اسان کان پڇيو ويو آهي. ته هن ٺاهه ڏانهن عربن جو
ڪهڙو رد عمل ٿيندو؟ ان ڏانهن چين جو ڪهڙو رد عمل
ٿيندو؟ عام طرح، جيتريقدر عرب دنيا جو تعلق آهي،
هن وقت تائين ان جو رد عمل ناموافق نه رهيو آهي.
ايوان جي ڪن ميمبرن هن باري ۾ ڪن ملڪن ۾ شايع ٿيل
چوپڙين جو ذڪر ڪيو آهي. جي دراصل راوجي قسم جون
آهن. اسين انهن کي ذميدار اظهار راءِ جي حيثيت نٿا
ڏيئي سگهون. ۽ نڪي ڪي اهو مناسب ٿيندو، عرب دنيا
جي مجموعي تاثر جي ثبوت لاءِ ڪنهن اخبار جو رڳو
هڪڙو حوالو پيش ڪيو وڃي.اوهين دنيا جي ڪنهن به حصي
۾ هڪ اهڙي اخبار ڳولي سگهندا. جيڪا هر قسم جي
ترقيءَ تي تنقيد ڪندي هجي. اسان کي غير ذميدار
اخباري اطلاعن جي ڪري بدگمان نه ٿيڻ گهرجي. مجموعي
طرح عرب دنيا جو رد عمل، ترقيءَ جي علاقائي سهڪار،
ڏانهن ناموافق نه رهيو آهي. ۽ اسان کي اميد آهي.
ته عرب دنيا ان بابت مخالفت رويو اختيار نه ڪندي.
ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه آهي، جيڪا
هنن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي.ٻئي طرف، جيڪڏهن هو
انهيءَ تي مناسب ۽ همدردانه غور ڪندا ته کين معلوم
ٿيندو، ته هو خود به هن نظام مان فائدو وٺي سگهن
ٿا.
جيتريقدر عوامي چين جو تعلق آهي، ان جي طرفان مفيد
رد عمل رهيو آهي هن علاقائي سهڪار جي ڪوشش کي
سارهيو آهي، ۽ ان کي آفريقي- ايشيائي استحڪام لاءِ
هڪ اهم ڪارنامو شمار ڪري ٿو. اهڙو اظهار چين جي
رعيتي راڄ جي صدر، وڏي وزير ۽ پرڏيهي وزير ڪيو
آهي. هاڻي، جنهن حالت ۾ ساريءَ دنيا هن علاقائي
تنظيم کي پسند ڪيو آهي، ۽ جيڪي ملڪ ان ۾ شامل ٿيا
آهن، تن جي عوام لاءِ ان ۾ خوشحاليءَ جي عظيم تر
ترقيءَ جا امڪان سمايل آهن، ته پوءِ مان سمجهي نٿو
سگهان ته مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ سندس پوئلڳن کي ڇو
ان باري ۾ سخت مزاج ٿيڻ گهرجي. هيءَ ڳالهه سمجهه ۾
اچي سگهي ٿي. ته اهو ڪارنامو موجوده حڪومت جي هٿان
سرانجام ٿيو آهي، تنهنڪري کين ان تي تنقيد ڪرڻ
گهرجي. ليڪن منهنجي خيال ۾ اهو مناسب نه آهي، ته
هو هن حڪومت جي خلاف ايتريقدر نفرت رکن، جو ان جي
سود مند ڪمن مان به عيب ڪڍن، ۽ اهڙيءَ طرح
پنهنجيءَ نفرت کي نه صرف پاڪستان جي عوام ۾ بلڪ
ٻين ملڪن جي باشندن ۾ به پکيڙين. هيءَ تنظيم، جنهن
جو اسين ذڪر ڪري رهيا آهيون. سا اسان جي هڪ تاريخي
حاصلات آهي. پاڪستان جي صدر ان جي تڪميل لاءَ هڪ
اهم ڪردار ادا ڪيو، ۽ اهڙي ئي آڌرڀاءَ جو مستحق هو
جهڙو ڪنهن سورمي جو ٿي سگهي ٿو. ۽ جيڪو سندس
پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس اچڻ وقت ڪيو ويو هو.
مخالف ڌر جو محترم اڳواڻ ڪشمير بابت اسان جي
پاليسيءَ تي سدائين نڪته چيني ڪندو رهيو آهي. اسان
کي چيو ويو آهي. ته ڀارت جي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه
ڪرڻ لاءِ حاصل آهي. اوهان کي ياد هوندو ته جنهن
وقت ڀارتي حڪومت سان اسان ڳالهين جا ڇهه دور
هلايا. ته ايوان ۾ انهن خلاف شور مچايو ويو ، ۽
انهن ۾ شريڪ ٿيڻ تي مخالف ڌر جي ميمبرن حڪومت جي
ملامت ڪئي هئي. هو پاڻ تسليم ڪن ٿا، ته ڪشمير جي
مسئلي کي حل ڪرڻ جا فقط ٻه طريقا آهن. هڪڙو
لڙائيءَ جو، ۽ ٻيو سڌي طرح ڳالهين هلائڻ جو. مخالف
ڌر جي اڳواڻ انهيءَ ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو ته سن
1949ع
۾ جيڪا جنگبندي عمل ۾ آئي، سا ڪشمير جي مسئلي کي
لڙائيءَ واري طريقي ان حل ڪرڻ جي امڪان کي رد ڪري
ٿي . بهر صورت، هڪ دانشمند اسان ۽ ڪافي ٻارن جي
پيءَ هجڻ جي حيثيت ۾، هو لڙائي جي تباهڪارين کان ۽
زندگين ۽ب ملڪيتن جي برباديءَ کان باخبر آهي. انهي
ڪري هو لڙائيءَ کي تڪرارن نبيرڻ جو ذريعو نٿو مڃي،
۽ تسليم ٿو ڪري، ته انهن جي حل لاءِ صرف ڳالهين
هلائڻ جوئي واحد طريقو آهي. پر جڏهن اسين ڳالهيون
هلايون ٿا، ته ساڳئي جوش ۽ فصاحت سان، هو اسان جي
ڪاري گذاريءَ جي مخالف ڪري ٿو.
هن روييءَ جو سبب فقط هيءَ آهي، ته مخالف ڌر کي
حڪومت جي هر ڪنهن ڪم تي نڪته چيني ڪرڻي آهي ۽ حال
۾ ان جي عيب جوئي ڪرڻي آهي پر عملي طرح اهو رويو
قطعا غير مفيد آهي. تنهن کان سواءِ هن، ڀارت سان
ڳالهين بابت پنهنجو اعيتراض پيش ڪيو آهي. هو چوي
ٿو، ته اسان کي ڳالهيون هلائڻ گهرجن، پر صرف
پنهنجي شرطن جي بنياد تي ٻن ڌرين جي دوبدو ڳالهين
۾ پنهنجي سر، ڏي ۽ وٺ جو جذبو. سنجيدگي، ٺاهه ۽
فراخدلي سمايل آهي . هڪ طرف هو چوي ٿو، ته اسان کي
ڪنهن به حالت ۾ ماٺائي، ۽ فراخدلي ۽ ٺاهه تي
آمادگي نه ڏيکارڻ گهرجي؛ ٻئي طرف چوي ٿو، ته
پاڪستان جي حڪومت کي ڳالهيون هلائڻ گهرجن.
در اصل ڀارت جي اڳواڻ سان به اسان جي بنيادي
دشواري ساڳي آهي. ڀارت ڇو پاڪستان سان يا پنهنجي
پاڙيسريءَ سان پنهنجن مسئلن کي طي نه ڪري سگهيو
آهي؟ ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي، ته ڀارت جي حڪومت
ڳالهين هلائڻ لاءِ گهربل جذبي کان خالي آهي.
ماضيءَ جي تجربي ڏيکاريو آهي، ته ڀارت مناسب ۽
منصفانه بنياد تي ڏي – وٺ جي اصول جو قائل نه آهي.
اهوئي سبب آهي جو ان پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن
سان تڪرار آهن . تازوئي، اسان ٻڌو آهي، ته ڀارت
جي سريلنڪا واري هاءِ ڪمشنر، تامل زبان جي نمائندن
جي ميٽنگ ۾ پنهنجيءَ تقرير ۾ چيو ته جلدئي اهو وقت
ايندو، جڏهن تامل ٻولي سريلنڪا ۾ پنهنجو جائز درجو
حاصل ڪندي. قدرتيءَ طور، انهيءَ بيان جي ڪري
سريلنڪا ۾ تاءِ پيدا ٿيو. ڀارت ٻين ملڪن جي معاملن
۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، بلڪ انهن مٿان
پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو. هن روش نه
رڳو پاڪستان لاءِ بلڪ اسانجن پاڙيسري ملڪن لاءِ به
مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. مان هڪ خاص مسئلي جو ذڪر
ڪرڻ چاهيندس، جيتريقدر ڀارتي مسلمانن کي پاڪستان
ڏانهن لوڌي ڪڍڻ جو تعلق آهي. ڀارت جي دعويٰ آهي،
ته هڪ خود مختيار حڪومت جي حيثيت ۾ کيس پنهنجن
مسلمان شهرين کي ملڪ مان خارج ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
هو يڪطرفي ۽ جبري فيصلي ڪرڻ جي حق جي دعويٰ ڪري
ٿو، ته ڀارت جا مسلمان ڀارت جا شهري نه آهن، بلڪ
پاڪستان جا داخل ڪيل آهن. انهيءَ بهاني سان، انهن
کي ڀارت منجهان لوڌي پاڪستان اماڻيو وڃي ٿو.
جيتريقدر ڀارتي مسلمانن جو تعلق آهي، ڀارت جي روش
اها آهي. سريلنڪا جي حالت ۾، ڪيئن لک تامل، جيڪي
ڀارت جا شهري آهن، ان ننڍڙي ٻيٽ ۾ ويا آهن.
سريلنڪا جي حڪومت کان ڀارت مطالبو ڪيو آهي ته ڪنهن
به صورت ۾ انهن کي ڀارتي شهري ڪري نه ليکيو وڃي.
ڀارت سرڪار جي خيال موجب، سريلنڪا جي حڪومت کي
انهيءَ قسم جو ڪوبه حق نٿو پهچي ته هنن ڀارت کان
آيل ماڻهن کي جيڪي سريلنڪا ۾ سالن کان وٺي پئي
داخل ٿيا آهن، داخل ٿيل چيو وڃي ، ۽ زياده ۾ زياده
سريلنڪا جي حڪومت ڀارت جي حڪومت کي چوي ٿي ته انهن
ماڻهن جي اصليت بابت ڳالهه ٻولهه هلائي وڃي. ته
ڀارت جي حڪومت انڪار ڪري ٿي. جڏهن اسين ڀارت جي
حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون، ته ڀارت سان بيدخل ڪيل
مسلمانن جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪجي
-- ۽ انهن جي قوميت ۽ اصليت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهجي
ٿي—ته ڀارتي حڪومت ائين ڪرڻ کان انڪار ڪر ي ٿي.
جڏهن اسين چئون ٿا، ته هڪ بين الاقوامي ڪميشن يا
ڪو ٻيو ادارو هئڻ گهرجي، جو هن مسئلي جي فيصل ۾
مدد ڪري، ته ڀارت انهيءَ تجويز کي قبول ڪرڻ کان
انڪاري آهي، ۽ دعويٰ ڪري ٿو. ته پنهنجي فيصلي جي
بنياد تي، ته آيا هو ڀارتي آهن يا پاڪستاني ، کيس
ئي انهن کي ڀارت مان ٻاهر هڪلڻ جو حق حاصل آهي.
جڏهن سريلنڪا ڀارت کان مطالبو ڪري ٿو ته ڳالهه
ٻولهه ذريعي يا ڪنهن مصالحتي ڪميشن يا ڪنهن ٻئي
دستور العمل جي ذريعي، سريلنڪا ۾ داخل ٿيل ڀارتين
جي اصليت بابت فيصلو ڪيو وڃي. ته ڀارت انڪاري آهي
۽ دعويٰ ڪري ٿو ته سريلنڪا جي حڪومت کي ڪوبه حق
ناهي، ته انهن کي ڀارتي شهري تصور ڪري. ڀارت جي
نظرين جو اهو نامناسب استعمال ئي آهي، جو ڀارت ۽
ان پاڙيسرن جي وچ ۾ دشوارين جو باعث آهي. اسان
سريلنڪا سرڪاري جي جائز شڪايتن سان همدردي آهي.
اسان کي اهو فراموش ڪرڻ نه گهرجي ته سريلنڪا اسان
جو هڪ مکيه ۽ دوست پاڙيسري آهي.
جيتريقدر بيدخلين جو تعلق آهي، اسان ڀارت کي
ڳالهين هلائڻ جي آڇ ڪئي آهي. اسان فيصلي لاءِ ٻيا
به طريقا تجويز ڪيا آهن. جهڙوڪ؛ مصالحت يا ڪنهن
قسم جو دستوالعمل . ڀارت ڪنهن به تجويز قبول ڪرڻ
کان انڪار ڪيو آهي، هنن بدنصيب ڀارتي مسلمانن کي
اوڀر پاڪستان ڏانهن هڪليو وڃي ٿو، جا تمام ڳتيل
آباديءَ واري ايراضي آهي، ۽ اڳي ئي ڀرپور آهي.
اسين هنن ماڻهن کي داخل ڪرڻ کان مجبور آهيون. هي
بيدخليون پاڪستان خلاف هڪ قسم اقتصادي اڳرائي آهي.
اسان جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي رهيو آهي، ۽ اهڙو
وقت، بدقسمت وقت، شايد اچي ۽ صورتحال اهڙي ابتر ٿي
وڃي، جو اسان کي خود پنهنجي زندگيءَ خاطر، اک جي
بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند واري اصول تي هلڻ لاءِ
مجبور ٿيڻو پوي.
مان هاڻي برما ۾ ملڪيتن کي قومي بنائڻ وارن قانونن
لاڳو ٿيڻ کان پوءِ جي پيدا ٿيل تاثرات بابت ذڪر
ڪندس. انهن قانونن جي ڪري. اسان کي برما سان
پنهنجن لاڳاپن ۾ اتي رهندڙ پنهنجن باشندن جي مفاد
خاطر ۾ ڪي در ستيون ڪرڻيون پيون، پر برما جي حڪومت
سان مفاهمت ۽ تعاون جي جذبي سان ڪيو ويو. بهرحال،
ڀارت طرفان اهڙي جذبي جو ڪوبه اظهار نه ڪيو ويو.
ان برما جي ملڪيتن کي قومي بنائڻ وارن قانونن جي
ڀڃڪڙي ڪئي، ۽ رنگون ۾ پنهنجي سفارتخاني کي هڪ بئنڪ
۾ تبديل ڪري، برما ۾ پنهنجي شهرين جي دولت جو هڪ
گدام بنايو. نتيجي طور، برما ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾
ڪشيدگي پيدا ٿي ويئي. اسان پاڪستان اندر. برما سان
. نيف “ نديءَ واري مسئلي کي ڏي ۽ وٺ جي جذبي سان
، حل ڪرڻ قبول ڪيو. ساڳئي قسم جي صورتحال ۾، ڀارت
ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ۽ برما سان ان جي نيف
واري سرحد اڃا تائين اڻ فيصل آهي.
نيپال ۽ ڀارت جا لاڳاپا شايد هاڻي سڌري رهيا آهن،
اسان کي پوري اميد آهي ته اهي سڌرندا. بهرحال ،
ماضيءَ ۾ انهن ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪشيده هئا، ۽
ڀارت هر ڪنهن موقعي تي نيپال جي اندروني معاملن ۾
مداخلت ڪندو ٿي رهيو. اهڙيءَ طرح ، پاڪستان ڏانهن
ڀارت جي رويي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ اهو ضروري
آهي ته ڀارت جي ذهنيت ۽ ڪردار جو نه رڳو پاڪستان
بلڪ ان جي ٻين پاڙيسري ملڪن ڏانهن. به مطالعو ڪرڻ
گهرجي. پاڪستان ڀارت جو اهم ترين پاڙيسري آهي، فقط
انهيءَ ڪري ڀارت پاڪستان کي پنهنجو ”اول نمبر
دشمن“ سمجهي ٿو.
هي ذڪر مون کي ٻيهر ڪشمير جي سوال ڏانهن اڻي ٿو هن
سوال کي انهيءَ مجموعي صورتحال کي آڏو رکي ڏسڻو
آهي، جنهن جو آئون ذڪر ڪري چڪو آهيان. ڪشمير بابت
ڪي اهم واقعا ظهور ۾ آيا آهن. شيخ عبدالله کي جيل
مان آزاد ڪيو ويو آهي. اسان کي چيو ويو آهي. ته
اسين انهيءَ بابت ڪوبه داد طلب نه ڪريون. اسان
انهيءَ بابت ڪوبه داد نه طلبيو آهي. ليڪن هيءَ
حقيقت آهي، ته اقوام متحده ۾ اسانجين ڪوششن ڪنهن
طرح ان ڏس ۾ مدد ڪئي آهي. اسان مڪمل طور انهن
حالتن کي جن جي ڪري شيخ عبدالله جي آزادي عمل ۾
آئي. ترتيب ۾ نه آندو. جيتوڻيڪ سندس آزادي گهٽ ۾
گهٽ ڪنهن حد تائين سلامتي ڪائونسل ۾ سان جي طرفان
انهيءَ معاملي کي ٻيهر پيش ڪرڻ سان لاڳاپيل هئي.
ليڪن انهيءَ ڪري اسين ڪو داد طلب ڪرڻ جي ڪوشش نه
ڪري رهيا آهيون. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ
عبدالله جي آزاديءَ ڪشمير جي صورتحال کي هڪ نئون
رخ ڏنو آهي. جيڪي ڪجهه ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي. تنهن
کي اسين بيحده دلچسپيءَ ۽ ڳوڙهي فڪر سان جاچي رهيا
آهيون.
ڀارت سرڪار رٿ ڏني آهي، ته ڪشمير جي تڪرار کي
ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ اسان جي صدر کي ڀارت جي
وزير اعظم لال بهادر شاستريءَ سان ملڻ گهرجي. اسين
ڀارت سان پنهنجن اهم اختلافن جي باري ۾ ڳالهين ڪرڻ
لاءِ هردم تيار ۽ آماده آهيون، پر ڳالهين جي مفيد
نتيجن لاءِ اهو ضروري آهي، ته ڀارت جي نيت ۾
تبديلي اچي ۽ ڪشمير جي تڪرار کي نبيرڻ لاءِ ڀارت
جي دلي ارادي جو ڪو ثبوت هجي. چوٽيءَ جي ڪا ملاقات
هميشه انتهائي اميد ۽ انتظار پيدا ڪندي آهي. هڪ
چوٽيءَ جي ڪانفرنس مان ماڻهو ڪنهن ٺوس نتيجي جي
توقع ڪندا آهن. اهوئي سبب هو جو
1962ع
۾ جڏهن اهو تجويز ڪيو ويو هو ، ته وزيراعظم نهرو ۽
صدر ايوب جي وچ ۾ هڪ چوٽي ءَ جي ڪانفرنس ٿئي. ته
اسان اهاءَ راءِ ڏني ته مسئلن کي صاف ڪرڻ ۽ انهن
جي بنيادي اصولن جي تشريح ڪرڻ لاءِ اهو وڌيڪ مناسب
ٿيندو، ته اول هيٺينءَ سطح تي ڪا گڏجاڻي ٿئي. اهو
ئي سبب هو جو شروعات ۾ وزارتي سطح تي ڳالهيون
هلايون ويون. اسين اڃا به انهيءَ طريقي جا حامي
آهيون. چوٽيءَ جي ڪانفرنس فقط تڏهن ئي ٿيڻ گهرجي،
جڏهن ان مان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين کڙتيل نڪرڻ جي
اميد هجي، پوءِ ڀل ته مڪمل فيصلي تائين پهچڻ جي
نوبت نه اچي.
انهيءَ ڪري، اسان جو خيال آهي، ته ٻنهي ملڪن جي
سربراهن جي گڏجاڻيءَ لاءِ ميدان هموار ڪرڻ خاطر
وڌيڪ مناسب ٿيندو، ته ٻيهر وزيرن جي گڏجاڻي جو
انتظام ڪجي. پر اهو انهيءَ حالت ۾ ٿيڻ گهرجي، جڏهن
پاڪستان سان فيصلي کي مڪمل طرح نبيرڻ لاءِ ڀارت جي
ايماندارنه خواهش هجي. ان جون ڪي علامتون آهن يا
نه، اهي ڪنهن کي به نظر نٿيون اچن. جيڪڏهن واقعي
ڪا اهڙي خواهش هجي ها، ته ڀارت هوند ڪڏهن به ڪامن
ويلٿ ڪانفرنس ۾ پاڪ – ڀارت تڪرارن جي بيزار حوالي
تي برگشته نه ٿئي ها. سواءِ تقريرن جي ، جيڪي
تازيون ڪيو ويون آهن. ڪي به ٻيون علامتون نه آهن.
تقريرون ته ماضيءَ ۾ به ڪيو ويون هيون.
ڀارت جو اقتصادي سرشتو تيزيءَ سان بگڙي رهيو آهي.
اسين ان لاءِ فڪرمند آهيون، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي
ڪري انهن ماڻهن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. جن
ماضيءَ ۾ اسان سان گڏ گذاريو آهي. غريب بذات خود
هڪڙي هيبتناڪ چيز آهي. پر هاڻي اسين بک کان بيحال
ٿيندڙ ڀارت بابت ۽ ان ملڪ ۾ فاقه ڪشيءَ ۽ غذائي
فسادن بابت ٻڌون پيا. صورتحال بيحد افسوسناڪ آهي،
۽ اسين ان جو بنا دير خاتمو ڏسي خوش ٿينداسين.
ڀارت کي هڪ وسيع آباديءَ جي پرورش ڪرڻي آهي. ان جي
آبادي چاليهن ڪروڙن کان به وڌيڪ آهي. جنهن صورت ۾
ان جي پنهنجي آبادي فاقن ۾ مبتلا آهي. تڏهن اسين
سمجهي ئي نٿا سگهون ته ڀارت کي ڄمون ۽ ڪشمير جي
چاليهه لک باشندن جو وڌيڪ ٻوجهه ڇو کڻڻ گهرجي؟
کيس انهن کي پنهنجي بيٺڪي راڄ کان آزاد ڪرڻ گهرجي،
انهيءَ لاءِ ته هو پاڻ کي پاڪستان سان وابسته ڪري،
۽ گهرج ۽ مصيبت کان به نجات حاصل ڪري. جيڪڏهن ڀارت
ائين ڪندو، ته کيس هڪ وڏي ذميداريءَ کان نجات
ملندي. بهر صورت، انهن ماڻهن جي تقدير پاڪستان جي
عوام سان وابسته آهي.
بدقسمتي ءَ سان بيٺڪي طاقتون پنهنجين بيٺڪن تان
دستبردار ٿيڻ ڪڏهن به پسند نه ڪنديون آهن. اهو
ساريءَ دنيا جي بيٺڪي حڪومتن جي تاريخ مان ظاهر
آهي. تازوئي جڏهن مون ڀارت ۽ پورچوگال جي. سندن
انفرادي حيثيتن جي واضح ڇنڊڇاڻ جي بنياد تي ڀيٽ
ڪئي، ته ڀارتي اخبارن منهنجي خلاف هر طرح جي بهتان
بازي شروع ڪري ڏني. خير، اهي ڀلي پنهنجيءَ مهم کي
جاري رکن – ايستائين جاري رکن، جيستائين ڀليل ڳئون
پنهنجي ڀاڻ تي موٽي اچي. پر هي اهڙيون حقيقتون
آهن، جن کان انڪار ڪري ئي نٿو سگهجي. اسان کي
معلوم آهي. ته برطانيا پنهنجين ڪيترين ئي بيٺڪن
تان دستبردار ٿي ويو آهي. فرينچن ساڳيءَ طرح ڪيو
آهي ؛ ڊچن به ائين ڪيو آهي؛ ۽ بيلجم وارن به ائين
ڪيو آهي – صرف پورچوگال ۽ ڀارت ئي آهن. جيڪي بيٺڪن
تي قبضو ڄمائي ويٺا آهن.پورچوگال جو موزئمبڪ ۽
انگولا تي قبضو آهي؛ ڀارت جو ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو
آهي. ڀارت ۽ پورچوگال جي لاڳاپن خراب هجڻ جو هڪڙو
سبب اهو به آهي ته ٻيئي پنهنجي بيٺڪي تسلط کي قائم
رکڻ لاءِ مقابلو ڪري رهيا آهن هيءَ ڪا ڀارت جي
شڪايت نه آهي، بلڪ صرف حقيقتن جو اظهار آهي.
حڪومت کي مجبور ڪندا. ته پاڪستان سان ڪنهن ٺاهه تي
اچي. پنهنجي طرفان. اسين ڪشمير جي سوال جي باعزت ۽
منصفانه حل لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين . مان ايوان
کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ، ته ڄمونءَ ۽ ڪشمير جي باشندن
کي سندن خوداراديت جي حق ڏيارڻ لاءِ اسين پنهنجن
ڪوششن ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي. نه ڪنداسين. هي اسان جو
قومي فرض ۽ قومي تقاضا آهي. جنهن کي پاڪستان
ضرور انجام ڏيندو.
ڪن ميمبرن طرفان آمريڪا ۽ چين سان اسانجا لاڳاپن
جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيئن اسان اڪثر چيو آهي.
آمريڪا سان پنهنجن لاڳاپن ۾ پيدا ٿيل ڪشيدگيءَ کي
اسين پسند نٿا ڪريون؛ پر ان لاءِ ذميدار اسين نه
آهيون، آمريڪا سان اسين ڪيترن ئي مفادن ۾ گڏ
آهيون. اسان جي عوام جي اقتصادي ترقي لاءِ هن ملڪ
گهڻوئي ڪجهه ڪيو. اسان ۾ ڪهڙيون ئي خاميون عيب
هجن، ليڪن اسين احسان فراموش نه آهيون. اسان کي
احساس آهي، ته آمريڪا اسان لاءِ ڇاڇا ڪيو آهي؟
پنهنجي طرفان، اسان ڪڏهن به واعدن جي بجا آوري ۾
ڪوتاهي نه ڪئي آهي. ليڪن، بدقسمتيءَ سان هڪ اهڙي
صورتحال وجود ۾ اچي ويئي آهي، جنهن جي ڪري آمريڪا
سان اسانجن لاڳاپن ۾ ڪي قدر تلخي پيدا ٿي آهي. اها
اسان جي مٿان مڙهي ويئي آهي. جئين مون ابتداءَ ۾
ئي چيو، پاڪستان ۽ ان جي عوام جي مفادن جي حفاظت
کان وڌيڪ ٻي ڪابه ڳالهه اسان لاءِ اهميت واري نه
آهي. اسين ان کي پنهنجو بنيادي فرض تصور ڪندا
رهنداسين. اسين اميد ٿا. ڪريون، ته آمريڪي حڪومت ۽
عوام اسان جي ملڪ کي پيش آيل دشوارين جو اندازو
لڳائيندا.
اسان کي آمريڪا طرفان خاطريون ڏنيون ويون آهن، ته
پاڪستان خلاف اڳرائيءَ جي حالت ۾ آمريڪا پاڪستان
جي مدد لاءِ ايندو. بهرحال ، عملي معنيٰ ۾، اهي
خاطريون، جن لاءِ ڪوبه شڪ ناهي ته اهي نيڪ ارادن
سان ڏنيون ويون آهن، مشڪوڪ حيثيت جون آهن، جيئن
مون ايوان جي هڪ گذريل اجلاس ۾ چيو هو، اهو فيصلو
ڪرڻ بيحد مشڪل آهي. خاص طرح جديد قسم جي لڙائيءَ ۾
ته ڪير اڳرائيءَ ڪندڙ آهي. ۽ ڪير اڳرائيءَ جو شڪار
آهي. جيستائين ان ڳالهه جو فيصلو ٿئي، تيستائين
جنهن کي جيڪي ڪرڻو هوندو سو ڪري ڇڏيندو، ۽ جيڪي
نقصان ٿيڻو هوندو سو ٿي ويندو.
ڇا، آمريڪا ان وقت ائين ڪري سگهندو، ته ڀارت کي
اڳرائي ڪندڙ ۽ پاڪستان کي مظلوم ٺهرائي؟ ازانسواءِ
آمريڪا اسان کي ان وقت قسم جي امداد ڏيڻ لاءِ
تيار ٿيندو؟ڇا ڀارت کي ڏنل اقتصادي ۽ فوجي امداد
واپس ورتي ويندي يا. اقوام متحده طرفان ان جي خلاف
اقتصادي بائيڪاٽ يا ڪنهن ٻئي قسم جو قدم کنيو
ويندو؟ يا، اها امداد ” نيٽو “ جي نموني تي هوندي
ته پاڪستان خلاف اڳرائيءَ کي آمريڪا خلاف اڳرائي
سمجهيو ويندو؟ ساڳئي وقت، آمريڪا نه رڳو پاڪستان
جي سرحدن لاءِ بلڪ آزاد ڪشمير جي سرحدن لاءِ به
ضمانت ڏيڻ لاءِ آماده ٿيندو ؟ جيتريقدر اسان جي
طرف جو تعلق آهي، ڪشمير جي تقدير اسان جي تقدير
سان ڳنڍيل آهي، ۽ انهيءَ ڪري آزاد ڪشمير جو به
انهيءَ خاطريءَ جي دائري اندر اچڻ لازمي آهي. اهي
۽ ٻيا اهڙا معاملا غور طلب آهن، ائين نه آهي ته
ڪو اسين موجوده تڪليفن کي ختم ڪرڻ نٿا گهرون،
ليڪن، صورتحال سنگين ۽ پيچيده آهي، ۽ اسين ڪي به
خيالي ضمانتون قبول نٿا ڪري سگهون. ائين ڪرڻ عوام
سان دوکو ڪرڻ آهي. عوام ۾ هي ويساهه ويهارڻ ته
اسان کي ملڪي خود مختياريءَ ۽ ٻين مفادن جي
سلامتيءَ لاءِ جيڪا خاطري ڏياري ويئي آهي. سان
ڪافي آهي.—اهڙي ويساهه گهاتي کان وڌيڪ بهتر آهي.
ته اسين پاڻ کان وڌيڪ طاقتور ۽ زوردار پاڙيسريءَ
سان پنهنجن لاڳاپن جي مڙني خطرن کي مردانگيءَ سان
منهن ڏيون.
جيئن مخالف ڌر جي اڳواڻ اشارو ڏنو آهي. اسان قبرص
جي حالت ۾ ڏٺو آهي، ته آمريڪا طرفان يونان ۽
ترڪيءَ کي ڏنل فوجي امداد، ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي
خلاف استعمال ڪئي. هي هڪ تمام تازو مثال آهي.
جيڪو ظاهر ڪري ٿو. ته عملي طرح هن قسم جون خاطريون
سچ پچ ڪارگر ثابت ٿي نٿيون سگهن.
قبرص جي معاملي ۾ اسان کي اهو ٻڌي خوشي ٿي آهي. ته
حالتون البت اميد افزا ٿي رهيون آهن. ۽ دعاگو
آهيون ته جلد ئي ان جو ڪو معقول حل نڪري اچي،
اسين، بهرحال قبرص جي معاملي ۾ ڀارت جي رويي تي
حيران آهيون. ماضيءَ ۾ دنيا لاءِ جيڪي مفيد هو،
ڀارت نه رڳو ان جو پرچار ڪندو رهيو، بلڪ ان تي عمل
ڪرڻ جي هدايت ۽ تاڪيد به ڪندو رهيو، پر گذريل ٿورن
سالن ۾ ڀارت البت بيپرواهه ۽ خاموش رهيو آهي. اسان
ڏٺو آحي ته ويٽنام جي سوال تي ڀارت بلڪل خاموش
رهيو آهي، هالانڪ ڀارت بين الاقوامي ڪنٽرول ڪميشن
جي بلڪل خاموش رهيو آهي، حالانڪ ڀارت بين الاقوامي
ڪنٽرول ڪميشن جي مدد گار چيئرمين جي اهم حيثيت رکي
ٿو. قبرص جي حالت ۾، بهرحال، ڀارت ميڪاريوس جي
حڪومت کي پنهنجي همدردي ۽ حمايت پيش ڪرڻ لاءِ فورا
اڳتي وڌيو، ۽ ان طرح ٻنهي حڪومتن جي گڏيل ارادن جي
تصديق ڪيائين؛ ڀارت جي حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ مسلمان
اقيلت کي ختم ڪرڻ ۾ مشغول آهي، ته ميڪاريوس جي
حڪومت قبرص ۾ ترڪي مسلمانن جي اقليت کي ختم ڪرڻ ۾
رڌل آهي.
عوامي چين سان اسان جي لاڳاپن بابت مخالف ڌر جي ڪن
ميمبرن چيو آهي، ته اهي حالتن جي سازگار هجڻ ڪري
پاڻيهي سڌريا آهن. ڀلي ته انهيءَ سڌاري جو داد
اسين حالتن کي ئي ڏيون. ظاهر آهي ته حالتن جو
سازگار يا ناسازگار اثر ئي آهي، جنهن مان
ڪاميابيءَ يا ناڪاميابيءَ جو نتيجو نڪري ٿو.
ماضيءَ ۾ جڏهن هو طاقت ۾ هئا، ته حالتون سندن خلاف
هيون ۽ هو ناڪام رهيا؛ هاڻي حالتن اسان جي مدد ڪئي
آهي، ۽ اسين ڪامياب ٿيا آهيون. بهرحال، چين سان
اسان جا لاڳاپا غير حقيقي قسم جا نه آهن. انهن جو
بنياد فقط انهيءَ ڳالهه تي نه آهي، ته ڀارت سان
چين جو تڪرار آهي، ۽ اسان جو به ڀارت سان تڪرار
آهي . پاڪ – چين لاڳاپن جو اهو بنياد نه آهي. انهن
جو بنياد ٺوس حقيقتن تي آهي. چين پاڪستان جو هڪ
ويجهو پاڙيسري آهي، جنهن سان اسان جي گهٽ ۾ گهٽ
چار سؤ ميلن جي سرحد لاڳو آهي. هڪ ننڍي ملڪ جي
حيثيت ۾، اسان جو ايمان آهي، ته چين جي داخلا
کانسواءَ اقوام متحده کي تقويت ڪانه ملندي. ستر
ڪروڙ مانهن کي اقوام متحده ۾ شامل ٿيڻ کان خارج
ڪري، اوهين دنيا ۾ بين الاقوامي قانون نافذ ڪرڻ جي
اميد نٿا رکي سگهو. اهوئي سبب آهي جو اسان اقوام
متحده ۾ چين کي شامل ڪرڻ جي پٺڀرائي ڪئي آهي.
مخالف ڌر جي اڳواڻ جو ائين چوڻ ته اسان رڳو گذريل
سال چين جي پٺڀرائي ڪئي هئي، سو غلط آهي، جناب
والا ، اوهان ياد هوندو، ته جنرل اسيمبليءَ ۾ اسان
جي وفد جي هڪ ميمبر جي حيثيت ۾، گذريل سال کان به
هڪ سال اڳ، اوهان عوامي چين جي پٺڀرائي ڪرڻ جي
فائدي ۾ ووٽ ڏنو هو، اسان جو يقين آهي ته چين کي
اقوام متحده ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت ملڻ گهرجي، ڇاڪاڻ
ته ان کان سواءِ بين الاقوامي قانون نافذ ٿي ڪونه
سگهندو. اسان جو اهو به يقين آهي، ته اقوام متحده
۾ چين کي شامل ڪرڻ بنا اوهين ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾
جهڳڙن جا ڪي مستقل ۽ پائيدار فيصلا نه ڪري سگهندا.
اسان جو يقين آهي ته جيستائين چين جو رعيتي راڄ،
جيڪو ستر ڪروڙ انسانن جي نمائندگي ڪري ٿو، اقوام
متحده مان غير حاضر آهي، تيستائين اوهان کي بامقصد
۽ تعميري نموني ۾ هٿيارن تي بندش، يعني عام ۽ مڪمل
بندش، جيڪا سڀني جي دلي تمنا آهي، هر گز ميسر نه
ٿي سگهندي. اسين به هڪ حصو آهيون. پر چين افريڪا ۽
ايشيا جو هڪ مکيه حصو آهي. اسين افريڪا ۽ ايشيا جي
عوام جي خوشحاليءَ ۽ خير سلامتيءَ جي واڌاري لاءِ،
انهن ملڪن ۾ پورچو گال ۽ ڀارت جي قائم ڪيل بيٺڪي
طاقتن توڙي انهن جي بچاءَ بندن کي ختم ڪرڻ لاءِ
چين ۽ ٻين سڀني صلح پسند ملڪن جو ساٿ ڏينداسين، جي
ايشيا ۽ آفريقا جي باشندن جي نجات ۾ يقين رکن ٿا،
۽ انهن مان چين هڪ اهم ترين ملڪ آهي.
اسان لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه خوشيءَ ۽ اطمينان
جهڙي ڳالهه ڪانه ٿيندي. جيڪڏهن اهڙيءَ صورتحال
۾،جهڙي صورتحال آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ موجود آهي،
قطعي طور تبديلي اچي وڃي، جنهن کي آئون ٻنهي ڌرين
وچ ۾ ڪو ٺهراءِ به بلڪ صورتحال جي حقيقي پهلوئن جو
اعتراف چوان ٿو. انهن ٻن عظيم طاقتن جي وچ ۾ جيڪا
مشڪل صورتحال موجود آهي. جيتوڻيڪ اها ڪي قدر جڙتو
آهي، تنهن مان پار پوڻ اشد ضروري آهي. جيڪڏهن ائين
ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو، ته امن ۽ سلامتي ءَ جي سر
بلنديءَ لاءِ اهو هڪڙو ئي قدم اهم ترين ثابت
ٿيندو. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ. پاڪستان هر
ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آماده ٿيندو. اسين اهو
ڪنهن خيالي آس جي جذبي هيٺ نه چئي رهيا آهيون.
اسين ڄاڻون ٿا ، ته دنيا جي حالتن جي اها تقاضا
آهي ته ڪنهن مرحلي اتي آمريڪا ۽ چين جي هاڻوڪيءَ
ڇڪتاڻ ۾ ماٺائي اچڻ لازمي آهي. موجوده صورتحال
گهڻو وقت چٽاءَ نه ڪندي. انهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾
عدم تعاون هجڻ ڪري آمريڪا ۽ چين جا باشندا، بلڪ در
اصل ساريءَ دنيا جا باشندا خساري ۾ آهن. تاريخ جون
قوتون ۽ واقعن جون مجبوريون، لازمي طرح، بنا رڪاوٽ
جي حرڪت ۾ اچي وينديون. ائين چوڻ ته روس ۽ آمريڪا
جي لاڳاپن ۾ خوشگواري دنيا جي امن لاءِ فائديمند
آهي، ۽ ساڳئي وقت اها دعويٰ ڪرڻ ته چين جي علحدگي
دنيا جي امن لاءِ فائديمند آهي، سا هڪ غلط ڳالهه
آهي. اهي ٻه رخا معيار ملامت جي لائق آهن ، ۽
ويهين صدي ءَ جي هن پوئين اڌ ۾ اهي حڪمت عمليءَ جي
دائري ۾ نٿا آڻي سگهجن. اسان کي اميد آهي ته عقل ۽
انصاف جون قوتون، دوبدو ڳالهه ٻولهه ڪري ڪرڻ جا
اپاءَ ۽ فرخداليءَ جا جذبا پنهنجو اثر ڏيکاريندا.
چين – آمريڪي لاڳاپن ۾ سڌاري جو سبب بڻبا. مان
وري به دهرايا ن ٿو ته هن معاملي ۾ اسين جيڪو به
وس آهر ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا، تنهن لاءِ هر وقت
آماده ٿينداسين.
تقرير ختم ڪرڻ کان اڳ، مان اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو،
ته پاڪستان جي موجوده پرڏيهي پاليسيءَ هڪ بامقصد
پاليسيءَ آهي ، جنهن جو بنياد صرف هڪڙي مقصد تي
آهي – اهو آهي پاڪستان جي باشندن جي سلامتي ۽
خوشحالي، ٻيا ڪي به مقصد نه آهن. اسين پاڪستان جي
بنيادي مفادن کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون،
پوءَ ڀل ته ڪهڙا به فائدا – خيالي، غلط ۽ فضول
فائدا—ڪنهن به قسم جي ٻين مقصدن مان حاصل ٿي
سگهندا هجن. اسين اها لٻاڙ نٿا هڻون ، ته اسان جي
پرڏيهي پاليسي آزاد آهي، ڇاڪاڻ ته اسين ان تي ڪي
به مهرون يا نشان لڳائڻ نٿا چاهيون. اسين ايتروئي
چوڻ گهرنداسين ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ جي
بنيادي ساخت ۾ ڪنهن به ڦير گهير ڪرڻ بنا. اسين ان
کي خوداريءَ سان اختيار ڪري رهيا آهيون. ماضيءَ ۾
ساڳئي بنياد تي هنن غلاميءَ واري پرڏيهي پاليسيءَ
اختيار ڪئي. جنهن پاڪستان کي ان جي ساري وقار کان
محروم رکيو ڪي اهڙا به آهن، جي اسان کي اسان جي
پاليسيءَ ۾ قدري آزادي آڻڻ خاطر معاهدن کي ترڪ ڪرڻ
جي تلقين ڪن ٿا. انهن کي معلوم هئڻ گهرجي ، ته
سواءِ انهيءَ تبديلي آڻڻ جي . جنهن جي تقاضا ڪن
ٿا. اسان اها آزادي حاصل ڪئي آهي. جيڪي شخص ڪنهن
بنيادي تبديليءَ جي خلاف آهن، ۽ ساڳئي وقت غلاميءَ
۽ تابعداريءَ لاءِ فڪر مند نه آهن، تن کي اسين
ٻڌايون ٿا، ته اهڙي ڪابه تبديلي نه آندي ويندي، ۽
جڏهن به اسان جي پاليسيءَ ڪنهن اجتماعي تنظيم
پٽاندر عمل ۾ ايندي، ته اسان جي شان، خودداريءَ ۽
خود مختياريءَ کي ڪوبه ڇيهو نه رسندو. اسين انهن
کي، جيڪي اسان کي چون ٿا ته اسين صرف انهي ءَ حالت
۾ آزاد پرڏيهي پاليسيءَ اختيار ڪري سگهنداسين،
جڏهن اسين پنهنجن طريقن ۾ تبديلي آڻيون. چئون ٿا
ته ويهين صديءَ جي ممڪنات ۾ اسين بنان ڪنهن تبديلي
آڻڻ جي خود مختيار پاليسيءَ اختيار ڪري سگهون ٿا.
موجوده حڪومت همت ۽ حوصلي سان، ملڪ جي پرڏيهيءَ
پاليسيءَ ۾ ڪنهن بنيادي ڦير گهير ڪرڻ بنا، پاڪستان
جي مفادن لاءِ ڪم ڪيو آهي. پر جيڪڏهن ملڪ جي مفادن
خاطر ڪنهن بنيادي تبديليءَ جي ضرورت پيش آئي، ته
اها تبديلي پڻ ڪئي ويندي. |