سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي

 

صفحو: 11

”تاريخ جي ڌارا کي ڪو به اڃا تائين روڪي نه سگهيو آهي، اهو وهڪرو هڪ گونجندڙ گرجندڙ سمنڊ وانگر ڪيئي پهاڙ پاڙ کان پٽي ڦِٽي ڪندوآهي. زندانن جون سيخون انسانن کي ته روڪي سگهنديون آهن، پر تاريخ کي ڪابه رُڪاوٽ، ڪابه بندش، ڪوبه تشدد روڪي نه سگهيو آهي. تاريخ کي هڪ پڪو وهي کاتو آهي ۽ اُها هر غدار کان گڏيل وياج سان قرض چُڪائي وٺندي آهي ۽ هر محب وطن کي مُدي خارج مُور به موٽائي ڏيندي آهي. تاريخ وٽ دير آهي، انڌير نه آهي، ۽ اُن جي ديڳ جڏهن به تپندي آهي، تڏهن هر حرامخور جي هڏي هڏي رَجهي ويندي آهي. تاريخ هر دؤر  جا ڪيئي مقدس لاش مقبرن مان ٻاهر ڪڍي اُڇلائي ڇڏيا آهن ۽ اُنهن جي هڏاوَن پڃرن کي چؤڪ چؤڪ تي لٽڪندو ڏٺو ويو آهي. (اياز)

جناب موسيٰ ڀُٽي صاحب هڪ الزام هيءُ به لڳايو آهي ته مون سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ سن 1964ع ۾ ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ”مشرقي شاعريءَ جا فني لاڙا“ نمبر ڇپرايو هو. محترم موسيٰ ڀٽو صاحب پنهنجي الزام ۾ لکي ٿو ته، ”مهراڻ جو مشرقي شاعري نمبر ڇا هو، اسلام جي صاف ۽ شفاف تعليمات ۽ پيغام کي ميسارڻ جي ناڪام ڪوشش هئي.... انهيءَ نمبر ۾ مشرقي شاعريءَ جو تفصيلي جائزو وٺي، باڪمال صوفي شاعرن جي ڪلام کي سياق ۽ سباق کان ڌار ڪري، صوفي شاعرن جو اُهو ڪلام هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي....“

جناب محمد موسيٰ صاحب! اسان ته برابر وڏو گناهه جو ڪم ڪيو هو. توهين هيئن ڪريو ته هڪ شرعي عدالت ويهاري اُنهن صوفي شاعرن کي، جن بقول توهان جي توحيد، شريعت، اسلامي احڪامن ۽ تعليمات وغيره سڀني کي غير اهم قرار ڏنو آهي، تن کي اسلام  جي دائري مان خارج ڪرائي ڇڏيو. اهو ڪم توهان پارن ماڻهن لاءِ ته ڏائي هٿ جو کيل آهي. اسلام جا اصل مُجرم ته اُهي آهن جن اهڙي تعليمات جو پرچار پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو.

شاهه عبداللطيف ڀٽئي الائي ته ڪهڙي خيال کان هيءُ بيت چيو هو:

مُلان مُلان نه چئو، اهي آهيڙي آهين،
مرونءَ سندي ماس تي، ٿا ماڻڪ مٽائين،
کنيون قرآن ڪڇ ۾، ٿا رُليا رُلائين،
صحيح ورق وصال جو، پِٽيا نه پارين،
پوءِ اهڙن تي آهين، لعنتون لطيف چوي.
 

مولانا صاحب! لطيف کي دين جي دائري مان خارج ڪريو. سچل کي غلط ۽ ڪوڙو قرار ڏئي اسلام مان خارج ڪريو، جيڪڏهن اوهان ۾ جُرئت آهي ته سڀني صوفي شاعرن کي غلط، ڪوڙا ۽ ڪُفر جا پوئلڳ ثابت ڪريو، اُنهن صوفين تان هٿ کڻو، کين دين جي دائري کان خارج ڪريو. ڀلا، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سندن مذمت ته ڪريو. توهين شاهه لطيف، سچل، بلهي شاهه، فريد ۽ باهُو مطلب ته سڀني صوفين جي مذمت ڪريو، توهين ائين ڪري ڏسو، ڊڄو ڇو ٿا؟ آخر اُها ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا اوهان کي ايئن ڪرڻ کان جهلي ٿي!!!

