سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي

 

صفحو: 9

محمد موسيٰ صاحب! فيصلو توهان تي آهي، توهان ئي نياءُ ڪري ٻڌايو ته سنڌي سماجَ ۽ سنڌي نوجوانن اُنهن مان ڪهڙن قدرن کان بغاوت ڪئي آهي؟ توهان هرو ڀرو کڻي پنهنجي اکين تي مذهبي ڪٽرپڻي جي عينڪ چاڙهي آهي ۽ هر ڪنهن ڳالهه کي اُنهيءَ عينڪ جي مدد سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. حالانڪه زندگيءَ ۾ ٻيون به گهڻيون ڪجهه حقيقتون آهن، جن کان مُنهن نٿو مَٽي سگهجي. جيستائين تهذيبي، تمدني ۽ سماجي سرگرمين ۽ قدرن جو تعلق آهي، سي ڪنهن به مخصوص مذهب جا محتاج هرگز نه هوندا آهن، بلڪه اُهي پنهنجي مخصوص ماحول ۾ ڏاڪي به ڏاڪي ارتقائي مرحلا ۽ منزلون طئي ڪندا، جُڙندا ۽ قائم ٿيندا رهندا آهن. اها جوڙ ۽ اُپڄ انسان جي حس ۽ شعور سان لاڳاپيل ۽ اُن جي ماتحت هوندي آهي. جيئن ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ خوب چيو آهي ته، ”ثقافت دراصل انسان جي تحت الشعور ۾ ماٺ ميٺ ۾ ڪم ڪندي ويندي آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ساهه کڻڻ، هَلڻ ڦِرڻ، ۽ جسم جي ٻي چُرپُر حِس انساني ۽ شعور انسانيءَ جي تحت چُپ چاپ ٿيندي رهندي آهي، گويا، ثقافتي شعوري اوسر هڪ جِبلي حقيقت آهي، جڏهن ته مذهب هڪ نفاذي ۽ حُڪمي: جيئن مُلا حضرات چوندا آهن ته اسلامي قانون، مثلاً: خاص طرح پنج ارڪان نافذ ڪريو، يا ٻين مذهبن ۾ اهڙا ڪي ڪريا ڪرم يا رسمون (Rituals) ادا ڪريو. مذهبي عقيدي، ارڪانن ۽ ڪِريا ڪَرمن ۾ ڪا ردوبدل ۽ تبديليءَ جي اجازت نه هوندي آهي. جڏهن ته ثقافتي قدر وقت، حالتن ۽ انساني طبع جي ڦير گهير جي نتيجي ۾ بدلجي به سگهن ٿا ته منسوخ به ٿي سگهن ٿا، ڪي نوان بهتر کان بهتر پيداٿي سگهن ٿا. مطلب ته مذهب انسان لاءِ هڪ طرح جبري صورت وٺي بيهي ٿو، ۽ ثقافت اختياري. انسان مذهب جي پاروٿن، وقت کاڌل ۽ ڪم کان ويل ڳالهين کان باغي ۽ مُنڪر نٿو ٿي سگهي پر ثقافتي قدرن کان ڪن لاٽار به ڪري سگهي ٿو ته اُنهن ۾ نواڻ به آڻي سگهي ٿو. ٻئي طرف ائين به آهي ته هو ڪنهن مذهب يا اُن جي ڪنهن فرقي کي قبولڻ يا نه قبولڻ ۾ آزاد آهي، پر ثقافتي قدرن ۽ ضابطن سان کيس وري به في زمانه جُڙجي رهڻو پوي ٿو. انساني قومي معاشري جي هڪ فرد جي حيثيت سان هُن جي سڃاڻپ سندس ثقافت جي حوالي سان آهي ۽ ان حيثيت سان اها سڃاڻپ قوم ۾ فساد يا انتشار جو سبب نٿي بڻجي، موسيٰ ڀٽو صاحب به سنڌ ۾ سڀني سنڌين جي نظر ۾ هڪ جهڙو سنڌي آهي نه ڪي عربستان جو ڪو عرب سڳورو يا ٻئي ڪنهن وطن يا قوم جو ٻيو ڪو ماڻهو.

