سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: سوشلزم ڇا آهي؟

باب: --

صفحو : 8

(6)

رياست جو نظريو

بنياد ۽ مٿاهون ڍانچو (Super Structure)

انسان جي معاشي ۽ پيداواري سرگرمي ۽ ان جا پيداواري ناتا سڄي سماجي زندگي جو بنياد فراهم ڪن ٿا. ان بنياد تي سماجي زندگي جي مٿاهين ڍانچي جا سڀ پهلو مثلاً اخلاقيات، سياست، جماليات، فلسفو ۽ ادب وغيره ٿين ٿا. هي ظاهر آهي ته مٿاهون ڍانچو بنياد جي ماتحت ۽ انهن جي مطابق ٿئي ٿو يعني سماج جي بنيادي معاشي سرگرمي ۽ ان جي پيداواري طريقي هيٺ ۽ مطابق ٿئي ٿي. مارڪسزم ۾ جدلياتي ماديت جي بنيادي حقيقت ظاهر ڪئي ويئي آهي.

پيداواري عمل پهرين حيثيت رکي ٿو ۽ نظريو ثانوي. ان ڪري ئي زندگي اول آهي ۽ شعور پوءِ.

هن نظريي جو مطلب هي آهي ته غالب طبقو جيڪو پيداواري وسيلن ۽ پيداوار جو مالڪ آهي، سماجي شعور جي سڀني شعبن جي وجود ۽ ان جي معنيٰ کي مقرر ڪري ٿو ۽ ان لاءِ پنهنجي معاون ۽ مددگار ۽ موزون مٿاهين ڍانچي کي وجود ۾ آڻي ٿو. اهڙي طرح انسان جي شعوري ۽ سماجي زندگي جو ڪوبه شعبو آزاد ۽ غيرجانبدار نه آهي، پر هي غالب طبقي جي مفاد کي قائم رکڻ لاءِ هڪ تنظيمي ۽ اشاعتي عمل آهي. انسان جي سماجي زندگي جي انساني شعبن ۾ رياست هڪ اهم ادارو آهي.

رياست ڇا آهي؟ رياست بابت مختلف سرمائيدارانا نظريا آهن. سياسي سائنس جيڪا سرمائيدارانا دور ۾ ڪافي عروج تي پهتي آهي، ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ ۾ لڳل آهي ته سڀ رياستون انسان جي بنيادي وحشيانه، خود غرض ۽ جهيڙاڪ فطرت سببان وجود ۾ آيون ته جيئن انسانن جي وحشيانه جبلت مان پيدا ٿيندڙ بدامني، ضمني انتشار ۽ زندگي ۽ ملڪيت جي اڻ تحفظ کي دور ڪري سگهجي. اهڙي طرح رياست هڪ مٿاهين طاقت جي حيثيت سان وجود ۾ آئي يا فتح ذريعي، پر ان جو مقصد ساڳيو هو. اهڙي طرح رياست کي هڪ اهڙي اداري جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو انسان جي مڪمل انفرادي آزاديءَ تي روڪ ۽ پابندي لڳائي ٿو، ته جيئن انساني سماج جي بهبودي حاصل ٿي سگهي. ڪجهه ٻين ماهرن رياست کي خاندان جي عروج ۽ ڦهلاءَ ڪري وجود ڏنو آهي يا فتح سان- خاندان جي ڦهلاءُ واري نظريي مطابق جهڙي نموني خاندان ۾ پيءُ جي حڪمراني ٿئي ٿي ساڳئي نموني رياست ۾ خانداني پيءُ جهڙو حڪمران ٿئي ٿو جيڪو تقريباً اُهو ڪم ڪري ٿو جيڪو ڪٽنب ۾ پيءُ ڪري ٿو، يعني: ڪٽنب جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ خاندان جي ماڻهن ۾ توازن ۽ انصاف قائم رکڻ.

بهرحال رياست جي نظام جي سياسي ارتقا جي تاريخ انهن نظرين کي رد ڪيو ڇڏي.

رياست جي تاريخ: تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته سماج ۾ هميشہ کان رياست نه هئي. فطري معاشيات يعني ابتدائي اشتراڪيت جي دور ۾ ڪا رياست نه هئي. رياست جا آثار ان وقت ظاهر ٿيا جڏهن معاشرو طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ نجي ملڪيت جو ادارو وجود ۾ آيو. مصر ۾ فرعونن جون عظيم رياستون، يونان ۾ شهري رياستون، هندستان ۾ رامائڻ ۽ مهاڀارت جي زماني جون سلطنتون ۽ عظيم رومن جمهوريت ۽ شهنشاهيت غلام ۽ پلي بين معاشري ۾ اڀريون ۽ اٿيون. ان کان پوءِ جاگيردارانا رياستون وجود ۾ آيون. مثلاً فرانس برطانيه ۽ عهد وسطيٰ (وچيون وقت) جو پرشيا (جرمني) يعني تقريباً چوڏهين صدي تائين يورپ ۾ ۽ ان کان گهڻي پوءِ تائين ايشيا ۾ جاگيردارانا رياستن جو زمانو هو. ان کان پوءِ سرمائيدارانا سماج اولهه يورپ ۾ وجود ۾ آيو جنهن سرمائيدارانا قومي رياستن کي پيدا ڪيو. سرمائيداري جي اُڀار سان گڏوگڏ قوميت ۽ قومي رياست جو تصور اڀري سامهون آيو.

مختلف دورن جي رياستن جو باهمي فرق: غلامي واري معيشت جي دؤر ۾ وڏيون وڏيون سلطنتون وجود ۾ آيون جيڪي عظيم فاتحن جي فوجي طاقت جي سهاري ڦهلجي وينديون هيون. هنن رياستن جو مقصد هي هو ته فتح ڪيل علائقن مان ڌن دولت لٽيو وڃي ۽ هتان ٻانهيون ۽ غلام هٿ ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ رياست جو بنياد غلامي جي پيداواري وسيلن ۽ نجي ملڪيت تي هو.

