هِن ڪائنات ۽ اُن تي حياتيءَ جي وجود بابت
خيال ۽ نظريا ته انساني شعور جي باک ڦُٽڻ سان ئي
دنيا آڏو پيش ٿيندا رهيا آهن. ارتقا تي به هزارين
ڏاهن پنهنجي ڏاهپ جا جوهر ڏيکاريا آهن. پر ڊارون
سڀني کان گوءِ کڻي ويو. هُن هر ڳالهه مادي بنيادن
تي، تجربي ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ پيش ڪئي. هُن
ارتقا جي عمل کي ثابت ڪرڻ لاءِ مُشاهدن، تجربن ۽
ثبوتن جو تمام جهجهو ۽ قيمتي مواد ڪٺو ڪيو، جنهن
مان سندس ورتل/ اخذ ڪيل نتيجا وڌيڪ منطقي ۽ سائنسي
هئا.
ڊارون جي پيش ڪيل متي جي عوام طرفان مڃتا جو اندازو انهيءَ
ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 24 نومبر 1859ع تي
سندس ڪتاب ”نسلن جا بُڻ بُڻياد“ جيئن ئي مارڪيٽ ۾
آيو، اُن جو پهريون ايڊيشن پهرئين ئي ڏينهن ختم ٿي
ويو. ٻيو ايڊيشن ڇاپجڻ کان اڳواٽ ئي سُوٿجي (Book
ٿي) ويو. ڊارون جي پنهنجي حياتيءَ ۾ انهيءَ ڪتاب
جا ڇهه ڇاپا (Editions)
ڇپجي چڪا هئا، جيڪي هٿو هٿ وڪامجي ويا. اڄ انهيءَ
ڪتاب جو ٽِيهن (30) کان به وڌيڪ بين الاقوامي
ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
ٿامس هڪسلي (T.H.Huxley, 1825-1895)
ڊارون جو اهو ڪتاب پڙهي چيو ته، ”اسين ڪيڏا نه
احمق هئاسون، اِهو خيال اسان کي پهرين ڇو نه آيو؟“
ڪارل مارڪس (K.Marx) 1861ع ۾ لاسالي (Lassalle) ڏانهن لکيل هڪ خط ۾ لکيو ته، ”ڊارون جو اهو ڪتاب تمام اهم
آهي ۽ تاريخ ۾ طبقاتي جدوجهد جي حوالي سان هِن
ڪتاب منهنجي لاءِ هڪ قدرتي ۽ سائنسي بنياد فراهم
ڪيو آهي.“
ڊارون 1860ع ۾ لکيل هڪ خط ۾ پنهجي نظريي بابت هن ريت اظهار ڪيو
آهي: ”سڀني ماڻهن کي حق آهي ته اُهي انسان جي
تخليق کي ڪنهن هستيءَ جو ڪرشمو ڪري مڃين، مون کي
اُنهيءَ جي پرواهه ناهي، پر منهنجي نظريي کي يڪسر
رد ڪرڻ سرار بدنيتي ٿيندي.“
1871ع ۾ ڊارون جو هڪ ٻيو ڪتاب ”انسان جي
پيدائش“ (Descent of Man)
ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ هُن انسان جي بُڻ بُڻياد ۽
ارتقا تي روشني وڌي آهي.
تاريخ جي ٻين اَٽل سچن وانگر دائمي ۽ آخري فتح به هن سچ جي ٿي.
ڊارون جي دريافت ڪيل نظريي کي اڄ هن دنيا جو هر
باشعور ماڻهو، پڙهيل ڳڙهيل طبقو مڃي ٿو. ائين اڄ
حياتياتي دنيا جي ارتقا سميت انسان جي ارتقا کي
تسليم ڪيو وڃي ٿو. خود ڪي مذهبي عالم سڳورا پڻ
هاڻي ارتقا جي نظريي جي سچائيءَ کان متاثر ٿي اُن
کي مڃين ٿا. ايتري قدر جو پنهنجن مقدس ڪتابن
منجهان ارتقا کي ثابت ڪرڻ لاءِ دليل پيش ٿا ڪن.
