انتساب
پاڪستان جي خودمختيار عوام جي نالي
شڪر ادائي
جناب جي. ايم. رحيم، جنھن ڌيان سان ھن ڪتاب جي مسودي کي پڙھيو ۽ جيڪي قيمتي تجويزون ڏنيون، تنھن لاءِ سندس شڪريو ادا ڪري، ھن ڪتاب ۾ جيڪي لکيو اٿم، تنھن جي سڄي ذميواري کڻڻ کان آءٌ پاڻ کي آجو نٿو ڪريان.
آءٌ ھنن جو پڻ شڪر گذار آھيان : ھميش ھئملٽن ھارپر ۽ ائينڊ رو، جن مون کي جان
– ايف ڪينڊيءَ جي”دي اسٽر ئٽيجي آف پيس“ مان اقتباس وٺڻ جي اجازت ڏني؛ جوناٿن ڪيپ ليمٽڊ ۽ڪرٽس برائون لميٽيڊ، جن بيورلي نڪلس جي ”ورڊڪٽ آن انڊيا“ مان اقتباس وٺڻ جي اجازت ڏني؛
چيٽو
ائنڊ ونڊس لميٽيڊ ۽ آڪسفورڊ
يونيورسٽي پريس
جن مون کي اين . سي. چوڌريءَ
جي ” دي ڪانٽيننٽ آف سرسي“ مان اقتباس نقل ڪرڻ جي اجازت ڏني.
ديباچو
سن
1958
ع
۾ جڏھن
مون
ٽيھن
ورھين
جي
نسبتا
ننڍيءَ
عمر
۾ مارشل
لا
حڪومت
۾ وزير
تجارت
جو
اعليٰ
سرڪاري
عھدو
سنڀالي
پنھنجي
سياسي
زندگيءَ
جو
آغاز
ڪيو،
تڏھن
پاڪستان
ھڪ
اھڙيءَ
صورتحال
۾ ھو،
جو
ان
جو
ھر
اھم
فيصلو،
توڙي
کڻي
ان
جو
واسطو
خالص
داخلي
نوعيت
جي
معاملن
سان
ھئڻ
گھربو
ھو،
بين
الاقوامي
تعلقات
خصوصا
آمريڪا
سان
ڪيل
معاھدن
جي
ڪنھن
نھ
ڪنھن
حقيقي
توڙي
خيالي
پھلوءَ
کان
متاثر
ٿي
رھيو-
وزير
تجارت
جي
حيثيت
۾، توڙي
ٻارڻ،
بجلي
۽ قدرتي
وسيلن
جي
وزير
جي
حيثيت
۾،
يا
وري
وزير
صنعت
جي
حيثيت
۾،
جيڪو
قلمدان
مون
کي
سنھ
1962-63
ع
جي
دوران
مليو
ھو.
تاريخ
جو
مطالعو،
پٺتي
پيل
ملڪن
جي
مسئلن
جي
ڄاڻ،
۽ بين
الاقوامي
سياست
۾ منھنجي
دلچسپي
اھي
اھڙيون
ڳالھيون
ھيون،
جيڪي
مون
کي
پاڪستان
جي
وزير
خارجھ
جي
حيثيت
۾ ملڪ
جي
خدمت
ڪرڻ
واسطي
حق
بجانب
بنائي
رھيون
ھيون.
منھنجي
اھا
خواھش
جنوري
سن
1963ع
۾ مسٽر
محمد
علي
بوگري
جي
وفات
بعد
پوري
ٿي
.
بھر
حال،
انھيءَ
کان
اڳ
۾ مون
کي
پاڪستان
لاءِ
بنيادي
اھميت
وارن
بين
الاقوامي
مسئلن
کي
منھن
ڏيڻو
پيو
ھو.
آءٌ
ڊسمبر
سنھ
1960ع
۾ ٻارڻ
، بجلي
۽ قدرتي
وسيلن
جي
وزير
جي
حيثيت
۾ سوويت
يونين
سان
تيل
جي
ٺاھھ
بابت
ڳالھين
ڪرڻ
واسطي
ماسڪو
ويس.
آءٌ
انھيءَ
ڳالھھ
جو
ھن
ھنڌ
فقط
ھن
ڪري
ذڪريان
ٿو،
جو
اِنھيءَ
واقعي
سان
وقت
جي
ان
نقطي
جي
نشاندھي
ٿئي
ٿي،
جتي
پھچڻ
کان
پوءِ
سوويت
يونين
سان
اسان
جا
ناتا
سڌرڻ
شروع
ٿيا،
جيڪي
ان
کان
اڳ
ھونئن
نھايت
غير
تسلي
بخش
ھئا.
سنھ
1960ع
واري
جنرل
اسيمبليءَ
جي
انھيءَ
مشھور
اجلاس
مان
واپس
موٽڻ
بعد،
جنھن
۾ وزيراعظم
خروشچيف،
صدر
ناصر،
صدر
سوئيڪارنو،
مسٽر
مئڪملن،
پنڊت
نھرو،
سينور
فڊل
ڪاسٽرو
۽ ٻين
گھڻن
ئي
مشھور
و
معروف
مدبرن
شرڪت
ڪئي
ھئي،
مون
کي
يقين
ٿي
ويو
تھ
پاڪستان
سرڪار
لاءِ
اھو
وقت
اچي
ويو
آھي،
جڏھن
ان
کي
پنھنجي
خارجھ
پاليسيءَ
تي
نظر
ثاني
ڪري
ان
۾ ترميم
ڪرڻ
گھرجي.