جاگيردارانا دؤر ۾ فتحن ۽ رياست تي قبضي بعد سرحدون قائم ٿينديون هيون. جاگيرداري دؤر ۾ نه ته قوم ۽ قومي علائقي جو وجود هو ۽ نه ڪنهن ملڪ جو جاگيردارانا استحصال، رياست ۽ سلطنت جو مقصد هو. حاڪم خود هڪ جاگيردار ۽ هٿ هيٺ جاگيردارن جو سربراهه هو. ان زماني ۾ ڪا مستقل فوج نه هوندي هئي ۽ نه صحيح معنيٰ ۾ رياست جا ٻيا ادارا جديد طرز مطابق قائم هئا. ظاهر آهي ته ان وقت ملڪ جي وحدت ۽ سالميت جو به ڪو تصور نه هو، پر مختلف شڪلين ۽ صورتن ۾ پنهنجن اختلافن ۽ ڇڪتاڻ جي باوجود هر جاگيرداري رياست هارين تي جاگيردار طبقي جي جهڪيل آمريت هئي.

جاگيرداري دؤر کان پوءِ سرمائيدار رياستون وجود ۾ آيون، جيڪي پوءِ ترقي ڪري سامراجي رياستون بڻجي ويون. سرمائيدارن سڀني کان پهرين قوم ۽ قومي رياست جي تصور کان واقف ڪرايو. هنن عهد وسطيٰ جون ننڍين ننڍين جاگيرداري رياستن ۽ قومي گروهن کي متحد ڪري هنن کي قوم ۽ هڪ ملڪ جي شڪل ۾ منظم ڪيو. هي قومي رياستون وڌ ۾ وڌ مرڪزي حيثيت رکنديون هيون ۽ ننڍين ننڍين قوميتن ۽ جاگيرداري رياستن کي ڪچلي ڇڏينديون هيون. جاگيرداري ۽ غلامي جي دؤر جي رياستن وانگر سرمائيدارانا رياست به سرمائيدارن جي آمريت آهي، جيڪا سرمائيدارانا ملڪيت کي گڏ ڪري ۽ منظم ڪري سرمائيدارانا پيداواري وسيلا ۽ سرمائيدارانا ناتا قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي ٿي ته جيئن مزور طبقي جو استحصال پوري طرح ڪري سگهجي.

رياست جو اصل ڪردار: مٿئين لکت مان ظاهر ٿي وڃي ٿو ته رياست جو وجود طبقاتي دشمني جي وجود سان ٻڌل آهي ۽ هي ته رياست استحصال ڪندڙ طبقي جي مرضيءَ مطابق استحصال ٿيندڙ طبقي تي زبردستي مڙهڻ جو طريقو آهي ته جيئن سرمائيدارانا سماجي ۽ معاشي نظام کي هوبهو زبردستي قائم رکيو وڃي. (جبر بنا ان جي خلاف بغاوت ٿيندي). ان ڪري هن وٽ تشدد جا خاص ادارا ٿين ٿا. مثلاً فوج، نوڪر شاهي عدالتون وغيره جن جو مقصد هڪ ئي هوندو آهي ته مظلوم ۽ استحصال ٿيندڙ عوام کي ڪچليو وڃي. سرمائيدارانا رياست ۾ مزدورن جي زائد قدر سان جيڪي مالياتي قدم ۽ بجيٽ جي هيرڦير سان حاصل ٿئي ٿي رياست جي ان مان مفت خور رياستي مشنري جو خرچ پورو ڪيو وڃي ٿو. ان طرح رياست جو صحيح ڪردار هي آهي ته غالب ۽ حڪمران طبقي جي هٿن ۾ محڪوم طبقي کي دٻائڻ لاءِ هڪ هٿيار آهي. جيتوڻيڪ ٻاهرين ڏيک ۾ رياست طبقن کان مٿي هوندي آهي، پر اهو نج طبقاتي ادارو آهي، ايستائين جو بهترين سرمائيدارانا جمهوريت اصل ۾ سرمائيدارن جي آمريت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ۽ ان جا سڀ ادارا تشدد جا هٿيار يا اوزار آهن.

رياست صرف سرمائيدارن جو سياسي ۽ نظرياتي ئي ادارو نه آهي، پر هنن جي مفاد لاءِ هڪ اقتصادي قوت به آهي، ڇاڪاڻ ته رياست مجموعي طرح پيداوار تي قبضو رکندڙ طبقي جي اقتصادي ضرورتن جو هڪ آئينو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سرمائيدار حڪومتون جيڪڏهن ظاهر ۾ غير جانبداريءَ جو روپ ڌارين ٿيون ۽ اڪثر انفرادي طور سرمائيدارن خلاف قدم کڻن ٿيون ته ان جو سبب صرف هي آهي ته رياست پوري طبقي جي مفاد جو تحفظ ڪري ٿي. انفرادي سرمائيدارن جي مفاد جو نه. ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هن کي پوري طبقي جي مفاد خاطر انفرادي طور تي ڪنهن نه ڪنهن سرمائيدار خلاف ڪو قدم کڻڻو پوي ٿو. ”رياست اُها شڪل آهي جنهن ذريعي حڪمران طبقي جا انفرادي رڪن پنهنجي مشترڪ مفاد جي حفاظت ڪن ٿا.“ (مارڪس – اينگلز – جرمن نظريو).