فتوا  نمبر 1:

فتويٰ نمبر هڪ جي جواب ۾ اسين جڳ مشهور فيلسوف رُوسو جو هڪ قول نقل ڪنداسون. هُو چوي ٿو: ”آزاديءَ تان هٿ کڻڻ، انسانيت تان هٿ کڻڻ/ دست بردار ٿيڻ جي برابر آهي. راءِ جي آزادي کسڻ معنيٰ ماڻهوءَ جي عملن مان اخلاق کي نيڪالي ڏيڻ. آزادي ماڻهن ۽ قومن لاءِ قدرت جو تاحيات تحفو آهي، اُها فطرت جو مُروج سِڪو آهي، جيڪو جاري ۽ ساري رهڻ گهرجي.

هيءُ جو منهنجو مچ آ،
اڄ جي اُجهاڻو،
صديون رهندو سيءُ ۾
گهر گهر گهراڻو!

                                            (اياز)

فتويٰ نمبر 2:

محترم موسيٰ صاحب پنهنجي هن فتويٰ ۾ حڪم صادر فرمايو آهي ته، ”جيڪي ماڻهو ماده پرستيءَ جي نظريي جا علمبردار آهن، جيڪڏهن اُهي نالي جي آڌار تي پاڻ کي مسلم اُمت ۾ شامل فردن کي حاصل ٿيندڙ سمورا فائدا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته کين اسلامي اعتقادي نظام تي ويساهه رکي، ماديت ۽ ماده پرستيءَ جي نظريي جي تلقين جو ڪم ڇڏڻو پوندو، يا اخلاقي جرئت جو ثبوت ڏيندي، مسلم ملت جي رياستي ادارن جي اهم عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.“

 مَت ماڻيل حضرات، ڪجهه ڌيان:

Text Box: 72

 اوهين ائين ماڻهن جي حياتي تنگ نه ڪريو، اها ڳالهه اوهان کي نٿي جُڳائي ۽ نه ئي اوهان جي اختيار ۾ به آهي. پاڻ اڄ ايڪيهين صديءَ ۾ قدم رکي چڪا آهيون. هيءُ پٿر جي دؤر وارو زمانو ڪونهي، جڏهن اِن قسم جون سوچون نروار ٿينديون هيون، هيءَ دنيا، اڄ جي دنيا، لڳ لاڳاپن ۽ سماجي تعلقاتن جي دنيا آهي. اهڙيون ڳالهيون اوهان جي فڪري سوچ کي ظاهر ڪن ٿيون ته اوهين ڪهڙيءَ سوچ، ڪهڙيءَ منورتيءَ جا پوئلڳ آهيو. ٿورڙي ٿڌي دماغ سان سوچيو ته جڏهن توهان کي مٿي ۾ سور پوندو آهي، تڏهن ڊاڪٽر توهان کي اسپرين جي گوري يا ٻي ڪا گوري وٺڻ جي صلاح ڏيندو آهي، ڇا اسپرين گوريءَ جو فارمولا دريافت ڪرڻ واري شخص ڪڏهن اهو شرط وڌو هو ته هيءَ گوري، جيئن ته مون ٺاهي آهي، تنهنڪري اها فقط منهنجي ڪٽنب، منهنجي نسل يا منهنجي قوم، يا فقط منهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ آهي ۽ ٻيو ڪير به اُن کي استعمال نٿو ڪري سگهي. ڇا، هي سائنسدان جيڪي عيسائي، يهودي، هندو ۽ ٻيا آهن، جن کي اوهين ”دهريا“ ۽ ”ڪافر“ ٿا ڪوٺيو (مسلمان ائنسدان اول ته ناپيد آهن، پر پوءِ به جيڪي ٻه چار مسلمان سائنسدان جيئن ابن رُشد، الرازي وغيره جا نالا، اسڪولي ڪتابن ۾ پڙهايا وڃن ٿا، تن سان جيڪي تعديون ۽ عقوبتون مذهب جي نالي ۾ روا رکيون ويون، سي ڪنهن کان به ڳُجهيون ناهن. ان سلسلي ۾ تفصيلي ڄاڻ لاءِ روزانه ”جاڳو“ ۾ 25 سيپٽمبر 1991ع تي رسول بخش پليجي جو مضمون پڙهو) اُهي انساني ڀلائيءَ واسطي جيڪي کوجنائون، ايجادون ۽ دريافتون ڪري رهيا آهن، اُنهن ڪڏهن اهڙي پابندي لڳائي آهي؟ هرگز نه. اُهي ته ڪُل انسانذات، ڪُل جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، اُنهن آڏو فقط اهو ئي آدرش آهي ته ڏکويل انسانذات جي خدمت ڪجي، اُنهن جي دردن جو دارون ڪجي، انساني سُک، آسائشون ۽ خوشيون وڌائجن. اُهي ماڻهوءَ تي حياتيون تنگ ڪونه ٿا ڪن ۽ نه ئي جنت ۾ 70 حورن ماڻڻ جا سڌڙيا آهن. حق ته انهن کي جُڳائي ٿو، جن انهن نعمتن جي حاصلات لاءِ رنڊا روڙيا آهن، ڪشالا ڪڍيا آهن، تَنَ کي تَسيا ڏني آهي. نُور نچويو آهي، اوهين ڪير ٿيندا آهيو، ماڻهن جو حُقو پاڻي بند ڪرڻ وارا؟

