ڇپائيندڙ پاران
ڪنهن به ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ان جي ترجيحن جو عڪس
هجي ٿي جنهن تي عمل ڪندي اهو ملڪ پنهنجي قومي
مفادن جي حاصلات کي سگهارو بنائي ٿو. ان حوالي سان
پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي پهرئين وزير سر
ظفرالله کان وٺي . ميان خورشيد قصوري صاحب تائين
واقعن ۽ ترجيحات جو هڪ ڊگهو تفصيل آهي ، پر
پاڪستان جو پرڏيهي پاليسي کي مضبوط بنيادن تي
جوڙيندڙ ۾ هڪ وڏو نالو ذوالفقار علي ڀٽي جو آهي.
ملڪي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ذوالفقار علي ڀٽو
جي ذهن ۾ اهڙوئي بنيادي تصور هو جهڙو دنيا جي
خودار قومن وٽ اڄ موجود آهي اسرندڙدنيا؛ يعني ٽين
دنيا کي جديد تصور ڏيندڙ هن نوجوان سياستدان کي
سياست جي عالمي اڀ تي ٿيندڙ ۽ ايندڙ امڪاني
تبديلين جو گهرو ادارڪ هو. اهوئي سبب آهي ته هن جو
ملڪي ۽ عالمي سياست ۾ بهرو وٺڻ ۽ ڪردار ادا ڪرڻ جو
اثر ڪنهن نه ڪنهن ريت سڄي ٽين دنيا تي ٿيو آهي هن
هڪ طرف عرب دنيا کي پنهنجي قدرتي دولت يعني تيل کي
هڪ هٿيار جي حيثيت ۾ سياسي طرح استعمال ڪرڻ جو
ڏانءَ سيکاريو، ته ٻئي طرف ٢٦ سالن کان پوءِ
پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو لاڙو سوشلسٽ بلاڪ
ڏانهن موڙيندي. سرمائيداردنيا آڏو نوان سوال رکيا
، ته ٽيئن پاسي هن چين جي عالمي سياست ۾ اهم ڪردار
کي نروار ڪرڻ ۾ پاڻ مڃايو. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب
پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي ويڳاڻائي مان ڪڍي ،
عالمي سياست ۾ پاڪستان جي اهميت ۽ سياسي ڪردار کي
وڌائڻ لاءِ پاڻ موکيو، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ،
نالي هن.
ڪتاب ۾ سندس سن
1962کان
1964ع
تائين واري عرصي جون قومي اسيمبليءِ ۾ ڪيل چونڊ
تقريرون شامل آهن. اهو دور سرد جنگ واري مدي
(1945-ع1985
ع) سان لاڳاپيل رهيو آهي. جڏهن ته سوويت يونين جي
ٽٽڻ ۽
11سيپٽمبر
وارن واقعن کان پوءِ واري دنيا گهڻي تبديل ٿي چڪي
آهي. بهرحال ان هوندي به هن ڪتاب ۾ هڪ مرڪزي دنيا
( Unipolar World )يا
گهڻ مرڪزي دنيا
( Multipolar World )۾،
پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان، ڪردار
بابت شامل تقريرون اڄ به تمام اهم آهن ۽ خاص طرح
سان بين الاقوامي تعلقات جو اڀياس ڪندڙن لاءِ اهي
تقريرون اهم تحقيقي مواد جو درجو رکن ٿيون. بورڊ
پاران انهن تقريرون جو هيءَ ڪتاب ڇپائيندي خوشي ۽
فخر محسوس ٿئي ٿو.
ڄام شورو، سنڌ انعام الله
شيخ
خميس ٣ جمادي الاول ١٤٢٧هه سيڪريٽري
بمطابق
31
مئي
2006
ع سنڌي ادبي بورڊ
[ 1 ]
مهاڳ
هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل تقريرون ، گهڻي ڀاڱي پاڪستان
جي پرڏيهي پاليسيءَ جي هڪ تمام اهم پهلوءَ سان
بنيادي لاڳاپو رکن ٿيون ، ۽ اهو آهي هن ملڪ جا
ڀارت سان تعلقات ، گذريل سال جڏهن ڀارت جي صدر ،
ڊاڪٽر راڌا ڪرشنن ، آمريڪا جو دورو ڪيو هو ، ته
کيس ائين چوندو ٻڌو ويو ته ڀارت پاڪستان سان ”جنگ
نه ڪرڻ“، هي معاهدي جي پيشڪش ڪرڻ ۽ انهيءَ کي
اقوام متحده وٽ رجسٽر ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. ساڳئي
قسم جي تجويز، سن
1950ع
۾ آنجهاني جواهر لال نهروءَ اسان جي انهي وقت جي
وزير اعليٰ مرحوم لياقت علي خان کي ڏني هئي . اها
پيشڪش گذريل سال ڪشمير بنسبت ڳالهين ٽٽڻ جي آخري ۾
به ورجائي ويئي هئي.
هن ”جنگ نه ڪرڻ“ واري معاهدي کي تمام گهڻي شهرت
ڏني ويئي آهي . ڀارت جي صدر تجويز ڏني هئي.، ته ان
کي اقوام متحده. وٽ رجسٽر ڪيو وڃي ، جنهن مان مراد
هيءَ هئي ته اهڙي قسم جي داخلا سان معاهدي کي
قانوني توڙي اخلاقي طرح بين الاقوامي جواز ملندو ،
جو هوند ٻيءِ صورت ۾ حاصل ٿي نه سگهي ها. جنهن
نفرت سان ڀارت سرڪار اقوام متحدهه جي ڄمون ۽
ڪشمير بابت ٺهرائن کي پئي ٺڪرايو آهي ، تنهن اسان
کي ڀارت جي يقين دهانين کان منڪر ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان اقوام متحده جو ميمبر آهي ۽ هو هن عالمي
تنظيم جي ٻين سڀني ميمبر ملڪن وانگر ، ان جي
پڌرنامي
( Charter )سان
ٻڌيل آهي . جنهن ۾ چيو ويو آهي ، ته بين الاقوامي
جهڳڙا پرامن طريقن سان حل ڪيا وڃن. اقوام متحده جي
پڌرنامي جي آرٽيڪل نمبر ٻئي جا ٽيان ۽ چوٿان فقرا
انهيءَ اصول سان تعلق رکن ٿا. ٽيئن فقري ۾ ڄاڻايل
آهي ؛ سيئي ميمبر ملڪ پنهنجن بين الاقوامي تڪرارن
کي پرامن سان حل ڪندا. اهڙيءِ طرح جو بين الاقوامي
صلح، سلامتي ءِ ۽ انصاف کي ڪوبه ڇهيو نه پهچي .