رياست جو مستقبل: جيئن ته رياستي ظلم جو هڪ وسيلو آهي، ان لاءِ هن جو وجود به طبقن جي وجود تائين محدود آهي. هڪ ڀيرو معاشرو غير طبقاتي ٿي وڃي ۽ عوام هڪ ئي سطح تي اچي وڃن ۽ هڪجهڙا ۽ هڪ ٻئي جي برابر ٿي وڃن ته رياست هڪ غير ضروري مٿاهين ڍانچي جي حيثيت سان ختم ٿي ويندي. پر ڪهڙي نموني؟ ڇا رياست مزور طبقي جي اقتدار حاصل ڪرڻ جي فوري بعد ختم ٿي ويندي؟ نه، نه، ان لاءِ سرمائيداري ۽ سوشلزم وچ ۾ هڪ عبوري دور هوندو آهي، جنهن ۾ معاشي ۽ تهذيبي طور تي سرمائيداري ختم ڪري ڇڏبي آهي ۽ سرمائيدارانا سماجي ناتن جو سوشلسٽ پيداواري طريقي ۾ تبديل ٿيڻ جو عمل جاري رهندو آهي. جنهن وقت نظم و ضبط، ڪنٽرول ۽ حساب ڪتاب ذريعي عوام سماجي طرز عمل جي بنيادي قانونن کان واقف ٿيو وڃن ان وقت هي عبوري دور ختم ٿي ويندو آهي. ان عبوري دور جو هڪ سياسي روپ به آهي ۽ اُهو آهي پرولتاريه جي آمريت- ان عبوري دور ۾ جدوجهد وڌيڪ تيز ۽ تکي ٿي ويندي آهي ۽ رياست پنهنجو سختي وارو ڪردار اڃا به سختي سان ادا ڪندي آهي. پر ان سان گڏوگڏ هي نه وسارڻ گهرجي ته پرولتاريه جي آمريت جنهن ذريعي مزور هڪ حڪمران طبقي جي حيثيت ۾ ٿئي ٿو، اها تاريخ ۾ عظيم ترين جمهوريت آهي. ڇاڪاڻ ته هي حڪومت هڪ عظيم اڪثريت جي هڪ رواجي اقليت تي ۽ لکن ڪروڙن مظلومن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ظالمن تي ۽ ان جي خلاف آهي. جڏهن سماج طبقاتي مخالفت کان پاڪ ٿيو وڃي ۽ ڪنهن رياست جهڙي جبر جي هٿيار جي ضرورت نٿي رهي ته رياست پيداواري اوزارن تي نجي ملڪيت وانگر ڪومائجي فنا ٿيو وڃي ۽ طبقاتي آمريت جو هميشہ لاءِ خاتمو ٿيو وڃي.

پرولتاري آمريت جون شڪليون: لينن چيو آهي ته ”سرمائيداريءَ جو سوشلزم ۾ تبديل ٿي وڃڻ هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو رنگارنگ قسم جي سياسي شڪلين کي جنم ڏيئي ٿو، پر ان جو اصل سدائين هڪجهڙو هوندو يعني پرولتاريه جي آمريت.“ ان قول مان ظاهر ٿيو ته سرمائيداري ۽ سوشلزم جو درمياني دؤر (عبوري دؤر) مختلف روپ ۽ شڪليون رکي ٿو. ان بابت ڪو هڪ فارمولا نه آهي، پر پرولتاري آمريت جي سياسي شڪل هر ملڪ ۾ هتي جي ٺوس سماجي ۽ اقتصادي بنيادن ۽ مزور طبقي جي شعور ۽ تنظيم تي ٻڌل آهي. مثلاً ان جي هڪ صورت ’پيرس ڪميون‘ هئي. ٻي روس جي ’سوويت‘، ٽين مشرقي يورپ جون جمهوريتون هيون ۽ ايشيا جي پوئتي پيل ملڪن جهڙوڪ منگوليا ۽ برما ۾ ان جي نت نئين شڪل هئي. اڃا به هن جي شڪلين جي ڇڪتاڻ جاري آهي. ان ڪري اهو به ممڪن آهي ته هي عبوري ۽ عارضي دور پرامن ۽ پارليامينٽري طريقن سان طي ڪيو وڃي، جيتوڻيڪ ان جا امڪان تمام گهٽ آهن. ڪم از ڪم ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا جي پس مانده ۽ سامراج زده ملڪن ۾ ته هن جو امڪان اڃا به گهٽ آهي (چلي جو مثال سامهون رکو) بهرحال ان معاملي ۾ انڌي تقليد، انفراديت يا لڪير جو فقير ٿيڻ سان ڪم نه هلندو.

انقلاب کان پوءِ پراڻي رياستي مشنري جي ڀڃ ڊاهه

مارڪس ۽ اينگلز اسان کي ٻڌايو آهي ته سوڀارو انقلاب ۽ اقتدار حاصل ٿيڻ بعد مزور طبقي کي پراڻي رياستي ڍانچي کي ڊاهڻو پوندو. هي بلڪل صحيح آهي، پر هن جو هي مطلب نه آهي ته سرمائيدارانا رياست جي هر جزي ۽ هر اداري کي ٽوڙڻ ضروري آهي. اصل ۾ پراڻي رياست جي ڪجهه واڌو (مثبت) عنصرن مثلاً بئنڪاري، اڪائونٽنگ، ٽرانسپورٽ وغيره کي قائم رکڻ ضروري ٿيندو، بشرطيڪ ان ۾ نئين مزور اقتدار جو عنصر داخل ڪري ڇڏجي. سوشلزم، ماضيءَ جي هر شيءِ کي فنا نٿي ڪري، پر ان جي مفيد ۽ مثبت عنصرن کي قائم ۽ باقي رکي ٿو. ڪيترن حالتن ۾ سرمائيدارانا پارليامينٽري نظام کي اشتراڪي تبديلين کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هي سڀ ڪجهه طبقاتي قوتن جي توازن، مزور طبقي جي طاقت ۽ ٻين انقلابي جمهوري طبقن جي مدد ۽ سهڪار ۽ ساٿ حاصل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ آخر ۾ مزور طبقي جي جاري رهڻ واري طبقاتي جدوجهد تي ٻڌل آهي.