هندن جا ”اُپنيشد“ انهيءَ سلسلي ۾ اهم بُنياد فراهم ڪن ٿا.
ڪيترائي پنڊت ۽ مذهبي پيشوا اها هام هڻندي ٿڪجن ئي
نٿا ته ”ويد“ ۽ ”اُپنيشد“ ئي اُهي ماخذ آهن، جتان
سائنس ڦُٽي نڪتي آهي. ”تيتريه اُپنيشد“ ۽ ”منداڪا
اُپنيشد“ ته حياتيءَ جي ابتدا بابت ڪنهن ”ڀڳوان“
يا ڪنهن ازغيبي قوت کي اُن جو تخليق ڪندڙ، جوڙيندڙ
۽ سنڀاليندڙ نٿا سمجهن. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسجي ڪي-
دامودرن
K. Damodaran
جو لکيل ڪتاب
Man and Society in Indian Society, 1970)
.
ارتقا گذريل ٻن صدين کان هن دنيا متعلق
انساني ذڪر لاءِ سڀ کان وڏو انقلابي تصور رهيو
آهي. ڪائنات، دنيا، ڌرتي، حيوانات، نباتات، انسانَ
۽ انساني معاشري بابت ارتقا ۽ تبديليءَ جو متو فقط
ڊارون جي ڪتاب ”نسلن جا بُڻ بُڻياد“ جي ڇنڊ ڇاڻ
سان ظاهر ڪونه ٿيو آهي، پر اهو اُنهن سمورن
مُفڪرن، دانشورن، عالمن ۽ سائنسدانن جي گڏيل ڪوششن
جو نتيجو هو، جن پنهنجن نظرين ۽ سوچن کي پکيڙڻ
شروع ڪيو هو. ڊارون جو ارتقائي نظريو ان سلسلي جي
آخري، مضبوط ڪڙي ۽ ارتقائي نظريي جو سائنسي معراج
هو. فرينچ ڏاهي جارج بَفن (George Buffon)
کان وٺي جرمنيءَ جي جي-اي ليسنگ (J.E.Lessing) تائين، هرڊر کان وٺي هيگل تائين، فيوئرباخ کان وٺي مارڪس
تائين ڪائنات، زندگي، انسان ۽ سماج متعلق هي
ارتقائي تصور مختلف ٻوليءَ ۽ بيان جي صورت ۾ پيش
ٿيو آهي. ڊارون انهيءَ کي پختو ۽ بقادار رُوپ ڏنو.
نوان نوان کاهوڙي کوجنائون ڪندا رهندا ۽ پنهنجي
عقل، شعور، مُشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي انهيءَ ۾
چار چنڊ لڳائيندا رهيا.
شايد ڊارون، اياز جي هنن لفظن ۾ پنهنجي آدرش جي پورڻتا ماڻي:
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي،
جڙندا ڪيئي جام،
نوان نوان متوارا ايندا،
هڻندا تن جي هام.
---
مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي،
ملندو هيءُ مانڊاڻ،
ڪَتيون اسان جي ڪڇ ۾ هونديون،
چنڊ اسان سان ساڻ.