انھيءَ
خيال
مطابق
مون
پنھنجيءَ
حڪومت
اڳيان
ڪي
تجويزون
پيش
ڪيون،
جن
کي
آخرڪار
قبول
ڪيو
ويو.
اھو
واقعو
منھنجي
وزير
خارجھ
بنجڻ
کان
اڳي
جو
ھو.
اھڙيءَ
طرح
منھنجي
زور
بار
ڪري
جيڪي
تبديليون
ٿيون
، تن
جي
وسيلي
فضا
ساز
گار
ٿي
۽ مون
سرڪاري
طرح
پنھنجي
ملڪ
جي
وزير
خارجھ
جو
عھدو
سنڀاليو.
پڙھندڙ
کي
ھن
ڪتاب
جي
صفحن
۾ پاڻيھي
معلوم
ٿي
ويندو
تھ
منھنجا
رايا
ڪھڙا
آھن،
عالمي
مسئلن
ڏانھن
منھنجو
رويو
ڇا
آھي،
منھنجي
راءِ
موجب
پاڪستان
طرفان
پرڏيھي
طاقتن
سان
معاملن
طئي
ڪرڻ
۾ ڪھڙيون
غلطيون
ڪيون
ويون،
۽ انھن
غلطين
جو
تدارڪ
ڪيئن
ڪجي؛
۽ اھڙي
خارجھ
پاليسي
ٺاھڻ
لاءِ
جيڪا
انھن
خطرن
کي
تاري
سگھي
جيڪي
ھن
وقت
ملڪ
کي
درپيش
آھن،
منھنجون
تجويزون
ڪھڙيون
آھن
.
انھن
خيالن
جو
اختصار
ديباچي
۾ پيش
ڪرڻ
جي
ڪوشش
ڪرڻ
بيسود
ٿيندي
. ان
جي
باوجود
ھتي
ھنن
ڳالھين
تي
زور
ڏيڻ
مناسب
ٿيندو
تھ
چين
سان
قريبي
تعلقات
جي
پاليسي،
جيڪا
مون
تشڪيل
ڏني
۽ عمل
۾ آندي،
پاڪستان
لاءِ لازمي آھي؛ ٻيو تھ عظيم
طاقتن سان معاملن ھلائڻ ۾ اسان کي انھن جي
دٻائن
جو
اھڙي
وقت
تي
پنھنجن
سڀني
موجود
وسيلن
سان
مقابلو
ڪرڻ
گھرجي،
جڏھن
اھي
اسان
جي
ڀلائيءَ
۽ بھبوديءَ
کي
نقصان
رسائينديون
ھجن؛
تھ
اھڙا
عھدناما،
جن
جو
مقصد
پاڻ
کي
نقصان
پھچائڻ
يا
انصاف
جي
اصولن
جي
خلاف
ڪنھن
نھ
ڪنھن
طريقي
سان
تڪرارن
جو
نبيرو
ڪرڻ
ھجي،
جيڪي
قومي
سلامتيءَ
بلڪ
خود
قومي
بقا
جي
بيخ
۽ بنياد
تي
وار
ڪن
ٿا،
تن
کان
بچاءُ
ڪرڻ
گھرجي.
جيڪڏھن
آءٌ
ڪن
پاليسين
جي
پاڻ
تي
ذميواري
کڻان
ٿو
تھ
ان
سان
گڏ
ھيءَ
حقيقت
بھ
تسليم
ڪريان
ٿو
تھ
جون
1966ع
تائين،
جڏھن
مون
وزير
خارجھ
جو
عھدو
ڇڏيو،
مون
انھن
تي
عمل
ڪرائڻ
لاءِ
ھر
طرح
سان
ڪوشش
ڪئي.
جيتوڻيڪ
منھنجي
دل
گھڻو
ئي
پئي
چاھيو
تھ
1965ع
واريءَ
پاڪستان-
ھندستان
جنگ
۽ ان
کان
پوءِ
ٿيل
تاشقند
پڌرنامي
جي
ڪجھھ
وڌيڪ
اپٽار
ڪريان،
پر
پوءِ
مون
مختلف
سببن
جي
ڪري
انھن
۽ ڪن
ٻين
موضوعن
تي
بحث
ڪرڻ
جي
معاملي
کي
مستقبل
۾ ڪنھن
مناسب
موقعي
تائين
ملتوي
ڪرڻ
جو
فيصلو
ڪيو.
تاريخ
جي
انھيءَ
باب
متعلق
حقيقت
بيان
ڪرڻ
جو
مرحلو
اڃا
اڳتي
اچڻو
آھي.
