سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

باب:

صفحو:5 

اسين ڀارت جي سياسي، اقتصادي ۽ فوجي طاقت جو شڪار رهيا آهيون. تنهن کان سواءِ، پنهنجن زبردست پروپئنگنڊا وسيلن ۽ عالمي حلقن ۾ پنهجي پر فريب حڪمت عمليءَ ذريعي. پنهنجي اهنسا واري دوکيباز پاليسي ۽ پنهنجي امن ۽ شانتي جي ميراث واري ڏند ڪٿا جي آڙ ۾، ڀارت هميشه پاڪستان کي دنيا جي نظرن ۾ غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح هڪڙو ملڪ جو در حقيقت ڀارت جي جارحانه ڪارواين جو شڪار آهي، تنهن کي ڀارت پنهنجي خلاف انتهائي بدخواهيءَ جي هلت ڪندڙ ملڪ ڪري مشهور ڪيو آهي. بين الاقوامي تعلقات جي تاريخ ۾ هن قسم جي وحشيانه ڪوشش جو ٻيو ڪوبه مثال ڪونهي.

پاڪ – ڀارت مسئلن جو بنياد آهي ڪشمير جو تڪرار، ۽ ان کي نبيرڻ لاءِ ڀارت جو انڪاري ضد، ڀارت هر ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جيڪو هن ڪشمير بابت ڪيو آهي. پاڪستان فيصلي لاءِ سڀني موقعن تي ٺاهه وارين تجويزن تي راضي ٿيو آهي، پر ڀارت هر هڪ تجويز ٺڪرائي ڇڏي آهي. هڪ ڀيري، جڏهن مسٽر لياقت علي خان وزير اعظم هو، لنڊن ۾ منعقدڪيل ڪامن ويلٿ ڪانفرنس ۾ رٿ ڏني ويئيءَ، ته ڪامن ويلٿ جون فوجون ڪشمير ۾ رکيو وڃن ته جيئن اتي جي ماڻهن جي خواهشن پٽاندر آزاد لاءِ شماري ڪرائي سگهجي. ڀارت انهيءَ رٿ کي هن بهاني سان ٿڏي ڇڏيو، ته ڪشمير جي سرزمين تي ڌارين فوجن جي موجودگي اهو تصور پيدا ڪندي، ته برصغير ۾ سامراجيت واپس اچي ويئي آهي. ڇا، هيءَ حرفتبازي نه آهي، جو ڀارت هن وقت چين سان پنهنجي سرحدي تڪرار ۾ مدد لاءَ پنهنجيءَ سرزمين تي ڌارين فوجن ۽ ڌارين هٿيارن جي ضرورت کي جائز ٺهرائڻ لاءِ واقعي پرچار ڪري رهيو آهي.

سمجهيو وڃي ٿو ته آمريڪا ۽ برطانيا جي فوجي وفدن ”نيفا “ واريءِ سرحد جو دورو ڪيو آهي، ۽ هن وقت هو ڀارتي فوجن جي جنرل هيڊ ڪوارٽر جا ماهر صلاحڪار بنجي ويا آهن. ڀارت ۾ انهن جي موجودگيءَ ۽ مشوري جو خير مقدم ڪيو آهي ۽ چيو وڃي ٿو هنن ان ملڪ ۾ حفاظت  جو احساس پيدا ڪيو آهي. ڀارت جي منطق مطابق انهيءَ کي . سامراجيت جي واپسي “ نه ڪري سمجهڻو آهي، باقي ڪشمير جي تڪراري علائقي ۾ ڪامن ويلٿ جي فوجن رکڻ واريءَ رٿ کي نامنظور ڪرڻ لاءِ اهو بهانو گهڙيو ويو هو.