2-
جڙ- واد: هڪ انسان دوست سماجي نظريو
اخلاقيات جا بنيادي اُصول- همدردي، سخاوت، ٻئي
انسان لاءِ فقط اِن صورت ۾ ئي عمل جوڳا ٿي سگهن
ٿا، جڏهن ماڻهو دُنيوي ۽ انساني قدرن ڏانهن لاڙو
رکندڙ هجن. ڏٺو وڃي ته اهڙن عملن ۾ الاهي رضا حاصل
ڪرڻ هرو ڀرو ضروري به ڪانهي. جيئن مٿي ذڪر ڪيل
ڊرامي جو ليکڪ ڄاڻائي ٿو، ڇا ماڻهوءَ کي ڏڍُ ڏيڻ
واسطي ڪنهن مذهب جو هجڻ ضروري آهي؟ ۽ ڇا ماڻهن سان
سماجي لڳ لاڳاپا قائم رکڻ لاءِ وچ ۾ ڪنهن
اِلاهياتي وجود جو هجڻ ضروري آهي؟ ظاهر آهي ته
اهڙن سوالن جا جواب نفيءَ ۾ ئي ڏئي سگهجن ٿا،
ڇاڪاڻ ته سماجي لڳ لاڳاپا انسانن کان باهمي تعلقات
۽ تعاون جي تقاضا ڪن ٿا. جڏهن ته مذهب مختلف قسم
جي ذهني مزاج رکندڙ ماڻهن سان لڳ لاڳاپا رکڻ خلاف
کين شڪ شُبهي ۾ مبتلا ڪندا رهندا آهن. ڀورڙن ۽
ساده لوح ماڻهن کي ابديت ۽ بهشتي نجات جي نالي ۾
ڇني هڪٻئي کان ڌار ۽ هڪٻئي جي مد مقابل، برسرپيڪار
ڪندا رهندا آهن. مذهب جي تعليم ئي فرق ۽ نفاق واري
اُصول تي ٻڌل آهي. هندن ۾ ورڻ سسٽم (ذات پات جي
بنياد تي انسانن جي ورهاست ۽ اڇوتپڻو) ۽ مسلمانن ۾
فرقي بندي انهيءَ جا چٽا پٽا مثال آهن.
هڪ برطانوي بشاپ 22 آڪٽوبر 1994ع تي
Ecumenical Council
۾ شڪايت ڪئي: ”اڄڪلهه جيڪا مشڪلات آهي، سا هيءَ
آهي ته جيئن بائيبل جي چوڻي آهي: ڪم ڌاران ايمان
مري چڪو آهي،
“Faith without work is dead”
سا هاڻي هڪ اُبتڙ حقيقت ۾ تبديل ٿي ويئي آهي.
اڄڪلهه جي دؤر ۾ ”سُٺا ڪم“ ڪيا وڃن ٿا، پر بنا
ايمان جي ”بنا عقيدي جي“! مٿين چوڻي عيسائيت جي
انسان دوست تصور جي هڪٻئي روپ کي ظاهر ڪري ٿي-
يعني ”سُٺا ڪم“ ”عقيدي“ جي نالي ۾ سرانجام ڏنا
وڃن. حقيقت هيءَ آهي ته نياءُ، ڪَهلَ، دوستن،
عزيزن ۽ ساٿين جي مدد ڪرڻ وغيره، نيڪيءَ جا ڪم آهن
پر اُهي خدا جي نالي ۾ ڪيا وڃن ٿا ۽ اُن جي رضا
لاءِ ڪيا وڃن ٿا، ۽ جيڪڏهن اهي نيڪيءَ جا ڪم نه
ڪيا وڃن ته؟ يا هيئن ته نيڪيءَ جا ڪم ڪيا وڃن پر
خدا جي نالي ۾، يا اُن جي رضا لاءِ نه، پر پاڻ
جهڙن ٻين مسڪين، محڪوم ۽ ڏُتڙيل ماڻهن جي ڀلائيءَ
واسطي ڪيا وڃن ته؟
دراصل ماڻهو هاڻي مذهبي دڙڪن، داٻن ۽ دَمن دلاسن کي پاسيرو رکي
انسانيت جي ڀلائيءَ ۽ انسان جي ڀلي واسطي ”ڪم“ ڪن
ٿا. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا بنان ڪنهن ”وچ
واري“ جي چڱا ”ڪم“ نٿا ٿي سگهن؟ ڇا، نيڪ ”ڪم“
ماڻهوءَ جا پنهنجا اُتم آدرش نٿا ٿي سگهن؟ ڇا، ان
جو مطلب اهو ٿيندو ته ڪنهن ”وچ واري“ جي نه هُجڻ
ڪري نيڪ ڪم ۽ نيڪي بذات خود نيڪي ۽ چڱائي بذات
خود چڱائي ٿيڻ بند ٿي ويندي؟ ڪنهن ڏکويل ماڻهوءَ
جي مدد يا سهائتا اثرائتي ٿيڻ بند ٿي ويندي؟ اڄ جي
دؤر جو ماڻهو بنهه عظيم صفائيءَ سان محسوس ڪري ٿو
ته دنيا ۾ انسانيت جي قدرن کان انڪاري ٿيڻ بنهه هڪ
بي بنياد ڳالهه آهي.