آءٌ
تسليم
ڪريان
ٿو
تھ
ھيءُ
ڪتاب
تڙتڪڙ
۾ ۽ اھڙين
حالتن
ھيٺ
لکيو
ويو
آھي،
جن
تي
منھنجو
ڪو
وس
نھ
آھي
۽ جڏھن
حالتن
جي
خلاف
اھڙي
ڊوڙ
لڳي
پيئي آھي،
جيڪا
پاڪستان
کي
انتھائي
تيز
رفتاريءَ
سان
ھڪ
اھڙي
چو
واٽي
طرف
ڇڪي
وڃي
رھي
آھي،
جتان
ھڪ
کان
سواءِ
باقي
سڀ
واٽون
تباھيءَ
ڏانھن
وڃي
رھيون
آھن.
ڪراچي،
نومبر1967ع.
باب
پھريون
برابريءَ
لاءِ
جدوجھد
١٩-مئي
١٩٥٤ ع
تي،
پاڪستان
۽ آمريڪا
ڪجھھ
مشڪل
مذڪرات
کان
پوءِ،
”باھمي
دفاعي
امدادي
معاھدو“
ڪيو
۽ ھڪ
اھڙي
لاڳاپي
واري
دؤر
۾ داخل
ٿيا،
جنھن
کي
نرم
لفظن
۾ ”خاص
ناتو“
سڏيو
ويو.
آمريڪا
پاڪستان
کي
ٻارھن
سالن
کان
مٿڀري
عرصي
تائين
ڪافي
اقتصادي
۽ فوجي
امداد
ڏيندي
رھي.
١٩٥٩
ع
۾ ٻنھي
ملڪن
جي
وچ
۾ غلط
فھميون
پيدا
ٿيون
۽ اھي
خاص
طرح
سان
ھندستان
۽ چين
واري
جڳھڙي
کان
پوءِ
جيئن پوءِ
تيئن
وڌنديون
ويجھنديون
ويون،
آمريڪا
۽ پاڪستان
جا
لاڳاپا
اختلافي
صورتن
۾ ھلندا
رھيا،
جن
جو
اثر
ڪڏھن
مالي
معاملن
تي
۽
ڪڏھن
زياده
موثر
طريقي
سان
سياسي
معاملات
تي
پيو.
باھمي
تعلقات
جي
اھا
لار
آشنائيءَ
جي
ڇيڙي
کان
بيگانگيءَ
جي
ڇيڙي
تي
وڃي
پھتي
آھي.
ھڪ
اھو
بھ
وقت
ھو،
جڏھن
پاڪستان
کي
”آمريڪا
جو
ويجھن
۾ ويجھو
ساٿي“
سڏيو
پئي
ويو
۽ آمريڪا
جي
ٻين
طفيلي
ايشيائي
ملڪن
کي
چيڙائيندي،
صدر
ايوب
خان
١٩٦١ع
۾ آمريڪي
ڪانگرس
۾ پنھنجي
ھڪ
تقرير
دوران،
انھيءَ
ڳالھھ
تي
زور
ڏنو
تھ
ايشيا
کنڊ
۾ فقط
پاڪستان
ئي
اھو
واحد
ملڪ
آھي،
جنھن
جي
سر
زمين
تي
”آزاد
دنيا“
جي
بچاءَ
لاءِ
آمريڪي
فوجون
ڪنھن
بھ
گھڙيءَ
لھي
سگھن
ٿيون.
جڏھن
”يو-ٽو“
واري
واقعي
۾ ڪمال
جي
سياست
کيڏندي
آمريڪا
مبھم
بيان
بازيءَ
کان
ڪم
ورتو،
تڏھن
پاڪستان،
شاھھ
کان
وڌيڪ
شاھھ
پرستيءَ
جو
مظاھرو
ڪندي،
کليو
کلايو
اقرار
ڪيو
تھ
”يو-
ٽو“
ھوائي
جھاز
پاڪستان
مان
اڏاڻو
ھو
۽ پاڪستان
کي
ھڪ
پڪي
دوست
جي
حيثيت
۾ آمريڪا
کي
اھڙي
اجازت
ڏيڻ
جو
حق
ھو.
ھڪ
چوٿائي
صديءَ
کان
بھ
گھٽ
عرصي
اندر،
پاڪستان
جي
آمريڪا
توڙي
ھندستان
سان
لاڳاپن
جو
ھڪ
دؤر
پورو
ٿيو
آھي.
زوردار
ڪوششون
ڪيون
وييون
آھن
تھ
پاڪستان
کي
ھندستان
سان
محاذآرائيءَ
واري
موقف
تان
ھٽائي،
تعاون
واري
طريقي
تي
آندو
ڃي،
۽ ان
ئي
سلسلي
جي
نتيجي
طور
پاڪستان
جا
آمريڪا
سان
تعلقات
ڊرامائي
انداز
۾ ھڪ
”ويجھن
۾ ويجھي
ساٿي“
واريءَ
حيثيت
مان
بدلجي
انھيءَ
تي
پھتا
آھن،
جو
اھو
الزام
ھنيو
وڃي
ٿو
تھ
آمريڪا
جي
مکيھ
ويري
يعني
عوامي
جمھوريھ
چين
۽ پاڪستان
جي
وچ
۾
سازباز
آھي.