ڪشمير جو تڪرار، جو سڀني امن جي مقصد سان محبت رکڻ وارن لاءَ ڏکوئيندڙ آهي، اسان جي زماني جو عظيم ترين المناڪ واقعو آهي. ڀارت هن تنازعي کي عام راءِ شماري ذريعي حل ڪرڻ بنسبت پنهنجن سڀني واعدن جي بيحرمتي ڪئي آهي، پر معاملو اتي ئي ختم نٿو ٿئي. هن ايوان جي اڳواڻ، مسٽر محمد علي بوگرا، جي تازي بيان مطابق، ڀارت پنهنجو بنياد
 Clausa Rebus (Sic Stantibus)
جي اصول تي ٻڌو آهي. هي اصول ۽ ٻيو  Pactas unt sevanda,وارو اصول، بين الاقوامي قانون ۾ اهم آهن. پويون اصول سختيءُ سان عهدنامن جي پابنديءَ جي تقاضا ڪري ٿو . انهيءَ موجب، سڀني صلح پسند ملڪن کي تاڪيد ڪيو ويو آهي، ته پنهنجن واعدن جي تعميل ڪن. پهريون اصول، ديده دلير ملڪن کي پنهنجن رضاڪارانه طور قبول ڪيل واعدن تان ڦري وڃڻ جي واٽ ڏسي ٿو. ڪشمير بابت پنهنجي واعدي تان ڦري وڃڻ سان، ڀارت اهائي واٽ اختيار ڪئي آهي، ۽ پنهنجي صفائيءَ لاءَ هن مشڪوڪ اخلاقي  قدر جي اصول جو سهارو ورتو آهي. بهرحال، هر هڪ ملڪ کي جدا جدا نموني سان اهو اختيار ڪونه آهي، ته ڪنهن عهدنامي يا ان جي حصي کي رد ڪرڻ جي صفائيءَ ۾ انفرادي طرح فيصلو ڪن، ته حالتون بدلجي ويو آهن يا اهي ڪيتريقدر بدليون آهن. ظاهر آهي ته ڪا ٽياڪڙ ڌر ئي فيصلو ڪري سگهي ٿي، ته حالتون واقعي بدليون آهن، ۽ جي ها، ڪيتريءَ حد تائين. ڀارت جي اڳوڻي دفاعي وزير، مسٽر ڪرشنامينن، سلامتي ڪائونسل ۾ چيو ته حالتون انهيءِ ڪري بدلجي ويو جو پاڪستان آمريڪا جي امداد قبول ڪئي ۽ انهن بدليل حالتن راءِ شماريءَ جي عهدنامي کي بي اثر بنائي ڇڏيو، ڀارت پنهنجي مقدمي ۾ پاڻ ئي منصف بنجڻ ٿو گهري.

مان ويجهڙائي ۾ ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ ٿيل لڙائيءَ جو اشاري طور ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو.اسان کي معلوم آهي، ته اها فقط سرحدي جهڙپ هئي، ۽ اسان جي انهيءَ راءِ کي پوءَ جي واقعن مان تقويت ملي ٿي ۽ چين طرفان يڪطرفي جنگبندي ۽ فوجن هٽائي وٺڻ جي قدمن مان ان جي تصديق ٿئي ٿي. عدواتن جو خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ چين پنهنجي ڪاميابيءَ جي عروج وقت پاڻمرادو جنگ بند ڪري ڇڏي آهي. جو منشور تاڪيد ٿو ڪري ته سڀني تڪرارن جو فيصلو صلح پسند طريقن سان ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح چين جيڪو اقوام متحده جو ميمبر به نه آهي تنهن ان جي سچ پچ ته يڪطرفي نموني جنگ بند ڪري، جنهن بهتر ۽ مؤثر طريقي سان هن پنهنجيءَ صلح پسنديءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، تنهن کان مٿي هو ٻئي ڪنهن به طريقي سان نه ڪري سگهي ها. هي اهڙو مظاهرو آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي،

چين جي عوامي جمهوريت، اهڙيءَ طرح، تڪرار کي طاقت جي استعمال بدران صلح پسند طريقي سان حل ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري آهي، اقوام متحده جو منشور جو احترام ڪيو آهي، ڀارت جيڪو اقوام متحده جو هڪ مکيه ميمبر آهي، تنهن ان کي نظر انداز ڪيو آهي.