”چوٿين فقري ۾ چيل آهي ”سڀيئي ميمبر . ملڪ پنهنجي
بين الاقوامي تعلقات جي معاملن ۾، ڪنهن به ملڪ جي
سالميت يا سياسي خودمختياريءَ خلاف دٻاءِ يا طاقت
استعمال ڪرڻ ، يا اقوام متحده جي مقصدن کي نقصان
رسائيندڙ ڪنهن به طريقي اختيار ڪرڻ کان پرهيز
ڪندا. پڌرنامي جي آرٽيڪل نمبر
33
۾ آهي ؛ ڪنهن به اهڙي تڪرار ۾ شامل ٿيل ڌريون ،
جنهن جي قائم رهڻ سان بين الاقوامي صلح ۽ سلامتي
جي پائيداري لاءِ خطري جو امڪان هجي، پنهنجي انهي
تڪرار کي نبيرڻ لاءِ سڀ کان اول ڳالهيون ٻولهيون،
تحقيقات ، وساطت ، مصالحت ثالثي ، عدالتي نبيرو ،
علاقائي يا انتظامي وسيلا يا پنهنجي پسند جا ٻيا
پرامن طريقا اختيار ڪنديون“.
اقوام متحده جي پڌرنامي جا مٿيان ٻيئي آرٽيڪل
پاڪستان تي ، توڙي اقوام متحده جي ٻين سڀني ميمبر
ملڪن تي پنهنجن اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ
جي پابندي وجهن ٿا. گذريل پندرنهن سالن کان اقوام
متحده جي هڪ ميمبر جي حيثيت ۾، اسان ايمانداري سان
اقوام متحده جي ٺهرائن ۽ هدايتن جي مڪمل طريقي سان
پيروي پئي ڪئي آهي اهڙيءَ حالت ۾ ؛ ”جنگ نه ڪرڻ“،
واري معاهدي سان موافقت ڪرڻ اسين غير ضروري ٿا
سمجهون. ڀارت سرڪار تي پڻ، اقوام متحدهه جي ميمبر
هجڻ جي حيثيت ۾، اها پابندي عائد ٿئي ٿي، ته سڀني
جڳهڙن جي فيصلي ڪرڻ واسطي پرامن طريقا اخيتار ڪري
، هي رٿيل معاهدو ، تنهنڪري ، ڀارت جي نقطه نظر
کان به غير ضروري آهي، بشرطيڪ هو واقعي پنهنجن
ارادن ۾ سچو هجي.
گذريل سال جي شروعات ۾ جڏهن اسان ڀارت سرڪار سان
ڪشمير جي جهڳڙن نبيرڻ واسطي ڳالهيون ٻوليون شروع
ڪيون تڏهن اسان جو مؤقف اهو هو، جيئن هميشه رهندو
آيو آهي ، ته ڪشميري باشندن کي پنهنجو حق خود
اراديت استعمال ڪرڻ ڏنو وڃي ، ته جيئن هو آئندهه
ڪنهن به هڪ ملڪ سان پنهنجي الحاق جو فيصلو خود ئي
ڪن ، ٻيئ طرف، ڀارت سرڪار طرفان اهو قبول نه ڪيو
ويو ته ڪو حق خوداراديت انهيءِ مسئلي کي فيس ڪرڻ
جو موزون طريقو آهي . جيتوڻيڪ شروعات ۾ هن انهيءَ
اصول ۾ پنهنجو ويساهه ٠ڏيکاريو هو. در حقيقت هنن
هڪڙي ٻي تجويز پيش ڪئي. جنهن کي ”هڪ سياسي ٺاهه“
ٿي سڏيائون . ڳالهين جي ڇهين دور جي آخر ۾ اهو
معلوم ٿيو ته ڳالهين جي ڪاميابي جا امڪان خير ڪي
آهن . انهي موقعي تي ، ڀارت پنهنجي ، ”جنگ نه ڪرڻ
واري معاهدي“ ؛ کي سامهون آندو ، جنهن جو حقيقت ۾
اهوئي مطلب هو ته ڪنهن به ٺاهه ته نه پهچڻ جو
باوجود ، ڀارت فوجن کي موٽائڻ ٿي گهريو. اسين
جيڪڏهن انهي کي قبول ڪريوه ها ته ، ان مان در اصل
، حالتن جي جيئن جو تيئن قائم رهڻ .
( Status quo )
کي قبول ڪرڻ جو مطلب نڪري ها ،
۽ يقينا اهو ڪشمير جي مسئلي جو عزت ڀريو يا انصاف
ڀريو فيصلو نه چئي سگهجي ها. ساڳي صورتحال قائم
رکڻ ، جي بنياد تي مسئلي کي حل ڪرڻ واري اصول کي
قبول ڪرڻ ۾ ٻيا به خطرا هئا. جن جي تشريح آئون هيٺ
ڪريان ٿو
”سنڌو ماٿري معاهدي“؛
( The Indus Basin Treaty )
۾ صاف ڄاڻايو ويو آهي ته اهو معاهدو ڪنهن به حالت
۾ ڪشمير مسئلي جي حل ڪرڻ ۾ دخل انداز نه ٿيندو .
اهڙي حالت ۾ . اسان کي سخت تعجب ٿيو جڏهن ڀارت
سرڪار حجت اٿاري ته انهيءِ عهد نامي موجب اسين
چناب نديءَ تي پنهنجو حق وڃائي ويٺا آهيون. جيڪڏهن
اڄ اسين ”جنگ نه ڪرڻ وارو معاهدو“ قبول ڪريون ته
ممڪن آهي، ته سڀاڻي اسان کي چيو وڃي ته پاڪستان
سرڪار ”جنگ نه ڪرڻ وارو معاهدو قبول آهي ۽ انهيءَ
ڪري پاڪستان جنگبندي لائين کي ڀارت ۽ پاڪستان جي
مستقل سرحد طور قبول ڪري چڪي آهي ، انهيءَ ڪري
ڪشمير جو مسئلو هاڻي طي ٿي چڪو آهي . هو چوندا ،
ٻي صورت ۾ پاڪستان کي ”جنگ نه ڪرڻ وارو معاهدو “
قبول ڪرڻ لاءِ آمادهه نه ٿيڻو هو.
مطلب اهو ڪونهي ته پاڪستان ڪو ڀارت تي فوجي حملي
جو رستو اختيار ڪندو . هر ڪنهن ملڪ کي پنهنجن
عالمي تڪرارن نبيرڻ جو جيڪو خود مختيارانه مورثي
حق حاصل آهي، تنهن کي ، بهرحال ڪو به ملڪ ترڪ نٿو
ڪري سگهي . باوجود انهيءِ جي ته پاڪستان ڪڏهن به
طاقت استعمال نه ڪندو. اسين ڀارت جي ڪنهن تجويز تي
اکيون ٻوٽي صحيح نٿا ڪري سگهون، جنهن جي ڪري اسين
ڀارت سان پنهنجن تڪرارن نبيرڻ واري حق کان محروم
ٿي وڃون . ”سنڌو ماٿري معاهدي“ وانگر ”جنگ نه ڪرڻ
وارو معاهدو “ به موجوده جنگبندي لائين جي بنياد
تي ، جنهن لاءِ ڀارت طرفان بار بار اصرار ٿيندو
رهيو آهي ، ڪشمير جي مسئلي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ
هٿيار بڻائي استعمال ڪيو ويندو. پاڪستان آدمشماري
ايراضي.“ فوجي توڙي اقتصادي طاقت جي لحاظ . کان
چوٿينءَ پتي ۾ آهي. اسين ڪڏهن به ڀارت خلاف اڳرائي
جو خيال ڪري نٿا سگهون. نه فقط انهيءَ ڪري جو اسان
جو ملڪ ننڍو آهي، پر انهي ءِ ڪري به ، جو اسان جي
پرڏيهي پاليسيءِ جو اهو بنيادي اصول آهي ، ته
اقوام متحدهه جي پڌرنامي جي مقصدن مطابق ، پنهنجن
تڪرارن کي پرامن طريقن ۽ باهمي ڳالهين ذريعي حل
ڪيو وڃي. اسان جي تاريخ ڏيکاري ٿي ، ته اسين انهي
اصول کان ڪڏهن به نه هٽيا آهيون.
