سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 4

باب ٽيون

ورھاڱي ۽ ھندستان جي غير جانبداريءَ

ڏانھن آمريڪي رويو

پاڪستان کي، ھڪ ايشيائي ۽ ترقي پذير ملڪ ھئڻ جي ڪري پنھنجي پر ڏيھي پاليسي، عالمي صورتحال جي مطابق اھڙي  ترقي پسندانھ ۽ دانشمندانھ قومي مفاد جي بنياد تي ترتيب ڏيڻي پوي ٿي، جنھن ۾ عالمي امن ۽ انصاف جو جذبو سمايل ھجي. پاڪستان ھڪ نظرياتي رياست آھي يا  وڌيڪ صاف لفظن ۾ چئجي تھ اھا ھڪ اھڙي رياست آھي، جنھن کي پنھنجو نظريو  آھي. ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ پاڪستان خدا جي طرف  کان پيدا ڪيل جذبي جو نتيجو آھي، ۽ خود اراريءَ   جي حق  ذريعي حقيقت ۾ منتقل ٿيل، انصاف ۽ مساوات جي نظريي  جو اظھار آھي. ان مخصوص نوعيت جي لحاظ کان پاڪستان جون ڪي خصوصي ذميواريون آھن. ان کي  لازمي طور اھڙي حيثيت اختيار ڪرڻي پوي ٿي، جيڪا ان کي  عالمي امن جي استحصال ۽ سڀني لوڪن ۽ سڀني قومن لاءِ ھڪجھڙائيءَ جي حصول خاطر سندس حقيقي ذميوارين کي پوري ڪرڻ ، ۽ ساڳئي وقت تي خود پنھنجي مسئلن کي منھن ڏيڻ جي اجازت ڏئي.

ننڍي کنڊ جا مسلمان ڌارين جي تلسط کي ختم ڪرڻ ۽ ھڪجھڙائي حاصل ڪرڻ جي جذبي سان سرشار ٿي پنھنجي لاءِ ھڪ جدا ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا ۽ اھي پاڪستان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جيتوڻيڪ ڪي اھڙا بھ ماڻھو آھن جيڪي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي تي اڃا بھ افسوس ڪري رھيا آھن، ان جي باوجود ھيءَ حقيقت بلڪل واضح آھي تھ ملڪ جي ورھاڱي کان سواءِ، تقسيم کان اڳ واري ھندستان ۾ رھندڙ ڪي بھ مسلمان انھن قدرن جي  حفاظت ڪرڻ جي قابل نھ رھن ھا، جن کي اھي اعلي ٰ ترين، ۽ تسلط کان آزاد دنيا لاءِ اڻٽر سمجھن ٿا.

عملي طور سڄو ھندستان قديم زماني ۾ شھنشاھ اشوڪ جي دؤر ۾ متحد ھو، ۽ بعد ۾ وري مغل سلطنت جي انتھائي  عروج واري زماني ۾ ھڪ ھو، جڏھن اورنگزيب جو  فرمان ننڍي کنڊ  جي ھڪ ٻيءَ ڪنڊ تائين ھلندڙ ھو. ٻِي کنڊ جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ھلندڙ ھو. ٻي حالتن ۾ اھو اتحاد ماڻھن جي مٿان زوريءَ  مڙھيل ھو. مختلف ٻولين وارو ھندستان، ھڪٻئي سان ٽڪرائيندڙ ثقافتن جو طاقتور معجون مرڪب ھو، جن کي شھنشاھي نظامن  ھڪٻئي  سان ڳنڍي رکيو ھو. ھيءَ ھڪ واحد قوميت جي سرچشمي مان ڦٽي نڪرندڙ ثقافت ۽ اتحاد جو معاملو ڪو نھ ھو. درحقيقت قوميت يا ھڪ وڏي قوم ھئڻ جو تصور، جيئن اسين ان کي سمجھون ٿا، گھڻو پوءِ پيدا ٿيو. انگريزن پڻ ھندستان کي اتحاد ڏنو، جيڪو انھن کان اڳ اشوڪا ۽ اورنگزيب  وانگر، ملڪ جي مٿان زوريءَ مڙھيل ھو. پوئين دؤر وارو اھو اتحاد پنھنجي نوعيت جي لحاظ کان حيرت انگيز حد تائين گھڻ-رنگي قسم جو ھو، ڇاڪاڻ تھ ملڪ جي ڪجھھ حصن تي سڌيءَ طرح حڪومت ھلائي ٿي ويئي ۽ ٻين حصن تي نواب ۽ راجائون حڪمراني ھلائي رھيا ھئا، جيڪي عھدنامن ذريعي  شاھي تاج سان وابستھ ھئا. ان جي باوجود، انگريزن جي حڪومت جي دؤر ۾ ئي ھندستان جي شعور  ۾ قوميت جي ٻج ڦوٽھڙو کائڻ شروع ڪيو. ڏيڍ سئو سالن جي عرصي ۾ اھا توقع نھ پئي ٿي سگھي تھ انھيءَ ٻوٽي جون پاڙون پوريءَ طرح سان مضبوط ٿي وينديون. ان جي باوجود، برطانوي حڪومت قومي شعور ھڪ واحد ۽ ناقابل تقسيل اڪائيءَ ۾ نھ، بلڪ ٻن طاقتور مختلف قومن ۾  بيدار ڪيو، جن مان ھر ھڪ وٽ  پنھنجو جدا مذھب ھو، جدا ثقافت ھئي، ۽ مختلف امنگون ھيون.

