جي انھن عالمي حڪمت عملين جي تڪميل ۾ سندس وفادار رھندو آيو، جن جو رخ ڪميونزم جي خلاف ھو. انھيءَ حد تائين آمريڪا سان پاڪستان جي  تعلقات ۾ ڪو بھ تضاد ڪونھ ھو ۽ اسين ھڪ مشترڪھ مقصد لاءِ، ھڪ مشترڪھ دشمن جي خلاف آمريڪا جي ھڪ حليف جي حيثيت سان امداد حاصل ڪندا رھياسون. ان ھوندي بھ، درحقيقت جنھن مفروضي جي تحت آمريڪا پاڪستان  سان خصوصي تعلقات قائم ڪيا، ۽ جيڪي پاڪستان جا پنھنجا مقصد ھئا، تن ٻنھي جي درميان بنيادي تضاد ھو. آمريڪا انھن خطرن کي،  جيڪي پاڪستان  کي ھٿياربند ڪرڻ ۾ پوشيده ھئا، تسليم ڪيو پر ان جي باوجود ھيٺين سببن ڪري اھا فوجي امداد ڏيندي رھي :

       (1)  ھن کي يقين ھو تھ ھندي- پاڪستاني تڪرار جاگرفيائي، اقتصادي ۽ ٻين حالات جي مجبورين  ڪري اڳي يا پوءِ حل ٿي  ويندا.

       (2) ھن جو خيال ھو تھ اھا ننڍي کنڊ ۾ پنھنجي وڌندڙ اثر و رسوخ سان ٻنھي ملڪن جي درميان صلح ڪرائي وجھندي.

(3) ھن جو خيال ھو تھ جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان پنھنجا اختلاف نبيري وجھن، تھ گھٽ ۾ گھٽ پاڪستان ڪميونزم جي خلاف پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھندو.

    (4) پاڪستان  جو نظريو ڪميونزم کان مختلف  ھو ۽ انھيءَ ملڪ تي قدامت پسند قيادت جو مڪمل قبضو ھو.

(5) پاڪستان  داخلي ۽ خارجي طور ڪميونزم جي خلاف پنھنجي عدالت جو ڪافي مظاھرو ڪري چڪو ھو.

 (6) آمريڪا طرفان فوجي امداد ڏيڻ جي رٿا اھڙيءَ طرح سان بنائي ويئي ، جو ان جي ڏنل ھٿيارن تي ان جو اثرائتو قابو رھي، تھ جيئن پاڪستان جيڪڏھن انھن ھٿيارن ۽ سازو سامان جو ”بيجا“ استعمال ڪرڻ لڳي تھ آمريڪا فوري طور تي سندس  انھيءَ قدم کي ناڪام بنائي سگھي. 

پاڪستان کي امداد ھڪڙن سببن  لاءِ ڏني ويندي ھئي، ۽ اھا وصول ٻين لاءِ ڪئي ويندي ھئي. انھيءَ تضاد ۾ سن 1962ع واري چيني– ھندي لڙائيءَ ھڪ بلڪل  نئين عنصر جو اضافو  ڪري وڌو. نھرو، آمريڪا جو دشمن  باقي نھ رھيو. ھن مايوسيءَ ۽ فڪر جي فريب ٽٽڻ  جي ڪيفيت ۾ ، ڪميونسٽ چين جي چنبن کان پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ، آمريڪا کي امداد لاءِ درخواست ڪئي. ھاڻي، جانبدار پاڪستان نھ، بلڪ غير جانبدار ھندستان آمريڪا جي سڀني کان وڏي حريف جي  خلاف جنگ ۾ شريڪ ٿيو ھو. حالات جي انھيءَ نئين ڦيري آمريڪا کي ھندستان ۾ داخل ٿيڻ جا اھڙيءَ طرح بيشمار موقعا مھيا ڪيا، تھ جيئن انھيءَ ملڪ کي بتدريج چين جي خلاف، جيڪو انھيءَ وقت تائين آمريڪا جو مکيھ حريف بڻجي چڪو ھو، محاذ آرائيءَ ۾ شامل ڪيو وڃي . انھيءَ بدليل صورتحال، ھڪٻئي سان اڻ ٺھڪندڙ انھن مفروضن جي تضادن کي نمايان ڪري ڇڏيو، جن جي بنياد تي پاڪستان ۽ آمريڪا خصوصي تعلقات قائم ڪيا ھئا.


(1) بيورلي نڪولس ” ورڊڪٽ آن انڊيا“ 1944، ص 5_ 190_ .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org