اها ڳالهه اسان جي مفادن ، اسان جي اعليٰ اصولن ۽
اسان جي رعيت جي خوشحالي لاءِ توڙي برصغير ۽ جملي
ايشيا جي امن ۽ استحڪام لاءِ نقصانڪار ٿيندي.
جيڪڏهن اسين ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ خاطر ، يا
ڪنهن به ٻئي سبب خاطر ، ڀارت خلاف اڳرائي ڪنداسين،
اسان ڪڏهن به ڪو اڳرائيءِ جو قدم نه کينو آهي،.
اسان ڀارت جي انهي ءِ بيوسيءَ واري وقت ۾ به
پنهنجي طرفان ڪو طاقت جو مظاهرو نه ڪيو ، جڏهن
1962ع
جي سرءُ ۾ کيس چين کان شڪست آئي هئي . پاڪستان جي
پرامن الادن جو اهو ڪافي ثبوت آهي. مان ڀانيان ٿو
ته تمام ٿورا ملڪ اهڙي حالت ۾ پاڻ کي روڪي سگهن ها
، جيئن پاڪستان ڪيو . جڏهن ڀارت بريءِ طرح عوامي
جمهوريه چين جي فوجن جي گهيري ۾ هو.
ٻئي طرف ، ڀارت جي روش ڪهڙي پئي رهي آهي؟ اهو ڀارت
جهڙي جديد ملڪ کي ئي انوکو فخر حاصل آهي . جو
پندرهن سالن جي عرصي ۾ ، هن گهٽ ۾ گهٽ پنج دفعا
هٿياربند حملن کان ڪم ورتو آهي.
انهي ءِ سلسلي ۾، اچو ته ڀارت جي اڳواڻن جي بيانن
تي غور ڪريون . منهنجو مطلب انهن اڳواڻن سان
ڪونهي، جيڪي حڪومت کان ٻاهر آهن، منهنجو اشارو
ڀارتي حڪومت جي ذميدار سربراهن. آنجهاني وزير اعظم
. هن جي وزارت جي ساٿين ۽ انڊين ڪانگريس پارٽيءِ
جي صدر ٠ڏانهن آهي.
آنجهاني وزير اعظم نهروءِ چيو هو؛ ”جيستائين چين ۽
پاڪستان جو تعلق آهي، ڀارت انهن جي والاريل علائقن
کي خالي ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.“ اهو هن
21
جنوري
1962-ع
تي چيو هو. هن اهو به ظاهر ڪيو ته “ گانڌيجي ءِ
پاڻ کليءِ طرح ڪشمير بابت ڀارت جي قدم کي جائز
قرار ڏنو هو . جيتوڻيڪ اهو اهنساوارو قدم نه هو پر
گانڌيجي هڪ قدم اڃا به اڳتي وڌيو هو، جڏهن هن ٻيءِ
عظيم جنگ جي شروعات ۾ پولينڊ جي حڪومت کي هٽلر جي
مقابلي لاءِ سختي ءِ ۽ جنگي طريقي استعمال ڪرڻ
لاءِ همٿايو هو. مسٽر نهروءِ وڌيڪ چيو: ڪي شيون
اهڙيون آهن، جي امن جي حفاظت ڪرڻ جون ڪوششون.
بزدلي ، امن هرگز ناهي . گانڌيجيءِ چيو هو ته “
جيڪڏهن ڪو اهنسا جي طريقن سان مردانه وار وڙهي نه
سگهي، ته پوءِ هن کي ترار کڻي وڙهڻ گهرجي . ” (
اخبار “اسٽيٽسمن“ ،
29
ڊسمبر
1961
ع ) . ڀارت جي اڳئين دفاع جي وزير مسٽر ڪرشنامينن
چيو هو” اوهان کي معلوم آهي ته اسان ڪنهن به انهي
ملڪ خلاف سختي کان ڪيٻايو آهي، جنهن اسان جي مفادن
کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.“ (اخبار هندستان
ٽائمس ٦ ڊسمبر ١٩٦١ع) مسٽر مينن ڪانگريس پارٽي
ڪارڪنن کي يقين ڏياريو ته ”جهڙي طرح گئو جو مسئلو
حل ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح چين ۽ پاڪستان جا مسئلا
به حل ڪيا ويندا (اخبار اسٽيٽمس ٢٦ ڊسمبر ١٩٦١ع)
ڪانگريس جي صدر ، مسٽر سنجيوا ريڊيءِ چيو ؛ ”
اسان کي ڪشمير جو والاريل علائقو آزاد ڪرائڻو آهي
. اسين هن مسئلي کي انهيءِ ڪري مهمل ڪري رهيا
آهيون جو اسين جنگبندي لائين کي مستقل حل تسليم
نٿا ڪريون .“ هن کي توقع هئي ته ڪشمير جي ”
والاريل ايراضين “ جا باشندا از خود جدوجهد ڪري
غاصب کان پاڻ کان آزاد ڪرائيندا ، ۽ “ جلد از جلد
حڪومت صحيح وقت جو انتخاب ڪري ڪشمير جو اهو حصو
آزاد ڪرائيندي ، ۽ جهڙي طرح هن گوا جي سلسلي ۾ ڪيو
هو ” ( اسٽيٽسمين “ ، ، ۽ جهڙي طرح هن گوا جي
سلسلي ۾ ڪيو هو ” ( اسٽيٽسمين “ ٥جنوري
1962ع)
.
هي آهن بيان انهن اڳواڻن جا ، جيڪي پاڪستان کي “
جنگ نه ڪرڻ واري معاهدي جي آڇ ڪري رهيا آهن.
ڀارت کان سواءِ پاڪستان جا هن حصي جي ٻين ملڪن ۽
گهڻو ڪري دنيا جي سڀني ملڪن سان سٺا تعلقات آهن.
اسان پنهنجن سڀني پاڙيسري ملڪن سان، انهن سڀني
ملڪن سان جن سان اسان جا اختلاف هئا ، پنهنجن
اختلافن کي پرامن ذريعن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش پئي
ڪئي آهي . ٿي سگهي ٿو ته اسان جي طي ڪيل ڪي
عهدناما اسان لاءِ پوري طرح ڪاميابيءِ وارا نه ٿيا
هجن پر ايتري جزوي ڪاميابي به ڏيکاري ٿي، ته
پاڪستان سڀني ملڪن سان پنهنجي مسئلن جو حل پرامن
فيصلن ۽ پرامن وهنوارن سان چاهي ٿو اسان افغانستان
جي حڪومت سان پنهنجا اختلاف ختم ڪري ڇڏيا آهن .