ننڍي کنڊ جي برطانوي فتح کان پوءِ، انگريزن ڏيڍ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين ان کي ٻين طاقتن جي حريص نگاھن کان زبردست ڪوشش سان محفوظ رکيو. فرينچن ۽ پورچوگيزن کان علاوه، جن جي قبضي ۾ تمام ٽڪرا ھئا، ننڍي کنڊ جو سڄو سامونڊي ڪنارو ٻين طاقتن لاءِ بلڪل بند ڪيو ويو. ھڪ ڇيڙي تي ھماليھ جبل آسمان سان ڇوٽيون گسائي رھيا ھئا ۽ اھڙيءَ طرح ملڪ جي علحدگيءَ جي اھڙي اثرائتي ضمانت  ڏئي رھيا ھئا، جھڙي مھاساگر ڏيئي رھيا ھئا، ھماليھ جبلن جي ھن پار، جيڪي بھ روايتي ناتا قائم ھئا، تن کي فاتحنتاج جي انتھائي منور ھيريجي علحدگي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽوڙي ڇڏيو. انگريزن ھندستان کي اسرار ۽ وھم، عجيب و غريب اختلافن، مختلف مذھبن ۽ ويڙھيو سردار ۽ نوابن جي سر زمين طور ڏٺو. اھو،  اڇي چمڙيءَ واري ماڻھوءَ لاءِ دنيا  کي مھذب بنائڻ جي سندس مھم ۾ سڀني کان وڌيڪ ڳرو بار ھو. انگريزن قوم ٻين بيٺڪي طاقتن  کي ختم ڪرڻ کان پوءِ انسان سازيءَ  جي نيڪ مھم کي پوري ڪرڻ لاءِ اڪيلي سر قدم وڌايو . سنھ ١٩٥٧ع واريءَ جنگ جو نتيجو ، جنھن کيھندستاني بغاوتجو نالو  ڏنو ويو، ماڻھن جي جذبي کي انتھائي وحشيانھ نموني سان دٻائڻ  جي صورت ۾ نڪتو. ان جون جوابي ڪارروايون ۽ سزائون ايتريقدر ھيون، جو سامراجي برطانيھ جي اختياريءَ واري  پرواني ۾، ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين ڪنھن بھ عوامي بغاوت سان ڪو خلل پيدا نھ ٿيو. برطانوي تلسط جي خلاف، ٻي حقيقي عوامي بغاوت، خلافت ھلچل ئي ھئي. انھيءَ اسلامي تحريڪ کي مسٽر  گانڌيءَ ڏاڍي ھوشياريءَ  سان ڪانگريس جي  طرفان قومي آزاديءَ جو مطالبو ڪرڻ لاءِ استعمال  ڪيو. ڪيترن ئي سالن تائين گانڌيءَ جي قابل رھنمائيءَ ھيٺ ميدان ڪانگريس جي ھٿ ۾ رھيو. نيٺ، آزاديءَ لاءِ جدوجھد ۽ انڊين نئشنل  ڪانگريس ھم معني ٰ اصطلاحن جي حيثيت حاصل ڪئي. ان کان گھڻو پوءِ مسٽر محمد علي جناح، مسلم ليگ جي جھنڊي ھيٺ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ  خود اختياريءَ جي حق لاءِ ھلچل جو آغاز ڪيو. انگريز مسلمانن جي ورھاڱي واري مطالبي جا مخالف ھئا. پاڪستان جي حصول   واري جدوجھد ۾ مسٽر جناح کي، جيڪو ھاڻي قائداعظم جي نالي سان سڏجڻ  لڳو، انگريزن ۽ انڊين نئشنل ڪانگريس جي ٻِـِٽي مخالفت سان منھن  ڏيڻو پيو.ڦوٽ وجھو ۽ حڪومت ڪريوجي نسخي وارو  بيٺڪي دؤر، ھاڻي جديد بيٺڪن واري دور لاءِ جاءِ خالي ڪرڻ لڳو، جنھن کيمتحد رکو ۽ حڪومت ڪريوجي نئين نسخي کي آزمائڻ ۽ عمل  ۾ آڻڻ جي ضرورت  ھئي . بدلجندڙ حالات ۽ انھن سان ٺھڪندڙ جديد بيٺڪن  جي تقاضائن کي وڌيڪ تجارتي منڊين جي استحصال ڪرڻ  ۽ ڪميونزم جي حد دخلين جي  خلاف بچاءَ لاءِ ننڍي کنڊ جي اتحاد جي ضرورت ھئي. ھيءَ انديشو محسوس ڪيو پئي ويو تھ ننڍي کنڊ کي تقسيم ڪرڻ جو مطلب  ٿيندو، ” ورھاڱو ڪيو ۽ وڃايو .اھڙيءَ طرح ڪچي مال جي وسيع منڊين تائين پھچ ۾ رڪاوٽون پونديون، ۽ روس جي ننڍي کنڊ ۽ ھندي مھاساگر کي پنھنجي قابو ۾ رکڻ جي قديم  آرزو جي خلاف انھيءَ خطھ جو بچاءُ ڪمزور ٿي پوندو. انھيءَ دليل جي بنياد تي انگريزن  پڇاڙيءَ تائين ورھاڱي جي خلاف ڪوشش جاري رکي.