هن تڪرار ۾ ڀارت جو رويو غير يقيني رهيو آهي، ڇا به هجي، پر موجودهه صورتحال مان هن گهڻي فائدي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي. ڀارتي حڪومت خاص طور ٻن مقصدن لاءِ جنگي جنون جي فضا پيدا ڪئي آهي ؛

( الف ) پنهنجي ملڪ کي جيڪو تيزيءَ سان تباهه ٿي رهيو هو، منظم ڪرڻ ، ڇاڪاڻ ته ٻاهرئين خطري جي حالت ۾ ماڻهو يڪمشتيءَ ڏانهن لڙندا آهن؛ ۽

( ب )ڪثير انداز ۾ ٻاهرين فوجي امداد حاصل ڪرڻ. اهي ٻئي اهم مقصد آهن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءَ ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جنگ جي طبل وڄي رهيا آهن.

جئين مون شروعات ۾ چيو آهي، هي هڪڙي محتاجيءَ واري مقصد لاءِ خيالي جنگ آهي. هيءَ هڪڙي مصنوعي ۽ نمائشي جنگ آهي، ايتريقدر جو وزيراعظم نهروءَ پاڻ، 21- آڪٽوبر تي، پنهنجيءَ قوم کي هڪ نشري تقرير ۾ چيو؛

” اسين پنهنجي ٽيئن پنج- سالي منصوبي جي وچ تي آهيون ان کي ترڪ ڪرڻ يا ان جي ڪنهن اهم جزي ۾ تخفيف ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، البت اسين ان ۾ ضرورتن آهر ڪي قدر ڦير گهير جي گنجائش پيدا ڪري سگهون ٿا خاص طور منصوبي جي مکيه رٿن جي تڪميل ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ئي طريقي سان اسين پنهنجي ملڪ کي نه رڳو موجودهه نازڪ دور ۾ پر ايندڙ سالن لاءَ به مضبوط ڪنداسين.

جڏهن ڀارت  جو ٽيون پنجن سالن وارو منصوبو رٿيو ويو هو، ته ان جو سڄوئي زور امن جي زماني واريءَ اقتصادي ترقيءِ تي ۽ انهيءَ اندازي تي هو ته ڀارت جنگ يا تڪرار جي خطري کان آزاد رهندو. انهيءِ جو بنياد هن قياس تي هو ته ڀارت کي ڪنهن به فوجي ڪشمڪش کي منهن ڏيڻو نه پوندو. منصوبي جو بنياد شروع کان ”غير جنگي“ حالتن تي ٻڌل هوندو، اهو سمجهڻ مشڪل آهي ته ڪيئن جنگي حالتن ۾ منصوبي جي بنيادي اصولن ۽ مقصدن کي بدلائڻ جنگي صورتحال جي تقاضا مطابق نه آهي. اهو صرف انهيءَ ڪري آهي، جو ڀارت جي چين سان نام نهاد جنگ، پنهنجي محدود دائري ۽ مقصد جي لحاظ کان، هڪ سرحدي تڪرار کان وڌيڪ نه آهي، ۽ انهيءَ ڪري ئي منصوبي ۾ وڏين تبديلين ڪرڻ بنا، ” ڪي قدر ڦير گهير سان اهو عمل هيٺ اچي سگهي ٿو.

پهرين نومبر سن 1962ع تي ڀارت سرڪار ۽ تمام گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ اناج ۽ ٻين ضروري جنسن جي قيمتن کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءَ نيٺ ڪنهن سخت قدم نه کڻڻ جو فيصلو ڪيو، ڀارت سرڪار، ” پنهنجيءَ اعليٰ ترين سطح تي“ موجودهه پاليسين تي بيڌڙڪ عمل ڪرڻ “ مناسب سمجهيو. کاڌ خواراڪ واريءَ وزارت جي راءَ هئي ته ” هن وقت اناج جي فراهميءَ يا ان جي قيمتن بابت پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. “ هن اهم فيصلي جو اعلان ڀارت سرڪار 2- نومبر تي ڪيو، ساڳئي ئي ڏينهن اهو سڀني اخبارن ۾ پڌرو ٿيو.