پر، جيڪڏهن هرو ڀرو توهان صاحبن اهو عهد ڪيو آهي ته ڏنڊي جي زور تي،  تلوار جي نوڪ تي، بندوق جي ناليءَ تي ماڻهن کي انساني ۽ سماجي نعمتن کان محروم ڪندا ته پوءِ اسين اهو چوڻ ۾ حق بجانب هونداسون ته مادي فلسفي، ڪائنات جي مادي نظريي جي مخالفن کي هن مادي دنيا جي مادي شين تي ڪوبه اختيار يا حق ڪونهي. ياد ڪريو ته اوهان کي اوهان جو فڪر ڪهڙي تعليم ڏئي ٿو، ان جي فڪر موجب هن دنيا جا سُک ۽ آسائشون اوهان تي واجب ناهن. هي سائنسي ايجادون ۽ تحقيقون ڪفر ۽ شيطان جا شعبدا آهن، تنهنڪري اوهان پارن بزرگن تي ديني ۽ خدائي فرض عائد ٿئي ٿو ته ڪُفر جي اُنهن اهڃاڻن کي ٽي طلاق ڏيئي وڃي جهنگ ۽ بيابان آباد ڪريو، جبل جهاڳيو، اُتي گاهه، پن کائو ۽ شڪار ڪريو. اوهان جو ڇا وڃي هن مادي دنيا منجهه! ڀلا ايئن نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ رسول الله   صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جي سُنت تي ئي کڻي عمل ڪريو. هونئن به رسول ڪريم صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جي سُنت تي عمل ڪرڻ هر مؤمن تي لازمي فرض آهي.

اوهين راهه غريبي گذاريو، ڦاٽل، ٽٽل ڪپڙن پهرڻ کان عار نه ڪريو، سڀئي ڪم پنهنجن هٿن سان پاڻ ڪريو، پنهنجن ڦاٽل ٽٽل جوتن جو ڳنڍ ٽوپو به پاڻ ڪريو، سادي زندگي گذاريو، گهر ۾ عورتن کان جنڊ تي اٽو پيهايو، عورتن کان پاڻي ڀرايو، گڏهه، اُٺ، گهوڙي وغيره جي سواري ڪريو، گهر ۾ جيڪا ڪجهه ملڪيت هجي سا الله جي راهه ۾ ضرورتمندن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيو، پنهنجي نياڻين کي ڏاج ۾ اُهو ڪجهه ڏيو، جيڪو ٻنهي جهانن جي سردار رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي پياري نياڻيءَ، خاتونِ جنت حضرت بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنها کي ڏنو هو. اڄ اوهان رسول ڪريم صلعم جي سُنت تي عمل ڪندي عار ڇو ٿا محسوس ڪريو؟ ڇا، رسول پاڪ صلي الله عليه وآلهِ وسلم ۽ اُنهن جي اصحابن سڳورن پنهنجين زندگين ۾ عملي طرح ايئن ڪونه ڪيو هو؟ اوهين انهن کان مٿڀرا ته ڪونه آهيو. اُنهن جي اُمت آهيو! پر اوهين ائين هرگز ڪونه ڪندؤ، جيتوڻيڪ اوهين انهن ڳالهين کان چڱيءَ ريت واقف به آهيو، پر پوءِ به اُنهن تي عمل نٿا ڪريو، ڇو ته اوهان کي اڄ مادي آسائشون گهرجن، اوهان کي اڄ ايئرڪنڊيشن کپن، فرج، ڪارون، موٽرون ۽ رهائش لاءِ لگزري ويل ڊيڪوريٽيڊ بنگلا گهرجن، نرم ۽ گداز فوم جا پلنگ گهرجن، اوچا ۽ عمدا ويس وڳا، عطر عنبر کپن، ست طعام، حلوا، سيرا ۽ سَيون کپن. اهو ئي ڪارڻ آهي ته اڄ نبي آخر زمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جو آفاقي دين اسلام مذهبي ٻهروپين جي عملن سبب دنيا ۾ دفاعي پوزيشن ۾ آهي، اوهان جي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جو تضاد موجود آهي.