جيڪڏھن انگريز ھندستان کي ھڪمتحدملڪ جي صورت ۾ ڇڏي وڃن ھا، تھ اڄ ننڍي کنڊ ۾ چار پنج قومي مملڪتون موجود ھجن ھا. ان وقت انگريزن لاءِ انتخاب، ھندستان کي ھڪ متحد ملڪ جي حيثيت ۾ ڇڏي وڃڻ يا ان کي ٻن ملڪن جي صورت ۾ ورھايل  ڇڏي وڃڻ جي درميان نھ، بلڪ ھندستان کي ٻن قومن جي حيثيت ۾ ورھائي ڇڏڻ يا ان کي ٽڪرا ٽڪرا ٿي گھٽ ۾ گھٽ چئن پنجن مملڪتن ۾ ورھائجي وڃڻ لاءِ ڇڏي وڃڻ ۾ ھو، پاڪستان جي تخليق، ھندستاني قوميت جي نمايان صورت اختيار ڪرڻ جي  عمل ۾ مدد ڏني آھي. جيڪڏھن ھندستان ۾ پاڪستان جي خلاف نفرت ڦھليل نھ ھجي ھا، تھ ھندستان لاءِ ان جي مختلف ٻولين ڳالھائيندڙ صوبن کي ھڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيڻ کان روڪڻ انتھائي دشوار ڪم ٿئي ھا. ھاڻي بھ صورت اھا آھي تھ پاڪستان جي خلاف بغض  ھئڻ جي باوجود ھندستان پنھنجي غير معمولي اتحاد کي ڏاڍي مشڪل سان ۽  مس مس قائم رکي  سگھيو آھي. اھا وڏي اھميت واي ڳالھھ آھي، جنھن کي انھن  پرڏيھي طاقتن  کي ياد رکڻ گھرجي، جيڪي پاڪستان ۽ ھندستان جي درميان اثرائتو پرچاءُ آڻڻ لاءِ ڪوشش  ڪن ٿيون. ”ڪميونسٽ خطريکي وڌيڪ اثرائتي نموني ۾ منھن ڏيڻ لاءِ ھڪ ناقابل ِ تقسيم ننڍي کنڊ کي وجود ۾ آڻڻ بدران، ممڪن آھي تھ ان جا ٽڪرا ھر طرف پکڙجي ڪن عالمي طاقتن جي مقصدن کي بربارد ڪري ڇڏين. صاف لفظن ۾ ان جو مطلب ھيءُ آھي تھ پاڪستان  کي جذب ڪرڻ جي ڪوشش، موجوده ھندستان ھيڪڙائيءَ جي انت آڻڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي. اھڙي انتشار مان اھي  سڀ تباھڪن  نتيجا نڪري سگھن ٿا، جن کان مغرب پاڪستان  کي ھندستان سان  ڪنفيڊريشن بنائڻ تي مجبور ڪرڻ سان بچڻ چاھي ٿو.