هيءُ ٻيو اشارو آهي، انهيءَ حقيقت ڏانهن ته ڀارتي حڪومت پاڻ کي ڪنهن ٻئي ملڪ سان جنگ جي حالت ۾ ورتل نٿي سمجهي. جيڪڏهن سچ پچ ڀارت جنگ ۾ ورتل هجي ها، يا ان لاءِ کيس تياريون ڪرڻيون هجن ها، ته ڀارت جهڙي غير متوازن اقتصادي حالتن واري ملڪ لاءَ قيمتن کي ضابطي ۾ آڻڻ جا سخت اپاءَ وٺڻ لازمي ٿي پون ها، خاص طرح کاڌي ، ڪپڙي ۽ ٻين ضروري جنسن جي معاملي ۾ . ڀارت جي غير هنگامي پاليسيءَ تي عمل ڪرڻ واري انهيءَ فيصلي ۽ چين جي يڪطرفي جنگبنديءَ مان ظاهر آهي. ته ڀارت ۽ چين جو جهڳڙو صرف سرحدي مسئلي تائين محدود آهي.

مسٽر ڪرشنامينن کي صدقي جو ٻڪر بنايو ويو آهي. پاڪستان خلاف ڀارت جا تاثرات بيان ڪرڻ ۾ هن بيشڪ بي تڪلفيءَ کان ڪم ورتو، جنهن لاءِ سندس قدر ڪرڻ گهرج، هن پاڪستان خلاف ڀارت جي ماڻهن ۾ پکڙيل سچي پچي عداوتي تاثر ۽ سندن انهيءَ احساس جي شدت جو عڪس پيش ڪيو. مسٽر ڪرشنامينن ۾ ڊاڪٽر جيڪل يا مسٽر هائيڊ جو روح موجود نه هو. بهرحال، سندس، برخواست ٿي وڃڻ کان پوءِ به گهڻن جو خيال آهي، ته ڀارت سياست تي پردي پٺيان هن جو اثر رسوخ قائم آهي. مون کي انديشو آهي ته مسٽر ڪرشنامينن پاڪستان خلاف ڀارت جي رويي تي پنهنجو تسلط قائم رکندو ايندو.

نئون دفاعي وزير مهاراشٽر جو رهاڪو آهي. انهيءَ آسامي لاءَ هن جو انتخاب ان مقصد لاءِ ڪيو ويو آهي، ته هو ڀارتي حڪومت ۾ دليريءَ جو روح ڦوڪي. هو جديد شيواجي آهي. اڳئين ڏينهن هن لٻاڙ هنئي.

”پنهنجي ڄمار ۾ ڪڏهن به مون شڪست جومنهن نه ڏٺو آهي ؛ نه وري هن کان پوءَ ڏسڻو اٿم. چين کي وسارڻ نه گهرجي، ته مهاتما ٻڌ ۽ مهاوير سان گڏ، ڀارت راڻي پرتاب ۽ شيوا جيءَ کي به جنم ڏنو هو“

ڀارت جي نئين دفاعي وزير . چين کي چتاءَ ڏنو؛ “ دشمن جي بيشمار لشڪرن ڀارت جي ميدانن ۾ جنگيون جيتيون هيون، پر انهن کي دکن جي پهاڙي علائقي ۾ شڪست فاش نصيب ٿي.

هي گهمنڊا وارا ڪلما شايد انهيءَ ملڪ کي همٿائڻ لاءَ هئا، جنهن کي چين واري تازي سرحدي جڳهڙي ۾ بريءَ طرح سان ڪچلجڻو ۽ ذليل ٿيڻو پيو. اسان کي ڀارتي حڪومت جي اندروني تبديلين سان ڪابه دلچسپي ڪانهي، سواءَ انهيءَ جي ته اسان کان اها اميد نه رکي سگهبي، ته ڪو اسين هن نيئن شيواجيءَ سان گلي ملي، افضل خان وارو حشر حاصل ڪنداسين. ڪيترين ئي ڳالهين ڪري، اسان ڏانهن ڀريل پستول تاڻي بيٺل هڪڙو ڪرشنامينن، ڪنهن شيوا جيءَ مڪر ۽ فريب سان لڪايل چنبن کان بهتر آهي. اسان کي اڳي هڪڙو شيواجيءَ گلي ملي چڪو آهي،  ۽ اسان کي معلوم آهي ته ان جو ڪهڙو نتيجو نڪتو.

