(4)
سرمائيداريءَ جو هڪ هٽيءَ وارو دؤر – سامراج
سامراج، سرمائيداريءَ جو آخري ۽ بلند ترين مرحلو
آهي جيڪو تقريباً ويهين عيسوي صدي جي شروع ٿيڻ کان
اڳ وجود ۾ آيو.
هڪ هٽيءَ ڪيئن وجود ۾ آئي؟
ننڍين ننڍين صنعتن کي آهستي آهستي وڏين صنعتن هڙپ
ڪري ورتو ۽ اهڙي طرح سرمائي جو زبردست ڀنڊار (هڪ
هنڌ گڏ ٿي وڃڻ) ٿيو. جڏهن هي ڀنڊار چڱي اونچي سطح
تي پهچي ويو ته ان مان هڪ هٽيءَ وجود ۾ آئي. هڪ
هٽيءَ، سرمائي جي باهمي ڇڪتاڻ کي گهڻو گهٽ ڪري
ڇڏيو.
سامراج اصل ۾ هڪ هٽيءَ سرمائيداري آهي. هڪ هٽيءَ،
پيداوار ۽ بازارن تي مڪمل قبضو ڪري وٺي ٿي. مختلف
هڪ هٽي ان داتا پاڻ ۾ راضي نامي سان بازارن
(مارڪيٽ) کي ورهايو وٺن ۽ قيمتون مقرر ڪيو ڇڏين.
اِهي قيمتون صحيح قيمتون ڪونه ٿين، پر غير فطري
طرح وڌيل ٿين ٿيون. يعني اُهي سماجي طور تي ضروري
محنت جي لاڳت کان وڌيڪ ٿين ٿيون. ان سان گڏ هڪ
هٽيون اجرتن کي گهٽايو ڇڏين. ڪچي مال تي مڪمل قبضو
قائم ڪن ٿيون. ننڍن پيداڪارن ۽ بيٺڪن کان خراج
وصول ڪن ٿيون ۽ هاري ۽ شهري ڪتب آڻيندڙن کي تباهه
و برباد ڪن ٿيون.
مالياتي سرمايو
شروعات ۾ بئنڪون مختلف سودن ۾ قيمتن جي ادائگيءَ
لاءِ هڪ وچ واري اداري جو ڪم ڪنديون هيون، پر هڪ
هٽيءَ جي دور ۾ بئنڪون سرمائي جون سوداگر بڻجي
ويون. بئنڪون آباديءَ جي هر شعبي جي مالي آمدني ۽
بچت گڏ ڪيو وٺن ۽ ان رقم کي سرمائيدارن جي حوالي
ڪن ٿيون ان عمل ۾ ٽي چار وڏيون بئنڪون نمايان
حيثيت اختيار ڪيو وٺن جيڪي ٻين بئنڪن کي پنهنجو
ماتحت بڻايو وٺن. ۽ اهڙي طرح نقد سرمائي جو عظيم
ڀنڊار عمل ۾ اچي ٿو. هي سرمايو صنعتن ۾ لڳايو وڃي
ٿو ۽ نتيجي ۾ بئنڪاري ۽ صنعت ۾ هڪ ڳٺ جوڙ ٿيو پوي.
بئنڪاري ۽ صنعتي سرمايو پاڻ ۾ ملي هڪ ٿيو وڃي،
انهيءَ ميلاپ کي مالياتي سرمايو
(Finance Capital)
چئجي ٿو. ان ڪري سامراج کي مالياتي سرمائي جو دؤر
چيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ساڳيون وڏيون وڏيون رت چوسيندڙ
ڄؤرون صنعت ۽ بئنڪ وري ٻنهي تي قابض ۽ استعمال
ڪندڙ ٿين ٿيون. هر سرمائيدار هڪ ملڪ جي قسمت جو
فيصلو چند صنعتي ۽ مالياتي هڪ هٽيءَ ان داتائن جي
هٿ ۾ هوندو آهي.
سامراج جا بنيادي اهڃاڻ
(1) هڪ هٽين ۾ پيداوار ۽ سرمائي جو زبردست ڀنڊار
ٿيو وڃي.(2) مالياتي سرمائي سببان هڪ مالياتي
حڪمرانن جو ننڍڙو تولو وجود ۾ اچي ٿو، جيڪو دنيا
جي ڏتڙيل ملڪن جي نئين سر آبادڪاري ڪري سندن آقا
بڻجيو وڃي.