اھي
ٻٽا
چڪر
ڪيئن
مڪمل
ٿيا
آھن،
اھو
گھڻن
لاڳاپيل
حقيقتن
جھڙوڪ
قومي
احساسات،
جاگرافي،
پرآشوب
ماضي
۽ ڪھنھ
روايتن
جي
باھمي
اثراندازيءَ
جو
دلچسپ
مطالعو
پيش
ڪري
ٿو.
ايشيائي
اسرندڙ
قوم
پرستيءَ
جي
جذبي
کان
متاثر
ٿيل
ھڪ
قديم
قوم
جو
تفاخر
۽ جذبا
۽ انھيءَ
۾ شامل
آھن.
اھا
ڪھاڻي
مذھب
کان
وٺي
اقتصاديات
تائين
جاگرافيءَ
کان
وٺي
سياست
تائين،
تاريخ
کان
وٺي
ڏندڪٿائن
تائين
۽ قوميت
کان
وٺي
نسل
ڪشيءَ
تائين
ھڪ
وسيع
افق
تي
پکڙيل
آھي.
گھڻو
ڪري
آمريڪا
کي
ھن
ڄار
جي
ھر
و
ڪڙ
۾ وچڙايو
ويو
آھي.
ھيءُ
ڪتاب
ھن
گھڻ
رخي
صوتحال
جي
ھڪڙي
رخ
پرکڻ
جي
ڪوشش
آھي.
جيتوڻيڪ
ويجھي
ماضيءَ
۾ پاڪستان
۽ آمريڪا
جا
لاڳاپا
ناھموار
حالات
جا
آئينھ
دار
پئي
رھيا
آھن،
پر
آمريڪا
جي
فقط
انھيءَ
فيصلي
تھ
پاڪستان
جي
فوجي
امداد
بند
ڪئي
وڃي-ھڪ
اھڙي
ملڪ
جي
جنھن
سان
آمريڪا
باھمي
۽ سيٽو ۽ سنيٽو
جي
دفاعي
معاھدن
۽ شموليت
جي
ڪري
رسمي
طور
اڃا
تائين
ڳنڍيل
۽ جوابدار
آھي-ٻنھي
ملڪن
جي
انھيءَ
خاص
تعلق
کي
آخري
طرح
ٻنجو
ڏنو.
اربع
ڏينھن
١٢-اپريل
١٩٦٧ع
تي
واشنگٽن
۾ اسٽيٽ
ڊپارٽمنيٽ
جي
ھڪ
ترجمان
ھيٺين
پڌرائي
ڪئي
:
”اسان ھندستان ۽ پاڪستان جي فوجي امداد
جي گنجائش متعلق پنھنجي پاليسيءَ جو مفصل جائزو
ورتو آھي ۽ اھو فيصلو ڪيو آھي تھ سيپٽمبر ١٩٦٥ع
کان روڪيل فوجي امداد نئين سر جاري نھ ڪنداسون.،
”اسان
انھيءَ
ڪري
آمريڪا
جي
پاڪستان
۾ پنھنجي
اداري
يو-ايس
ملٽري
اسٽنس
ائڊوائيزري
گروپ
(يو-ايس
ايم-اي-اي-جي)
۽ ھندستان
۾ يو-ايس
ملٽري
سپلاءِ
مشن
(يو-ايس-ايم-ايس-ايم-آءِ)
کي
بند
ٿا
ڪريون.
ٻنھي
ملڪن
۾ پھرين
جولاءِ
١٩٦٧ع
تائين
انھيءَ
ڪم
جي
پوري
ٿي
وڃڻ
جي
توقع
آھي.
”اسان
اھو
بھ
فيصلو
ڪيو
آھي
تھ
آمريڪا
جي
حڪومت
طرفان
فاضل
پرزن
جي
مختلف
قسمن
جي
سپلاءِ
تي
پيل
موجوده
بندشن
کي
ختم
ڪيو
وڃي
۽ اھي
ھندستان
۽ پاڪستان
کي
اڳيئي
ڏنل
فوجي
سامان
لاءِ
ڀلي
وڪرو
ڪيا
وڃن.
ھن
کان
پوءِ
اسان
نقد
پئسن
تي
فاضل
پرزن
جي
خريداريءَ
لاءِ
ايڪسپورٽ
پرمٽن
جي
اجراءِ
جي
سڀني
درخواستن
تي
الڳ
الڳ
ويچار
ڪرڻ
لاءِ
تيار
رھنداسين.
”آمريڪا
پنھنجي
فوجي
سامان
جي
وڪري
واري
پاليسيءَ
تي
احتياط
سان
ان
ڳالھھ
جي
خاطري
ڪرڻ
لاءِ
مسلسل
نظرثان
ڪندي
رھندي
تھ
اھا
پاليسي
پاڪستان
۽ ھندستان
جي
وچ
۾ ھٿيارن
جي
ڊوڙ
کي
تيز
ڪرڻ
جو
ذريعو
نھ
بڻجي
.اسان
وڏي
اميد
رکون
ٿا
تھ
ٻيئي
ملڪ
پنھنجن
انھن
مسئلن
۽ اختلافن
کي،
جن
کين
ھڪٻئي
کان
پري
ڪيو
آھي،
حل
ڪرڻ
لاءِ
اڳڀرو
وڌندا
۽ اھي
پنھنجي
زرعي
۽ صنعتي
ترقيءَ
کي
خاص
ترجيع
ڏيڻ
لاءِ
پنھنجن
وسيلن
کي
استعمال
ڪندا
“.
اھو
فيصلو
برصغير
۾ عمومي
طور
۽ ايشيا
جي
مستقبل
تي
خاص
طرح،
جنھن
ھينئر
بحران
جي
مکيھ
سرچشمي
جي
حيثيت
سان
يورپ
جي
جاءِ
ورتي
آھي،
۽ جنگ
۽ امن
جي
نھايت
اھم
معاملن
تي
اثر
انداز
ٿيو
آھي،
دور
رس
نتيجي
جو
حامل
آھي.
يورپ
صدين
تائين
اھو
مرڪز
ھو
جتان
جڳھڙن
جي
پکيڙ
پئي
ٿي.
انھيءَ
چوڻ
جو
اھو
مطلب
ڪونھي
تھ
ايشيا
مشڪلن
کان
آجو
ھو
۽ ساڳئي
وقت
يورپ
انقلابن
۽ بغاوتن
جي
چنبي
۾ ھو،
تاريخ
اڃا
تائين
انسانن
جي
آباديءَ
جي
ڪنھن
بھ
حصي
کي
مڪمل
طور
تي
سڪون
نھ
بخشيو
آھي.
جيڪي
ٿيو
آھي
اھو
اِھو.
آھي
تھ
شديد
طوفان
جي
رخ
ايشيا
ڏانھن
موڙ
کاڌو
آھي،
جتي
ويٽنام
۾ خوني
جنگ
لڙي
پئي
وڃي،
جنھن
جي
نتيجي
تي
ئي
ھر
ھنڌ
جي
ماڻھن
جي
قسمت
جو
مدار
آھي.
اھو
لتاڙيل
ملڪ
زندگي
۽ موت
جي
ڪشمڪش
۾ مبتلا
آھي.
جيتوڻيڪ
اھو
معاملو
وقتي
طور
ويٽنام
تائين
محدود
آھي،
پر
اھو
بلڪل
ممڪن
آھي
تھ
جڏھن
اھو
ڪنھن
نازڪ
مرحلي
تي
پھچندو
تھ
جنگ
پنھنجون
موجوده
حدون
لتاڙيندي
ايشيا
جي
اٿاھھ
زمين
کي
جنگ
جي
وسيع
ميدان
۾ بدلائي
وجھندي
۽ شايد
ان
جا
تباھ
ڪن
شعلا
اڳتي
بھ
وڌي
وڃن.
دنيا
ڪيئن
نھ
قطعي
طور
تي
تباھ
ڪن
آڙاھھ
جي
ڪنڌيءَ
جي
ويجھو
پھچي
سگھي
ٿي،
اھو
وچ
اوڀر
جي
تازي
جنگ
واري
زماني
۾ ڏٺو
ويو
ھو.
انھيءَ
جنگ
کان
اڳي
جي
بحران
آمريڪا
۽ روس
جي
اڳ
ئي
نازڪ
تعلقات
کي
ختم
ڪرڻ
جو
خطرو
پيدا
ڪري
ڇڏيو.
اھي
تعلقات
ختم
نھ
ٿيا
۽ روس
پوئتي
ھٽي
ويو،
انھيءَ
مان
اسان
کي
غلط
طور
تي
اھو
نھ
سمجھڻ
کپي
تھ
روس
ھميشھ
پوئتي
ھٽندو
۽ پنھنجي
دنيا
جي
اڳواڻ
ھئڻ
واريءَ
دعويٰ
کي
ڌڪ
ھڻندو.
عرب
ملڪن
۽ يھودين
جي
وچ
۾ جنگ
الھندي
۽ ڏکڻ
اڀرندي
ايشيا
کي
جنگ
جي
ساڳي
ئي
بٺيءَ
۾ وجھي ڇڏيو ۽ ماڻھن ۾ اھو
خطرو پيدا ڪيو تھ انھيءَ بٺيءَ جون
چڻنگون
گڏجي
سڄيءَ
دنيا
۾ باھھ
نھ
ٻاري
ڇڏين.
انھن
پنجن
ڏينھن
واري
جنگ
جي
ابتدا
توڙي
اختتام
جو
ويٽنام
سان
سنئون
سڌو
ڳانڍاپو
ھو.
جيڪڏھن
آمريڪا
جنگ
۾ گھري
نموني
پاٿل
نھ
ھجي
ھا۽
جيڪڏھن
انھيءَ
جنگ
۾ روس
جو
وڌندڙ
انتظار
شامل
نھ
ھجي
ھا
تھ
وچ
اوڀر
وارو
بحران
نھ
ائين
اوچتو
ظھور
پذير
ٿئي
ھا
۽ نھ
وري
ائين
بي
وقتائتو
ختم
ٿئي
ھا.