ڀارت جون سڀئي تازيون ڪاروايون، وزارتي تبديلين سميت، هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جو حصو آهن، جنهن جو مقصد آمريڪا کي ٺڳڻ ۽ ان جي بين الاقوامي ڪميونزم جي انديشن مان فائدي وٺڻ جو آهي. هن صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪاميابيءَ نهرو جي قابليت ۾ اضافو ڪيو آهي، پر ائنگلو ( آمريڪن حڪمت عمليءَ لاءِ اها ڪا گهڻيءَ خوشيءَ جو باعث نه آهي.

اهو ظاهر آهي ته نهڙوءَ چين واري تڪرار کي صلح پسند طريقن رستي نبيرڻ کان انهيءَ ڪري انڪار ڪيو آهي، ته جيئن هو ان مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري، ۽ ڀارت کي مغربي طاقتن وٽان بي انداز هٿيار امداد جي صورت ۾ ڌڙا ڌڙ موڪليا وڃن. انهن هٿيارن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، نهرو کي پنهنجي ظاهرداريءَ به ڊاهڻي پيئي، عام جا ڍنڍوري سان مشهور ڪيل پنهنجي ” پنچ شيلا “ واري عقيدي جي انحرافي به ڪرڻي پيئي. هاڻي غير جانبداريءَ جو مغروريءَ وارو آواز ختم ٿي چڪو آهي. ظاهر واريءَ جو بت ڀڄي پيو آهي، ۽ اهو عقيدو به پرزا پرزا ٿي ويو آهي. ڀارت جيڪو پاڪستان کانسواءِ سڀني جو دوست هو. سو پاڻ کي اڪيلو ۽ علحدو ڏسي رهيو آهي. يقين ۽ خود اعتماديءَ جي جاءَ خطري ۽ مايوسيءَ اچي ورتي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي اهو پڌرو ٿي پيو آهي، ته ڀارتي ديو دراصل هڪ ننڍڙي ماڻهوءَ جو پاڇولو هو.

هن حقيقت کي افسوس سان تسليم ڪرڻ گهرجي. ته مغربي طاقتون ڀارت کي برغلائي پنهنجي بلاڪ ۾ آڻڻ ۽ چين سان ان جي جهڳڙي کي ڀڙڪائڻ چاهين ٿيون. هو ڀارت جي ظاهر ظهور پريشانيءَ جو فائدو وٺڻ چاهين ٿيون. ۽ گهرن ٿيون ته ڀارت انهن جي تابع رهي. سياسي حڪمت عمليءَ ۾ اها ڪا غير رواجي ڳالهه نه آهي، ته موقعي جي نزاڪت مان فائدو وٺجي، پر تنهن هوندي به ڪن اصولن جو دستور موجب خيال  ڪرڻو آهي. موجودهه حالت ۾، ڀارت کي پنهنجي اثر جي دائري اندر آڻڻ لاءِ، مغربي طاقتن ان کي ورسائڻ ۾ ڪنهن به رسمي پابنديءَ جو لحاظ نه رکيو آهي. ڀارت مسئلي جي پرامن نبيري کان انڪار ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ گذريل سڀني سالن ۾ پنڊت جواهر لال نهرو سڀني ملڪن کي مسئلن جي پرامن نبيري جا اپديش ڏيندو رهيو آهي.

چين جي عوامي جمهوريت هڪ پرامن پيشڪش ڪئي آهي، ۽ دوستاڻي فيصلي جي لحاظ خاطر، لڙائيءَ جو يڪطرفو خاتمو آندو آهي، ڀارت بهرحال، ان پيشڪش کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. اهو انڪار بين الاقوامي معاملن ۾ ڀارت جي پرامن وضع توڙي مسئلن کي پرامن طريقن سان نيبرڻ ڪرڻ جي خوبين بابت نهروءَ جي پرچار رد ڪريو ڇڏي.