اھي ماڻھو جيڪي پاڪستان جي اصولي روح کي نھ ٿا سمجھن ۽ جن جو قوميت جو تصور رسمي علائقائي سببن تي بيٺل آھي، تن انھيءَ جذبي کي سمجھيوئي ناھي، جنھن پاڪستان جي تحريڪ کي جنم ڏنو. اھا تحريڪ، جيڪا دراصل مساوات  لاءِ ھڪ عظيم جدوجھد ھئي، جنھن ۾ مسلمانن وحدت تي آزاديءَ کي ترجيع ڏني. اھڙا ماڻھو پاڪستان جي اقتصادي  ۽ دفاعي قوت ِ برداشت، بلڪ خود ان جي وجود تي تڪڙو ڪري فتوي ٰ ڏيڻ جا  عادي آھن. اھي ھن ملڪ  تي  دور کان نظر وجھندي ۽ ان جي بنيادن جي پوري ڄاڻ نھ رکندي ھن فيصلي تي پھچي وڃن ٿا تھ جيڪڏھن ھيءُ ھڪ ئي ۽ سڄو سارو ننڍو کنڊ رھي ھا تھ انھن جي عالمي مفادن ۽ مقصدن کي سمجھڻ وڌيڪ فائديمند ثابت  ٿئي ھا.  اھي ھن حقيقت کي سمجھڻ ۾ ناڪام رھن ٿا تھ پاڪستان جو اھوئي وجود، جيڪو ننڍي کنڊ جي ٻن ڇيڙن تي ھڪ ناقابل ِ تقسيم قوم جي صورت ۾ ٻنھي طرفن ڏانھن توازن قائم رکيو بيٺو آھي، ڀارت جي وحدت جو باعث آھي. جيڪڏھن پاڪستان جي متوازن ساھميءَ جي انھن ٻن پڙن  مان ڪو ھڪ بھ، ھڪ يا ٻئي طرف  ڏانھن جھڪي پيو تھ ھندستان جو توازن پڻ متاثر ٿيڻ کان سواءِ نھ رھي سگھندو. اھڙن  پرڏيھي مفادن لاءِ جيڪي ننڍي  کنڊ جي ٻن قومن ۾ ورھاڱي کي شڪ  و شبھي جي  نظرن سان ڏسن ٿا، ھيءَ پوئين صورتحال ڪيتريقدر نھ وڌيڪ ناپسنديده ثابت ٿيندي؟

پاڪستان جي مسئلن ۽ ان جي داخلي حيثيت جي تفصيلي اندازي ڪرڻ لاءِ،  آزاديءَ کان اڳ ۾ ۽ آزاديءَ کان بعد ننڍي کنڊ ۾ ٿيندڙ واقعن جي ارتقا ۽ ٻنھي ملڪن ڏانھن عظيم طاقتن جي رجحان تي ٻيھر غور ڪرڻ ضروري آھي. ان لاءِ آغاز جو مناسب نقطو ننڍي کنڊ ڏانھن عطيم طاقتن جو اھو رويو آھي، جيڪو انھن ان  وقت اختيار ڪيو ھو، جڏھن ھندستان ۽ پاڪستان آزاديءَ جي چانئٺ تي اچي پھتا ھئا.