(3) سامان جي روانگي (برآمد) بدران سرمائي جي
برآمد جو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جنهن سان بيٺڪن جو
استحصال هيڪاري وڌيو وڃي.
(4) بين الاقوامي هڪ هٽيءَ سرمائيدارن جا مشترڪ
ادارا ٺهيو پون، جيڪي ساري دنيا کي پاڻ ۾ ورهايو
وٺن.
(5) تمام وڏيون سرمائيدار طاقتون، دنيا کي
جاگرافيائي لحاظ سان به پاڻ ۾ ورهايون وٺن.
پر هي نه وسارڻ گهرجي ته سامراج، هڪ هٽيءَ
سرمائيداري هئڻ سببان مفت خور ۽ ڊهندڙ سرمائيداري
بڻجي وڃي ٿي ۽ سوشلسٽ انقلاب جي دؤر جو بنياد
بڻجيو وڃي، پر هڪ هٽيءَ جو ڊهڻ ۽ خاتمو خودبخود
نٿو ٿئي، پر ڪروڙين عوام جي جدوجهد سان ٿئي ٿو
جيڪا هڪ هٽيءَ جي شديد تر ظلم ۽ ستم ۽ استحصال
سببان اڻٽر ٿيو پوي.
هڪ هٽي ۽ سامراج، سرمائيدارانا ڇڪتاڻ کي گهڻو گهٽ
ڪري چند هڪ هٽي ان داتائن جو غلبو وجود ۾ آڻين ٿا.
هي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ان داتا سڄي اقتصادي ۽
سياسي زندگي تي ڇائنجيو وڃن. ان سان گڏ سامراج جي
بدولت سرمائيدار فردن ۽ ملڪن جو وڌندڙ تعداد نڪمو
۽ مفت خور ٿيو پوي، جن جو تعلق پيداواري عمل سان
ڪٽجيو وڃي ۽ هو پيداواري عمل ۾ بنا حصو وٺندي
نفعو، وياج ۽ مسواڙ اڳاڙڻ لڳن ٿا. هنن کي صرف
ايتري محنت ڪرڻي پوي ٿي ته هو پنن ۽ چيڪن تي
صحيحون ڪندا رهن. اهڙي طرح سان سرمائي جي برآمد
سببان سامراجي ملڪ پوري دنيا کان خراج وصول ڪندا
رهن ٿا.
سرمائيداري معيشت جو فوجي رخ
اڪثر سامراجي طاقتون دنيا کي نئين سر ورهائڻ لاءِ
يا حريت پسند عوام کي ڪچلڻ لاءِ زبردست جنگي
تياريون ڪن ٿيون ۽ پنهنجي معيشت کي نج فوجي معيشت
ٺاهيو ڇڏين. جيئن فاشسٽ جرمني يا هاڻوڪي آمريڪا ۾
آهي. سامراجي ملڪن ۾ فوجي معيشت جو مطلب اهو ٿئي
ٿو ته ٽيڪسن جو بار وڌايو وڃي، زندگيءَ جي ٻين
خرچن ۾ واڌارو ٿئي ٿو جنهن سان افراط زر پيدا ٿئي
ٿو. ان جي ڪري غربت ۽ بيروزگاريءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو
۽ عظيم انساني وسيلن ۽ معيشت جي سامان ۾ ڪمي ٿئي
ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن کي خطرناڪ هٿيارن ۾ تبديل ڪري
ڇڏي ٿو، جنهن سان ڪنهن به روحاني يا مادي ضرورت جو
پورائو نٿو ٿي سگهي.
جنگي معيشت، اقتصادي جمود ۽ اڪثر استعمال ۾ ايندڙ
شين جي پيداوار ۾ زبردست ڪمي پيدا ڪري ٿي ۽
ناهموار نشوونما، عدم تناسب ۽ انتشار کي جيڪو
سرمائيداري دور جا اٽوٽ حصو آهن ڪجهه وڌيڪ مٿاهون
ڪيو ڇڏي. ها، هيءُ جنگي صنعتون، هڪ هٽيءَ لاءِ
عظيم نفعي جو سبب ضرور بڻجن ٿيون.