 

(7)

مزور طبقي جي تنظيم ۽ شعور

سرمائيداري جي ستايل طبقن ۾ مزور طبقو جيڪو سرمائيدارانا اجرتي غلامي جي نظام جي سنئون سڌي پيداوار آهي، اڪيلو اُهو طبقو آهي جيڪو سرمائيدارانا استحصال کي ختم ڪرڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ دلچسپي رکي ٿو. جيتوڻيڪ هاري ۽ ٻيا محنت ڪش ۽ ننڍو سرمائيدار به سرمائيداري نظام جي هٿن ۾ مظلوم آهن، تاهم مزور طبقو ئي سرمائيدارن سان سنئون سڌو ويڙهه ۽ ٽڪر ۾ اچي ٿو ۽ ان لاءِ سرمائيداري نظام تي آخري حملو ڪندڙ طاقتن جي رهنمائي لاءِ هو سڀني کان وڌيڪ موزون آهي. ٻين لفظن ۾ مزور طبقو آخر وقت تائين سڀ کان وڌيڪ هوشياري ۽ بنا ٻڏتر جي انقلابي رهي ٿو ڇاڪاڻ جو:

(1) مزور طبقو سرمائيدارانا پيداواري طريقي سان سنئون سڌو وابسته آهي.

(2) پيداواري عمل سماجي ۽ اجتماعي آهي، ان ڪري پيداڪار يعني مزور اجتماعي طور ڪثير تعداد ۾ ڪارخانن، کاڻين ۽ ٻين پيدا ڪندڙ مرڪزن ۾ گڏ ٿين ٿا. ان لاءِ هو پنهنجي ڪم جي طريقي ۽ پنهنجي پيداواري ڪردار جي ڪري ٻين طبقن جي نسبت وڌيڪ متحد ٿين ٿا.

(3) مزور طبقي وٽ نه ڪو پيداواري وسيلا ٿين ٿا ۽ نه ڪا ٻي ملڪيت. ان وٽ پنهنجي محنت جي قوت کان سواءِ وڪڻڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نٿو ٿئي. ۽ ان ڪري سرمائيدارانا نظام ۾ هن جا ڪي خاص مفاد نٿا ٿين. مارڪس ۽ اينگلز جي لفظن ۾ ”هنن وٽ وڃائڻ لاءِ زنجيرن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ پوري دنيا پئي آهي.“

پر مزور طبقو ان وقت تائين پنهنجي انقلابي لڙائي نٿو وڙهي سگهي جيستائين هو هڪ مٿاهين ۽ مضبوط تنظيم ۽ شعور سان مسلح نه هجي ۽ خاص ڪري سرمائيداري جهڙي منظم ۽ ظلمن ڀريل نظام خلاف جنهن وٽ هڪ باصلاحيت رياستي مشنري به موجود آهي.

 

مزور طبقي جو شعور

لازمي ڳالهه آهي ته اُهو طبقو جنهن کي هڪ اهم انقلابي ڪم سونپيو ويو هجي، چڱي طرح سمجهي سگهي ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ هو ڇا ڪري پيو ۽ هي ته تاريخ هن کي ڪهڙو ڪردار ڏنو آهي؟ انهيءَ سمجهه کي مزور طبقي جو شعور چون ٿا. ان شعور جا ٽي قسم آهن:

(الف) ٽريڊ يونين: روزمره جي حالتن جو شعور- يعني- اقتصادي شعور.

(ب) ٽريڊ يونين جي سياست جو شعور: سياسي شعور.

(ج) اشتراڪي شعور: نظرياتي شعور.

ٽريڊ يونين شعور ۽ ٽريڊ يونين مان پيدا ٿيندڙ سياسي شعور مزور طبقي کي پنهنجي روزاتي تجربي سان حاصل ٿي سگهي ٿو، پر اشتراڪي شعور، مزور طبقي ۾ ٻاهران يعني سرمائيدار، ننڍي سرمائيدار ۽ دانشورن ذريعي اچي ٿو. مزور پاڻ مرادو ڏاڍي مشڪل سان حاصل ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ سرمائيداري ۽ سرمائيدارن جا ڇاڙتا نظريا چئني پاسي ڦهليل ٿين ٿا ۽ نهايت آسانيءَ سان مزور طبقي اندر داخل ٿي وڃن ٿا. ان لاءِ خودڪاري ۽ معاشيت يا اقتصاديت (Economism) مزور طبقي جي حقيقي شعور جون بدترين دشمن ٿين ٿيون.

جيتوڻيڪ ٽريڊ يونين شعور به مزور طبقي جي ذهني نشوونما ۾ اڳتي قدم آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان مزور طبقو پنهنجن باهمي مقابلن ۽ پنهنجي مخالفانه ٽڪرات کان جماعت سازي ذريعي نجات حاصل ڪري ٿو، پر هي ارتقا ٽريڊ يونين ۾ سياسي شعور سان گڏوگڏ عام طور تي مزور طبقي ۾ خود بخود پيدا ٿيو وڃي، جڏهن اشتراڪي شعور خودبخود وجود ۾ نٿو اچي سگهي.

پروپيگنڊا ۽ ايجي ٽيشن: مزور طبقي ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ٻه طريقا آهن:

(1) ايجي ٽيشن ۽ (2) پروپيگنڊا.

ڪنهن هڪ مسئلي تي هڪ اڪيلو خيال پيش ڪرڻ ايجي ٽيشن آهي جڏهن ان مسئلي تي سڀني خيالن کي پيش ڪرڻ پروپيگنڊا آهي. ايجي ٽيشن ڪنهن معاملي کي صرف معمولي اقتصادي ۽ سياسي اقتصادي (اقتصاديات مان پيدا ٿيندڙ سياست) پهلوئن کي گهيري ٿو جڏهن پروپيگنڊا ان معاملي جي سڀني پهلوئن تي ڇانيل هوندو آهي پوءِ توڙي فوري نوعيت جا هجن يا تفصيلي ۽ دور رس قسم جا. واضح رهي ته ڪنهن عمل جي پڪار، ايجي ٽيشن ۽ پروپيگنڊا ٻنهي کان جدا شيءِ آهي.