انھيءَ
ڪري
ڪنھن
بھ
وڏي
سياسي
واقعي
خاص
طرح
ايشيا
۾ اھڙي
واقعي
جي
اصليت
۽ نتيجي
کي
ويٽنام
جي
جنگ
کان
الڳ
نٿو
ڪري
سگھجي.
ھڪ
طرفيءَ
حڪمت
عمليءَ
جو
رجحان
غلط
آھي.
جيتوڻيڪ
ماڻھن
جو
اھو
فطري
لاڙو
آھي
تھ
پنھنجيءَ
حالت
مطابق
ئي
ڪنھن
مسئلي
کي
سوچين،
پر
دنيا
جا
حالات
انھيءَ
محدود
فڪر
کي
رد
ڪريو
ڇڏين.
دنيا
۾ ٿيندڙ
واقعا
اھڙا
ڏکيا
۽ ھڪٻِئي
سان
ڳنڍيل
آھن
جو
ڪو
بھ
ھڪ
اھم
فيصلو
فقط
ھڪ
قوم
جو
در
نٿو
کڙڪائي.
سياست
جا
ھٿيار
پنوھار
ھاڻ
فطرتا
حدن
اندر
مقيد
نھ
رھيا
آھن.
سڀني
قومن
خصوصي
طور
تي
وڏين
طاقتن
جا
اقتدام
گھڻين
ڳالھين
کي
نظر
۾ رکندي
۽ ھڪ
وسيع
ميدان
کي
سميٽڻ
جي
ڪري
متاثر
ٿين
ٿا.
اھي
اھم
فيصلا،
جيڪي
بظاھر
فقط
پاڪستان
کي
متاثر
ڪندا
ڏسجن
ٿا،
تن
جو
اطلاق،
در
حقيقت
وڌيڪ
وسيع
آھي.
ويٽنام
جنگ
جو
اوڀر
جيڪڏھن
فقط
آمريڪا
۽ ويٽنام
سان
ئي
تعلق
رکي
ھا
تھ
اھا
ھڪ
سولي
ڳالھھ
ٿي
پوي
ھا،
پر
جنگ
جي
اڀاريندڙ
ھر
قدم
کي
نھ
فقط
ويٽنام
۽ آمريڪا
جي
حالات
تائين
پرکڻو
آھي،
پر
چين،
روس
۽ ٻين
ملڪن
جي
روڪڻ
واري
فيصلي
جي
انھن
وسيع
سببن
کي،
جيڪي
ايشيا
کي
متاثر
ڪن
ٿا،
نظر
۾ رکي
سوچڻو
پوندو.
داءُ
جيترا
بظاھر
نظر
اچن
ٿا،
انھن
کان
مٿڀرا
لڳل
آھن،
انھيءَ
کي
وسيع
تر
قومي
مفادن
جي
حفاظت
کي
نظر
۾ رکي
تسليم
ڪرڻو
پوندو.
جيڪڏھن
بين
الاقوامي
حالات
کي
ھڪڙي
ئي
نقطھ
نگاھ
سان
ڏسبو،
تھ
پوءِ
آمريڪا
جو
پاڪستان
کي
فوجي
امداد
بند
ڪرڻ
وارو
فيصلو
بي
وقتو
۽ يڪطرفو
قدم
نظر
ايندو.
پر
بھرحال
جيڪڏھن
دنيا
جي
واقعن
جو
ٻِھ
-طرفھ
لاڳاپن
سان
نھ
پر
دنيا
جي
لحاظ
سان
تحقيقي
تجزيو
ڪيو
ويندو
تھ
پوءِ
اھو
فيصلو
نھ
بي
وقتو
آھي
۽ نھ
ھڪ
طرفو
آھي.
اھو
تمام
ضروري
آھي،
تھ
انھيءَ
اھم
فيصلي
۽ آمريڪا
۽ پاڪستان
جي
مستقبل
جي
تعلقات
کي
گھري
۽ تحقيقي
نموني
سان
جانچيو
وڃي،
تھ
جيئن
اھو
متعين
ڪري
سگھون
تھ
اسان
دنيا
جي
ٻين
قومن
سان
ڪيئن
بيٺل
آھيون
۽ اڃا
آئينده
ڪيئن
بيھنداسون.
مستقبل
کي
اڳواٽ
ڏسڻ
جون
ڪوششون
صحيح
سياسي
فيصلن
کي
قائم
ڪرڻ
۾ مدد
گار
ٿي
سگھن
ٿيون
۽ اسان
جي
ماڻھن
کي
بھ
انھن
مشڪلاتن
۽ موجھارن
کان
آگاھھ
ڪري
سگھن
ٿيون،
جن
کي
ھن
بي
يقينيءَ
واري
گڏ
رھڻ
۽ گڏ
تباھھ
ٿيڻ
واريءَ
دنيا
۾
منھن
ڏيڻ
جو
امڪان
آھي.
انھيءَ
وقت
کان
جڏھن
انسان
زندگيءَ
کي
وڌيڪ
وڻندڙ
بنائڻ
جي
ڪوشش
۾ پنھنجون
چر
ون
ڇڏي
ٻاھر
نڪتو،
تڏھن
کان
ھو
پنھنجي
ھمجنسن
سان
مقابلي
۾ ئي
رھيو
آھي
۽ سڀيئي
ساڳين
ئي
قوتن
جي
اثر
ھيٺ
تحريڪ
۾ آيا
۽ سڀيئي
ساڳين
يا
ملندڙ
جلندڙ
مقصدن
لاءِ
ڊوڙ
ڊڪ
پئي
ڪئي
آھي.
تھذيب
جي
اوسر
سان
وجود
جي
بقا
لاءِ
جدوجھد
جو
وڏي
۾ وڏو
اظھار
ملڪن
جي
تعلقات
۾ ملي
ٿو.
ارسطو
ان
نتيجي
تي
پھتو
تھ
”اھو
ظاھر
آھي
تھ
رياست
فطرت
جي
ھڪ
تخليق
آھي
۽ ماڻھو
فطري
طور
تي
سياسي
جانور
آھي
۽ ھر
اھو
شخص
جيڪو
فطري
طور
۽ نھ
فقط ڪنھن حادثي جي ڪري ڪنھن
بھ ملڪ سان متعلق نھ آھي
اھو
يا
تھ
انسانيت
جي
درجي
کان
مٿي
آھي
يا
ان
کان
ھيٺ،
تمدن
۽ علوم
جي
واڌاري
پٺيان
اھائي
انساني
خواھش
موجود
آھي،
جنھن
جو
اظھار
رياست
جي
ذريعي
ٿئي
ٿو
، تان
تھ
اتي
زندگيءَ
کي
ھڪڙي
گڏيل
وحدت
اندر
وڌيڪ
آسائتو
ڪجي.
مختلف
گروھن
۾ پنھنجي
فائدي
حاصل
ڪرڻ
لاءِ
جيڪي
جڳھڙا
پيدا
ٿين
ٿا،
اھي
تاريخ
جا
جزا
آھن.
اعليٰ
شڪل
۾ منظم
گروھھ
يعني
قومي
رياست
نھايت
ئي
جابر
آھي.
ڇاڪاڻ
جو
اھي
فرد
جيڪي
گڏجي
اھا
رياست
ٺاھين
ٿا،
انھن
لاءِ
اھا
نھايت
ئي
تڪليفده
آھي.
اھڙن
گروھن
جي
وچ
۾ مقابلا
يا
سندن
پنھنجي
پاڻ
۾ جڳھڙا
احتجاج
جي
ھڪ
شڪل
پيدا
ڪن
ٿا،
جيڪا
آھي
ھڪجھڙائيءَ
لاءِ
جدوجھد.
اھو
تمدن
جي
ظھور
پذير
ٿيڻ
سان
ئي
شروع
ٿيو
. قديم
تھذيبي
گھوارن
جي
جڳھڙن
جون
ثابيتون
موجود
آھن،
جيڪي
چار
ھزار
ورھيھ
قبل
مسيع
۾ دجلھ-فرات
وادي
۽ سنڌو
ماٿر
جي
تمدن
۾ ظاھر
ٿيا.
انھن
کان
پوءِ
جيڪي
تمدن
آيا،
مثال
طور
مصر،
يونان،ڪارٿيج
۽ روم،
تن
سڀني
جو انھن
ساڳئي
قسمن
جي
جڳھڙن
سان
پلئھ
اٽڪيو.
قديم
ايران
۽ بازنطين،
سلطنت
عثمانيھ،
انگريز
۽ فرينچ
شھنشاھيتن
جي
بيٺڪي
اڏن
۽ نازي
جرمنيءَ ساڳئي ڊرامي ۾ پنھنجو
ڪردار ادا ڪيو آھي، جنھن جو
محرڪ
ٻِين
تي
مسلط
ٿيڻ
جي
ھٻچ
۽ ھڪجھڙائيءَ
جي
جدوجھد
سان
جھيڙڻ
ھو.
جڏھن
بھ
ٻين
کي
مسلط
ٿيڻ
واري
تحريڪ
جي
تحت
وقتي
طور
باھھ
وساڻي
يا
تلوار
واپس
پنھنجي
مياڻ
۾ وئي،
پوءِ
بھ
اھا
جدوجھد
( برابر
ي
واري)
مختلف
نالن
۽ روين
۾ جاري
رھي.
غلبي
کي
سڀني
کان
وڌيڪ
مضبوط
جي
بقا
جو
نالو
ڏيئي
صحيح
عمل
سمجھيو
ويو
آھي،
انھيءَ
کي
گوريءَ
ماڻھوءَ
جي
ذمھ
داري
جي
نالي
سان
سڏيو
ويو
آھي.
انھيءَ
کي
انھن
نظرين
سان
شاندار
بنايو
ويو
آھي
تھ
اھي
فقط
حاڪم
قوم
جون
ذميواريون
آھن.
اڄ
انھيءَ
قديم
جدوجھد
کي
مقتصراجمھوريت
جي
نظريي
۾
سمايو
ويو
آھي
جيڪو
آمريت
جو
ضد
آھي.
ويجھڙي
زماني
۾، انسانيت
کي
ظلم
۽ستم
کان
نجات
ڏيارڻ
لاءِ
ھر
ھنڌ
جي
ستم
زده
ماڻھن
کي،
جيڪي
بيٺڪي
سامراجيت
جي
زنجيرن
۾ جڪڙيل
ھئا،
وڏو
زور
ڏيئي
ھن
ڳالھھ
تي
آماده
ڪيو
ويو
تھ
اھي
”نازي
ازم“
جي
خلاف
جدوجھد
۾ حصو
وٺن.
نازي
ازم
جي
شڪست
کان
ھڪدم
پوءِ
ايشيا
۽ تمام
گھڻين
قومن
پنھنجي
سياسي
آزادي
حاصل
ڪئي.
تقريبا
ٻن
صدين
جي
غلاميءَ
کان
پوءِ
ھندستان
۽ پاڪستان
اسان
جي
ايشيا
کنڊ
جون
وڏيون
ڌريون
ھيون
جيڪي
مٿين
معنيٰ
۾ آزاد
ٿيون.
ويھن
سالن
جي
آزاديءَ
ھندستان
۽ پاڪستان
جي
ماڻھن
تي
واضع
طور
تي
انھيءَ
تفاوت
جو
انڪشاف
ڪيو
آھي،
ھو
حقيقتا
محض.
آزادي
۽ برابر
درجي
وارين
ٻين
رياستن
جي
وچ
۾ ھوندو
آھي.
برابريءَ
جاري
رھي
آھي.
ڌارين
جي
غلاميءَ
جي
جاءِ
ڌارين
جي
دخل
اندازيءَ
والاري
آھي
۽ اھا
فيصلھ
ڪن
طاقت،
جيڪا
اسان
جي
ماڻھن
جي
زندگيءَ
کي
بنيادي
طور
تي
متاثر
ڪري
سگھي
ٿي،
انھيءَ
کي
نئين
–
بيٺڪيت
جي
قانون
سان
بي
اثر
بنايو
ويو
آھي.
جنگ
کان
پوءِ
نازي
ازم
جي
خلاف
آمريڪا
۽ روس
جي
وچ
۾ سرد
جنگ
جاري
ٿي،
جيڪا
مائوزي
تنگ
جي
١٩٤٩ع
واري
ڪامياب
لانگ
مارچ
کان
پوءِ
پاڻ
وڌيڪ
تيز
ٿي
ويئي.
آزاديءَ
کان
وٺي
پاڪستان
جا
پرڏيھي
تعلقات
مختلف
درجن
۾ ظاھر
پئي
ٿيا
آھن.
ڪي
قدر
اھي
تعلقات
بدلجندڙ
حالتن
کان
ماتثر
ٿيا
۽ ڪي
قدر
جذبات
۽ ظاھري
فيصلن
کان
، جيڪي
نين
قومن
جي
سوچ
تي
لازمي
طور
تي
پنھنجو
اثر
ڪن
ٿا.
پاڪستان
جي
برصغير
۽ ايشيا
۽ دنيا
۾ ڪردار
کي
صحيح
۽ غير
جانداريءَ
سان
ڏسڻ
لاءِ
اھو
ضوري
آھي
تھ
ٻين
ملڪن
سان
سندس
تعلقات
کي
عارضي
طور
تي
جانچڻ
جي
جاءِ
دنيا
جي
واقعات
۽ انھن
صحيح
حقيقتن
کي
نظر
۾ رکي
متاثر
ڪريون،
جن
ننڍين
توڙي
وڏين
قومي
رياستن
کي
متاثر
ڪيو
آھي.
نظرياتي
سياستدانن
جو خصوصا پاڪستان ۾ اھو لاڙو
پئي رھيو آھي تھ ڪنھن بھ
پاليسيءَ
جي
اچانڪ
ظاھر
ٿيل
واقعن
جي
بنياد
تي
ڇنڊ
ڇاڻ
ڪن
۽ تڪڙن
۽ ھڪطرفن
نتيجن
تي
پھچن.
اسان
جي
جامد
فيصلن
۽ انھن
تي
ضد
ٻڌي
بيھڻ
واري
عادت
ڪري
تڪليفون
پيدا
ٿين
ٿيون
. حقيقتن
کي
زيادھ
صحيح
طور
تي
سڃائڻ
لاءِ
اسان
کي
پراڻين
عادتن
کي
الوداع
ڪرڻي
پوندي.
حقيقتاً
تازن
ظاھر
ٿيل
واقعن
جي
اثر
کي
تڏھن
ئي
پرکي
سگھبو،
جڏھن
ھر
وڏي
واقعي
کي
جيڪو
بين
الاقوامي
طاقتن
جي
ٽڙيل
پکڙيل
مونجھاري
واريءَ
سياست
جي
ڪري
ظاھر
ٿو
ٿئي
ان
جي
صحيح
مقام
تان
جانچبو،
منھنجي
ڳالھھ
تنھن
ڪري
لازمي
طور
تي
آغاز
کان
شروع
ٿيڻ
کپي
يعني
برصغير
جي
ورھاڱي
کان
ٿورو
اڳ
ھٽلر
جي
ٿرڊ رائيش
جي
شڪست
کان
وٺي.
|