محترم موسيٰ ڀُٽي صاحب کي معلوم هجڻ گهرجي ته ثقافتي قدر ڪنهن وحي، الهام ۽ آسماني احڪامن جي نتيجي ۾ قائم نه ٿيندا آهن، بلڪه اُنهن جو پنهنجو مقامي طور تي ارتقائي عمل جاري هوندو آهي. ”هو جمالو“ ڳائڻ لاءِ سنڌين تي ڪڏهن به ڪو وحي يا الهام نازل نه ٿيو هو ۽ نه ئي ڪنهن سنڌيءَ کي ڪو الهام ٿيو هو ته سنڌي ماڻهو ”هو جمالو“ ڳائين، ياوري اهو ته پنجابي ماڻهو ”ماهيا“ ڳائين. هرگز نه! دراصل قومي تهذيب ۽ ثقافت جو وجود وطن جي وجود  ۽ حقيقت سان لاڳاپيل هوندو آهي، جڏهن ته مذهب جو وجود ڪنهن به جاگرافيائي حدن سان مشروط نه هوندو آهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوءِ جيڪر دين اسلام عرب جي سرحدکان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪري سگهي ها! مذهب جو بنياد الاهيات تي رکيل آهي ۽ ثقافتي  ۽ تهذيبي قدرن جو عقليات يا معقولات تي.

محترم محمد موسيٰ صاحب! توهان کي مذهبي احڪامن ۽ اُنهن جي زير اثر ڪِريا ڪَرمن ۽ قومي تهذيبي، ثقافتي ۽ تمدني سرگرمين ۾ ڪوبه فرق نظر نٿو اچي! ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو وڏو الميو توهان لاءِ ٿي سگهي ٿو!! توهان جي ڄاڻ ۾ اضافي لاءِ عرض آهي ته دنيا ۾ پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ مذهب کي ڪنهن نه ڪنهن قوم جي ضرورت  اوَس پوندي آهي، جڏهن ته ڪنهن قوم لاءِ ڪو مخصوص مذهب هجڻ ضروري ناهي هوندو. چيني قوم وٽ پنهنجي قديم تهذيب ۽ ثقافتي ورثو محفوظ آهي، پر هنن وٽ ڪو مذهب مخصوص ناهي. اهڙيءَ طرح دنيا جي سڀني قومن وٽ قومي ۽ مذهبي صورتحال اها ئي ساڳي آهي. تهذيبي ۽ تمدني قدر الڳ شيءِ آهن ۽ مذهبي عقيدا ۽ رسمي ڪم ڪار هڪ الڳ شيءِ. هاڻي اچو ته توهان کي هڪ سادو مثال سمجهايون.

هڪ مومن مسلمان لاءِ قرآن پاڪ هڪ مُقدس ڪتاب آهي ۽ هُو اُن تي ايمان رکي ٿو، پر اسين سنڌي قوم وارا ماڻهو، مسلمان به آهيون ته هندو، عيسائي، پارسي، ٻُڌ ۽ قادياني وغيره به. سنڌي قوم، يا ان طرح پاڪستاني قوم جي هر فرد لاءِ قرآن شريف تي يا گيتا ڀلاريءَ يا بائبل سڳوري تي ايمان آڻڻ لازمي ناهي.