ايجي ٽيشن ۽ پروپيگنڊا ٻئي مزور طبقي جي نظرياتي تعليم ۽ هنن جي اشتراڪي شعور جي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجن. جنهن سان هو صرف فوري نوعيت وارن ڪارخاني جي مسئلن جو مطالعو نه ڪن پر اهو به سمجهن ته جدلياتي طور تي سرمائيدارانا حڪومت هٿان متاثر ٿيندڙ سڀني طبقن جو ڪردار ۽ ان جو درجو ڇا آهي. ظاهر آهي ته مزور طبقي لاءِ صرف اقتصادي سياست ڪافي نه آهي، پر هن کي اشتراڪي سياست جو ڏانءُ به هئڻ گهرجي ۽ اها ڪرڻ گهرجي.

 

مزور طبقي جي تنظيم

مزور طبقي جون تنظيمون ٻن قسمن جون ٿين ٿيون.

(1) ٽريڊ يونين، ڪوآپريٽو سوسائٽيون ۽ اهڙي قسم جون ٻيون عوامي انجمنون.

(2) پارٽي.

ٽريڊ يونين

ڪنهن صنعت ۾ ڪم ڪندڙ مزورن جي وسيع ترين عوامي تنظيم ٿئي ٿي. هن جون خصوصيتون هيٺيون آهن:

(1)     هن جي ترڪيب عوامي ۽ وسيع ٿئي ٿي. هن ۾ انتهائي پس مانده مزور به شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن هن کي مزورن جي تنظيمي ضرورت جو شعور ۽ احساس آهي.

(2)    هن جي ڪم جو طريقو جمهوري ٿيڻ گهرجي يعني هن ۾ عوام آڏو جواب ڏيڻ ۽ اڪثريتي فيصلي جو ڍنگ ۽ ڏانءُ هئڻ گهرجي. ڪنهن به اهم مسئلي تي هي جائز نه آهي ته، ٽريڊ يونين جي ادارن يا انهن جي عام ميمبرن کي وساري ڇڏجي. ان جو هي مطلب نه آهي ته ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ پس ماندگي، اقتصاديات يا خود ڪاري کي ڪم ۾ نه آندو وڃي، پر هي هئڻ گهرجي ته مزور انجمنن ۾ سوشلسٽ قيادت جمهوري طور تي انجمن جي سوشلسٽ باشعور ۽ نظم و ضبط جي پابند عهديدارن ۽ ڪارڪنن ذريعي سياسي رهنمائي جو فرض ادا ڪري، پر ڪنهن به حالت ۾ ٽريڊ يونين تنظيم ۾ جمهوريت ۽ عوامي ڪردار جي اصول جي خلاف ورزي نه ڪرڻ گهرجي.

ٽريڊ يونين جا مقصد گهڻو ڪري سڌارا آڻڻ آهي. جنهن لاءِ ٽريڊ يونين جدوجهد ڪئي وڃي ٿي. هي سڌارا اقتصادي به ٿين ٿا ۽ سياسي به مثلاً اجوري ۾ واڌارو، ڪم جي ڪلاڪن ۾ ۽ محنت جي شدت ۾ ڪمي، بيروزگاري ۽ ڇانٽي جو خاتمو ۽ انهن سازي جو حق مڃائڻ. ان قسم جي اقتصادي ۽ صنعتي مسئلن کان سواءِ وقت جي سياسي مسئلن تي به ٽريڊ يونين کي چرپر ۾ آندو وڃي ٿو. مثال طور سياسي همدردانه هڙتالون، مظاهرا ۽ احتجاج وغيره.

ٽريڊ يونين ۾ اقتصادي انحراف (Economism):

مزدور طبقي جي جدوجهد ۾ اقتصادي انحراف صنعتي جدوجهد کي صرف ڪارخاني جي مسئلن تائين محدود ڪرڻ سان هميشہ پاسو ڪرڻ گهرجي. مزورن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ نهايت ضروري آهي ۽ سياست به صرف ٽريڊ يونين سياست نه، پر سوشلزم نظرياتي شعور مزدور عوام ۾ ڦهلائڻ ضروري آهي.

ليڪن ان عمل ۾ هڪ احتياط ضروري آهي. اُهو هي آهي ته مزورن ۾ تمام اوچي سطح کان گفتگو ڪرڻ صحيح نه آهي. ٽريڊ يونين پليٽ فارم کان اصطلاح بازي (نعره بازي) ۽ ٻٽاڪ نه ٿيڻ گهرجي ۽ نه عوام جي تجربي کان مٿي ڪو پروپيگنڊا ڪرڻ گهرجي. مزدور انجمنون سياسي ليڪچرن جا ادارا نه آهن، پر اهي سوشلزم جا اسڪول آهن، جتي عمل نظريي تي فوقيت رکي ٿو. ان لاءِ نظريو هميشہ عام مزدور طبقي جي جدوجهد، ان جي انقلابي تجربي جي روشني ۾ ۽ ان جي سياسي شعور جي سطح تي ٻڌل هئڻ گهرجي.

نوٽ: هي اصول انهن سڀني عوامي تنظيمن تي لاڳو ٿين ٿا، جن جي قيادت سوشلسٽ ڪن ٿا.

پارٽي:

مزدور طبقي جي طبقاتي جدوجهد جي رهنمائي ڪرڻ، ان جو راهه ڳولهڻ ۽ مزدور طبقي ۾ سوشلسٽ شعور آڻڻ لاءِ هڪ خاص قسم جي تنظيم جي ضرورت آهي. هڪ اهڙي تنظيم جنهن ۾ سکيا ورتل، بي خوف ۽ بهادر، فولادي، پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل پيشه ور انقلابي شامل هجن، ڇاڪاڻ ته انقلاب هڪ فن به آهي ته سائنس به. ان ڪري انقلابي عمل ۽ قيادت نه خودڪارانه ٿي ۽ نه عطائي.

ڇا ٽريڊ يونين تنظيمون ان قسم جي تنظيم جو مقصد پورو ڪري سگهن ٿيون؟ نه ڇاڪاڻ ته هن قسم جي انقلابي پيشيورانه تنظيم جي رڪنيت ۾ مزدور طبقي جو سڀ کان اڳتي وڌيل عنصر هئڻ گهرجي، اهڙا دانشور ۽ اهل فڪر (سوچ رکندڙ) جيڪي سڀ کان وڌيڪ اڳتي وڌيل نظريي سان ٽمٽار هجن ۽ ايترا سکيا ورتل ۽ سرت سمجهه وارا ۽ تجربي ڪار هجن جو تشدد جي باوجود سوشلسٽ قيات جي تسلسل کي قائم رکن. هو ايترا فولادي ۽ مضبوط هجن جو هر قسم جي حملن جو مقابلو ڪري سگهن ۽ مڪمل طرح تعليم يافته هجن جو مزدور طبقي جي اقتصادي جدوجهد جو رخ هڪ اهڙي انقلابي طبقاتي جدوجهد ڏانهن موڙي سگهن، جنهن جي ذريعي سرمائيداري نظام کي ختم ڪري سگهجي ۽ ان جي جاءِ تي سوشلسٽ نظام قائم ڪري سگهجي.

ان قسم جي پارٽي ظاهر آهي ته ٽريڊ يونين کان الڳ هئڻ گهرجي، پر ان کي مضبوطيءَ سان ٽريڊ يونين ۽ ٻين عوامي تنظيمن سان ڳنڍيل هئڻ گهرجي.

 

پارٽيءَ جو ڪردار ۽ خصوصيتون:

(1)           پارٽي مزور طبقي جو هراول دستو آهي يعني پارٽي کي مزور طبقي جو رهنما بڻجي انهن جي سڀني کان وڌيڪ باشعور عنصرن جي قيادت ڪرڻ گهرجي. هراول دستي بنا مزور طبقو هڪ باشعور طبقاتي جدوجهد کان محروم ٿي ويندو ۽ اقتصادي انحراف ۽ پڻ محدود قسم جي صنعتي ۽ ڪارخاني جي سرگرمين ۾ ڦاٿل رهندو. هو سوشلسٽ نظريي کان محروم ٿي ڪمزور رهندو ۽ هن جي جدوجهد بنا ڪنهن واضح رخ ۽ بامعنيٰ مقصد رهجي ويندي.

اهڙيءَ طرح جيڪڏهن پارٽي محض هر اول دستو بڻجي عوام کان ڪٽجي وڃي ۽ ان جو ڪوبه لاڳاپو عوام جي انقلابي جوش ۽ خارجي بي چيني سان نه هجي ته ان جو هر اولي عمل وقت کان اڳ، بي وقتائتو ۽ غير اثرائتو هوندو. هر اول دستو يعني پارٽي کي مستقل مزاج ۽ صابر ٿيڻ گهرجي ۽ ان وقت ئي عمل ۾ ٽپڻ گهرجي جڏهن منڍ واري ۽ تيار ڪندڙ عمل ڪنهن حد تائين گڏ ٿي چڪا هجن. ان جو هي مطلب نه آهي ته پارٽي عوام کان پٺتي رهجي وڃي ۽ جڏهن عوام پوري طرح انقلابي جوش ۾ هجي ته ان وقت ٻڏتر ۽ پس و پيش ۾ رهجي وڃي. پهرين قسم جي انحراف کي اسان مهم پسندي ۽ پيٽي بورزوا انقلاب پسندي چئون ٿا ۽ ٻي بزدلي، سمجهوتي پرستي ۽ اصلاح پسندي سمجهون ٿا.

پارٽيءَ کي سدائين ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته هو پنهنجي قيادت جي ڪهار کان ڪڏهن به دشمني پٺتي نه هٽي ۽ نه انڌن وانگر عوام جي پيروي نه ڪري، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان ٻين پٺيان هلڻ ٿيندو ان لاءِ اصول هي آهي ته عوام سان گڏ، پر عوام اڳيان.

(2)             پارٽي ۾ سخت ترين پرولتاري نظم و ضبط هئڻ گهرجي. پنهنجي ڪم جي طريقي سان ئي مزدور طبقو نظم و ضبط، پاڻ ۾ ڳانڍاپي ۽ مرڪزيت جو عادي ٿئي ٿو. ان جي ابتڙ ننڍو سرمائيدار سدائين انفراديت جو شڪار ٿئي ٿو ۽ نظم و ضبط کان خالي ۽ بيزار هوندو آهي، پر مزدور طبقي جي قيادت انتهائي سخت نظم و ضبط بنا ممڪن نه آهي، ورنه پارٽي غير نظام ۽ ڇڙوڇڙ ميڙ جي شڪل اختيار ڪندي جيڪا هڪ مضبوط ۽ منظم ٽيم وانگر ڪم نه ڪري سگهندي ۽ نه وري پنهنجا رهبري وارا فرض پورا ڪري سگهندي.

(3)             پارٽي وٽ سڀني کان وڌيڪ اڳتي وڌيل (Advance) نظريو هئڻ گهرجي جيڪڏهن پارٽي دوربيني ۽ پيش بيني جي گڻ کان خالي آهي ۽ نظرياتي طور پس مانده آهي ته يقيناً هو مزدور طبقي جي هر اول دستي جو ڪردار پوري ڪرڻ بدران سرمائيدارانه سياست جو تنبو کڻندڙ ٽولو ٿي ويندي.

(4)             پارٽيءَ کي سدائين، مسلسل ۽ ناقابل شڪست طور تي عوام سان ڳنڍيل ۽ جڙيل هئڻ گهرجي. عوام کان ڪٽجي پارٽي فقط هڪ گروهه بڻجي ويندي، جنهن جو ڪو اثر ڪردار نه هوندو.

(5)             پارٽي جو اندريون اتحاد مڪمل ۽ مضبوط هئڻ گهرجي. هڪ واحد طبقاتي اداري جي حيثيت سان پارٽي جي جوڙجڪ ان نموني ٿيڻ گهرجي ڄڻ ته هو هڪ پٿر جي ٺهيل آهي. ظاهر آهي ته ان قسم جي پارٽيءَ ۾ گروپ بندي ڏڦيڙ يا سازشي سياست جي ڪابه جاءِ نه آهي.

(6)             سرمائيداري ۽ جاگيرداري ماحول ۾ ڦاٿل پارٽي هميشہ ان خطري ۾ رهي ٿي ته مزدور طبقي جا دشمن ۽ ننڍا سرمائيدار يا هنن جهڙا پارٽيءَ ۾ گهڙي نه اچن ۽ پارٽي ۾ اختلاف، بدنظمي ۽ بي راهه روي پيدا ڪن ۽ ان جي طبقاتي ڪردار کي ڪمزور ڪن. ان لاءِ پارٽي کي هميشہ اهڙن ماڻهن ۽ لاڙن. ان کان هوشيار رهڻ گهرجي ۽ هميشہ ان قسم جي غير طبقاتي ان ماڻهن کي پارٽيءَ مان خارج ڪندو رهڻ گهرجي. ”پارٽي پنهنجي صفائي سان وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿي.“ (لينن)

(7)             پارٽي کي هميشہ پنهنجي وقت جي مسئلن، خاص طور سڀني طبقن ۽ عام ماڻهن کي متاثر ڪندڙ سياسي مسئلن ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي. هن جو مطلب آهي ته مزور طبقو، سرمائيدارن ۽ آپيشاهي حڪومت طرفان صرف پنهنجي مٿان ٿيندڙ حملي خلاف نٿو وڙهي، پر هو سڀني پيڙهيل عوام تي ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاج ۽ جدوجهد ڪندو آهي. ان لاءِ پارٽي کي سدائين سمورن طبقن جي ڪردار جو ۽ انهن جي مزاج ۽ طبيعت جو تجزيو ڪندو رهڻ گهرجي ۽ انهن مان ڪنهن تي يا سڀني تي جڏهن به ڪو تشدد يا جبر ٿئي ته ان خلاف مزور طبقي کي اُڀارڻ گهرجي.

پارٽي جا قائدا ۽ ضابطا: مٿين خصوصيتن مان ظاهر ٿيو ته پارٽي هڪ قسم جي تنظيم آهي، جنهن کي هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ظاهر آهي ته هي پارٽي سرمائيدارن يا ننڍن سرمائيدارن جي جماعتن وانگر نٿي ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته هي پارٽيون ظاهري جمهوريت جي قاعدن جي لبادي ۾ پنهنجي حقيقت کي لڪايو وٺن ته جيئن هو عوام کي دوکو ڏيئي سگهن ۽ پنهنجو ڪردار عوامي ثابت ڪري سگهن. حقيقت ۾ هر سرمائيدار پارٽي سرمائيدارن جي قيادت ۾ ٿئي ٿي، توڙي هن جي ترڪيب ۽ پروگرام ڪيڏو ئي جمهوري ۽ عوامي ڇو نه هجي. اصليت ۾ هي هڪ اهڙو ادارو ٿئي ٿي جيڪا سرمائيدارن ۽ حڪمران طبقي جي مفاد جي ترجماني ڪري ٿي. سرمائيدارانه تضاد جي آئيني داري طور تي هن ۾ سدائين گروهه بنديون ۽ باهمي تفرقا ٿين ٿا.

مزور طبقي جي سياسي پارٽي هڪ پٿر وانگر اتحاد جو مظهر هئڻ گهرجي. ان سان گڏ ان ۾ مڪمل نظم و ضبط، مرڪزي رهنمائي ۽ جمهوري ڪردار هئڻ گهرجي. سڀ کان وڏي ڳالهه هي آهي ته هن ۾ تربيت يافته ۽ تجربي ڪار انقلابي هئڻ گهرجي، جيڪي ڳجهي (خفيه) ڪم جا ماهر هجن ۽ پوليس ۽ جابرانه حڪومت جي تشدد ڪندڙ قوتن ۽ ان جي ايجنٽن کان تحريڪ جو بچاءُ ڪري سگهن. اهڙي پارٽيءَ جا ضابطا جمهوري مرڪزيت جي اصول تي ٻڌل هوندا آهن.

جمهوري مرڪزيت: جمهوري مرڪزيت جو مطلب آهي مرڪزي هدايت ۽ ڪنٽرول ۽ ان سان گڏ عام ڪارڪنن جي پيش قدمي ۽ باهمي اعتماد ۽ اتحاد. جمهوري مرڪزيت جا قاعدا هيٺيان آهن:

(1) سڀ هيٺيون ڪاميٽيون، اعليٰ ڪاميٽين اڳيان جوابده ۽ ان جي هٿ هيٺ هونديون.

(2) سڀ فيصلا پوري بحث مباحثي کان پوءِ ڪثرت راءِ سان ٿيندا ۽ فيصلي ٿيڻ بعد ٿورڙائي (اقليت) کي گهڻائي (اڪثريت) جي آڏو جهڪڻو پوندو. يعني اڪثريت جي فيصلي کي مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻو ٿيندو.

(3) جڏهن ڪنهن پارٽي جي ڪميٽي ۾ ڪو فيصلو ورتو ويو هجي ته ان مسئلي تي بحث مباحثو ختم ٿي ويندو آهي ۽ هر فرد کي اڪثريت جي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته پارٽي عمل ڪندڙ پارٽي آهي ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي نه آهي. هن ۾ اڻ کٽندڙ بحث مباحثي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي.

(4) پارٽيءَ جي صفن ۾ سخت ترين نظم و ضبط جو هجڻ ضروري آهي. سارو بحث و مباحثو صرف پارٽيءَ جي ڪاميٽين اندر ئي ڪري سگهجي ٿو. فيصلن جي خلاف ورزي ۽ پارٽي جي صفن ۾ گروهه بندي پوءِ اُهي ذاتي هجن يا سياسي برداشت جي قابل نه آهن.

(5) پارٽيءَ جي هر ميمبر کي پارٽيءَ جي ڪنهن ايڪي (Unit) سان وابستہ ٿي، چندو ادا ڪرڻ سان گڏ ڪنهن عملي سرگرمي ۾ حصو وٺڻ ضروري آهي. جيڪا پارٽيءَ جي رهنمائي ۾ هجي. ۽ صرف پارٽيءَ جي مول متن سان اتفاق ۽ چندي ڏيڻ سان ڪو شخص پارٽي ڪارڪن بڻجڻ جي لائق نٿو ٿي سگهي.

(6) پارٽيءَ جو سڀ کان اعليٰ ادارو ڪانگريس ٿئي ٿو ۽ ڪانگريس جي درميان مرڪزي ڪميٽي. ڪانگريس، پارٽيءَ جي سڀني هيٺين ڪاميٽين جي فيصلن کي رد ڪري سگهي ٿي.

(7) جيستائين ممڪن ٿئي پارٽي جا سڀ عهدا عام ميمبرن ۾ چونڊ ذريعي ڀرڻ گهرجن.

(8) طريقي ڪار جي سلسلي ۽ پهلوداري ذريعي هر دور ۾ پارٽي مرڪز جو سلسلو ۽ هيٺين ڪاميٽين سان سندس رابطو هئڻ ضروري آهي هي هڪ ليننسٽ پارٽي جي تنظيم جا چند اصول آهن، پر ان ڳالهه جو احتياط ضروري آهي ته مرڪزيت، آمريت يا نوڪر شاهي ۾ جمهوريت، نراج ۽ بي قاعدگي ۾ تبديل ٿي نه وڃي.

منصوبو ۽ طريقي ڪار (Strategy and Tactics) :

مزدور طبقي جي جدوجهد، هڪ جنگ وانگر آهي، جنهن ۾ هن کي سڀني جنگي اسڪيمن ۽ روزمره جي ننڍين جهڙپن جا طريقا طئي ڪرڻا پون ٿا. مزور طبقي کي هن جنگ ۾ پنهنجو خاص مقصد ۽ نشانو طئي ڪرڻو پوي ٿو ۽ ان سان گڏ درمياني ۽ فوري مرحلن جي لاءِ پنهنجي چرپر بابت سوچڻو پوي ٿو. هر دور مزور ۾ طبقي کي پنهنجو خاص نشانو يعني مقصد، پنهنجا خاص دشمن، پنهنجا دوست ۽ معمولي دوست ٺاهڻا پون ٿا. ان ڪوشش کي منصوبو (Strategy) چون ٿا. منصوبو پوري دور تي گهيرو ڪندڙ ٿئي ٿو، ان وقت تائين جيستائين خاص مقصد حاصل ٿي نه وڃي يعني جيستائين مزور طبقي جو بنيادي انقلابي ڪم پورو نه ٿي وڃي. مثال طور انقلاب جي قومي جمهوري مرحلي ۾ مزور طبقي  جو منصوبو هن ريت ٿيندو:

+ خاص نشانو يا مقصد –   سامراجي جاگيردارانه نظام کي قومي جمهوري انقلاب ذريعي ختم ڪرڻ.

+ خاص دشمن –             سامراج، جاگيردار ۽ دلال يا گماشتو سرمائيدار.

+ بنيادي دوست –           هاري، شهري ۽ ڳوٺاڻا پورهيت عوام، وچولو طبقو (Middle Class)، دانشور.

+ معمولي دوست –          قومي ۽ محب وطن سرمائيدار ۽ ننڍا زميندار.

پر انقلاب جي سوشلسٽ مرحلي ۾ هي منصوبو بدلجي وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ مزور طبقي جو انقلابي مقصد ۽ مختلف عناصر جٿابندي به بدلجي وڃي ٿي.

طريقي ڪار اُهي اٽڪلون آهن جن ذريعي مزور طبقي ۽ محنت ڪشن کي روزمره جي مسئلن تي جزوي جدوجهد لاءِ اُڀاريو وڃي. طريقئه ڪار، منصوبي جي مقصدن لاءِ تياري جا ڪم ٿين ٿا ۽ انهن جو مقصد هي هوندو آهي ته مزور طبقي ۽ انقلابي عوام کي هن مقصد جي ويجهو آندو وڃي.

منصوبي جو واسطو جنگ سان آهي ۽ طريقئه ڪار جو جهڙپن ۽ جهيڙن سان. طريقئه ڪار هميشہ جدلياتي هئڻ گهرجي يعني هي پارٽي جا اُهي ڪم آهن جنهن کي پارٽي جي نشوونما سان گڏ ترقي ڪرڻ گهرجي. طريقئه ڪار جو بنيادي مقصد هي آهي ته سڀني طبقن ۾ ۽ سڀني مسئلن تي پنهنجي خاص دشمن جا عيب گناهه ظاهر ڪيا وڃن ۽ ان کي ڌار ڪري ڇڏجي ته جيئن آخري لڙائي لاءِ وڌ کان وڌ اتحادي ساٿي ۽ سنگتي ملي سگهن. طريقئه ڪار کي واقعن جي هر موڙ تي بدلجي وڃڻ گهرجي، جڏهن پوري دور ۾ منصوبو نٿو بدلجي.

طريقئه ڪار واقعن ۽ مسئلن جي زنجير ۾ ان ڪڙي تي گرفت (جهل) ڪرڻ جو نالو آهي، جنهن سان پوري زنجير هٿ ۾ اچي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org