پاڪستان کي ڀارت جي وڌندڙ فوجي طاقت ۽ پاڪستان جي مغربي اتحادين وٽان کيس بي انداز فوجي امداد ملڻ تي پريشان ٿيڻ لاءَ معقول سبب آهي. پنهنجن انديشن کي الڳ رکي، دنيا تي پرامن ۽ خاص طرح هن علائقي جي امن جي مفاد خاطر، اسين ڀارتي حڪومت کي چئون ٿا، ته هوءَ چين سان پنهنجي جهڳڙي کي باوقار ۽ منصفانه بنياد تي، پرامن ڳالهين ذريعي طيءَ ڪري.

ڀارت ۽ چين جي موجوده جهڳڙي ۾ اهڙي ڪابه روڪاوٽ ڪانهي، جا پرامن طريقي سان طيءِ نٿي ٿي سگهي. چين جو چوڻ آهي ته ان کي پنهنجيءَ سرحد کي، جا انگريز جي بيٺڪي راڄ واري زماني جي بگڙيل آهي، درست ڪرڻو آهي، اها ڳالهه نهروءَ گهڻا سال اڳ، پنهنجي ڪتاب (Glimpres of world history) دنيا جي تاريخ جو جهلڪيون ) ۾، تسليم ڪئي هئي. انهيءَ ڪتاب ۾ نهروءَ چيو آهي، ته سامراجيت چين جون وسيع ايراضيون غصب ڪري ويئي آهي. مئڪموهن هن لائين، جي درستي، بيٺڪي طاقتن طرفان ڪيل زيادتين کي ٺيڪ ڪرڻ جي سلسلي ۾ چين جي جدوجهد جو هڪ حصو آهي. ڪتاب ” دنيا جي تاريخ جون جهلڪيون “ ۾، نهروءَ چيو آهي؛

” اهو معلوم ڪرڻ کان پوءِ ته اوڻهين صديءَ ۾ ڪئين برطانوي صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن ڀارت کي ڪتب آندو، اچو ته هاڻي ايشيا جي ٻئي وڏي ملڪ، ڀارت جي قديمي دوست دنيا جي هڪ قديم قوم جي وطن، چين جو مطالعو ڪريون. هتي اسان کي مغرب جي حڪمت عملي بدليل، روپ ۾ نظر ايندي ” ( ص 457).

” منچو جي عظيم چيني سلطنت جا ارڙهينءَ صديءَ جي آخر ڌاري ايشيا جي اڌ جيتري حصي ته پکڙيل ۽ قابض هئي، تنهن کي هاڻي ذليل ۽ حقير ڪيو ويو. ڏورانهين، يورپ جي مغربي حڪومتن ان کي شڪست ڏيئي ۽ ذليل ڪيو “ ( ص 465).

” هيءَ شرمناڪ دوست درازي، خلاف دستور هئي. بيشڪ چين پنهنجن علائقن تان دستبردار ٿيڻ ۽ محتاج بنجڻ ۾ راضي نه هو. هر موقعي تي بحري طاقت جي مظاهرن ۽ بمباريءَ جي ڌمڪين وسيلي ان کي مجبور ڪيو ويو. اسين هن شرانگيز هلت کي ڇا ڪوٺيون؟ راهزني؟ ڌاڙو ؟ اهوئي سامراجيت جو دستور آهي. ڪڏهن هوءَ ڳجهي طرح ڪم ڪندي آهي. ته ڪڏهن پنهنجين ظلمي ڪارواين کي پار سائيءَ جي جذبن ۽ خير خواهيءَ جي مڪر آميز بهانن جي چوغي سان ڍڪيندي آهي. پر سن 1898ع ۾ چين لاءَ اهڙي قسم جو ڪوبه چوغو استعمال نه ڪيو ويو. هي ننگو مظاهرو، پنهنجيءَ مڪمل بڇڙائي سان نروار هو. ( ص 474).

برطانوي سامراج جي موڪلائي وڃڻ کا پوءِ، ڀارت انهن جي ٺاهيل سرحد جو وارث بنيو. ان کي درست ڪرڻ لاءِ مناسب رستو رڳو اهوئي آهي، ته هو عوامي چين جي آڇ قبولي ۽ سواءِ ڪنهن وڌيڪ وقت وڃائڻ جي، دوبدو گفتگو شروع ڪري.