اِن پر نه  ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائيين،
دغا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان،
مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.

                (شاهه)

رهي ڳالهه اعليٰ منصبن تي ويهڻ جي، ته اُنهن تي فهم فراست جا ڌڻي ۽ ڏاها، عقل جا اڪابر ۽ دانشور ماڻهو نه ويهندا ته پوءِ ڀلا مدرسن جا کُٿابي ويهندا؟ اوهان جهڙا نيم پڙهيل ماڻهو ويهندا، بابا، اوهان جو ڪم آهي، مدرسا ۽ مسيتون آباد ڪرڻ، سو وڃي پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڪريو، دنيا جي معاملن ۾ اوهان جو ڇا؟ وڃي الله الله ڪريو ۽ پنهنجي آخرت سنواريو، جيڪڏهن اوهان پارا ماڻهو اعليٰ سماجي ۽ انتظامي منصبن تي براجمان ٿيا ته پوءِ سڄڻ! فيصلا به اُهڙا ئي ڪندؤ جيئن اوهان جي لڏي جي هڪ ڀاءُ ڪيو هو، جڏهن ڪنهن کوهه ۾ ڪو گڏهه ڪري پيو هو! يا جيئن 1994ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو (تڏهوڪي وزيراعظم) آباديءَ تي ڪنٽرول بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ قاهره وئي تڏهن جماعت اسلاميءَ جي امير قاضي حسين احمد صاحب فرمايو هو ته، ”آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. ڇاڪاڻ ته مسلم اُمت ۾ آبادي جيتري وڌندي، اسلامي لشڪر اوترو ئي وڏو ٿيندو ۽ جهاد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.“ ۽ ائين معصوم ۽ ساده لوح ماڻهن کي جهاد جهڙي پُرفريب نعري ۾ ڦاسائي کين زوريءَ جنگ جدل جي ڪيفيت ۾ ڌڪيو وڃي ٿو. مائرن جون جهوليون خالي ڪيون وڃن ٿيون. سهاڳڻين جا سُهاڳ اُجاڙيا وڃن ٿا. لکين ابهم ۽ معصوم ٻارڙن جي مٿي تان شفقت جو هٿ کسي، کين يتيم ۽ سندن مستقبل اونداهو ڪيو وڃي ٿو. سندن سهارو کسيو وڃي ٿو. تازو ئي اخبارن ۾ هڪ 15 ساله نوجوان معروف احمد جو هڪ خط شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن صدر ۽ وزيراعظم کي اپيل ڪئي آهي ته کيس ڪلفٽن مدرسي جي سربراهه کان پنهنجي جان ۽ خاندان وارن کي تحفظ ڏياريو وڃي. معروف احمد کي مدرسي وارن زوريءَ افغان جهاد واسطي طالبان سان گڏ افغانستان موڪليو هو. جتان هو وجهه وٺي ڀڄي واپس آيو آهي. هڪ ٻيءَ اخباري خبر موجب افغانستان ۾ طالبان 14 عورتن کي برقعو نه پائڻ تي ۽ 23 مردن کي ڏاڙهيون ڪوڙن تي سزا طور بازارن ۽ گلين ۾ سرعام مارڪُٽ ڪئي، بعد ۾ مردن کي جبل ڏانهن اُماڻيو ويو.

ٻه لفظَ، دست بسته:

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان ڪجهه سال اڳ دنيا ۾ آباديءَ ۾ واڌ ۽ خوراڪ جي گهٽتائيءَ جهڙن مسئلن مُنهن ڪڍيو هو. برطانوي شهنشاهيت جنهن جي راڄ ۾ ڪٿي به سج نه لهندو هو، تنهن انهن مسئلن جي حل ڳولڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ۽ نيٺ هڪ وڏي پادريءَ کي اُن سلسلي ۾ درٻار ۾ گهرايو. اُن پادريءَ صلاح ڏني هئي ته، ”ڪا مهاڀاري لڙائي لڳائي وڃي، جنهن ۾ وڏي پئماني تي انسانن جو جاني نقصان ٿئي. اُن ريت هڪ طرف ته آباديءَ ۾ واڌ واري مسئلي کي مُنهن ڏيئي سگهبو ته ٻئي طرف خوراڪ جي کوٽ وارو مسئلو به پاڻهي نبري ويندو!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: