جدليات جا اهم قانون
(1) مقدار جو خاصيت ۾ بدلجڻ
مٿي ڏٺوسين ته جدليات، ڪائنات ۽ معاشري کي چرپر ۾
آڻيندڙ ۽ ارتقا پذير مڃيندڙ، سائنس آهي. ان ارتقا
۽ نشوونما جا ڪجهه اصول ۽ قانون آهن. جن ۾ پهريون
قانون مقدار جو بدلجي خاصيت ٿيڻ آهي. شروعات ۾ شين
۽ مظهرن جي اندر ئي اندر نهايت هلڪو ۽ اڻ محسوس
مقداري تبديليون ٿينديون رهن ٿيون، جيڪي آهستي
آهستي گڏ ٿي هڪ مرحلي تي بنيادي خاصيتي تبديليون،
بڻجيو وڃن. ان جو نتيجو هي ٿئي ٿو ته ان جي پراڻي
خاصيت ختم ٿيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي هنن مان هڪ
نئين خاصيت پيدا ٿيو پوي. تبديلي جو هي عمل آهستي
آهستي ۽ ڏاڪيوار ٿيندو رهي ٿو. جنهن ذريعي اُهي
مقداري تبديليون عمل ۾ اچن ٿيون جيڪي ايندڙ نئين
خاصيت جي تياري جو ڪم ڪن ٿيون، پر جڏهن هي مقداري
تبديليون ڪافي تعداد ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿيو وڃن ته هڪ
فوري ۽ جلد خاصيتي تبديلي پيدا ٿئي ٿي. اهڙي طرح
مقدار مان خاصيت جي تبديلي ظاهر ٿئي ٿي. هي تبديلي
هميشہ هڪ
(Jump)
چال يا ٽپ سان ٿئي ٿي. يعني ننڍيون ننڍيون قوتون
گڏ ٿي اوچتو هڪ اٽل
(Emergent)
قوت بڻجيو وڃن. هي قوت انقلابي قوت ٿئي ٿي.
ارتقا جا ٻه طريقا: ارتقا ۽ نشوونما جون ٻه واٽون
يا طريقا ٿين ٿا. (1) آهستي تدريجي ۽ ننڍيون
مقداري تبديليون جن کي ارتقائي تبديليون چئون ٿا.
(2) فوري بنيادي ۽ خاصيتي تبديليون، جن کي انقلابي
تبديليون چئون ٿا. اُها تبديلي جيڪا قديم کي
بنيادي طرح تباهه ڪريو ڇڏي، انقلابي ڦيرو سڏجي ٿي.
ان طرح ارتقا ۽ انقلاب هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ لازم
ملزوم آهن. سڌارا پسند، انقلاب دشمن گروهه انقلابي
جدوجهد کي بالڪل رد ڪيو ڇڏين ۽ ان بدران سندس جاءِ
تي جزوي سڌارن جي تحريڪ کي پيش ڪري ٿو. هن جزوي
سڌارن سان مزور طبقي کي ڪجهه ننڍا فائدا ته ضرور
حاصل ٿين ٿا، پر انهن سان سرمائيدارانا معاشري جي
بنياد تي ڪوبه اثر نٿو ٿئي. اهڙي طرح اصلاح پسندي
مزور طبقي ۾ هڪ سرمائيدار ڦيري کائڻ (سرمائيدارانا
انحراف) جو نالو آهي، پر هن جو هي مطلب نه آهي ته
سوشلسٽ سڌارن جي بلڪل خلاف آهن. حقيقت ۾ ائين
ناهي. سوشلسٽ سڌارن کي انقلابي جدوجهد جي ضمني
پيداوار سمجهن ٿا. خاص ڪري انهن سڌارن ۾ زرعي
سڌارا هارين جي استحصال جي بنياد کي تبديل ڪيو
ڇڏين. اصلاح پسندي جي آڏو نراجيت ۽ کاٻي ڌر جي مهم
پسنديءَ جو نظريو آهي. هي نظريو به ايتروئي
نقصانڪار آهي جيتري اصلاح پسندي. نراجي ۽ کاٻي ڌر
جا مهم پسند ارتقائي عمل کان بلڪل انڪار ڪن ٿا. هو
صرف ڇالن ۾ ئي ايمان رکن ٿا ۽ ڇالن کان اڳ تياري
جي عمل کي بي سود سمجهن ٿا ۽ نڪي هو قوتن جي آهستي
آهستي گڏ ٿيڻ ۾ يقين رکن ٿا، جڏهن ته حقيقت ۾
جيڪڏهن منڍ ۾ تدريجي تيار ڪندڙ مقداري ۽ ارتقائي
عمل نه هجي ته ڇال بنا تياري جي اڻ پختو عمل بڻجي
رهجيو وڃي ۽ ان ڪري ناڪام ٿئي ٿي. اصل ۾ هو اِها
ڳالهه وساريو ڇڏين ته ڇال، انقلابي عمل جي ٽاريءَ
تي هڪ ميوي وانگر پچي ٿي ۽ پنهنجي پختگيءَ جي وقت
کان اڳ وجود ۾ نٿي اچي. هن نموني ارتقائي ۽
انقلابي عمل هڪ ٻئي کان الڳ نٿا ڪري سگهجن ۽ هڪ جو
وجود ٻئي کان سواءِ ممڪن نه آهي. بنا مقداري
ارتقائي تبديليءَ جي خاصيتي ۽ انقلابي ڦيرڦار ممڪن
نه آهي ۽ نه ڪو نشوونما ممڪن آهي. انقلابي جدوجهد
جو صرف تيز رخ اختيار ڪرڻ ۽ ان جي ارتقائي شڪلين
کي رد ڪرڻ يعني ٻين لفظن ۾ روزمره، جي معمولي ۽
انقلابي تيارين جي ڪم کي ترڪ ڪري ڇڏڻ مهم پسندي ۽
تنگ نظريءَ کي جنم ڏيئي ٿو. انقلابي عمل کان اڳ
درجي وار ۽ ارتقائي عملن جو هڪ پورو دؤر ٿئي ٿو،
جيڪو انقلابي فتح جو رستو سنئون ڪري ٿو ۽ انقلاب
جو هڪ مضبوط بنياد تيار ڪري ٿو.
ڇالن جا مختلف قسم: ڇالن جا مختلف قسم ٿين. ڪجهه
ڇال ڪافي ڊگهو وقت وٺن ٿا ۽ ڪجهه بلڪل فوري ۽
لمحاتي ٿين ٿا. ڇالن جي وقت ۾ جيڪو فرق ٿئي ٿو ان
جو دارومدار مقداري تبديلين جي قوت ۽ سطح تي آهي.
مثال طور ٽن قسمن جي ڇالن جو مشاهدو ڪريو:
(1) باندر کان انسان بنجڻ تائين جي تبديلي يقيناً
هڪ خاصيتي تبديلي آهي. يعني هڪ ڇال آهي، پر هن ۾
تمام گهڻو وقت صرف ٿيو آهي. جنهن دوران نهايت ڊگهي
عرصي تائين جاندار مخلوق ۾ تدريجي مقداري تبديليون
ٿينديون رهيون آهن.
(2) پاڻيءَ مان ٻاڦ يا گئس ٺهڻ. پاڻي 100 (هڪ سؤ
درجا) سينٽي گريڊ جي گرمي تي اوچتو ٻاڦ ٺهيو وڃي.
هي به هڪ اهم خاصيتي تبديلي يعني ڇال آهي پر هي
ڇال نهايت جلد ۽ فوري ٿئي ٿي.
(3) سرمائيداري سماج جو سوشلسٽ سماج بنجڻ يا
سوشلسٽ سماج جو ڪميونسٽ سماج بنجڻ هي ٻئي ڇال آهن.
يعني ٻنهي ۾ خاصيتي تبديليون ٿين ٿيون جن ۾ جلدائي
يا دير ان کان اڳ جي ارتقائي ۽ مقداري تبديلين جي
قوت ۽ سطح تي منحصر آهن.
(2) تضادن جي وحدت ۽ تضاد
(Law of Unity and struggle of apposing)
تضاد، اهي مظاهر ۽ انهن جا اُهي پهلو آهن جيڪي هڪ
ٻئي کي رد ڪن ٿا. تجربو ٻڌائي ٿو ته زندگيءَ جي
تقريباً هر مظهر ۽ هر شعبي ۾ مختلف پهلو، رجحان ۽
قوتون يعني تضاد هميشہ موجود ٿين ٿا. ائين ڇو آهي؟
ان لاءِ جو تضاد پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿين ٿا ۽ مظهر ۾ گڏ
رهن ٿا ورنه وري انهن جي وچ ۾ ڪو تصادم ممڪن نٿو
ٿي سگهي. لڳاءُ بنا لاڳ نه آهي ۽ نه ئي رابطي کان
سواءِ ڪو تصادم ممڪن آهي. ان ڪري جڏهن شيون ۽ مظهر
هڪ ٻئي کان الڳ يا وڇوٽي تي هوندا ته انهن ۾ ڪا
رڳڙ يا تصادم جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو. تضادن جا
هي رابطا ٻن قسمن جا آهن.
تضادن جو اتحاد ۽ ڪشمڪش:
تضادن وچ ۾ قريبي ۽ الڳ نه ٿيندڙ تعلق، تضادن جو
اتحاد يا وحدت سڏجي ٿو- هي وحدت هر زندهه شيءِ ۾
جاري ۽ ساري آهي. هر زندهه شيءِ ۾ ٻن قسمن جون
قوتون ٿين ٿيون: ڳريل سڙيل ۽ زواليت ڏانهن ويندڙ
قوتون ۽ نيون، توانيون ۽ اسرندڙ قوتون. مثال طور
انساني جسم يا ان جي ڪنهن حصي کي وٺو. هن ۾ ڪي
خليا مرندا رهن ٿا ۽ ڪجهه نوان خليا پيدا ٿيندا
رهن ٿا. جيڪڏهن پراڻا خليا تباهه ۽ ختم نه ٿين ته
نوان ڪڏهن به پيدا نه ٿي سگهندا. ان ڪري پراڻن
خلين جي تباهه ٿيڻ واري عمل کي روڪي نٿو سگهجي
ورنه انسان جو جسم ۽ ان جا حصا ارتقا کان محروم ٿي
مري ويندا. مثال طور سرمائيدارانا نظام کي وٺو. هن
نظام ۾ برائي ۽ چڱائي اهڙي نموني ڳتيل آهن جو ڌار
ڌار نه ته چڱائيءَ کي وڌائي سگهجي ٿو ۽ نه برائيءَ
کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته سرمائيدارانا نظام
۾ اهي ٻئي تضاد لازم ملزوم آهن. ان ڪري انهن مان
هڪ کي ختم ڪرڻ ممڪن نه آهي، هن کي پوري جو پورو
ختم ڪرڻو پوندو.
اهڙي نموني تضادن جي وحدت مان هي مراد آهي ته تضاد
هڪ واحد متصادم عمل ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ٿين ٿا ۽
اهي ان لڳاءُ سان ان متضاد شيءِ کي قائم رکن ٿا.
جيستائين تضادن جي ڇڪتاڻ جو سوال آهي، ان جو هي
مطلب آهي ته هر تضاد پنهنجي عمل يا مظهر ۾ غلبو
حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اها ڪوشش يا جدوجهد
هميشہ جاري رهي ٿي، ڪڏهن به بند نٿي ٿئي ۽ ان سان
ان عمل يا مظهر جو بنيادي بي ڊولو جسم ٺهي ٿو.
ارتقا جو وسيلو:
تضادن جي باهمي وحدت ۽ جدوجهد جي قانون جو اهم
نڪتو هي آهي ته هر شيءِ ۽ هر عمل ۾ اندريان لڪل
متضاد پهلو جاري ۽ ساري آهن ۽ انهن جي باهمي ڇڪتاڻ
ان شيءِ جي عروج ۽ نشوونما جو داخلي وسيلو ۽ هن ۾
چرپر آڻيندڙ قوت آهي. لينن هن قانون کي جدليات جو
اصل بنياد قرار ڏنو آهي.
تضادن جي اهميت جا درجا:
غور سان ڏٺو وڃي ته اسان جي چئني پاسي ڪيترائي ۽
رنگا رنگ تضاد ملن ٿا. اهميت جي لحاظ سان خاص ۽
بنيادي تضادن کي چونڊڻو پوي ٿو يعني اُهي تضاد جن
جي بنياد تي هر ڪنهن نظام جي نشوونما جو مدار آهي.
مثلاً اڄوڪي دؤر ۾ چار اهم تضاد ملن ٿا:
1- دنيا ۾ ٻن مختلف نظامن – سوشلزم ۽ سرمائيداري
نظامن جو تضاد، يعني: سوشلسٽ ۽ سرمائيدار ملڪن جو
تضاد.
2- سرمائي ۽ محنت يعني سرمائيدار ۽ مزدور جو تضاد.
3- سامراج ۽ بيٺڪي ملڪن نئين آزاد ملڪن جو تضاد.
4- سرمائيداري نظام جو باهمي تضاد.
انهن تضادن ۾ پهريون تضاد يعني سوشلسٽ ملڪن جو
تضاد سڀني کان اهم آهي، ڇاڪاڻ ته عالمي سوشلزم ۽
عالمي سامراج جي باهمي ڇڪتاڻ اسان جي دؤر جو لازمي
پهلو آهي. هي عالمي پيماني تي طبقاتي جدوجهد جو
بنيادي نقطو آهي، ڇاڪاڻ ته طبقاتي قوتون ان عالمي
ڇڪتاڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ مضبوطي سان منظم ۽ هڪ هنڌ
گڏ ٿيون آهن. ان نموني ٻيا به تضاد به درجي وار
اهميت رکن ٿا يعني پهرين تضاد کان پوءِ اهم تر
تضاد سرمائيدار ۽ مزدور جي ڇڪتاڻ آهي ۽ ان کان
پوءِ سامراج ۽ بيٺڪن جي عوام جي ڪشمڪش آهي. اهميت
جي لحاظ کان سڀني کان آخر ۾ سرمائيدار نظام جو
باهمي تضاد آهي.
داخلي ۽ خارجي تضاد:
انقلاب هميشہ ڳوڙهي اندروني تضادن جي نشوونما جو
نتيجو ٿئي ٿو، ان ڪري انقلاب ڪڏهن به ڪنهن ملڪ ۾
ٻاهران ڪونه آڻي سگهبو آهي ۽ ان ڪري سوشلسٽ ڪنهن
ملڪ ۾ نه ته انقلاب برآمد چاهين ٿا ۽ نه جوابي
انقلاب.
(Counter Revolution)
اهو صحيح آهي ته سامراجي ملڪن جا باهمي تضاد ۽
انهن جا هڪ ٻئي سان ويڇا ۽ اختلاف عالمي پيماني تي
اڀرندا رهن ٿا. اهي خارجي (ٻاهريان) تضاد آهن جيڪي
ڪنهن ملڪ جي انقلابي جدوجهد ۾ معاون ۽ مددگار ٿين
ٿا، پر هر ملڪ ۾ فيصلو ڪندڙ ڪردار انهن داخلي
تضادن جو هوندو آهي، جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن هڪ
هٽي وارن ۽ عوام جي عظيم تعداد وچ ۾ ان ملڪ ۾ اڀرن
ٿا، يعني اُهي تضاد جيڪي هر ڪنهن ملڪ جي عوام ۽
عالمي سامراجي ملڪن جي وچ ۾ آهن.
مخالف ۽ غير مخالف تضاد:
جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته تضاد پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽
ٽڪرجندڙ ٿين ٿا، پر تضاد هميشه مخالف نٿا ٿين.
مخالف تضاد اُهي ٿين ٿا جن ۾ اتحاد نه ٿيندڙ ٽڪرن
جي ڇڪتاڻ ٿئي ٿي. انساني معاشري ۾ مخالف يعني
اتحاد تضادن، مخالف سماجي قوتن يعني طبقن وچ ۾ ٿئي
ٿي. سرمائيدار معاشري ۾ هي تضاد مزدورن ۽
سرمائيدارن وچ ۾ ٿئي ٿو، جن کي ڪڏهن ختم نٿو ڪري
سگهجي.
غير مخالف تضاد مخالف تضادن کان ان معنيٰ ۾ مختلف
ٿين ٿا جو هو انهن سماجي قوتن ۽ رجحانن وچ ۾ ملن
ٿا، جن جو مفاد مشترڪ ٿئي ٿو.
مخالف تضادن جو وڌڻ ۽ گهرو ٿيڻ ارتقا جو عام قانون
آهي. انهن تضادن سببان تصادم ۽ ٽڪر ٿين ٿا. آخر ۾
اهي تضاد هڪ سخت هيبت واري جدوجهد سان حل ٿين ٿا،
جنهن جو انجام انقلاب ٿئي ٿو. مخالف تضاد لاڳاپن
جي پراڻي ڍانچي اندر حل نٿا ڪري سگهجن. انهن جو حل
مڪمل طرح ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن هي پراڻا رشتا
(لاڳاپا) هڪ انقلاب ذريعي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏجن،
پر انهن تضادن جي حل جي طريقن ۽ واٽن ۾ هر هنڌ فرق
ٿي سگهي ٿو. هي فرق ڪنهن مخصوص ملڪ ۾ هتي جي مخصوص
حالتن تي مدار رکي ٿو. ان جو به امڪان آهي ته هي
تضاد پرامن طريقي حل ڪري سگهجن. مثال طور الجزائر
۽ ويٽ نام جهڙن ملڪن کي ورتو وڃي. هتي سامراج ۽
بيٺڪن جي عوام جي تضاد جو حل هڪ هٿياربند ۽ خوني
جنگ ذريعي ڪيو ويو. ائين ئي ٻين گهڻن ملڪن ۾ ٿيو،
جڏهن ته هندستان ۽ پاڪستان ۾ اِهوئي تضاد غير مسلح
جدوجهد ذريعي حل ٿيو.
جيستائين غير مخالف تضادن جو تعلق آهي اهي تعليم،
تنقيد ۽ خود تنقيد ذريعي حل ڪيا وڃن ٿا. مثلاً هڪ
سوشلسٽ سماج ۾ مزدور ۽ هارين وچ ۾ جيڪي تضاد ٿين
ٿا، اُهي غير مخالف قسم جا ٿين ٿا ۽ انهن کي
دوستاڻي طريقي سان حل ڪيو وڃي ٿو.
اهڙي طرح واضح ٿيو ته مخالف قوتن جي باهمي ميلاپ ۽
ڇڪتاڻ جو هي مطلب آهي ته پراڻا ۽ مدي خارج عنصر
تباهه ۽ ختم ٿين. ان جي جاءِ تي نوان ۽ اسرندڙ،
توانا عنصر وجود ۾ اچن ٿا. اهوئي ارتقا جو اندروني
۽ لڪل وسيلو آهي. جيڪڏهن ڪو هي چوي ته پراڻا عناصر
تباهه نه ٿين ته ان جو مطلب هي ٿيندو ته نوان
عناصر وجود ۾ نه اچن، ڇاڪاڻ ته پراڻن عنصرن جي
خاتمي بنا نوان عناصر وجود ۾ نٿا اچي سگهن. اهڙي
طرح جسم ۾ جيڪڏهن پراڻا خليا ختم نه ٿين ته نوان
خليا وجود ۾ نٿا اچي سگهن. اهڙي نموني جيڪڏهن وڻن
جا پراڻا پن نه ڪرن ته انهن ۾ نوان گونچ نڪري نٿا
سگهن. جنهن جو نتيجو هي ٿيندو ته انسان جو جسم ۽
وڻ سڙي ڳري رهجي ويندا. هو نشوونما حاصل ڪري نه
سگهندا. ان لاءِ اُهي جيڪي ناڪاره ۽ مدي خارج آهن
انهن کي مٽائڻو آهي ته جيئن اُهي جيڪي تازا ۽
توانا آهن، پيدا ٿي سگهن.
هي تارا ٽوڙي نئون آفتاب پيدا ڪر |