سامراجي ملڪن جي بيٺڪي حڪمت عملي
هڪ هٽيءَ جي مرحلي ۾ قومن تي سرمائيداريءَ جو ڏاڍ
۽ پيڙهه وڌي وڃي ٿو. هڪ هٽي قومي ظلم، ستم ۽ نسلي
امتياز پيدا ڪري ٿي. بيٺڪي استحصال جو هيءُ مطلب
ٿيو ته محڪوم ملڪن جي معيشت جي زندگيءَ جو رت چوسي
ورتو ويو آهي. وڏي قيمتن وارو ڪچو مال، غذا، سستي
محنت ۽ فراهم شده دولت نوآبادڪار، محڪوم ملڪن کان
ڦري ويو آهي. مختلف طريقن سان سامراجي قوتون گهڻو
ڪري زائد قدر، محڪوم ملڪن جي ڪروڙين عوام جي بيگر
مان حاصل ڪن ٿيون. هن زائد قدر جو ٿورڙو حصو مقامي
حڪمرانن طبقي کي بطور رشوت ڏيو ڇڏين ۽ جيڪي نج غير
پيداواري خرچ هوندو آهي جنهن جو بار مقامي عوام کي
برداشت ڪرڻو پوي ٿو. بيٺڪن ۾ سيڙپ جي ذريعي محڪوم
۽ نو آزاد ملڪن جي استحصال سان حاصل ڪيل عظيم
خراج، هڪ هٽين جي ٽجوڙين ۾ اچيو گڏ ٿئي جيڪو هنن
جي سيڙپ جو نفعو ٿئي ٿو. هي سيڙپ آمدرفت جي ذريعن،
ويمي ۽ مالياتي ڦير گهير جي ذريعي ٿئي ٿي.
سامراج جي منفرد خصوصيت اڻ برابر مٽا سٽا آهي،
هيءُ محڪوم ۽ نو آزاد ملڪن کي مجبور ڪري ٿي ته هو
هڪ هٽيءَ وارن کان سامان وڌيڪ قيمت تي خريد ڪن ۽
انهن کي غذا ۽ ڪچو مال گهٽ قيمت تي وڪڻن. ڦرلٽ جي
انهن طريقن سان هڪ هٽين کي تمام وڏي رقم نفعي ۾
ملي ٿي.
بيٺڪي نظام جا نتيجا
اقتصادي پسماندگي ۽ وحشيانا پرڏيهي استحصال جي
بدولت بيٺڪي عوام لکين، غربت ۽ تباهي ۾ مبتلا ٿي
وڃن ٿا. بيٺڪي ملڪ جي عوام جي سراسري آمدني
سامراجي ملڪن جي ڀيٽ ۾ 10/1 يا 15/1 ٿئي ٿي ۽ ان
جي مقابلي ۾ هنن جي سراسري عمر به گهٽ ٿئي ٿي،
جنهن جو سبب اڻ پوري غذا ۽ سخت محنت آهي- بيٺڪي
ملڪن ۾ مزورن کي اڪثر گهٽ اجرتن (اجوري) تي ڏينهن
۾ 14 کان 16 ڪلاڪن تائين ڪم ڪرڻو پوي ٿو. بيٺڪي
هاري به ڏتڙيل ۽ سڃا ٿيو پون.
سامراجي ۽ محڪوم ملڪن جي نابرابريءَ جو هي حال آهي
جو دنيا جا ترقي پذير ملڪ جيڪي آبادي جي لحاظ کان
دنيا جو 3/21 حصو آهن ۽ عالمي صنعتي پيداوار جو
فقط 10/1 پيدا ڪن ٿا جڏهن ته ترقي يافته ملڪ جيڪي
عالمي آبادي جو فقط 10/1 حصو آهن سي 10/9 صنعتي
سامان پيدا ڪن ٿا. بيٺڪي ملڪن جي هي ٿورڙي صنعتي
پيداوار به ترقي يافته ملڪن جي صنعتن لاءِ ڪچو مال
فراهم ڪري ٿي. جهڙوڪ: تيل، لوهه، معدنيات وغيره ۽
بيٺڪن ۾ هي ڪچي مال جون صنعتون به پرڏيهي هڪ هٽين
جون ملڪيتون ٿين ٿيون. اهڙي طرح بيٺڪن جي عوام ۽
سامراج وچ ۾ تضاد اڃا به وڌيڪ اڀريو اچن.