ايران ۽ برما سان پنهنجا سرحدن وارا مسئلا فيصل
ڪري ڇڏيا آهن نيپال، سلون ۽ انڊونيشا جي عظيم
ملڪن سان اسان جا تمام گهرا تعلقات آهن. ملايا
ٿائيلنڊ ۽ فلپائين جهڙن ملڪن سان اسان جا تعلقات
سٺا آهن . اسان تازو هڪڙو سرحدي معاهدو طي ڪيو
آهي، جنهن پاڪستان ۽ چين جي عوامي جمهوريت جي وچ ۾
صلح جو نشان قائم ڪري ڇڏيو آهي. انهي جو ڪهڙو سبب
آهي جو پاڪستان، دوستي ۽ تعاون جو جذبو ڌاري،
ايشيا آفريقا جي سڀني ملڪن سان پنهنجا مسئلا حل
ڪري سگهي ٿو، سواءِ ڀارت جي؟ انهيءِ جو سبب هيءَ
آهي ته ڀارت هڪ اڳرائي ڪندڙ ملڪ آهي، ۽ اهو پنهنجي
آسپاس واران ملڪن سان پنهنجن تڪرارن کي پرامن
طريقي سان طي ڪرڻ جو قائل ناهي.
هاڻي اچو ته ڏسون ته “ جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو” سچ
پچ ڪهڙي ضمانت پيش ڪري سگهي ٿو؟ در حقيقت اهو
سلامتيءِ جو هڪ غلط احساس پيدا ڪري ٿو. تاريخ شاهد
آهي ته ” جنگ نه ڪرڻ“ جي معاهدن جو تجويزون گهڻو
ڪري فسادن جي پيشبندي ڪندڙ ملڪن وٽان ئي نڪتيون
آهن – اهڙا ملڪ، جن جي نيت جارحانه ثابت ٿي آهي،
جهڙو نازي جرمني، ” ربنٽراناپ – مالوٽوف معاهدو “
(The Ribbontrip-Molotov Pact )
” جنگ نه ڪرڻ واري معاهدي“ جو هڪ مستند مثال آهي.
جيڪڏهن ڀارت خود ئي پاڪستان خلاف اڳرائي ڪري ۽
اسين پنهنجو پاڻ بچاءَ ڪريو، جنهن اقوام متحدهه جي
پڌرنامي موجب حق مليل آهي، ته پوءِ ڀارت ڦڙتي
کائي، پنهنجي مخصوص ڊرامائي انداز ۾، دنيا کي ائين
ٻڌائيندو ته اڳرائي پاڪستان ئي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته
” صلح پسند“ ڀارت ته پاڻ پاڪستان کي ” جنگ نه ڪرڻ
“ واري معاهدي جي آڇ ڪئي هئي، سو ائين ڪرڻ کان
پوءِ وري ڀارت ڪئين اڳرائي ڪئي هوندي؟
تنهنڪري هن قسم جو معاهدو نه رڳو اهڙي گمراهه ڪن
صورتحال پيدا ڪندو، جنهن سان سان اسين پنهنجي ملڪي
سالميت بابت غلط احساس ۾ مبتلا ٿي وينداسين، بلڪ
اهو ڀارت جي هٿ ۾ اهڙو مضبوط هٿيار ٿي پوندو، جنهن
سان هو پاڪستان تي پنهنجي اڳرائيءِ واري قدم کي
جائز ۽ حق بجانب ثابت ڪري سگهندو. انهن اهم سببن
جي ڪري، پاڪستان ”جنگ نه ڪرڻ واري معاهدي“ جي آڇ
قبول نٿو ڪري سگهي. ڀارت هڪ اڳرائي ڪندڙ ملڪ آهي،
۽ اسين اڳرائي ڪندڙ ملڪ سان ” جنگ نه ڪرڻ“ وارو
معاهدو نٿا ڪري سگهون. ڀارت کي سڀ کان پهرين ڪشمير
جي مسئلي کي هڪ عزت ڀرئي ۽ منصفانه بنياد تي طي
ڪرڻ گهرجي. هڪ دفعو اهو انصاف جي اصولن موجب عمل ۾
اچي وڃي، ته پوءِ اسين ڀارت سان ” جنگ نه ڪرڻ“ جو
هڪڙو معاهدو ته ڇا، هو جيترا به معاهدا چاهيندو
اوترن کي قبول ڪرڻ لاءِ لاءِ تيار ٿي وينداسين. پر
انهيءِ شرط کي ڀارت قبول نه ڪندو. در اصل موجودهه
” جنگ نه ڪرڻ واري معاهدي“ جي آڇ ڪرڻ ۾ ڀارت جو
مقصد رڳو دوکو ڏيڻ آهي سندس مقصد رڳو پنهنجن مفادن
کي زور وٺائڻ آهي، پاڪستان ڀارت جي هٿرادو وقار کي
وڌائڻ جو وسيلو نٿو بنجي سگهي.“
ايشيا جي عوام کي بهتر زندگي کپي؛ هنن کي گذارڻ
لاءِ بهتر وسيلا گهرجن. مرض ۽ مجبوري جي اذيت ڇا
آهي، تنهن جي معنيٰ اسان کي معلوم آهي. اسان کي
معلوم آهي ته اهو ڪو قدرتي قانون ڪونهي جو رڳو
ايشيا جو عوام ئي غريب هجي. اسين چاهيون ٿا ته
ايشيا ترقي ڪري. اسين چاهيون ٿا ته اڻ ترقي يافته
ملڪ ترقي يافته ٿين. اسين يورپ ۽ آمريڪا جي دولت
جو مقابلو نٿا ڪري سگهون، پر اسين اميد رکو ٿا، ته
اسان جو عوام بهتر زندگي گذاري، پاڻ ۽ پنهنجي
اولاد کي غربت ۽ افلاس کان نجات ڏياري. اهڙي طرح،
اسين سڄي ايشيا کي خوشحال ڏسڻ چاهيو ٿا، جنهن ۾
ڀارت جي خوشحالي به شامل آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني
عوام ڀارت جي عوام جو بدخواهه نه آهي.
بهرحال، ڀارت جي فوجي طاقت ۾ اضافي جو مقصد ڪو ان
جي غريب کي مٽائڻ ۾ مدد نٿو ڪري. نه وري ڀارت،
جيڪو هندو ڪش جبل کان وٺي ميڪانگ نديءِ تائين
پنهنجي تسلط ڄمائڻ جي دعوا ٿو ڪري، سو ڪو اهڙو ملڪ
ٿي سگهي ٿو، جنهن جي هٿياربنديءِ تي اعتبار ڪري
سگهجي. نراسائيءَ وچان، هو ضرور انهن کي ننڍن ۽
ڪمزور ملڪن خلاف ڪم آڻيندو، ۽ انهن مان پهريون
نمبر ملڪ هوندو پاڪستان. ڇاڪاڻ ته ڀارت جي ليڊرن
هميشه اهو ظاهر پئي ڪيو آهي ته چين سان جهڳڙي جي
باوجود، پاڪستان ڀارت جو ، ”اول نمبر دشمن آهي
اهڙي طرح، هٿيار جن جو ڀارت سان هيئنر پرورش ڪئي
ٿي وڃي، سي پاڪستان جي خلاف، اسان سان سندس
”تڪرارن “ کي حل ڪرڻ لاءِ انهن طريقن سان ڪتب آندا
ويندا، جيڪي طريقا “ آزاد ڀارت “ جي خصوصيت ۽
روايت بنجي چڪا آهن. جئين اڳ ٻڌايو ويو آهي، گذريل
پندرهن سالن ۾ ڀارت پنهنجن تڪرارن مان پنج تڪرار
طاقت جي استعمال سان “ حل ڪيا آهن. شايد اهي هٿيار
ٻين پاڙيسري ۽ ڏکڻ – ايشيا جي ننڍن ملڪن خلاف به
ڪتب آندا وڃن. فوجي طاقت ۾ اضافي جي باوجود، ڀارت
پنهنجي اتر واري ” ديو “ سان وڙهي نه سگهندو، ڇو
ته سندس جاگرافيائي صورتحال واري به ساڳئي ئي
رهندي. انهيءَ ڪري نراسائي ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾،
پنهنجي ملڪ گيريءِ جي هوس وچان اهي هٿيار هو ڏکڻ،
۽ ڏکڻ- اوڀر جي ايشيا جي بي سهاري عوام خلاف، خاص
طور تي پاڪستان جي عوام خلاف استعمال ڪندو. اسان
جو اهو خدشو بلڪل صحيح آهي، ۽ بلڪل قدرتي آهي.
اسان کي جيڪو ڀارت بنسبت تجربو آهي، تنهن مان اسين
ڀارت کي هٿياربند بنائڻ جو مطلب سمجهي ويا آهيون.
اهوئي سبب آهي، جو اسان ان جي خلاف هميشه احتجاج
پئي ڪيو آهي- احتجاج جو هيءُ آواز ڪو رڳو حڪومت جو
آوا ز ڪونهي، پر ڏهه ڪروڙ پاڪستاني عوام جو آواز
آهي.
ڀارت جو صدر، جيڪو صلح پسند پوشاڪ ۾ هڪ تمام صلح
پسند ماڻهو آهي، تنهن آمريڪا ۾
1963ع
۾ چيو؛ ” ڀارت پنهنجن مسئلن کي فقط انهيءَ حالت ۾
طي ڪري سگهي ٿو، جڏهن هن وٽ پنهنجي سوديبازيءَ جي
لياقت جي پٺڀرائيءَ لاءِ قوت هوندي، ” هن بيان جو
مفهوم ۽ مراد بلڪل واضح آهي، ڀارت جو مدارالمهام،
جيڪو پنجيتاليهه ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪري ٿو.
تنهن جو بيان ڀارت جي ارادن جي صاف صاف تشريح ڪري
ٿو، هن بيان مان صاف ظاهر آهي ته ڀارت پنهنجن
تڪرارن کي قوت جي ذريعي طي ڪرڻ چاهي ٿو،
سوديبازيءَ جي طاقت ڪنهن جي خلاف استعمال ڪرڻي
آهي؟ چين جي خلاف نه، جيئن مٿي سمجهايو ويو آهي،
بلڪ ڀارت جو هٿيارن گڏ ڪرڻ ۾ فقط هي مقصد آهي ته
پاڪستان کي پنهنجا من گهريا شرط مڃرائي سگهي، ۽
گهٽ ۾ گهٽ ڪشمير جو حل پنهنجي مرضي مطابق قبول
ڪرائي سگهي، يعني جنگبندي لائين جي بنياد تي.
ڀارت جو آنجهاني وزير اعظم صلح جو ڪوڏيو ۽ سڀني جو
خير خواهه مشهور هو. گوا جي چڙهائيءِ وقت جڏهن پاڻ
آمريڪا جي دوري تي هو، تڏهن هن آمريڪا جي عوام کي
چيو؛ ” صلح اسان جو ايمان آهي “ پر پوءِ جلدي ئي
سندس جنگي مشينن جو رخ گوا ڏانهن مڙي ويو. پاڪستان
کي به ڀارت طرفان صلح جي اهڙي ئي شوق ظاهر ٿيڻ
لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ائين نه آهي ته ڪو اهي هٿيار
ضرور ڪتب آندا ويندا؛ پر انهن جو مظاهرو يا صرف
انهن جو وجود به ساڳئي ئي نموني ۾ خطرناڪ آهي.
ڀارت پنهنجي به انداز هٿيارن جي موجودگيءِ سان،
انهن کي ڪتب آڻڻ کان سواءِ ئي پنهنجا مطلب پورا
ڪري سگهي ٿو. پندرهن سالن کان اسين سخت جدوجهد ۾
مصروف رهيا آهيون، اسان قربانيون ڏنيون آهن، اسان
پنهنجي عوام کي مجبور ڪيو آهي، ته هو پنهنجي واجبي
حصي کان گهٽ گذاري تي اڪتفا ڪن، اسان انهن کي سندن
بنيادي معمولي ضرورتن کان به محروم کيو آهي.
انهيءِ لاءِ ته جيئن ڀارت سان ڪي قدر فوجي توازن
قائم رکي سگهون. اهي سڀ تڪيلفون اسان جي عوام
خندهه پيشانيءِ سان پنهنجي ملڪ جي سلامتيءِ لاءِ
برداشت ڪيون آهن، صلح اتي قائم رکي سگهجي ٿو، جتي
طاقت جو توازن هجي، اهو توازن برصغير ۾ به اهڙيءِ
ريت ضروري آهي، جهڙيءِ ريت دنيا جي صلح لاءِ ضروري
آهي، پرڀارت جي فوجي طاقت ۾ نئين سر اضافي سان،
اسان جون قربانيون به بي اثر ۽ رائگان ٿي رهيون
آهن،
ڀارت دنيا کي ٻڌائي ٿو، ته هن کي چين جي اڳرائي
جو خطرو آهي، ۽ انهيءِ سبب ڪري هن کي پنهنجي فوجي
وسيلن ۽ طاقت کي لڙائيءَ لاءِ تيار رکڻ جي ضرورت
آهي، ان لاءِ انهن مغربي ملڪن کان به مدد وٺڻ جي
ضرورت آهي ، جن سان چين واري جڳهڙي کان اڳ تائين
ڀارت جا فقط زباني تعلقات هئا. ڀارت هاڻي دنيا کي
ڪميونسٽ چين جي خطرن کان خبردار ڪري رهيو آهي.