جرمنيءَ  کي اڳيئي تباھھ و برباد ڪيو ويو ھو ۽ فرانس  پنھنجي شڪست جي بي آبروئي ۽ بيعزتيءَ ڪري فوري طور پنھنجي اڳوڻي عالمي اھميت دوباره حاصل ڪرڻ جي حيثيت ۾ نھ ھئي. ھن اتحادي  طاقتن جي امداد سان ڏکڻ- اوڀر ايشيا ۽ آفريقا ۾ پنھنجين بيٺڪن تي وري قبضو ڪرڻ چاھيو. چين، جپان جي ھٿان بري طرح چٻجي  چڪو  ھو، ان ھوندي بھ چيانگ ڪائي شيڪ ھندستان جي آزاديءَ  ۾ دلچسپي ورتي ھئي. پر برطانيھ ھن کي بري طرح  سان ٺڪرائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تھ انگريزن  ھن جي ڪوشش کي سندن سلطنت جي معاملن ۾  اجائي دخل اندازي ٿي سمجھيو. جنرلسمو ۽ سندس بيگم ھندستان جو دؤرو ڪيو ۽ ھندستاني اڳواڻن سان ڳالھيون ڪيون، جنھن کان پوءَ  مسٽر نھروءَ 12  فيبروري 1942ع تي قديم ھندستاني ۽ چيني تھذيبن جي قريبي ناتن ۽ واسطن جو ذڪر ڪيو ۽ ھڪ وڏي وفاق جو خاڪو پيش ڪيو، جنھن ۾ ھندستان، چين، ايران ۽ آسپاس جا ڪجھھ ٻِيا ننڍا ملڪ شامل ڪيا ويا، جنھن جو مقصد انھن ملڪن جي آزاديءَ کي قائم رکڻ ۽  عالمي امن جي قيام ۾  مدد ڏيڻ ھو، مسٽر چرچل، جنرلسمو، چيانگ ڪائي شيڪ ۽ مادام چيانگ ڪائي شيڪ جي ھندستان جي دؤوري جو ذڪر ھيٺين لفظن ۾ ڪيو :

ھنن جي دوري جو مقصد جپان جي خلاف ھندستان جي راءِ عامھ کي سازگار بنائڻ ھو، ۽ جپان جي شڪست جي اھميت  تي، دنيا لاءِ عام طرح ھندستان ۽ چين لاءِ خاص طرح زور ڏيڻ ھو، ھندستان جي پارٽي اڳواڻن انھيءَ موقعي کي جنرلمسو جي ذريعي برطانوي حڪومت تي دٻاءُ وجھڻ لاءِ استعمال ڪيو تھ اھا ڪانگريس جي مطالبن اڳيان جھڪي وڃي.

جنگي ڪابينھ، شھنشاه معظم جي حڪومت جي نمائندن ۽ ميشرس گانڌي ۽ نھرو(1) جي درميان ھڪ پرڏيھي ملڪ جي سربراھھ جي، ھڪ طرح غير جانبدار ثالث طور مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش سان اتفاق ڪري نھ ٿي سگھي.

 مسٽر چرچل، جنرلمسو کي ھن ڳالھھ تي آماده ڪيو تھاھڙي وقت ۾ جڏھن اتحاد جي بيحد ضرورت ھئي، انھيءَ مسئلي تي زور نھ ڏي.“

سو ويت يونين جنگ مان ھڪ فتحمند عظيم طاقت جي حيثيت ۾ اڀري ھئي، پر ان جو ننڍي کنڊ سان عملي طور ڪو بھ رابطو ڪو نھ ھو ۽ اتان جي سياسي صورتحال متعلق ان جي ڄاڻ اڻپوري ھئي. ان کان علاوه، ان جي وڌيڪ  دلچسپي مشرقي يورپ ۽ جرمنيءَ جي مستقبل سان وابستھ ھئي. ان کي ايشيا ۾ جيڪا بھ دلچسپي ھئي، تھ اھا ايران  جي اترين حصن، جپان جي علائقن ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ ۽ ڪومنٽانگ جي درميان اقتدار جي داخلي ڪشمڪش ۾ ڦاٿل چين تائين محدود ھئي. ھن جي معنيٰ  اھا ناھي تھ سو ويت يونين کي ھندستان ۾ ڪا بھ دلچسپي ڪانھ ھئي، بلڪ ڪي ٻيا معاملا اھڙا ھئا، جيڪي پھرين توجھ جا طلبگار ھئا. پھرين ضروري ڳالھھ اھا ھئي تھ سرد جنگ جي آزمائش جو مقابلو ڪيو وڃي، جنھن جو مرڪزي نقطو يورپ ھو. برطانيھ جنگ برابر کٽي ھئي، پر ان ۾ ھن جي  طاقت گھڻي قدر گھٽجي ويئي ھئي. ڪجھھ عرصي لاءِ ان مغرب جي ترجمان جي حيثيت محض تاريخي حقائق جي بنياد تي ھئي. جنگ  جي خاتمي کان گھڻو اڳي اھا حقيقت ظاھر ٿي ويئي ھئي تھ ھن کان پوءِ آمريڪا مغرب جي قيادت جي ذميداري سنڀاليندي ۽ برطانيھ پٺتي رھجي ويندو. پھرين مھاڀاري لڙائيءَ کان بھ اڳي سن ١٩١٣ع ۾، برطانيھ ۾ رھندڙ آمريڪي سفير مسٽر والٽر ايڇ، پيج صدر ولسن کي لکيو ھو :دنيا جو مستقبل اسانجو آھي......... ھي انگريز پنھنجو سرمايوخرچ ڪري رھيا آھن.......ھاڻي سوال آھي تھ اسان دنيا جي قيادت جي سلسلي ۾ ڇا ڪنداسون جڏھن اھا اجھوڪي اجھو واضح طور اسان جي ھٿن ۾ اچڻ واري آھي؟ ۽ اسين انگريزن ڪي جمھوريت جي انتھائي بلند فائدن لاءِ ڪھڙيءَ طرح استعمال ڪري سگھنداسون؟(1)سن ١٩٢٠ع ۾ ھڪ آمريڪي ليکڪ، لڊويل ڊيني پنھنجي ڪتاب ”آمريڪا ڪانڪرس برٽن“ (آمريڪا برطانيھ کي فتح ڪري ٿو ) ۾ ھن نتيجي تي پھتو: ”اسين ھڪ وقت تي برطانيھ جي بيٺڪ ھئاسون، ھاڻي گھڻو وقت نھ گذرندو تھ اھو اسان جي بيٺڪ ھوندو. نالي ۾  نھ، بلڪ درحقيقت، مشينن برطانيھ کي دنيا جي مٿان طاقت عطا ڪئي ھئي. ھاڻي اڳي کان بھتر مشينون آمريڪا کي دنيا ۽ برطانيھ جي مٿان طاقت ڏيئي رھيون آھن. . . برطانيھ کي آمريڪا جي خلاف ھاڻي ڪھڙي طاقت آھي؟ يا سڄي دنيا جي حيثيت ئي ڪھڙي آھي؟

ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ، آمريڪا جي بالادستي ۽ فوقيت ۾ ڪنھن کي بھ ڪو شڪ ٿي نھ پئي سگھيو. بھرحال، ڪجھھ سالن تائين آمريڪا صلاح  و مشوري ۽ سفارتي پيشقدمي لاءِ برطانيھ  جو سھارو وٺندي رھي ۽ ڪجھھ مدت تائين برطانيھ آمريڪا لاءِ اھو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو ڪنھن زماني ۾ يونان، روم لاءِ ادا ڪيو ھو. انھيءَ تبدليءَ واري دؤر ۾ برطانيھ ھندستان ۾ پنھنجي سلطنت جو ھي کاتو بند ڪري رھيو ھو. آمريڪا جو ھندستان جي صورتحال سان ڪو واضح ۽ سنئون سڌو تعلق ڪونھ ھو. اھا ان جي باري ۾ معلومات ۽ مشوري لاءِ گھڻي ڀاڱي برطانيھ تي آسرو رکندي آئي. اھا حقيقت آھي تھ آمريڪا ھندستان کي آزاد ڏسڻ جي خواھشمند ھئي ۽ ڪن موقعن تي تھ ھندستان جي آزاديءَ جو جلد اعلان ڪرڻ جي مطالبن سان برطانيھ کي چيڙائي بھ ڇڏيندي ھئي. اھو چوڻ درست ڪونھ ٿيندو تھ آمريڪا ورھاڱي جي مخالف ھئي، پر اھو يقينا چئي سگھبو تھ آمريڪا متحده ھندستان کي ترجيح ڏيئي رھي ھئي ۽ ان ڪري ان جي ڪانگريس جي متحده ھندستان جي مطالبي سان ھمدردي ھئي. آمريڪا، خطرن جي انھن برطانوي تخمينن سان بھ متفق ھئي، جيڪي ان ورھايل ھندستان جي ڪري مغرب جي مفادن کي لاحق ٿيڻ بابت لڳايا ھئا. پر آمريڪا ھندستان جي سياسي صورتحال جي تفصيلن ۽ باريڪين کان ايتري واقف ڪانھ ھئي، جو اھا ورھاڱي بابت ڪوبھ واضح موقف اختيار ڪري سگھي. ان جي باوجود، آمريڪا انھيءَ ملڪ جي سياسي ۽ جاگرافيائي اھميت کان خوب واقف ھئي، ۽ اھا چين ۽ ھندستان کي مغرب جي ٻن مضبوط قلعن جي حيثيت ۾ ترقي ڪندي ڏسڻ جي توقع بھ رکي رھي ھئي.