جنهن صورت ۾ اصلي ويڙهه بند ٿي ويئي آهي، تڏهن ڀارت کي اهو وقت ۽ وجهه مليو آهي، ته هو پنهنجي بي تعلقيءَ واري ناڪام پاليسيءَ تي غور ڪري . پريزيڊنٽ نهروءَ انهي معاملي ۾ پنهنجي مخصوص هلت جو مظاهرو ڪيو آهي. ڀارت تي جڏهن نازڪ وقت آيو. ته هن ذري گهٽ غير جانبداريءَ کي ترڪ ڪري ڇڏيو. پر جڏهن ان کي مغرب کان هٿيارن جي طلب جو ترت ۽ زبردست، خواهش موجب جواب مليو، ته هن وري موٽ کاڌي، ۽ وڃايل ميدان کي ور ي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

گهانا جي پريزيڊنٽ، جيڪو هڪ اهم غير جانبدار ملڪ جو سربراهه آهي، ڀارت کي فوجي امداد ڏيڻ جي انهيءَ سبب کان مخالفت ڪئي،ته اها صورتحال کي ويتر خراب ڪري ڇڏيندي حقيقت جي لحاظ کان هيءَ هڪ صحيح نقطه نظر هو. بهرحال ڀارت جي مزاج کي اها ڳالهه نه آئڙي ته هو هڪ صحيح نقطه نظر کي قبول ڪري، پريزيڊنٽ نڪرو ماهه انگلنڊ جي وزير اعظم کي هڪ خط ۾ لکيو هو، ته هو ” اهو اطلاع ٻڌي بيچين ۽ مايوس ٿي ويو ته برطانيها سرڪار ڀارت کي چين خلاف لڙائيءَ ۾ هر قسم جي مدد ڪندي. هڪ غير جانبدار ملڪ جي انهيءَ رد عمل ڀارت ۾ گهٻراهٽ پيدا ڪري ڇڏي.

پريزيڊنٽ نڪرو ماهه طرفان صورتحال جي ا ها ترجماني، هن جي غير جانبداريءَ جو ايماندارنه عڪس هو. جيڪڏهن هي تڪرار ڪن ٻين ٻن ملڪن وچ ۾ هجي ها، ته ڀارت جو رد عمل به هوند ساڳيون ئي هجي ها. موجوده حالت ۾، بهرحال، ڀارت ئي انهيءَ آزمائش ملڻ جو سڌيءَ طرح تجربو ٿيو، جيڪي انهيءَ جهيڙي کان ٻاهر هئا.

بين الااقوامي حڪمت عمليءِ ۾ وڏي ناڪاميءَ جي باوجود، پنڊت نهرو اهو ميدان گهڻي قدر حاصل ڪري، جو هن پنهنجي ڪوڙي غير جانبداريءَ جو ڍونگ رچائيندي هارايو هو. ڪافي مطمئن ٿيو. انهيءَ ڪوشش ۾، هن مکيه ارادو هو روس سان پنهنجي ملڪ جا دوستاڻا ناتا قائم رکڻ. ائين ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليءِ جي ڪنهن خاص فن جي ضرورت نه هئي. ڇاڪاڻ ته مغربي داتائن پنهنجيءَ امداد جي قيمت طور، هن کان سندس پاليسيءَ ۾ ڪنهن اهم تبديليءَ جي تقاضا نه ڪئي هئي. جيئن مٿي. ڏيکاريو ويو آهي. جيڪڏهن هو غير جانبداريءَ کي ترڪ ڪري ها، ته کيس روس جي حمايت کان هٿ ڌوئڻا پون ها. روس جو مسئلو پنڊت نهروءَ جي غير جانبداريءَ واري پردي کي قائم رکڻ جي ڪوشش پٺيان مکيه سبب هو. ساڳئي وقت، ڀارتي حڪومت روس ۽ عوامي چين جي غلط فهميءِ کي وڌائڻ لاءَ به ڏاڍي سرگرميءَ سان ڪم ڪيو. 8- نومبر سن 1962ع تي، پنڊت نهروءَ چيو؛ ” روس اسان سان پنهنجي دوستيءِ کي قائم رکندو، ۽ مان ڀانيان ٿو ته هو ڪوبه اهڙو قدم نه کڻندو جو اسان لاءَ نقصانڪار هجي. روسي ماڻهن جي دلين ۾ اسان لاءَ دوستاڻا جذبا آهن،