ٻارهن سالن تائين ڀارت دنيا کي ائين ئي ٻڌايو آهي
ته ايشيا جا ٻه وڏا ملڪ ڀارت ۽ چين هڪٻئي خلاف
ڪڏهن به طاقت استعمال نه ڪندا، ڇاڪاڻ ته هنن جو
تعلق ايشيا سان آهي ۽ ايشياجا اصول مغرب جي اصولن
کان مختلف آهن ڇو ته شهنشاهيت ۽ استحصال جي عقيدن
۽ خود مطلبين کان ايشيا بيخبر آهي، ۽ مغربي اصول
مشرق سان لاڳو ٿي نٿا سگهن، ڀارت ائين به چيو ٿي
ته چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ دائمي دوستي رهندي ۽ اهي
هميشه صلح سان رهندا. پر اوچتو
1962ع
جي آڪٽوبر ۾، انهن مقدس واعدن کي رد ڪيو ويو ۽
دنيا کي هاڻي ” ڪميونسٽ چين جي خطرن “ کان خبردار
ڪيو پيو وڃي- اهي زبردست خطرا، جيڪي ايشيا توڙي
سڄيءِ دنيا لاءِ ڪميونزم ۽ ڪميونسٽ چين طرفان پيدا
ٿي رهياآهن، پر ڪير ٿو ڄاڻي ته مستقبل قريب ۾ ڀارت
وري به ڦڙتي کائي وڃي، ڇو ته هو پاڻ کي هڪ نام
نهاد ” غير جانبدار “ ملڪ سڏائي، پنهنجي قول ۽
عملن کي قبولڻ کان سدائين آجو رهيو آهي. جيتوڻيڪ
ڀارت ڪنهن به مقرر پاليسيءِ تي ڪاربند رهڻ لاءِ
ٻڌل نه آهي، پر ٻيا ملڪ پنهنجن معاهدن جي پابندين
سان ٻڌل آهي، ڀارت سان ڪو به ڏي – وٺ جو شرط لاڳو
ڪونهي. هو دنيا جي ٻنهي حصن کان بهترين امداد حاصل
ڪري رهيو آهي. ۽ ساڳئي وقت پنهنجن عملن جي آزادي
به ماڻي رهيو آهي . ڀارت هوند پنهنجو مسئلو چين
سان به طي ڪري سگهي، اهو ڪو اهڙو حل نه ٿي سگهندڙ
مسئلو ڪونهي. سوال فقط سرحدن کي ترتيب ڏيڻ جو آهي
، سو ڀارت اڃا به ، ڪولمبو طاقتن جي ذريعي، چين
سان اهو معاملو نبيري ٿو سگهي، هڪ دفعو اهو مسئلو
چين سان طي ٿي وڃي، ته پوءِ پنج ” شيلا “ جو فلسفو
شايد وري اپڙي اچي، ۽ اسان کي وري ٻڌايو وڃي ته
سمورو زور ۽ طاقت پوءِ پاڪستان خلاف ايشيا جي هنن
ٻن عظيم ملڪن درميان جهڳڙن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿي
سگهي. ڀارت لڳايو ويندو، ڇاڪاڻ ته ڀارت جي نظرن ۾
فقط پاڪستان ئي هڪڙو بيدين ملڪ آهي.
جيڪڏهن واقعي ڀارت کي عوام چين کان انديشو آهي ۽
فوجي حملي جو خطرو محسوس ڪري ٿو، ته پوکيس ” سيٽو
“ ۽ ” سينٽو “ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. ڀارت ائين ڇو نٿو
ڪري؟ جيڪڏهن واقعي کيس ڪميونسٽ اڳرائي جي شڪار ٿي
وڃڻ جو ڊپ آهي، ته پوءِ هن کي ڪميونسٽن خلاف ٺاهيل
هنن دفاعي تنظمين ساڻ شامل ٿي وڃڻ گهرجي، ته جئين
هو اڳرائيءِ خلاف اجتماعي قسم جي خود – دفاعي
ڇٽيءِ هيٺ اچي وڃي. پر ڀارت ڪڏهن به “ سينٽو“ ۾
شامل نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجو بچاءُ پاڻ
ڪرڻ ، ۾ ڪا به دلچسپي ڪانهي. ڀارت خود هڪ اڳرائي
ڪندڙ ملڪ آهي، ۽ هڪڙو اڳرائي ملڪ ڪڏهن به اهڙي
نظام سان شامل نه ٿيندو، جنهن جو مقصد اڳرائي خلاف
بچاءَ ڪرڻ ۽ صلح کي محفوظ رکڻ هجي. ڀارت ائين نه
ڪندو، ساڳالهه خود ڏيکاري ٿي، ته هو پاڻ اڳرائي
ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو- ۽ اها اڳرائي پاڪستان جي ئي
خلاف ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ڀارت کي چين خلاف اڳرائي ڪرڻ
جي همت ئي ڪانه ٿيندي. ڀارت جي صدر ”ڊاڪٽر راڌا
ڪرشنن آمريڪا ۾ هي اعلان ڪيو، ڀارت جي الڳ رهڻ
واري پاليسيءِ جو اهو مطلب ڪونهي، ته هو ڪو
آزاديءَ کان، صلح کان ۽ انصاف جي واسطي صلح
پسندانه طريقن استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو. “
جيڪڏهن ڀارت جي الڳ رهڻ واري پاليسيءِ جو اهو مطلب
آهي، ته هو آزاديءِ جو خواهان ڪونهي؟ آزادي ۾
دلچسپي رکندڙن لاءِ اهو ضروري آهي ڇا ته ڪو ملڪ
ڪنهن سان شامل هجي يا الڳ هجي، سوشلسٽ هجي يا
سرمائيدار هجي؟ بهرحال، ڀارت جي دعوا آهي، ته هو
به امن ۽ صلح ۾ ايمان رکي ٿو. تنهن هوندي به،
پندرهن سالن جي عرصي ۾ هن لڳ ڀڳ پنج دفعا جارحانه
ڪاروايون ڪيون آهن، سندس صلح جو تصور ڇا آهي؟ ڪنهن
قوم سندس ڪارگذرين مان. ئي پرکبو آهي، ته ان جي
لٻاڙ مان، نه ان جي زباني وعدن مان، ۽ نه وري ان
جي فصيح فقرن مان، جهڙا هي آهن؛ ” صلح اسان جو
ايمان آهي. “
ڀارت پاران ائين چيو ويو آهي، ته عوامي جمهوريه
چين سان سرحدي معاهدو ڪري، پاڪستان هڪڙو عظيم
گناهه ڪيو آهي، عوامي جمهوريه چين پاڪستان جو
پاڙيسري ملڪ آهي ۽ اسان جي ڪيتري ساري سرحد ان جي
پاسي سان آهي پر اسان ڀارت حڪومت جي نظرن ۾ پنهنجي
هڪ پاڙيسريءَ سان سرحدي معاهدي جي تڪميل ڪري هڪ
گناهه ڪيو آهي، جنهن لاءِ اسان کي ڪڏهن به معاف نه
ڪيو ويندا؛ اهو منطق رڳو ڀارتي سياست جي ڄار ۾ ئي
سمائجي سگهي ٿو، ۽ رڳو ڀارتي اڳواڻ ئي ان کي سمجهي
سگهن ٿا.
ڀارت کي اها ڳالهه موزون نظر آئي ته سرحدي معاهدي
۾ هڪڙو خفيه فقرو پڙهي، جنهن مان ڀارت خلاف
پاڪستان ۽ چين جي سازش جو مطلب نڪري ۽ پوءِ هن
فقري کي ڪافي هوا ڏني وڃي. شروعات ۾ اسان ان کي
ڀارتي ذهينيت جي بيوقوفي سمجهي، جواب ڏيڻ جي ضوررت
محسوس نه ڪئي. جواب ڏاڍو سولو آهي، ۽ اهو هي آهي؛
اسان کي آزمايو، اسان سان صلح ڪريو، اسان سان ڪنهن
فيصلي تي اچو، اسان سان جهڙپون بند ڪريو، ۽ ڪوشش
ڪري اسان سان ميٺ محبت ۾ رهو، اهوئي سڀ کان سٺو
طريقو آهي انهيءَ ڳالهه کي معلوم ڪرڻ جو، ته واقعي
ڀارت جي خلاف پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين جو ڪو
خفيه معاهدو آهي يا نه. حقيقت هيءِ آهي ته اسان ڪي
به مخفي معاهدا نه ڪيا آهن. اسان جو اهڙين ڳالهين
۾ ڪو به اعتماد ڪونهي. اڳئين زماني جي مستند زبان
۾، ائين چئجي ته اسين کليل معاهدن کي کليءِ طرح
تڪميل تي آڻڻ ۾ اعتماد رکون ٿا. اسين کليءِ طرح ”
سيٽو “ ۽ ” سينٽو “ سان شامل ٿيان آهيون، ۽ اهي
معاهدا قومي سندون آهن. اسني پنهنجين پاليسين کي
مخفي نه رکندا آهيون. شايد ڀارتي حڪومت ائين ڪندي
هجي۽ شايد سندس خفيه معاهدا ڪيل آهن، پر اسان جا
هٿ صاف آهن، ۽ اسان جو ضمير به صاف آهي. اسان جا
دنيا جي ڪنهن به ملڪ سان خفيه معاهدا نه آهن، جن ۾
چين جي عوامي جمهوريت به شامل آهي، اسين چين جي
عوامي جمهوريت سان ان ڳالهه ۾ متفق آهيون ته
تڪرارن کي پرامن، عزت ڀرين ۽ منصفانه طريقن سان حل
ڪيووڃي. جيڪڏهن انهيءِ کي اوهين خفيه معاهدو
سڏيندا، ته اهڙا معاهدا اسان جا دنيا جي هر ملڪ
سان آهن.
هاڻي ڀارتي نقطه نظر کي جائز ڏيکارڻ لاءِ ڊاڪٽر
راڌا ڪرشن فرمايو؛ ” ڀارت جي غيرجانبداري آمريڪا
جي مفاد خاطر هئي.“ ڀارت جي بلند همتيءَ کي شاباس
ڏجي! آمريڪي حڪومت کي ڀارت جو شڪر گذار ٿيڻ گهرج.
ڊاڪٽر راڌا ڪرشن اڳتي فرمايو؛ ” اسين روس سان
ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سگهون ٿا، هڪڙي طرفدار جي حيثيت ۾
نه، بلڪ انهيءِ قوم جي حيثيت ۾، جيڪا انصاف جي
بلند ترين اصولن جي حفاظت وارين ڪوششن ۾ دلچسپي
رکندي هجي،۽ اتي جي عوام کي چوي ته اهو سندن فرض
آهي ته هو معاملات کي سمجهن ۽ ڪنهن فيصلي تي رسن.
ڀارت وارن جي غيرجانبداري کين انهيءِ حيثيت ۾ رکي
ٿي جو هو روس جي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن،
۽ انهيءِ لاءِ هنن کي اها سموري فوجي امداد گهرجي،
جيڪا کين آمريڪا کان ملي سگهندي هجي، ساڳئي ئي سبب
ڪري هو. پاڻ کي روس کان فوجي امداد وٺڻ جو به
مستحق سمجهن ٿا، انهيءِ ڪري ، هو پنهنجي نام نهاد
غير جانبدارنه پاليسيءَ کي قائم رکڻ چاهين ٿا. ڇو؟
ڇاڪاڻ ته هو روس سان اهڙيءِ طرح ڳالهائي سگهن ٿا،
جئين هڪڙي قوم ٻيءِ قوم سان ڳالهائي، ڀارت جيڪڏهن
روس جي ويهه ڪروڙ عوام سان ڳالهائي سگهي ٿو، ته
اسين به ساڳئي بنياد چين جي عوام جمهوريه جي
پنجهٺ ڪروڙ عوام سان ڳالهائي سگهون ٿا، ۽ اسان جي
دوستن کي انهيءِ تي راضي ٿيڻ اسان کي همٿائڻ
گهرجي، ائين ڪرڻ لاءِ کين اسان کي ايتريقدر به چوڻ
گهرجي، ته اسين معاهدن کي ڇڏي ڏيون. جيڪڏهن ڪا
ڳالهه ڀارت لاءِ مفيد آهي، ته پوءِ ساڳي ئي ڳالهه
پاڪستان لاءِ ڇو مفيد ڪانهي؟ جيڪڏهن پاڪستان جي
اها هڪڙي وصف آهي، جو اهو هڪ طي شده پاليسيءِ جو
پابند آهي، ته ساڳيءِ طرح ڀارت لاءِ هڪ پابند ملڪ
رهڻ جي وصف ڇو نه هجي؟ اها ٻه رخي پاليسي ڇو هئڻ
کپي؟ سڀني ملڪن لاءِ ڪو هڪڙو ئي بين الاقوامي
معيار ۽ هڪڙو ئي بين الاقوامي سطح جو اخلاقي ۽
انتظامي ضابطو ڇو نه هجي؟
دنيا ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو آهي، جيڪي
اجتماعي صورتون وجود ۾ اچي رهيو آهن، ۽ حالتون
جنهن تي هلي رهيون آهن، تنهن جي مدنظر، ڇا اڃا وقت
نه آيو آهي، جو روس کان پڇجي ته هو واقعي هڪ حقيقي
پاليسيءِ تي هلي رهيو آهي؟ روس هڪ وڏو ملڪ آهي، ۽
ان کي مردن، زالن ۽ جانورن کي بيروني خلا ۾ گردش
ڪرائڻ لاءِ مبارڪباد ڏيڻ گهرجي، پر ان کي زمين تي
به پير ڌرڻ گهرجن، اسين پڇڻ چاهينداسين ته هن جي
ڪشمير بابت طرفداري واري پاليسي، جيڪا ڪن حالتن ۾
ڀارت جي پنهنجيءِ پاليسيءَ کان به وڌيڪ ڀارتي
نوعيت جي آهي، سان دنيا جي صلح ۽ سلامتيءِ لاءِ
انتهائي خير خواهيءَ واري پاليسي آهي ڇا؟ جيڪڏهن
ڀارت پنهنجي موجوده حيثيت ۾ آمريڪا ۽ روس جي ٻنهي
ملڪن کان فوجي امداد حاصل ڪري ٿو، ته ڇا ان ۾ هڪ
طبعي ۽ بنيادي اختلاف ڪونهي؟ وقت جي روانيءَ سان
هي اختلاف وڌيڪ ۽ وڌيڪ ظاهر ٿيندو ٿو وڃي. لفظن جي
ڪابه سڻڀي تشريح ۽ سياسي بازيگري ڪڏهن به ناگوار
کي خوشگوار بنائي نه سگهندي. سوشلسٽ دنيا جي
خوابيدهه شهزادي کي پنهنجي اختيار ڪيل پاليسيءِ ۾
بنيادي اختلافن کي محسوس ڪرڻو پوندو، ۽ هن کي
ڪشمير جي جهڳڙي ۾ اصولي طرح ڪنهن صاف ۽ ٺوس نقطه
نظر تي اچڻو پوندو. انهيءَ تنازعي ۾ هن کي
طرفداريءِ واري پاليسيءِ کي ترڪ ڪرڻو پوندو آهي.
ڀارت به ڪشمير بابت پنهنجي شروعاتي معقف کي ترڪ
ڪري چڪو آهي. ڀارت دنيا کي ٻڌايو، ۽ روس کي به
ٻڌايو، ته ڪشمير جو سوال طي شدهه آهي، ڪنهن به
حالت ۾ ان کي وري نه اٿلايو ويندو، ۽ هاڻي اهو ختم
ٿيل معاهدو آهي. ڪشمير جي اندر گذريل ڇهن مهينن جي
عرصي جي ٿيل ڪارواين کان قطع نظر، ڀارت سرڪار ۽
پاڪستان سرڪار جي وچ ۾ ڪشمير مسئلي تي ڳالهائڻ
ٻولهائڻ جا ڇهه دؤر هلي چڪا آهن. اهو ڪافي آهي هن
ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ، ته ڪشمير جو قصو ختم نه
ٿيو آهي. هنن تازن انڪشافن روس جهڙيءِ عظيم طاقت
کي ضرور پريشان ڪيو هوندو، جنهن ڀارت جي طرفداري
انهيءِ خيال کان پئي ڪئي آهي ته ڪشمير هڪڙو بند
ٿيل باب آهي، ڪشمير جو سوال يڪطرفي نموني ڪڏهن به
حل ٿي نٿو سگهي، ۽ ڀارت انهي حقيقت کي اسان سان
هليل ڳالهين ذريعي، هڪ ڀيرو وري به تسلم ڪيو آهي.
پاڪستان هن تنازعي ۾ هڪ ڌر آهي، ۽ اهڙي ئي حيثيت
ڪشمير جي چاليهه لک باشندن جي آهي، جن جي خودارادي
جو حق خطري ۾ آهي.
ٿي سگهي ٿو ته بين الاقوامي حالتن جون مجبوريون
روس کي ڪشمير جي سوال تي سندس موجودهه موقف ۾ ڪنهن
بنيادي تبديلي آڻڻ جي اجازت نه ڏينديون هجن. ڪنهن
حد تائين اهو سمجهي سگهجي ٿو. پر انهيءِ سلسلي ۾
جيڪڏهن ترت ئي ابتدائي قدم کنيو ويندو، ته اهو در
جي بدر جي تبديليءَ واري سان هن کي انهيءَ مسئلي
بابت غير جانبداريءِ جي طرف وٺي ويندو ۽ طرفداريءَ
واري روش کي ترڪ ڪرائيندو. روس جي هيءِ طرفداري
واري روش انصاف جي مفادن وٽان نه آهي. روس کي
انهيءَ سوال جو اڳ – پوءِ جاچڻ تبديلين ۾ ۽ ڏسڻ
کپي ته ان ۾ ڪهڙا اتضاد موجود آهن. جيڪڏهن روس
پاڪستان جي ڏهه ڪروڙ ماڻهن سان دوستي رکڻ چاهي ٿو،
۽ دنيا تي ثابت ڪرڻ چاهي ٿو، ته هو بين الاقوامي
تنازعن کي حق ۽ انصاف جي بنيادي تي طي ڪرڻ جو
خواهان آهي، ته هن کي ائين ڪرڻ گهرجي. هڪ اسلامي
ملڪ جي حيثيت ۾، پاڪستان ايشيا ۽ آفريقا جي سڀني
مسلمان ملڪن سان ۽ دوستي ۽ ڀائپي جو رشتو قائم ڪرڻ
چاهي ٿو. اسان جا ايران ۽ ترڪيءِ سان بلڪل سٺا
تعلقات آهن، ۽ تازو اسان جا تعلقات افغانستان سان
به سڌري ويا آهن. اسين انهن ملڪن سان اڃا به وڌيڪ
ڳانڌاپو چاهيون ٿا. اسين چاهيون ٿا، اسين چاهيون
ٿا ته ايشيا جا انهن سڀني سان دوستاڻا ناتا
آهن،پاڪستان جي هيءِ بيمثال خصوصيت آهي، جو
هومغربي ايشيا ۽ مشرقي ايشيا ٻنهي ۾ سمايل آهي. اڌ
کان وڌيڪ اسان جا باشندا اسان جي ملڪ جي مشرقي حصي
۾ رهن ٿا. اسين ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي عوام ۽
ڏکڻ – اوڀر ايشيا جي باقي حصن جي عوام سان بهترين
حد تائين تعلق ۽ تعاون پيدا ڪري سگهون ٿا. اسين
انهيءِ تعلق ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا.
انهيءَ کان ڪوبه انڪار نه ڪندو، ته ڪشمير تڪراري
علائقو آهي، اهو عالم آشڪار آهي، انهيءَ کي بين
الاقوامي طور مڃيو ويو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته
ڪشمير جا باشندا سڀني کان وڌيڪ ڄاڻڻ آهي، ته سندن
قسمت تي تڪرار آهي، هنن ٻين سڀني کان وڌيڪ ڄاڻ آهي
ته سندن مستقبل جو اڃا فيصلو ٿيڻو آهي. انهيءِ
حقيقت جي مدنظر، اهو بين الاقوامي اخلاق ۽ انصاف
جي ڪهڙي قانون موجب درست ۽ واجب آهي، ته ڪشمير جو
سوال کي ڀارت ۽ چين جي جڳهڙي سان وچڙايو وڃي، ۽ ان
کي ڀارت جي وڏائيءَ ۽ گهمنڊ جو شڪار بڻائجي؟ اڄ
جيڪڏهن ڪشمير پاڪستان جو حصو هجي ها، ته اتي ماڻهن
جي زندگي اهڙي ئي بيخطر ۽ اطمينان واري هجي ها،
جهڙي هنزا يا گلگت يا مظفر آباد جي باشندن جي آهي
پر ڇاڪاڻ ته ڪشمير ڀارت جي قبضي هيٺ آهي، تنهنڪري
ڀارت هن تڪراري علائقي کي پنهنجي لاءَ جنگ جو
ميدان منتخب ڪيو آهي. اڄ ڪشمير جا امن پسند ماڻهو،
جن جو چين سان ڪوبه جهيڙو ڪونهي، جي پنهنجيءِ
سرگذشت ۾ لڙائي کان بيخبر رهيا آهن، سي ڏسي رهيا
آهن ته ڀارت ۽ چين جي لڙائيءَ ۾ سندن وطن جي
بربادي ٿي رهي آهي . هن لڙائي ۾ جنهن سان انهن جو
ڪو به واسطو ڪونهي. |