جديد بيٺڪي نظام
ٻي مها ڀاري لڙائي کان پوءِ ڪيترن ئي آفريڪا،
ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي ڪئي ملڪن ۾ بيٺڪون ختم
ٿي چڪيون آهن ۽ نو آزاد ملڪن جو چڱو خاصو تعداد
وجود ۾ آيو آهي.
هنن ملڪن ۾ سامراجي استحصال جو هڪ نئون طريقو
اڀريو آهي، جنهن کي جديد بيٺڪي نظام چون ٿا. هي
طريقو ان لاءِ ايجاد ٿيو آهي ته سامراج دشمن
تحريڪن کي دوکو ڏنو وڃي. جديد بيٺڪي نظام تحت
سامراجي ملڪ فريب ذريعي، نو آزاد ملڪن سان بنا
لالچ امداد جا وڏا وڏا وعدا ڪن ٿا، پر هن امداد جي
پردي ۾ سامراجي ملڪ سازشن، بي جا مداخلت ۽ ڪڏهن
ڪڏهن هٿيار بند الٽ پلٽ
(Subversion)
جو تاڃو پيٽو اُڻين ٿا. مقامي طور تي سامراج جو
سياسي بنياد، پس مانده ملڪن ۾ انتهائي رجعت پسند ۽
قوميت دشمن قوتن تي ٿئي ٿو. هي رجعت پسند ۽ غدار
عنصر پنهنجي عوام خلاف سامراجي طاقتن سان ڳٺ جوڙ
ڪيو وٺن. جديد بيٺڪي نظام جو اقتصادي بنياد
اقتصادي ۽ فني پس ماندگي ۽ پرڏيهي سرمائي ڪاري تي
آهي.
سامراجي طاقتون پوئتي پيل ملڪن کي منافقي سان
امداد ڏين ٿيون. هن ”امداد“ جي ذريعي، هو وٺن گهڻو
ٿيون ۽ ڏين گهٽ ٿيون. اڪثر هي امدادون غير مساوي
تجارت ۽ مٽاسٽا تي مشروط ٿين ٿيون، جن جي ذريعي هڪ
هٽين ۽ مقامي گماشتا سرمائيدارن لاءِ فائدو
پهچائيندڙ شرط حاصل ڪيا وڃن ٿا. ان استحصال جو
واحد علاج هي آهي ته پوئتي پيل ملڪ اقتصادي
خودمختياري حاصل ڪن ۽ پنهنجي فني پس ماندگي دور
ڪن.
جديد بيٺڪي استحصال جا طريقا
مٿي نئين بيٺڪيت جي استحصال مان حاصل ٿيندڙ خراج ۽
عظيم نفعي
(Supper Proffit)
جو ذڪر اچي چڪو آهي. هاڻ اسان ڏسنداسون ته ٺوس ۽
خاص طور تي سامراجي ملڪ؛ پس مانده ۽ نو آزاد ملڪن
جو استحصال ڪهڙي نموني ڪن ٿا. اُهي طريقا هي آهن:
(1) سرمائي جي برآمد: سرمائي جي برآمد جو مطلب
انهن ملڪن ۾ پرڏيهي ملڪن جي سامراجي ڪاري (سيڙپ)
آهي. دنيا جا سڀ ترقي يافته سامراجي ملڪ ايشيا،
آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ سرمايو لڳايو هتان وڏو
نفعو ڪمائين ٿا. هن وڏي نفعي جو سبب هي هوندو آهي
ته انهن پوئتي پيل ملڪن ۾ هنن کي نهايت سستي محنت
۽ سستو ڪچو مال ملي ٿو ۽ هنن لاءِ هڪ تيار مقامي
بازار به ملي ٿي. ان جو نتيجو هي ٿئي ٿو ته هو
ٿورن ئي سالن ۾ ئي پنهنجي سرمايي جيترو نفعو ڪمايو
وٺن ۽ ان کان پوءِ نفعو ئي نفعو انهن ملڪن مان
ڇڪجيو وڏين هڪ هٽين جي ٽجوڙين ۾ پهچندو رهي ٿو. ان
سرمائي ڪاري ۾، انهن سان گڏ ملڪ جو گماشتو
سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقو پڻ شامل هوندو آهي. ملڪ
جي محنت ڪارن کان جيڪو عظيم زائد قدر هي هڪ هٽيون
حاصل ڪن ٿيون، ان جو هڪ تمام ٿورڙو حصو هو انهن
گماشتن ۽ جاگيردارن کي به بخشش ۾ ڏين ٿيون. جنهن
ڪري هي طبقا هنن جا وڏا همدرد ۽ ٻانهن ٻيلي بڻجيو
وڃن.
(2) نابرابري وارو واپار: استحصال جو ٻيو طريقو
نابرابري وارو واپار آهي. سامراجي ملڪ ترقي پذير
ملڪن مان زرعي ۽ معدني ڪچو مال سستي اگهه سان
خريدين ٿا ۽ پنهنجو تيار ٿيل سامان نهايت وڏي نرخ
تي وڪڻن ٿا. اهڙي طرح انهن سان واپار ۾ ترقي پذير
۽ پوئتي پيل ملڪ کوٽ ۽ ناموافق توازن- ادائگي جو
شڪار رهن ٿا.
(4) اڻ سڌي سرمائيڪاري: استحصال جو ٽيون طريقو هي
آهي ته سامراجي ملڪ صنعتن جي ذريعي نفعو گهلڻ کان
سواءِ بئنڪاري ۽ مالياتي اُپائن، انشورنس،
ٽرانسپورٽ رسائل جي وسيلن ۽ اهڙن ئي ٻين طريقن سان
پس مانده ملڪن مان وڌيڪ نفعو کڻن ٿا.
(4) دفاعي خرچ: استحصال جي هن طريقي سان سامراجي
ملڪ سياسي تضادن کي اُڀاري ۽ باهمي ٽڪراءُ ۽
ڪشيدگي پيدا ڪري ترقي پذير ۽ نوآزاد ملڪن کي ان
ڳالهه تي مجبور ڪن ٿا ته هو پنهنجي فوجي ۽ دفاعي
خرچ ۾ اضافو ڪندا رهن. ايتري قدر جو اهي هنن جي
بجيٽ جو وڏو حصو هڙپ ڪري وڃن. ظاهر آهي ته دفاعي ۽
فوجي خرچ يڪسر غير پيداواري ٿين ٿا. ان لاءِ هنن
ملڪن ۾ ترقيءَ جي رفتار ٺپ ٿيو وڃي ۽ عوام سڃائي ۽
مفلسيءَ ۾ مبتلا رهن ٿا. انهن سمورن خرچن جو نفعو،
انهن هٿيار پيدا ڪندڙ سامراجي ملڪن کي پهچي ٿو
جيڪو گهڻو تعداد ۾ نهايت مهانگن اگهن تي هٿيار ۽
جنگ جو سامان فراهم ڪن ٿا.
(5) سرمائي جي منتقلي: گهڻن نوآزاد ۽ پس مانده
ملڪن جا جاگيردار، گماشتا سرمائيدار ايتري قدر جو
قومي سرمائيدار به زبردست رقمون سامراجي ۽ ترقي
يافته ملڪن ۾ منتقل ڪيو ڇڏين جيڪي انهن ئي جي
بئنڪن ۾ جمع رهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي بئنڪون
پوري رقم ئي هڙپ ڪيو وڃن. مثلاً جڏهن عراق ۾
بادشاهت ختم ٿي ته سئٽزرلينڊ جون بئنڪون عراق جي
شاهه جي جمع ڪيل هڪ وڏي رقم هضم ڪري ويون. ڇاڪاڻ
ته شاهه کان سواءِ ڪنهن کي هن جو اڪائونٽ نمبر
معلوم نه هو. اڄ ڪلهه به وچ اوڀر جي تيل جي قيمت
جون سموريون رقمون آمريڪي ۽ ٻين پرڏيهي بئنڪن ۾
جمع ٿين ٿيون، جن مان هيءُ بئنڪون زبردست نفعو
ڪمائين ٿيون.
(6) عياشيءَ جو سامان: پٺتي پيل ۽ نو آزاد ملڪن جا
جاگيردار، گماشتا سرمائيدار ۽ عيش پسند حڪمران
ڪروڙين رپين جو عياشيءَ جو سامان ترقي يافته ملڪن
مان خريدين ٿا. جنهنڪري هو هڪ طرف ملڪ جو قيمتي
پرڏيهي ناڻو وڃائين ٿا ۽ ٻئي پاسي ان ڪري ترقي
يافته سامراجي ملڪن کي اضافي نفعو ملي ٿو.
موجوده دؤر
موجوده دؤر سرمائيداري جي عام بحران ۽
سرمائيداريءَ جو سوشلزم ۾ تبديل ٿيڻ جو دؤر آهي.
هن ۾ ٻه مخالف قوتون يعني سامراج ۽ عوام وچ ۾ جمله
تضاد شديد طور تي اڀري آيا آهن. موجوده دؤر جون
خاصيتون هيٺيون آهن.
(1) اسان هڪ نئين دنيا ۾ آهيون جنهن جي هڪ حصي ۾
عالمي انقلاب ڪامياب ٿي ويو آهي يعني سوشلسٽ ملڪ
وجود ۾ اچي چڪا آهن.
(2) سامراجي نظام، قومي آزادي جي تحريڪ جي حملن
سان ڀڄي رهيو آهي.
(3) انهن ملڪن ۾ جتي سرمائيداري نظام موجود آهي،
جمله تضاد شديد طور تي اڀري آيا آهن جنهن سان
سماجي تبديلي يقيني بڻجي رهي آهي.
انهن ٽن خصوصيتن مان پهرين خصوصيت سڀني کان وڌيڪ
اهم قوت آهي، جيڪا ٻين ٻن خصوصيتن تي اثرانداز ٿئي
پئي.
(5)
سوشلسٽ فلسفو
جدلياتي ماديت
ماديت ۽ عينيت: ڪائنات ۾ ٻن قسمن جون شيون مظهر
آهن. هڪ اُهي جيڪي اسان جي شعور جي ٻاهران پنهنجو
وجود رکن ٿا. اهڙين شين ۽ مظهرن کي مادي شيون يا
مظهر چيو وڃي ٿو ۽ ان لاءِ مادي يا فطرت جو
اصطلاحي نالو استعمال ٿئي ٿو. ان جي ابتڙ: خيال،
جذبا، مشاهدا، تصور ٻين لفظن ۾ نفسياتي ۽ ذهني
مظهرن کي شعور چون ٿا. اهڙي طرح مادو ۽ شعور ٻه
مختلف قسم جون موجودات ٿيون- ڪجهه فلاسافر هي
سمجهن ٿا ته مادو، شعور ۽ ذهن کي وجود ۾ آڻي ٿو،
اهي فلاسافر ماديت پسند سڏجن ٿا. ان جي برخلاف
ڪجهه فلسفين جو هي خيال آهي ته شعور يا ادراڪ،
فطرت ۽ مادي کي وجود ۾ آڻي ٿو؛ اهي فلسفي عينيت
پسند
(Idealist)
سڏجن ٿا.
مطالعي جا ٻه طريقا: جهڙي طرح پنهنجي طريقي جي
لحاظ کان فلاسافرن جا ٻه ٽولا آهن، ساڳئي نموني
ڪائنات ۽ تاريخ جي مطالعي جا به ٻه ڌار ڌار طريقا
آهن. هڪ طريقو زندگيءَ کي ڄميل (جامد) ۽ اڻ
بدلجندڙ سمجهي ٿو. هن طريقي کي مابعدالطبعياتي
(Metaphysical)
طريقو چون ٿا. ٻئي طريقي مطابق شيون ۽ مظهر ۽
زندگي بدلجندڙ آهي. هن طريقي کي جدلياتي
(Dialctical)
طريقو چون ٿا. جدليات اُها تعليم ۽ نظريو آهي جنهن
موجب ساري فطرت ۽ معاشرو قديمي طور تي بدلجندڙ ۽
ترقي پذير مڃيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سوشلزم، مزدور
طبقي جو فلسفو آهي ۽ مزدور طبقو معاشري ۽ ڪائنات
جي بدلائڻ جي قانونن جو علم حاصل ڪري انهن کي
سمجهڻ ۽ بدلائڻ چاهي ٿو، ان لاءِ مزدور طبقي جو
فلسفو جدلياتي ماديت آهي.
تاريخي ماديت
دنيا جي عالمن ۽ دانشورن ۾ مارڪس ۽ اينگلز اُهي
پهريان مفڪر هئا جن اهو ثابت ڪيو ته بامقصد محنت
يعني مادي شين جي پيداوار، سماج جي اقتصادي ۽ مادي
بنياد آهي، جيڪو سماج جي پوري زندگيءَ جو طريقو
مقرر ڪري ٿو. ان کان سواءِ هنن هي به ثابت ڪيو ته
مادي شين جي پيداوار جي نشوونما سڄي سماجي ارتقا
جو اصل بنياد آهي. اهڙي نموني هي چٽو ٿيو ته
انسانيت جي تاريخ، ان جو اصل بنياد يعني پيداوار
جي ارتقا جي تاريخ آهي. انساني تاريخ ڪنهن انفرادي
شخصيت جي خواهشن، تمنائن ۽ وهمن جي بنياد تي چرپر
۾ نٿي اچي، پر هي محنت ڪارن جي پيداواري سرگرمي
يعني سماجي محنت جو نتيجو آهي – هي اصول تاريخي
ماديت جو اصول آهي. ان نموني سوشلسٽ فلسفو جدلياتي
۽ تاريخي ماديت تي مشتمل آهي.
مارڪسزم
سوشلسٽ فلسفو، زندگيءَ ۾ عملي طرح مداخلت جي تعليم
ڏئي ٿو، يعني ان کي تبديل ڪرڻ جا گُر ٻڌائي ٿو. ان
طرح سوشلسٽ يا مارڪسي فلسفو هڪ ويڙهاڪ انقلابي
نظريو آهي، جيڪو مزور طبقي ۽ تمام محنت ڪشن جي
جدوجهد جو هٿيار ۽ انهن جي عمل لاءِ هڪ رهبر اصول
آهي. هن فلسفي کي اسان عام طور مارڪسزم چئون ٿا.
ليننزم
ليننزم، سوشلزم ۽ پرولتاري انقلابن يعني
سرمائيداري کان سوشلزم ڏانهن اڏام (پرواز) ڪرڻ جي
دؤر جي مارڪسزم آهي. ان طرح مارڪسزم کي ليننزم کان
ڌار نٿو ڪري سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته ان مخصوص دؤر ۾ جنهن
کي اسان پرولتاري انقلابن ۽ سوشلزم جو دؤر چئون
ٿا، لينن مارڪسزم جي سائنسي اصول ۾ تمام قدرائتو
واڌارو ڪيو. لينن کان پوءِ به مارڪسزم جي سائنسي
ارتقا بيهي نه وئي، پر ان کان پوءِ به دنيا جي
ڪميونسٽ پارٽين جا رهنما مارڪسزم کي اڳتي وڌائيندا
رهن ٿا ۽ ان کي پنهنجي وقت جي زندگي ۽ ان جي مسئلن
کي حل ڪرڻ جو هٿيار ۽ ذريعو بنائين ٿا ۽ هو مستقبل
۾ به ائين ڪندا رهندا. اهڙي طرح مارڪسي نظريو هڪ
تخليقي نظريو آهي ڪو جامد ۽ نقل ڪيل نظريو نه آهي.
مادو ۽ شعور
مادو ڇا آهي؟ عام زبان ۾ ائين سمجهو ته اسان جي
چئني پاسي، جو ڪجهه به موجود آهي يعني هي سموري اڻ
کٽ خارجي دنيا، هي سڄي فطرت مادو آهي، ٻين لفظن ۾
اُهي شيون ۽ مظهر جيڪي اسان جي شعور جي ٻاهر ۽ ان
کان الڳ پنهنجي ذات سان موجود آهن، اُهي مادي شيون
سڏرائين ٿيون.
هاڻي شعور کي وٺون. شعور ڇا آهي؟ خيال، جذبا،
تمنائون ۽ احساس وغيره شعور سڏجن ٿا. هي اُهي مظهر
آهن جن جو وجود داخلي ٿئي ٿو يعني انساني ذهن جي
اندر مادي جو وجود ڪنهن ذهن يا دماغ جو محتاج نه
آهي. مثلاً سوچيندڙ کان سواءِ سوچ نٿي ٿي سگهي، پر
مادي شيون پنهنجي وجود لاءِ ڪنهن ڏسندڙ اک يا
سوچيندڙ دماغ جون محتاج نه آهن. مادو، خيال جي
وجود ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ موجود هو ڇاڪاڻ ته خيال ۽
فڪر فطرت جي ارتقا جي خاص ڏاڪي جي هڪ اوچتو ۽
ضروري
(Emergent)
ڪيفيت جي حيثيت سان وجود ۾ آيا. جڏهن انسان وجود ۾
آيو. ته ڇا ان جو مطلب هي آهي ته انسان جي وجود ۾
اچڻ کان اڳ فطرت جو ڪو وجود نه هو؟ سڀ ڄاڻين ٿا
فطرت انسان کان اڳ به موجود هئي. ان طرح اِهو چٽو
ٿيو پوي ته مادي کي شعور تي اوليت حاصل آهي يعني
مادو پهرين ۽ شعور پوءِ- خود شعور انساني جسم ۽
دماغ جي مشڪن جي چرپر تي ٻڌل آهي ٻين لفظن ۾ شعور
۽ فڪر انسان جي جسماني عضون ۽ جوارح جو محتاج آهي.
هاڻي انسان جي موت کي ئي وٺو. ڇا انسان ان لاءِ
مريو وڃي جو ان جي اندران ڪا شيءِ اڏاميو وڃي؟
ائين ناهي پر هو ان لاءِ مري ٿو جو ان جا جسماني ۽
مادي عضوا مثلاً دماغ ۽ دل ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏين.
ان لاءِ جدلياتي ماديت جو هي اصول آهي ته اسان جو
شعور ۽ فڪر، اسان جو مادي ۽ جسماني نظام يعني
انساني دماغ جو نتيجو آهن. ڪڏهن توهان سوچيو آهي
ته جانور، انسان وانگر ڇو نٿا سوچين، جيتوڻيڪ هن
کي دماغ به ٿئي ٿو. ان لاءِ جو انساني فڪر لاءِ
صرف دماغ ئي ڪافي نه آهي، پر دماغ کان سواءِ انسان
کي فڪر ۽ شعور لاءِ هڪ انساني معاشري ۾ رهڻ ضروري
آهي. جيڪڏهن ڪو انساني ٻار اتفاق سان بگهڙن ۾ پلجي
ته هو وڏو ٿي به ته صرف ڳالهائڻ پر سمجهه ۽ ڄاڻ
کان به واجهيل رهندو ۽ انساني سماج ۾ زندهه به رهي
نه سگهندو. ان ڪري شعور هڪ سماجي مظهر آهي.
وجود ۽ شعور
اهڙي نموني هي ڳالهه چٽي ٿيو وڃي ته ماڻهن جي سوچڻ
جو ڍنگ انهن جي رهڻي ڪهڻي جي مطابق ٿئي ٿو. ٻين
لفظن ۾ هنن جو وجود سندن شعور کي مقرر ڪري ٿو.
مثال طور جيڪڏهن سرمائيدارانا معاشري جو مطالعو
ڪريون ته اسان محسوس ڪنداسون ته ان معاشري ۾ ذاتي
فائدو ۽ مادي فائدن جي خواهش هر فرد تي ڇانيل نظر
اچي ٿي. جنهن ڪري ماڻهو زر پرست ٿيو پون ۽ مجرمانه
ذهنيت اختيار ڪن ٿا، پر سوشلسٽ معاشرو انتهائي بي
نفس ۽ ايثار پسند قدرن جي تخليق ڪري ٿو. سوشلسٽ
معاشرو جنگ، استحصال، دوکي، ظلم ۽ ذاتي فائدي کي
ختم ڪري ٿو. ”جنگ کي ختم ڪرڻ، قومن ۾ امن ۽ صلح جي
فضا پيدا ڪرڻ، ڦرلٽ ۽ تشدد جو خاتمو ڪرڻ، اِهي
اسان جا مقصد آهن. ڇا هي مقصد اعليٰ ۽ سهڻا نه
آهن؟“ (لينن) |