انهيءَ جي نتيجي ۾، ڏهين نومبر تي، پنڊت نهروءَ پنهنجي علحدگيءَ واري پاليسيءَ جي دعوا وري دهرائي، ۽ چيو ته ڀارت ڊپ وچان يا انهن مفاد رکڻ وارن کي خوش ڪرڻ لاءِ، جيڪي ان جي مخالفت ڪن ٿا، پنهنجي اها پاليسيءَ ترڪ ڪندو.

ڀارت جي عوام ۾ سندن حڪومت جي علحدگيءَ واري پاليسيءَ تي اڃا به چئمگويون ٿي رهيون آهن، هيءَ ڪيفيت انهيءَ ڪري زور وٺي ويئي آهي، جو ٻيو غير جانبدار حڪومتون ڀارت جي حمايت لاءِ ڪنهن مؤثر انداز ۾ قدم وڌائڻ لاءِ رضا مند نه آهن. بهرحال ، ڀارتي وزيراعظم ٽن سببن جي ڪري غير جانبداري واري پردي کي قائم رکڻ لاءَ ضد ٻڌي بيٺو آهي؛

(1)  اهو ڏيکاريو ويو آهي، ته مغربي طاقتون ڀارت کي ڪنهن به شرط شروط بنا گهڻي امداد ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

(2) روس سان دوستاڻا ناتا قائم ڪرڻ ممڪن ٿي پيو آهي، جو مغربي طاقتن سان سوديبازي ڪرڻ لاءِ هڪ اهم عنصر آهي؛ ۽

(3)  نهرو پنهنجي طرز عمل جي موجوده منزل تي انهيءَ پاليسيءَ کي ترڪ ڪرڻ لاءَ تيار نه آهي، جنهن سان سندس بين الاقوامي تاثر قائم ٿيو آهي.

اهڙيءَ طرح ڀارت پاڻ کي اڪيلو سمجهي رهيو آهي، ۽ انهيءَ اڪيلائي کيس خوفزده ڪيو آهي، ايتريقدر جو ڀارت جو صدر ڊاڪٽر راڌاڪرشنن جهڙي جليل القدر شخص به، چيو وڃي ٿو ته اهو اظهار ڪيو ته ” ماضي قريب تائين خوشفهميءَ جي دنيا ۾ رهيل هو. ” تنهن هوندي به مسٽر نهرو پنهنجي غير جانبداريءَ واري دعوا تان دستبردار نه ٿيو آهي. گهڻي ۾ گهڻو، ته به هن جي غيرجانبداريءَ جي قسم لاءَ کڻي ائين چئجي، ته اڳي اها کاٻي پاسي هئي، سا هاڻي ساڄي پاسي ڏانهن جهڪي آهي.

پتوئي نٿو پوي، ته مسٽر نهروءَ جي پرڏيهي پاليسيءَ پاڪيزگيءَ جي رخ تي آهي، يا انتقامي صفائيءَ جي رخ تي . جيڪڏهن اها پاڪيزگي آهي، ته يقينن هو پنهنجي شهرت يافته طرز عمل جي عظيم ترين سياسي ڪاميابي حاصل ڪندو. ان جي ابتڙ، جيڪڏهن اها انتقامي صفائي آهي، ته پوءَ تاريخ ۾ مسٽر نهروءَ جي قدر قيمت هڪڙي ڀڳل بت جهڙي ٿيندي. آخر ڪار اها ڪهڙي صورت وڃي اختيار ڪندي، تنهن جو مڪمل اختيار ڀارت جي هٿ ۾ ڪونهي؛ گهڻي ڀاڱي ان جو دارو مدار مغربي طاقتن جي روش تي رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org