حقيقت کان فرار ٿيڻ جي ڪابه صورت ڪانهي، جيئن هڪ برطانوي بشاپ
چيو آهي ته، ”اڄڪلهه ماڻهو چڱن ”ڪمن“ کي اهميت ڏين
ٿا. چڱا ڪم بنان ڪنهن عقيدي جي به ٿي سگهن ٿا. اهو
مڃڻ ته چڱا ڪم ڪنهن مخصوص عقيدي کي مڃڻ کان سواءِ
به ڪري سگهجن ٿا، اهو منطق ساڳئي وقت ان ڳالهه جو
پڻ دليل آهي ته چڱا ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن مخصوص عقيدي
يا مذهب کي مڃڻ لازمي شرط ڪونهي، اُهي ايئن ئي ڪري
سگهجن ٿا ۽ اُنهن جي چڱائي يا نيڪي متاثر به نه
ٿيندي.
جرمنيءَ ۾ ڪئٿولڪ جو هڪ وڏو پادري ڪارڊينل ايل- جيگر (Cardinal
L-Jeager)،
جيڪو وچٿري سوچ وارو ماڻهو آهي، سو لکي ٿو ته،
”ايئن ڀانئجي پيو ته اُهو وقت هاڻ ايترو گهڻو پري
ڪونهي، جڏهن عيسائيت صفا ختم ٿي ويندي- اُها
عيسائيت جيڪا خيالن، نظرين، عظمت ۽ عمل جي ڪسوٽيءَ
جي معراج تي پُهتل هُئي، جيڪا قُسطنطينه وارن
ڏينهن ۾ هُئي.“
دراصل اڄڪلهه دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون قوتون وجود ۾ اچي چُڪيون آهن،
جيڪي اُنهن ڪوششن ۾ جُنبيل آهن ته نااُميديءَ جو
شڪار ٿيڻ بنان، روحاني پار ۽ مُبهم دنيا جي اجائي
سَڌ ڪرڻ ڌاران، اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن، جن ۾
انسان هِتي، هِن ڌرتيءَ تي سُکيو ستابو رهي سگهي.
اُهي مصيبتن ۽ لُڙڪن جي واديءَ کي ميسارڻ لاءِ
جاکوڙي رهيون آهن. اِهي قوتون هاڻ اِن قابل ٿي
چڪيون آهن ته عوام جي صحيح معنيٰ ۾ رهبري ڪجي،
سماج ۾ ماڻهپي جا اعليٰ آدرش قائم ڪجن، اِهي قوتون
آسمان مان رحمتن جي مينهن وسڻ جي ڪلپنا ڪرڻ بدران
عمل تي ويساهه رکن ٿيون.
زندگي پنهنجي مکيه جوهر ۾ بامقصد حياتي گذارڻ ۽ روشن دماغيءَ
جي تعليم ڏئي ٿي. سماج انسانن کي حياتيءَ ۾
پنهنجو جائز مقام ڳولي لهڻ ۾ مدد ڪري ٿو، سندس
بهتر لياقتن، صلاحيتن ۽ ڏاتين کي اُجاگر ڪري ٿو ۽
اُهو کين هن ئي جهان ۾ خوشيون ۽ ”حياتيءَ جو مقصد“
ڳولڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
جڙ-واد فلسفو اهڙين مڙني تقاضائن جي ڪسوٽيءَ تي بلڪل صحيح ثابت
ٿيو آهي. جڙ-واد فلسفو هميشه اڳتي وڌندڙ (يعني
ترقي ڪندڙ) سماجي قوتن جي مفادن جو ترجمان آهي.
جڙ-واد پسندي عقل، سائنس ۽ عقل سليم تي ڀروسو ڪري
ٿي. جڙ-واد فلسفو اسان کي نه رڳو دنيا کي سمجهائڻ
پر اُن کي بدلائڻ جي سکيا ڏئي ٿو. تاريخي طور تي
ماڻهو هڪ فعال ۽ بي آرام عنصر آهي، جيڪو دنيا ۾
تبديليون آڻي سگهي ٿو، ۽ ماديت جي تاريخ اسان کي
هڪ فعال زندگيءَ جو دڳ ڏسي ٿي.
جڙ-واد ڪو هٺ-ڌرمي، عقيدائي سرشتو ڪونهي، بلڪه اُهو هر سوال کي
کولڻ، ويچارڻ ۽ سمجهڻ جو هڪ رستو آهي. اهو ڪائنات
جي سائنسي سمجهاڻيءَ جو فلسفو آهي. جڙ-واد اسان کي
ڪنهن به شيءِ کي عقيدي طور قبول نه ڪرڻ، معروضي
حقيقت جي استدراڪ تي شڪ ڪرڻ، هر شيءِ تائين پاڻ
پهچڻ، مادي دنيا جي هر شيءِ کي سببن ۽ عوامل جي
صورت ۾ آزمائڻ، سمجهي سگهڻ ۽ پنهنجي وس ۾ آڻي سگهڻ
جو درس ڏئي ٿو. جڙ- واد فلسفو اسان کي ٻڌائي ٿو ته
اسين هن دنيا کي ڄاڻڻ لائق آهيون ۽ ڄاڻي سگهون ٿا،
۽ هن مادي دنيا بابت جيڪي ويچار اسين قائم ڪريون
ٿا اُهي سائنس جي مدد سان، جو ڪجهه اسين اڳي ئي
ڄاڻون ٿا اُن کي وڌيڪ چٽو ۽ صحيح ڪري سگهڻ جي
صلاحيت رکون ٿا، ۽ جو ڪجهه اڃا نٿا ڄاڻون اُهو
ڳولي لهي سگهون ٿا ۽ معلوم ڪري سگهون ٿا. جڙ- واد
مَتي جي اِن ريت اؤسر حقيقت ۾ اُنهن نظرين واسطي
زهر قاتل ثابت ٿي آهي، جيڪي حاڪم طبقن جي رُتبن،
گادين ۽ خصوصي رعايتن کي ٽيڪو ڏين ٿا ۽ اُنهن جي
حفاظت ڪن ٿا، اهو ئي ڪارڻ آهي ته، ”موجود سدا
موجود“ (Status Quo)
واري نظام جا محافظ هن نظريي خلاف ازل کان وٺي ڪات
ڪُهاڙا کڻندي رهيا آيا آهن.
تائيوان جي بشاپ پال-يُو-پِن وَئٽيڪن سِٽيءَ کان مطالبو ڪيو ته
جڙ-واد نظريي کي هڪ ڀيرو ٻيهر نندڻ گهرجي. سندس
اِنهيءَ خيال جي تائيد ارجنٽائنا جي وڏي پادريءَ
پڻ ڪئي، جنهن جڙ-واد متي جي ”فريب“ تي چرچ جي
خاموشي اختيار ڪرڻ واري پاليسيءَ جي ڪڙي نندا ڪئي.
هڪ ٻئي بشاپ اعلان ڪيو ته جڙ-واد خلاف نظرياتي
ويڙهه ڪافي ڪانهي، هُن سياسي مداخلت ڪرڻ جي حمايت
ڪئي. هالنڊ ۾ بشاپن جي هڪ جماعت وئٽيڪن سٽيءَ جي
مُک پادريءَ (Father)
کي هڪ پيغام اُماڻيو ته، ”چرچ کي اُنهن فلسفن سان
ڀيٽيو پيو وڃي، جيڪي پاڻ کي اگنان-وادي، مارڪس
وادي، ناستڪ وادي، انسان دوست، وجوديت پسند، وغيره
جهڙن نالن سان سڏرائين ٿا. جيتوڻيڪ اسان ايمان
وارن لاءِ اِها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي ته انهن فلسفن
کي مڃون، پر تنهن هوندي به اسان اِهو ڳولي لڌو آهي
ته اُهي پنهنجن فلسفن ۾ ڪهڙا ”سچ جا موتي“ سمائي
رکن ٿا...... اسان جو صاف صاف مطلب هيءُ آهي ته
اُنهن حياتيءَ جي دُنيوي تصورن کي ڳولي لڌو آهي،
جن جي آڌار تي اُهي اسان سان وڙهن ٿا.“
هڪ جڙ-واديءَ جي تعليم جو مول متو هيءُ آهي ته
ماڻهوءَ کي سندس زندگيءَ ۾ سندس جائز مقام ڳولڻ ۾
مدد ڪجي ۽ پڻ ماڻهن کي اها خواهش چڱيءَ طرح دل
نشين ڪرائجي ته اُهي پنهنجو ڪم، پنهنجي محنت سڌو
سنئون سماج کي ارپڻ ڪن، ماڻهن کي ارپڻ ڪن، ته جيئن
سندن حياتي هن مادي دنيا جي حقيقي خوشيءَ جو ڪارڻ
بڻجي سگهي، ۽ کين اهو به ذهن نشين ڪرائجي ته سندن
اهو اُدم ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ ثواب کٽڻ لاءِ تياري
ڪرڻ واسطي نه هجي.
هڪ جڙ-واديءَ جو ڪم سڀني انسانن سان اٿاهه پيار ڪرڻ ۽ وهمن، ڏند
ڪٿائن ۽ اهڙن خيالن کان ناموافقت ڪرڻ جي تقاضا ڪري
ٿو، جيڪي سماجي طرح ماڻهوءَ کي هڪ بامقصد حياتي
بسر ڪرڻ کان روڪين ٿا.
اِها آس ته ماڻهو نيڪ هجن- فقط پنهنجي ذاتي مفاد، ذاتي نفعي،
ذاتي ڪاميابيءَ ۽ واپار ۾ نفعي لاءِ نه سوچڻ، سماج
۽ ماڻهن ۾ (يا جيئن مذهبي ماڻهو چوندا آهن:
”پنهنجي پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ ڪريو“) ماڻهو جي
نالي ۾ ۽ سماج جي ڀلائيءَ جي نالي ۾، ۽ اڳينءَ
دنيا ۾ رحمت حاصل ڪرڻ جي خواهش بنان اهڙن ويچارن
کي ترقي وٺرائڻ جنهن سان ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو مريادا،
سيوا، ڀائپي ۽ برابريءَ جهڙا اُتم گڻ پيدا ٿين،
سموري سماج جو ڪلياڻ ٿئي- اهڙا ۽ ان قسم جا ويچار
ڪو پنهنجو پاڻ کُنڀين وانگر اوچتو ڦُٽي پوڻ جوڳا
هرگز ڪونه آهن. اهڙيون ڳالهيون، اهڙا اُصول ۽ آدرش
۽ قدر ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي تمام لازمي ضرورت
بنائڻُ، ڪنهن ماڻهوءَ جي وجود ۽ روز مره جي
تعلقاتن جو جُز بڻائڻُ- سچ پچ ته جيءَ کي جوکي ۾
وجهندڙ ڪوششن جي تقاضا ڪن ٿا، ماڻهوءَ جي شعور جي
آزادي ۽ بيداريءَ جي تقاضا ڪن ٿا، سماج ۽ ماڻهوءَ
متعلق اجاين ڀرمن ۽ تقليدي متي کان نجات جي تقاضا
ڪن ٿا، ۽ اِنهن ڳالهين لاءِ جوڳو وقت پڻ گهربل هجي
ٿو.
اهڙين ڪوششن کي سامهون رکندي، جڳ مشهور پراٽسٽنٽ ۽ سماجيات دان
پروفيسر راجر شُٽز (Roger Shutz)
کي چوڻو پيو ته، ”اسان کي ماديت پسندن ۾ سجاڳيءَ ۽
سچائيءَ جا عنصر لازمي طرح ڏسڻ گهرجن.... اسان کي
اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته هڪ جڙ-وادي پڻ هڪ
سٻاجهو، رحمدل ۽ سخي انسان ٿي سگهي ٿو. هو پڻ ممڪن
آهي ته ماڻهن سان پيار ڪندو هجي.... اهو ضروي آهي
ته اسان کي سندن سوچڻ جي طريقي ڪار ۽ مخلص پڻي جي
عنصرن جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ گهرجي.“
ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ فرينچ بِشاپن جي هڪ ڪائونسل
پادرين جي هڪ ٽولي کي مختلف ڪارخانن، فيڪٽرين
وغيره ۾ مزوريءَ جي ڪمن ڪرڻ بهاني مزورن ۾ تبليغ
ڪرڻ واسطي موڪليو ويو. مٿن ”خاص مشن“ طور اِهو فرض
رکيو ويو ته اُهي عام مزورن وانگر ڪم ڪندا ۽ اُن
دوران اُنهن ڪارخانن وغيره ۾ مزوري ڪندڙ ”ڪامريڊن“
سان پنهنجا لاڳاپا قائم ڪري کين طبقاتي جدوجهد کان
پري رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندا، ڇاڪاڻ ته چرچ طبقاتي
جدوجهد جي مذمت ڪري ٿي، مٿن اهو به فرض عائد ڪيو
ويو ته اُهي مذهبي تبليغ سان گڏوگڏ اُنهن مزورن
سان سهڻو سلوڪ ڪن ته جيئن مزور طبقي جي اخلاقي
قدرن مٿان سولائيءَ سان حاوي ٿي سگهن. اهو هڪ عجب
جهڙو ۽ اچرج ۾ وجهڻ جهڙو مثال هو. اُنهن پادرين
مليل هدايتن تي عمل ڪندي پنهنجو پاڻ کي عام مزورن
وانگر بڻائي ڇڏيو، ۽ اُنهن سان بنهه گهڻا رلي ملي
ويا. ڪيترائي سال ايئن گذارڻ ڪري کين حقيقي
زندگيءَ ۾ عملي طرح داخل ٿيڻ جو تجربو حاصل ٿيو.
اُنهن پادرين مخلصاڻي نموني مزورن کي سمجهڻ، سندن
زندگيءَ جي مختلف لاڙن کي باريڪ بينيءَ سان سمجهڻ
جي ڪوشش ڪئي ۽ مذهبي مُول متن ۽ سڌانتن کي زندگيءَ
جي حقيقتن سان ڀيٽڻ جو کين هڪ نادر موقعو مليو.
ڪجهه سالن کانپوءِ اُنهن وئٽيڪن سٽيءَ ۾ منعقد
ٿيندڙ سالياني ميڙ ۾ هڪ سنيهو موڪليو (جيڪو ڪيترين
ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپيو هو)، اُن جو مڪمل متن
هن ريت هو :
”اسين هيٺ صحيح ڪندڙ، 40 کان 65 ورهين جي ڄمار وارا، مختلف
هنڌن تي 10 کان 17 سالن تائين مختلف نوعيت جون
مزوريون ڪندا رهيا آهيون، جن ۾ هٿ جا هُنر جهڙوڪ
جنڊيءَ جو ڪم، بجليءَ جو ڪم، سِرن ٺاهڻ کان وٺي
مزوريون ڪرڻ، ٻيلا ڪاٽڻ، مشينون هلائڻ، ڪارخانن ۾
ڪم ڪرڻ، ويندي جنڊ پيهڻ ۽ اٽي پيهڻ جهڙا ڪم به ڪيا
اٿئون. هتي اسان لکين مزورن سان پنهنجا ناتا قائم
ڪيا، جن بابت اسان جا پوپ ۽ سندن جانشين اڪثر اها
شڪايت ڪندا رهيا آهن ته اُهي مقدس چرچ کان ڪُجهه
مُنهن مَٽيل آهن. اسين سندن زندگيءَ جي ڏک سکن ۾،
سندن جدوجهدن ۾، اُميدن ۽ مايوسين ۾، سندن برابر
جا ڀاڱي ڀائيوار رهياسون ۽ پنهنجو پاڻ کي اُنهن جو
هڪ حصو سمجهيوسون..... اسين اُنهن جي زندگين ۽
پنهنجي روز مرهه جي زندگيءَ جي تجربي جي ڪن خاص
پهلوئن جو اظهار ڪرڻ چاهيون ٿا، جن بابت اسين
سمجهون ٿا ته چرچ انهن کي سمجهي نه سگهي آهي، يا
غلط فهميءَ جي شڪار آهي. |