١٩٤٠ع واري ڏھاڪي وارن اوائلي ۽ درمياني سالن جي دوران ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي اڳواڻن کي ڪيئي تجويزون پيش ڪيون ويئون ۽ نيٺ سنھ ١٩٤١ع جي ٢١- جولاءِ تي اعلان ڪيو ويو تھ آمريڪا ۽ ھندستان جي درميان نمائندن جو تبادلو ڪيو ويندو. ڊسمبر سنھ ١٩٤١ع ۾ جڏھن مسٽر چرچل واشنگٽن ويو، تڏھن مسٽر روز ويلٽ ھن سان ھندستاني مسئلي تي ڊگھيون ڳالھيون ڪيون. ان کان پوءِ سنھ ١٩٤٢ع جي فيبروري مھيني جي آخر ۾، صدر روز ويلٽ، ائورل ھئريمن کي ھدايتون موڪليون تھ ھو برطانيھ سرڪار ۽ ھندستان سياسي اڳواڻن جي درميان ڪنھن ٺاھھ تي پھچڻ جي امڪانن بابت مسٽر چرچل جو رايو معلوم ڪري. مسٽر ھئريمن جي ملاقات جي جواب ۾ مسٽر چرچل ٤- مارچ سنھ ١٩٤٢ع تي صدر روز ويلٽ کي لکيو:

اسين ھن باري ۾ سنجيدگيءَ سان غور ڪري رھيا آھيون تھ جنگ کان پوءِ  ڊومينين اسٽيٽس جو اعلان، جنھن ۾ جيڪڏھن اھري خواھش ڪئي وڃي تھ علحدگي جو حق بھ شامل ڪيو وڃي، ھن نازڪ موقعي تي ڪيو وڃي،. اسان کي ڪنھن بھ طرح سان مسلمانن سان ناتا ٽوڙڻ نھ گھرجن، جن جو  تعداد ڏھھ ڪروڙ ٿيندو ۽ اھي ئي اسان جي فوج جي انھن اھم عناصر کي موجود ڪري ڏين ٿا، جن تي ھلندڙ جنگ ۾ اسان کي ڀروسو  ڪرڻو پوندو آھي. اسان کي سوا ٽن کان چئن ڪروڙ اڇوتن جي طرف پڻ پنھنجن فرضن جو خيال رکڻو آھي، ۽ ھندستان جي رياستن سان پنھنجن عھدنامن جو پڻ-اٽڪل اٺڻ ڪروڙن جي آبادي آھي-ظاھر آھي تھ اسين ھندستان کي   حملي  ٿيڻ جي موقعي تي بد نظميءَ جو شڪار بنائڻ نھ ٿا چاھيون .“(1)

بعد ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ جپان جي تيز رفتار پيشقدميءَ صدر روز        ويلٽ کي مسٽر چرچل تي ھندستان   جي آزاديءَ لاءِ زياده زور ڏيڻ ٿي آماده ڪيو. مسٽر چرچل آمريڪا جي دٻاءُ جو ذڪر ھنن لفظن ۾ ڪيو آھي:

جاچان جي الھندي طرف واڌاري سان آمريڪا ھندستان جي معاملن ۾ وڌندڙ دلچسپيءَ جو سڌيءَ طرح سان اظھار ڪرڻ شروع ڪيو آھي. مھاڀاري لڙائيءَ جي جنگي حڪمت سان گڏ آمريڪين جو ڪـن اھڙن سياسي مسئلن سان پڻ واسطو پئجي رھيو ھو، جن جي باري ۾ انھن  جا رايا مضبوط پر تجربو ٿورو ھو. ھاڻي جڏھن تھ جپاني ھندستان جي سرحدن جي طرف وڌي رھيا ھئا، آمريڪا جي حڪومت ھندستان جي معاملن ۾ پنھنجن خيالن جو اظھار ۽ مشورن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.“(1)

١١- مارچ سن ١٩٤٢ع تي صدر روز ويلٽ ھندستان جي سوال تي مسٽر چرچل ڏانھن پنھنجا خيالات موڪلي  ڏنا. ھن آمريڪي حڪومت جي ابتدائي بنيادن جو مثال ڏيندي راءِ ڏني تھ :

ھندستان ۾ ھڪ اھڙي عارضي حڪومت قائم ڪئي وڃي، جنھن  جي سربراھي ھڪ ننڍي نمائنده جماعت ڪندي ھجي، جيڪا مختلف ذاتين، ڌنڌن، مذھبن ۽ علائقن تي مشتمل ھجي ۽ انھيءَ  جماعت کي ڊومينين جي عارضي حڪومت تسليم ڪيو وڃي. صدر  روز ويلٽ جي تجويز جو مرڪزي خيال اھو ھو تھ ان کي ھڪ اھڙي اداري قائم ڪرڻ جو فرض سونپيو وڃي، جيڪو سڄي ملڪ لاءِ وڌيڪ حڪومت جي باري ۾ غور  و فڪر ڪري (1)

٣. ھندستان ۾ ڪرپس مشن جي اچڻ جي موقعي تي صدر روز ويلٽ جنھن ھندستان  ۾ خصوصي نمائندي ڪرنل لوئي جانسن جنھن جو مشن جي غور و خوص سان قريبي رابطو قائم ڪيل ھو، ٢٢-اپريل تي  ھڪ اخباري ملاقات ۾، ٻين ڳالھين کان علاوه ھيئن چيو:

حملا آور کي پٺتي ڌڪي ڪڍڻ سان ئي ھندستان دنيا جي وڏين حڪومتن جي درميان  پنھنجو  مقام  پيدا ڪرڻ جي اميد رکي سگھي ٿو. اسين ، آمريڪا ۾ ھندستان ۽ چين جي صورتحال جو گھري دلچسپيءَ سان مطالعو ڪري رھيا آھيون ، ڇاڪاڻ  تھ اسين محسوس ڪريون ٿا تھ ايشيا جي تقدير ھندستانين ۽ چينن  جي ھٿن ۾ آھي. انھن ٻن عظيم ايشيائي  ملڪن جي آزاديءَ جي واھھ ۾ باھمي اتحاد کي بجا طور گذريل صدين جو سڀني کان وڏو سياسي واقعو چئي سگھجي ٿو(1).“

انھيءَ دؤر ۾ صدر روز ويلٽ انڊين نئشنل ڪانگريس سان سڌي رابطي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھن مسٽر نھروءَ  کي واشنگٽن جي دوره ڪرڻ جي دعوت موڪلي، پر ڪانگريس اڳواڻ ڪرپس مشن جي طرف کان سندن سڀ جا سڀ مطالبا تسليم نھ ٿيڻ  جي ڪري  ايتريقدر تھ غصي ۾ ھئا، جو مسٽر نھروءَ واشنگٽن وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٢٦- اپريل سن ١٩٤٢ع تي مسٽر گانڌيءَ ھڪ وڏي بصيرت واري ڳالھھ چئي :

جيڪڏھن انگريزن  کي ھندستان  کي پنھنجي قسمت تي ڇڏي وڃڻو پيو، جيئن انھن کي سينگار پور ڇڏڻي پيئي، تھ اھنسا  جي اصول واري ھندستان کي ڪوئي نقصان نھ پھچندو. گھڻو ڪري جپاني ھندستان کي سندس قسمت تي ڇڏي ڏيندا . آمريڪي فوجن کي انگريزن سان گڏ  ھليو  وڃڻ گھرجي. اسان کي معلوم آھي تھ آمريڪي امداد جي معني ٰڇا آھي. اڳتي ھلي ان جي معني ٰ، جيڪڏھن آمريڪي راڄ نھ . تھ آمريڪي اثر ٿيندو، جنھن سان برطانوي اثر بھ گڏ ھوندو(1).

وري، ١٧- مئي تي مسٽر گانڌيءَ لکيو تھ ” آمريڪا جنگ ۾ ڦاسڻ کان بچي سگھي ھا، ۽ ھاڻي پڻ اھا ائين ڪري سگھي ٿي، بشرطيڪ اھا پاڻ کي انھيءَ نشي کان آجو ڪري، جيڪو مٿس سندس بي انتھا دولت چاڙھي رکيو آھي(1). ھڪ ھفتو پوءِ ھن اعلان ڪيو، ”ھندستان کي خدا جي ھٿن ۾ ڇڏيو، يعني جديد گفتگوءَ جي انداز ۾ ان جو مطلب کيس طوائف الملوڪي جي حوالي ڪري  وڃڻ ھو، ۽ اھا طوائف الملوڪي ڪجھھ مدت لاءِ خانھ جنگي يا بنان روڪ ٽوڪ جي لڳندڙ ڌاڙن جي صورت اختيار ڪندي. انھن واقعن وچان، انھيءَ غير حقيقي ھندستان جي  جاءِ  تي ھڪ حقيقي  ھندستان اڀري نروار ٿيندو.“

ھتي ھن ڳالھھ جو بھ ذڪر ڪرڻ گھرجي تھ ڪيئي ماڻھو اڃا تائين ھن  ڳالھھ تي