هاڻي اسين هڪ ٻيو مثال کڻون ٿا. اسين سنڌي ماڻهو چوندا آهيون ته، ”نياڻي سَتَ قرآن آهي.“ اسان جي سنڌي سماج ۾ ان جو مطلب هڪ نياڻيءَ جو قدر ۽ اهميت ۽ عزت افزائي ڪرڻ آهي. اهو اسان جو هڪ سماجي قدر آهي. نياڻي اڱڻ تي هلي اچي ته اسين ماڻهو سَتَ پيڙهين کان هلندڙ خوني تڪرار، دشمنيون وغيره ختم ڪري ڇڏيندا آهيون. نياڻيءَ جي صدقي اسين سنڌي ماڻهو خون به بخش ڪري ڇڏيندا آهيون. اسين سنڌي ماڻهو نياڻيءَ کي بي مانو ڪڏهن به نه ڪندا آهيون. زهر جو ڍُڪ ته پي وينداسين پر نياڻيءَ جي مُنهن ۾ گهُنج پوڻ نه ڏينداسين. اوڙي پاڙي واري جي نياڻيءَ جي عزت پڻ پنهنجي نياڻيءَ جيئن ڪندا آهيون. پاڙي جي نياڻيءَ، راڄ جي نياڻيءَ جو احترام ۽ عزت ڪندا آهيون. گس پنڌُ تي ڪٿي ڪنهن دشمن جي عورت يا نياڻي ايندڙ يا ويندڙ هجي، اسين سنڌي ماڻهو اُن جي احترام طور اُهو گسُ، اُها واٽ ئي ڇڏي ڪجهه پرڀرا ٿي هلندا آهيون. محمد موسيٰ صاحب! اسان جا اخلاقي، تهذيبي ۽ تمدني، ۽ پاڪيزه قدر اِهي اٿوَ، توهين الائي ته ڪهڙن قدرن جي پائماليءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون. ڇا، سنڌي سماج انهن مٿي ذڪر ڪيل قدرن تان هٿ کڻي ويو آهي، يا اُنهن کان بغاوت ڪئي اٿس؟ هرگز نه.

رهي ڳالهه سنڌ جي ماضيءَ جي ته مِٺل! سنڌ جي ماضيءَ جو امين موهن جو دڙو آهي، بلڪه سنڌ جو ماضي اُن کان به قديم آهي. سنڌي سماج پنهنجي اُن عظيم ماضيءَ ۽ اُن جي ورثي جو والي ۽ وارث آهي. سنڌي سماج پنهنجي اُن ماضيءَ تان هرگز هٿ نه کنيو آهي. اسين اڄ به موهن جي دڙي ۽ اُن جي ثقافت تي فخر محسوس ڪندا آهيون ۽ پنهنجي ماضيءَ جو ناتو اُن سان جوڙيندا آهيون. اُهي ته توهين تنگ نظر مُلا حضرات آهيو، جيڪي محمد بن قسم پاران سنڌ تي ڪاهه واري وقت کان اڳ واريءَ سنڌ جي ماضيءَ تان هٿ کنيو ويٺا آهيو. قومي تاريخ جي قديمي دؤر ۽ خاص ڪري موهن جي دڙي جو نالو ٻُڌڻ سان ئي توهان حضراتن جي نازڪ طبيعت تي ناگوار  اثر پون ٿا. جڏهن ته سنڌي سماج پنهنجي سڄيءَ تاريخ جي مالڪيءَ جو داعي آهي. توهان صاحبن جي خدمت ۾ هڪ نماڻي گذارش آهي ته مهرباني ڪري درٻاري ۽ اقتداري داعين جي خيالن ۽  کليل ڪتابن کي هڪ طرف پاسيرو رکي غير جانبدار، عالمي ۽ مُستند تاريخي ڪتاب پڙهي ڏسو ته جيئن توهان صاحبن کي ڪجهه خبر پوي ته سنڌ جو ماضي، اُن جي سڀيتا ۽ اُن جا تهذيبي، تمدني قدر ڪهڙا هئا؟

پر، جيڪڏهن سنڌ جي ماضيءَ ۽ اُن جي تهذيبي ۽ تمدني قدرن مان توهان جي مراد محمد بن قاسم جي سنڌ تي حملي کانپوءِ سنڌ جي ڪن ماڻهن جي قبوليل مذهب ۽ عربن جي، ايرانين جي يا مغلن جي ثقافت آهي ته منهنجا مِٺا، ماڻهن کي اها به خبر آهي ته اِنهن سڳورن ۽ حملي آورن جي تهذيب ۽ ثقافت ڇا هئي، اچو ته مثال طور اُن بابت ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪريون.

ايران جي جڳ مشهور ”شاهنامي“ جو ڙيندڙ فرودسي فرمائي ٿو ته عرب ڳوهه کائيندڙ هئا! ڇا، اهو درست ناهي؟ هڪ ٻيو مثال ٿا کڻون، اٺين ڪلاس جي انگريزيءَ جي ڪتاب ۾ ”عقلمند شيخ“ (The Wise Shaikh) جي عنوان سان هڪ سبق آهي، اُن ۾ لکيل آهي ته اُن شيخ صاحب کي پنهنجي گڏهه سان ايترو ته پيار هو، جو هُو پنهنجي تنبوءَ ۾ اُن گڏهه سان گڏ سمهندو هو، جڏهن ته سندس غلام تنبوءَ ٻاهران سُمهندا هئا! هڪ ڀيري ڪنهن سفر دوران سندس هڪ دوست علي به ساڻس گڏ هو، جنهن وٽ 80 سونيون اشرفيون هيون، مسافريءَ جي ٿڪاوٽ سبب هڪ رات ان دوست کي اگهور ننڊ گهيري وئي، ٻئي ڏينهن سجاڳ ٿيڻ تي جان کڻي ڏسي ته سندس اشرفيون غائب هيون!

هڪ وڌيڪ مثال ٿا وٺون:

 اسان کي يارهين ڪلاس جي آسان اردوءَ جي ڪتاب ۾ هڪ عرب بَدُو ۽ ڪُتي جي آکاڻي پڙهائي ويندي هئي، جنهن موجب هڪ لڱا ڪو عرب بدو ڪنهن ڊگهي سفر تي نڪتو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجو وفادار ڪتو به سفر ۾ شامل ڪيائين. سفر دوران واٽ تي جڏهن کيس بُک لڳندي هُئي ته اُهو بدو پاڻ سان گڏ کنيل خوراڪ مان پيٽ ڀري کائيندو هو، پر ڪُتي کي کاڌو ته پري جي ڳالهه پر پنهنجي اوبر به ڪين ڏيندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن اُهو ڪُتو بُک وگهي مري ويو!

پرائمري ٽئين ڪلاس جي سنڌي نصاب ۾ هڪ آکاڻيءَ ۾ لکيل آهي ته ڪي ٻه عرب ڪنهن سفر تي نڪتا. منجهائن هڪ وٽ ٽي مانيون ته ٻئي ڄڻي وٽ پنج مانيون گڏ هيون. واٽ تي هڪ ٻيو مسافر به سفر ۾ ساڻن گڏ ٿيو، پر اُن وٽ ماني وغيره نه هئي. سفر دوران بُک لڳڻ تي جڏهن همراهه ماني کائڻ ويٺا، تڏهن اُن ٽئين مسافر چيو ته ٻيلي مون کي به ماني کارايو. آئون اوهان کي اُن جي عيوض پئسا ڏيندس. تڏهن کيس به گڏ وهاريائون. ماني کائڻ کانپوءِ اُن اجنبيءَ جڏهن پئسا ڏنا ته اڳ وارا ٻئي همراهه پئسن جي ورڇ تان پاڻ ۾ وڙهي پيا. اوچتو حضرت علي ڪرم الله وجهه اُتان لانگهائو ٿيو، تنهن فيصلو ڪري منجهائن هرهڪ کي سندس حصي ۾ آيل رقم ورهائي ڏني. اها آهي عربن جي بي مثال مهمان نوازي!

اِهي ته چند عام رواجي مثال آهن رڳو عرب سڳورن جا. سنڌ تي ٻين حملي آورن، ايرانين، مغلن، انگريزن يا ٻين اهڙن جي سماجي، ثقافتي قدرن بابت اسين گهڻو ڊيگهه ۾ وڃڻ نٿا چاهيون. ميان موسيٰ صاحب! توهان جيڪڏهن انهن حقيقتن کان انڪار ڪرڻ چاهيو تڏهن به نٿا ڪري سگهو. ڇاڪاڻ ته اِهي ڳالهيون تحقيق ۽ تصديق کانپوءِ ئي نصابي ڪتاب ۾ شامل ڪيون ويون آهن ۽ اسان وٽ اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهايون وڃن ٿيون. نصابي ڪتابن جي جائزي واري قومي ڪميٽيءَ پڻ انهن جي منظوري ڏني آهي. هاڻي جيڪڏهن توهان چئو ٿا ته سنڌي نوجوانن مٿي ذڪر ڪيل ”بي مثال تهذيبي ۽ تمدني قدرن“ کي قبولڻ کان بغاوت ڪئي آهي ته پوءِ برابر، توهين ان ڳالهه ۾ حق بجانب آهيو. سنڌي نوجوان توهان صاحبن جا ڏوهي، ”مجرم“ آهن، ڇاڪاڻ ته اُهي نه ته ڳوهه کائي سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪنهن دوست سان ويساهه گهاتي ۽ نه ئي ڪنهن مهمان کان کيس ماني کارائڻ عيوض پئسا وٺن ٿا. اسان جو سنڌي ماڻهو ته پکي پکڻ، جيت جڻئي کي به نيم سان داڻو پاڻي، چوڳو ۽ کاڌو خوراڪ ڏئي ٿو. سندس در تي ڪوبه ساهوارو، پَسُو، پکي پکڻ، جيت جَنتُو بُک وگهي نه مرندو آهي. اسان پنهنجين اهڙين عادتن سبب گهڻو ڪجهه لوڙيو به آهي، پر پوءِ به پنهنجي عادت کان مجبور آهيون، ڇا ڪيون؟

محمد موسيٰ صاحب! شايد توهان انهيءَ حقيقت کان اڻواقف آهيو ته ڪنهن سماج ۾ ڪنهن ڌارئين مذهب جي نفاذ کان پوءِ به اُن سماج ۾ اڪثر ثقافتي ريتون رسمون، سنؤڻ، ساٺ ۽ رواج اُن نئين مذهب جي حڪمن جي برخلاف به موجود ۽ قائم رهندا آهن. جيئن اسان وٽ ميلا ملاکڙا، راڳ رنگ، موسيقي، پينگهه ۾ لُڏڻ، سنگ تراشي، مزارن ۽ مقبرن تي حاضريون، نذر نياز، ڪُشتي راند، گهوڙن جون شرطون ۽ ٻيون انيڪ ثقافتي ۽ سماجي سرگرميون جيڪي اسان جي قديم ثقافتي قدرن جو حصو هيون، سي اسلام نافذ ٿيڻ کانپوءِ به اڄ تائين جيئن جو تيئن موجود ۽ مروج آهن. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اسلام کي قبول ڪئي به درجن کن صدين کان ڪجهه مٿي عرصو گذري چڪو آهي ۽ ان دوران توهان پارن عالم دين حضرتن هر دؤر ۾ انهن ريتن رسمن ۽ قدرن خلاف ڪُفر جون فتوائون جاري ڪيون بلڪه گهڻو ڪجهه ڪيو ويو. اورنگزيب ته ماڳهين ليڪا لتاڙي ويو هو، اڄ اوهين به اُهائي سُنت ادا ڪريو پيا، پر پوءِ به اهي ريتون رسمون اڄ به سنڌ ۾، سڄي سنڌي سماج ۾ رائج آهن ۽ وڏي قومي اُتساهه سان ادا ڪيون وڃن ٿيون. اُنهن کي تياڳيو نه ويو آهي. سنڌي سماج، سنڌي نوجوانن ڪنهن به صورت ۾ اُنهن قدرن ۽ سرگرمين کان بغاوت هرگز نه ڪئي آهي.

رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته موهن جي دڙي جون سنڌي عورتون تنهن زماني ۾ به هار سينگار ڪرڻ کان اڻ واقف نه هيون. اُهي سون، چاندي ۽ عاج جا زيور پائينديون هيون. (توهان کي اعتبار نه اچي ته توهان اڄ به اهڙا زيور موهن جي دڙي واري عجائب گهر ۾ ڏسي سگهو ٿا)، عورتون هٿن کي ميندي لائينديون هيون، ميڪ اپ ڪنديون هيون، سونهن سينگار ڪنديون هيون، رگ ويد ۾ چٽيءَ طرح لکيل آهي ته اُن دؤر جون ناريون وارن ۾ گُل سجائينديون هيون، تيل ڦُليل ڪنديون هيون، چوٽيون ٺاهينديون هيون، علحده علحده نمونن سان وارن جي ٺاهه ٺُوهه ڪنديون هيون (اُنهن نمونن ۽ اُنهن جي نالن جو ذڪر پڻ تفصيل سان ڪيل آهي.) سينڌ ۾ سندُور ڀرينديون هيون، عورتون زريءَ ڀريل ڪپڙا پائينديون هيون، ريشمي ڪپڙا پائڻ جو رواج عام جام هو، ”زالون اهو هار سينگار ۽ چڱو چوکو ڪپڙو ان لاءِ استعمال ڪنديون هيون ته جيئن پنهنجن مُڙسن کي وڌيڪ سهڻيون لڳن.

ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ”قديم سنڌ“ نالي ڪتاب ۾ لکي ٿو: ”رگ ويد واري زماني جي سڀيتا، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي سا سنڌو ماٿر جي سڀيتا آهي ۽ اُها اڄ به ساڳي آهي. ڪن غير اهم ۽ جُزوي ڳالهين کان سواءِ ريتون رسمون به ساڳيون ته کائڻ پيئڻ، چوڙڻ ماڻڻ جا نمونا به ساڳيا آهن.“

هاڻي سنڌي ماڻهو پاڻ ان ڳالهه جو فيصلو ڪن ته سندن سماج جي اُٿڻي ويهڻيءَ، نيت ريت ۽ تهذيبي تمدني قدرن کان بغاوت ڪنهن ڪئي آهي ۽ اُنهن خلاف ماڻهن کي بغاوت تي ڪير ٿو اُڀاري؟ اسلامي قانون جيئن اُهو ايران ۾ آندو ويو هو، يا افغانستان ۾ طالبان نافذ ڪيو آهي ۽ جيئن اسان جا ڪي محترم عالم دين حضرات اُن جي تشريح ڪن ٿا، تنهن پٽاندر هڪ عورت کي فقط سُرخي (Lip-stick) لڳائڻ جي جُرم ۾ 71 ڪوڙن جي سزا تجويز ڪيل آهي! ٻيا هار سينگار ۽ وارن جي ٺاهه ٺوهه ته پري جي ڳالهه آهي!!

پر وري به اياز چواڻي ”ٻه ڪُميون سنڌوءَ جي ڌارا کي ڇا روڪي سگهنديون!“ جيتوڻيڪ اُنهن پنهنجي، پر ۾ پُورا ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا آهن ته مٿي ذڪر ڪيل سندن سوچ پٽاندر ”ڪافرانه“ ۽ غير شرعي رسمون ختم ڪرايون وڃن ۽ اُنهن جي جاءِ تي خالص ۽ نبار اسلامي رسمون نافذ ڪيون وڃن. اسين پنهنجي دعويٰ جي حق ۾ روز مرهه جي سماجي زندگيءَ مان ان قسم جا کوڙ سارا مثال دليل طور پيش ڪري سگهون ٿا. مثال طور ڪجهه عرصو اڳ ”جاڳو“ اخبار ۾ اها خبر ڇپي هئي ته موري شهر ويجهو هڪ ڳوٺ سنيهڙا ۾ صوفي فقير خدا بخش کٽيءَ جي درگاهه تي ڪُجهه صوفي فقير صوفياڻو راڳ ڪري رهيا هئا ته مُلن جي هڪ جماعت جا ڪجهه مُلا، مولوي ابراهيم سومري جي اڳواڻيءَ ۾ بندوقون کڻي آيا ۽ کين راڳ بند ڪرائڻ لاءِ چيائون پر راڳ بند نه ڪرڻ تي هُنن صوفي فقيرن مٿان بندوق جا فائر ڪيا (وڌيڪ مثال ڄاڻڻ لاءِ روزانه ”جاڳو“ ۾ 97-9-25 تي ڇپيل محترم رسول بخش پليجي صاحب جو مضون ”تنگ نظري، تعصب ۽ انصاف دوستي“ پڙهو)

Text Box: 62

دراصل مُلا حضرات چاهين ٿا ته ماڻهو راڳ رنگ، ساز سرود بدران فقط قواليون ائين، مولود پڙهن، دهل دمامن ۽ شرناين بدران پِٽڪو ۽ ماتم ڪن. ميلن ملاکڙن بدران عرب ثقافت واري رسم يعني اُٺن ۽ گهوڙن پٺيان معصوم ٻارڙن کي ٻَڌي گهلڻ واري رسم اختيار ڪن ۽ حرم سرائن ۾ مختلف رنگ ۽ نسلن جي بيمار عورتن جا ڌڻ پالين. پر ڇا ڪجي، جو سنڌي ماڻهو ۽ خاص ڪري نوجوان نسل اهڙن ”عالمي تهذيبي ۽ تمدني قدرن“ تي عمل نٿو ڪري، تنهنڪري اُهي محترم موسيٰ صاحب جهڙن عالم دين حضرات جي نظر ۾ ”باغي“ آهن. اسان کي بهرحال، پنهنجي ماضيءَ، ثقافتي، تمدني ۽ آفاقي قدرن تي ناز آهي. موسيٰ ڀُٽي صاحب کي اِها ڳالهه وڻي يا نه وڻي، سندس مرضي.

5- سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي

اسان پنهنجن گذريل مضمونن ۾ محترم موسيٰ ڀُٽي صاحب طرفان مڙهيل تهمتن مان ڪجهه وڌيڪ اهم الزامن جي جوابن ڏيڻ جي هڪ نماڻي ڪوشش ڪئي آهي. هيءُ مضمون اُن سلسلي جي آخري ڪڙي آهي. هن مضمون جي آخر ۾ اسين معزز پڙهندڙن کان اها اُميد رکون ٿا ته اُهي فيصلو ڪن ته سنڌي سماج ۽ سنڌي قوم جو ڏوهي ڪير آهي. محترم پڙهندڙن کي اسان جي نماڻي گذارش آهي ته اُهي سُچيتائيءَ سان، پنهنجي پوري دل جي خلوص سان، الزام مڙهيندڙ ۽ الزامن جي زَدِ ۾ ايندڙ شخصيتن جي سنڌ ۽ سنڌيت دوستيءَ جي حوالي سان ادا ڪيل ڪردار جي ڇنڊ ڇاڻ ڪن ۽ فيصلو ڪن ته سنڌ لاءِ هاڃيڪار ڪير آهي؟

هن مضمون ۾ اسين محترم موسيٰ ڀُٽي صاحب پاران لڳايل ڪجهه تهمتن ۽ فتوائن جي جائزي وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين. مثال موسيٰ ڀٽو صاحب فرمائي ٿو:

”سنڌ ۾ ماده پرستيءَ جي جنهن فڪر جو ٻج (ابراهيم جويي) 60-50 سالن کان وٺي پوکيو آهي ۽ اُن جي آبياري ڪئي آهي، اُن جي نتيجي ۾ سنڌي س ماج کي ڇا مليو؟..... سڀني قدرن کان بغاوت ۽ سماج ۾ مسلسل انتشار،  ڦيٽاڙو،، جذبات جو مظاهرو، مارا ماريءَ جي فضا، سُڪون ۽ اطمينان جو خاتمو“ وغيره وغيره.

الزامن جي انهيءَ فهرست کي اسان اڳئين مضمون ۾ ٻن حصن ۾ ورهايو هئوسين، هڪ حصي جو جواب ”تهذيبي، تمدني قدرَ ۽ مذهب“ نالي عنوان واري مضمون ۾ ڏنو هئوسين. ٻئي حصي يعني سماج ۾ انتشار، ڦيٽاڙي، مارا ماريءَ جي فضا وغيره  جو جواب هن مضمون ۾ ڏيڻ جي هڪ عاجزاڻي ڪوشش ڪنداسون. هاڻي اچو ته مٿي ذڪر ڪيل الزامن جو جائزو وٺون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: