شيخ مجيب الرحمان جو ايلچي شام جو اٺين وڳي غلام
مصطفيٰ کر کي وٺڻ لاءِ آيو. غلام مصطفيٰ کر ان
ايلچيءَ کي ٻڌايو، تھ جيئن تھ صورتحال ۾ ڪابھ نئين
تبديلي نھ آئي ھئي، تنھنڪري سندس اڳواڻ کي ٻڌائڻ
لاءِ ڪابھ نئين ڳالھھ نھ ھئي، تنھنڪري چڱو ٿيندو
تھ گڏجاڻي ملتوي ڪئي وڃي.
26
تاريخ صبح جو ڪراچي رواني ٿيڻ
کان اڳ اسان شايد وري صدر سان ملون ۽ جيڪڏھن ڪي بھ
اھم تبديليون ٿيون، تھ پوءِ اسين ترسي پونداسين ۽
شام جو عوامي ليگ جي اڳواڻ سان ملنداسين. ايلچي،
انھيءَ وقت غلام مصطفيٰ کر کي ٻڌايو، تھ صدر شام
جو ستين وڳي، اڳي ئي ڍاڪا مان روانو ٿي چڪو آھي.
اسان ايوان صدر ۾ فون ڪري، ان جي پڪ ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر تصديق ٿي نھ سگھي.
انھيءَ شام جو شيخ مجيب الرحمان ھڪ بيان ڪڍيو ۽
27
مارچ تي عام ھڙتال جو اعلان
ڪيو، تھ جيئن چٽگانگ ۾ ۽ ڪجھھ ٻين ھنڌن تي فوج جي
کنيل قدمن جي نندا ڪري سگھجي. مون کي ياد آھي، تھ
مون انھيءَ صورتحال متعلق پنھنجي ساٿين سان
ڳالھائيندي پڇيو ھو، تھ اھڙيءَ نازڪ گھڙيءَ ۾ اھو
قدم ڪنھن ڪمزوريءَ جي نشاني آھي يا ھاسيڪاري ڪنھن
سوچيل سمجھيل منصوبي مطابق کنيو ويو آھي؟
رات جو اٽڪل ساڍي ڏھين وڳي اسان رات جي ماني کائي،
پنھنجن ڪمرن ڏانھن روانا ٿياسين. ھڪ ڪلاڪ کان پوءِ
بندوقن جي آوازن تي اسان سجاڳ ٿياسين. ڪيترائي
دوست منھنجي ڪمري ۾ گڏ ٿي چڪا ھئا، ۽ اسان فوج کي
چرپر ڪندي ڏٺو. اسان پنھنجي ھوٽل جي ڪمري مان ٽن
ڪلاڪن تائين فوجي آپريشن ڏسندا رھياسين. ڪيتريون
جايون سڙيون پئي ۽ اسان ”دي پيوپل“ اخبار جي آفيس
واري جاءِ ڊھندي ڏٺي. ھيءَ مقامي انگريزي روزانو
اخبار، فوج ۽ اولھھ پاڪستان خلاف چِڙ ڦھلائڻ ۾
گھڻي اڏول، نڊر ۽ اڳڀري ھوندي ھئي. پنھنجي چؤڌاري
ماحول ٻرندو ڏسي منھنجا خيال ماضي ۽ مستقبل ڏانھن
موٽي ويا. آئون سوچڻ لڳس، تھ نيٺ اسان جو ڇا
ٿيندو. ھتي آئون پنھنجي اکين آڏو منھنجي پنھنجي
ماڻھن جو موت ۽ تباھي پئي ڏٺي. ڪنھن بھ ڳالھھ تي
سڌيءَ طرح سوچڻ ڏکيو ھو. منھنجي ذھن ۾ ڪيترائي
ويچار ايندا ۽ ويندا رھيا. ڇا اسان اھڙي ھنڌ پھچي
چڪا آھيون، جتان موٽي نٿو سگھجي- يا ڇا وقت اھي ڦٽ
ڇٽائي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ھڪ نئون بابُ کوليندو؟
مون چاھيو ٿي، تھ ڪاش آئون ان جو جواب ڄاڻي سگھان!
26
تاريخ صبح جو ڪرنل سعيد اسان
کي ھوائي اڏي تائين وٺي ھلڻ لاءِ آيو. جيئن ئي
اسين ھوٽل جي لابيءَ مان پئي لنگھياسين، تھ پرڏيھي
صحافين جو جٿو اسان کي گھيري ورتو ۽ ھو ڪيترائي
سوال پڇندا رھيا، پر مون کين ڪوبھ جواب نھ ڏنو.
ھوائي اڏي ڏانھن ايندي ڪرنل سعيد مونکي ٻڌايو، تھ
شيخ مجيب الرحمان کي رات جو ڏيڍ وڳي سندس گھر تان
گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ ھينئر کيس ڪنٽومينٽ جي ھڪ
اسڪول ۾ رکيو ويو آھي. مون ڪرنل سعيد کي چيو، تھ
ھن سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ گھرجي. انھيءَ ھوندي بھ تھ
ڇا وھي واپريو پيو ۽ شيخ مجيب الرحمان ڇا پئي ڪرڻ
چاھيو، ھو ھڪ عوامي اڳواڻ ھو ۽ عزت جو حقدار ھو.
شايد ان مان شڪرگذاري جي بُوءِ ايندي ھجي، پر
منھنجي نيت نيڪ ھئي. ڪرنل سعيد مونکي يقين ڏياريو،
تھ عوامي ليگ جي اڳواڻ جي چڱيءَ طرح سان سارسنڀال
لڌي ويندي ۽ ان کي مناسب عزت پڻ ملندي. ھوائي اڏي
ڏانھن ايندي، اسان رستي تان ڏٺو، تھ گھرن جي چوٽين
تان بنگلاديش جا جھنڊا لٿا پئي ۽ رستي تي رڪاوٽون
کڙيون ھيون. جيئن ئي مون ڍاڪا ڇڏيو پئي، تھ مستقبل
جا خيال وري مونکي ويڙھي ويا. مون الاھي درگاھ ۾
دعا گھري، تھ واقعن جو اھو ڦيرو ڪٿي وڏي تباھي ۽
گھرو ويڙھ جو نتيجو نھ ٿئي. مون کي اميد ھئي، تھ
عام ماڻھوءَ جي حب الوطنيءَ وارو جذبو وري ھڪ ڀيرو
زور سان اڀرندو ۽ فسطائيت تي سوڀ ماڻيندو.
ڪراچيءَ ڏانھن
واپسي
اولھھ پاڪستان ۾ اسان جي سلامتيءَ جو سخت الڪو ھو.
شام جو ساڍي ڇھين وڳي جڏھن اسان ڪراچيءَ جي ھوائي
اڏي تي پھتاسين، تھ ھڪ اٿاھھ ھجوم اسان جو آڌرڀاءُ
ڪيو ۽ مون تي تقرير ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، پر آئون تھ
ڪنھن بھ تقرير ڪرڻ جي موڊ ۾ ئي نھ ھوس. بھرحال
آئون رڳو ايترو چئي سگھيس تھ: ”الله جي فضل سان
پاڪستان کي نيٺ بچايو ويو آھي.“ پنھنجي دل اندر
مونکي اھا ئي اميد ھئي، ۽ آئون دعاگو ھئس، تھ ڪاش
آئون صحيح ھجان. مستقبل ئي ٻڌائي سگھندو، تھ
پاڪستان کي بچايو ويو يا وڃايو ويو، پر ايترو البت
چئي سگھجي ٿو، تھ جيڪڏھن حڪومت
25
تاريخ جي رات جو ڪارروائي نھ
ڪري ھا، تھ ٻئي ڏينھن عوامي ليگ ”بنگلاديش“ جي
آزاديءَ جو اعلان ڪري ھا- ان لاءِ سڀ ڪجھھ تياري
ٿيل ھئي- انھن جي ھٿياربند تياري، سندن فوجن جي
ڌيان جو مرڪز ۽ گھٽين ۾ کڙيون ڪيل رڪاوٽون، اھڙا
ثبوت ھئا، جيڪي اکين سان ڏسڻ ۾ پئي آيا.
27
تاريخ واري عام ھڙتال حڪومت کي
گمراھ ۽ ڪنھن غلط قدم کڻائڻ لاءِ ڪئي ٿي وئي. نيت
اھا ھئي، تھ
26
مارچ تي جمع ڏينھن جي نماز بعد
”بنگلاديش“ جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو وڃي.
26
تاريخ جي شام جو صدر قوم کي
خطاب ڪيو. ھن اسان جي ملڪ جي منجھيل ۽ ڀٽڪيل عوام
کي ٻڌايو، تھ عوامي ليگ کي غيرقانوني ڪوٺيو ويو
آھي ۽ جيستائين ملڪي حالتون مڪمل طور ضابطي ۾
نٿيون اچن، مارشل لا کي وڌيڪ سخت ڪيو ويندو. صدر
ٻڌايو تھ شيخ مجيب الرحمان اوڀر پاڪستان ۾ جيڪو
قدم کنيو پئي، اھو غداريءَ وارو قدم ھو. ھن عوامي
ليگ جي اڳواڻ ۽ سندس جماعت کي پاڪستان جو دشمن
ڪوٺيو، جن اوڀر پاڪستان کي ملڪ کان ٽوڙي الڳ ڪرڻ
پئي چاھيو ۽ چيو تھ کين انھن ڏوھن جي ضرور سزا
ملندي. صدر عوام کي يقين ڏياريو، تھ جيئن حالتن
اجازت ڏني، تھ ھو ھڪدم جمھوريت بحال ڪندو.
ان بعد
26
مارچ کان پاڪستان ۾ سياسي
سرگرميون ڪافي حد تائين گھٽجي چڪيون آھن. سخت
سينسرشپ لاڳو ڪئي وئي آھي ۽ عام جلسن تي پابندي
آھي. چيو وڃي ٿو، تھ اوڀر پاڪستان ۾ حالتون آھستي
آھستي فوج جي ضابطي ۾ اچن پيون. بھرحال، اھو ضابطو
بنھھ عارضي ثابت ٿي سگھي ٿو، جيڪڏھن گھڻي عرصي
تائين سڌارو نھ، پر رڳو طاقت ئي پاليسيءَ جو مک
عنصر رھيو.
دنيا ۽ اسان جو
گھوٽالو
اسان جي گھوٽالي ۾ ڌارين طاقتن جو رويو، جيڪڏھن
غير دوستاڻو نھ رھيو، تڏھن بھ مايوسيءَ وارو ضرور
رھيو. ھڪ اھي کلي ڳالھھ متعلق، جنھن ۾ ھڪ قوم
پنھنجي وجود لاءِ جدوجھد ڪندي ھجي، دنيا جي راءِ
ڪنھن شرط بنا پاڪستان جي حق ۾ ھئڻ گھربي ھئي. ھتي
ھڪ ملڪ پنھنجي قومي سلامتيءَ جي بچاءُ لاءِ پنھنجو
بنيادي فرض پورو پئي ڪيو. پاڪستان، اوڀر پاڪستان
جي عوام تي ڪو مڙھيو نھ ويو ھو. پاڪستان جن صوبن
تي ٻڌل آھي، تن رضاڪاراڻي طور ھڪ آزاد ملڪ جوڙڻ
پسند ڪيو ھو. حقيقت ۾، جيڪڏھن عوام جي مرضيءَ تي
اھڙي واضح نموني عمل نھ ٿئي ھا، تھ پاڪستان جو
وجود جڙي نھ سگھي ھا. گڏوگڏ، پاڪستان ٽيويھن ورھين
کان قائم آھي ۽ ماضيءَ جي سنگين غلطين ھوندي بھ،
قوم اٿاھ ھيٺاھين مٿاھين مان ڪاميابيءَ سان لنگھي
چڪي آھي. پاڪستان، ھندستان جي ڪيترين سازشن جو
مقابلو ڪري چڪو آھي ۽ سندس خلاف ٻھ ڀيرا ڪيل
ھٿياربند حملن کي ڪاميابيءَ سان ناڪام بڻائي چڪو
آھي. ھيءَ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي اسلامي رياست ۽ عالمي
قومن جي پنجين نمبر ڏي قوم آھي. ڇا پاڪستان کي
پنھنجي وجود برقرار رکڻ لاءِ اڃا بھ ڪنھن وڌيڪ سند
جي گھرج آھي؟
انڊيا کانسواءِ، ٻاھرين دنيا سان پاڪستان جا
لاڳاپا گھڻو ڪري خوشگوار پئي رھيا آھن. پاڪستان،
مسلمان دنيا ۽ عربن جي مؤقف جي پٺڀرائي ڪري، سندن
اٿاھھ خدمت پئي ڪئي آھي. پاڪستان جا ايشيا، آفريڪا
۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن، توڙي الھندي يورپ ۽
آمريڪا سان دوستاڻا لاڳاپا بھ رھيا آھن. ھي ملڪ
گڏيل قومن جي چارٽر سان وفادار رھندو آيو آھي ۽
برطانوي دولت مشترڪھ جو ميمبر پڻ آھي.
1960ع
کان وٺي پاڪستان، سوويت يونين ۽ اڀرندي يورپي قومن
سان پنھنجا ناتا وڌائڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون آھن،
۽
1962ع
واري چين- ھندستان جنگ کان پوءِ عوامي جمھوريھ چين
سان پڻ سياسي لاڳاپا انتھائي وڻندڙ ۽ سگھارا ٿي
چڪا آھن.
عالمي لاڳاپن ۾ پنھنجي سٺي ريڪارڊ ھوندي بھ، اسان
جي گھوٽالي واري دؤر ۾، عربن کانسواءِ اڪثر ملڪن
جو رويو، ٻڏتر، منجھيل ۽ نٽائيندڙ رھيو آھي.
پاڪستان ڪنھن بھ ٻئي ملڪ خلاف انھن جي پٺڀرائي نھ
پئي گھري. پاڪستان جي پٺڀرائيءَ ۾، ۽ ڪنھن بھ ٻئي
ملڪ خلاف ڪا حيٿيت اختيار ڪرڻ جو بھ سوال نھ ھو.
ڪنھن بھ ملڪ تي اھڙيون حالتون نھ آيون ھيون، جو
پاڪستان جي پٺڀرائيءَ سبب، ان جا ڪنھن ٻئي ملڪ سان
ناتا بگڙي وڃن ھا. تنھنڪري پرڏيھي طاقتن کي ايئن
ڪرڻ م ڪابھ ٻڏتر ٿيڻ نھ گھربي ھئي، تھ اھي عالمي
قانون جي بنيادي طور جوڙيل اصول مطابق، ٻين ملڪن
تي انھيءَ لاءِ زور رکن ھا، تھ اھي ھڪ ٻئي جي
اندروني معاملن ۾ ڪابھ ھٿچراند نھ ڪن.
برطانوي ۽ آمريڪي پريس جو رويو، جيڪڏھن گھٽ ۾ گھٽ
چئجي، تھ بھ ائين ئي چئبو تھ نھايت افسوسناڪ رھيو
آھي. عام طور الھندي پريس بنھھ نرلڄائيءَ سان
علحدگي پسنديءَ جي ھلچل جي پٺڀرائي ڪئي. اوڀر
پاڪستان ۾، گھوٽالي جي انتھائي جوکائتي دؤر ۾،
ڪيترن پرڏيھي صحافين، صحافتي اخلاق ۽
غيرجانبداريءَ جون سموريون حدون اورانگھي، کلي عام
بنگلاديش جا جھنڊا ورھايا ۽ علحدگي پسندن جي
پٺڀرائي ڪئي.
ھندستان جي ھشيءَ تي، سوويت يونين حڪومت، پاڪستان
ڏانھن ھڪ خط لکيو، جنھن ۾ اوڀر پاڪستان جي گھوٽالي
جو سياسي نبيرو ڳولڻ تي زور ڏنو ويو ھو. ايئن
ڪندي، سوويت يونين پنھنجي تاريخ بھ وساري ويٺي. ان
پنھنجي سرحدن کان ٻاھر، ھنگري ۽ چيڪوسلاويڪيا ۾
پنھنجي وجود جي بقا لاءِ ڪيل فوجي چڙھائيءَ کي
وساري ڇڏيو ۽ ھڪ اھڙي مسئلي لاءِ، جنھن جو لاڳاپو
رڳو پاڪستان جي عوام سان ھو، پاڪستاني حڪومت کان
مطالبو ڪيو، تھ ان جو ھڪ خاص نموني حل ڳوليو وڃي.
اھڙيءَ طرح سان برطانيا پڻ برابر جو شريڪ رھيو. ان
جو ثبوت ان ننڍڙي پر اھم واقعي مان ملي ٿو. جڏھن
اسلام آباد، لاھور ۽ ڪراچيءَ ۾ برطانوي ھاءِ
ڪميشن، اھو ڄاڻي ٻجھي تھ گھوٽالو اڃا ختم نھ ٿيو
آھي، اپريل جي
21
تاريخ تي راڻيءَ جي سالگره ڏڻ
ملھائڻ کان اڳ ڏنل دعوتناما، اوڀر پاڪستان جي
حالتن کي سامھون رکندي رد ڪري ڇڏيا. علحدگي پسندن
سان ھمدرديءَ جي پڌرائيءَ جو اھو غيرمعمولي
برطانوي طريقو ھو. جيڪڏھن پاڪستان، اتر آئرلينڊ ۾
رتوڇاڻ ٿيڻ سبب، لنڊن ۾ پنھنجو ڪو ڪاڄ رد ڪري ھا،
تھ ان بابت برطانيا جو ردعمل ڪھڙو ھجي ھا؟ علحدگي
پسنديءَ جي پرڏيھي ھمدرديءَ جا اھي رڳو ڪجھھ مثال
آھن. ٻين بھ ڪيترن ئي چالاڪ ۽ مڪار طريقن سان
الھندي ملڪن علحدگي پسندن جي پٺڀرائيءَ ۾، پاڪستان
جي اندروني معاملن ۾ ھٿچراند ڪئي آھي. رڳو چين ئي
پاڪستان جو ھڪ اھڙو مھان ۽ دوست پاڙيسري آھي، جنھن
پاڪستان جي دليراڻي پٺڀرائي ڪئي آھي. چين ھڪ قدم
پاڻ اڳتي وڌي، پاڪستان جي صدر ڏانھن ھڪ خط موڪليو،
جنھن ۾ چين جي وزيراعظم، ھندستاني اڳرائيءَ جي روپ
۾، پاڪستان جي عوام کي چين جي مڪمل پٺڀرائيءَ جو
ويساھ ڏياريو.
ھندستان جي دشمناڻي رويي جي اميد تھ ھئي، پر ھو ان
کان بھ انتھا تي وڃي پھتو. ھن علحدگي پسندن جي
پٺڀرائيءَ لاءِ کلي عام ھٿچراند ڪئي. ھن پاڪستان
کي تباھ ڪندڙ طاقتن سان کلي عام سھڪار ڪيو.
ھندستاني وزيراعظم، لوڪ سڀا ۾ علحدگي پسندن جي
ڏاڍي گھڻي پٺڀرائي ڪئي ۽ اعلان ڪيو تھ اوڀر
پاڪستان جي مسئلي کي پاڪستان جو اندروني معاملو
ڪوٺي نٿو سگھجي. پارليامينٽ جي ٻنھي ايوانن،
علحدگي پسندن جي پٺڀرائيءَ ۾ ھڪ گڏيل ٺھراءُ منظور
ڪيو. الھندي بنگال کي ھندستاني ھٿچراند ڪندڙن جو
ھڪ اھڙو اڏام- تختو بڻايو ويو آھي، جتان اھي اوڀر
پاڪستان ۾ گھڙندا رھن ٿا. وڳوڙين لاءِ بھ اھو پناھ
گاھھ بڻايو ويو آھي. ھندستان جي سرحدي سيڪيورٽي
فوج، سادن ڪپڙن ۾ اوڀر پاڪستان ۾ موڪلي وئي آھي-
باغين کي وڏي تعداد ۾ ھٿيار ۽ گولا بارود ڏنا ويا
آھن. ھندستاني فوجن، سرحدن تي، خاص ڪري سلھٽ، کلنا
۽ جيسور ۾ باغين جي ڀرپور مدد ڪئي آھي. ھندستان جي
سامونڊي پاڻيءَ وارن جھازن پاڪستان جي واپاري
جھازن خلاف نھ رڳو ڏھڪاءُ پيدا ڪيو، پر بنگال نار
وارو رستو روڪڻ جي بھ ڪوشش ڪئي. سڄي ھندستان ۾،
علھدگي پسندن لاءِ چندا گڏ ڪيا پيا وڃن. ملڪي
قانون ٺاھيندڙ ادارا، ھندستاني عوامي راءِ علحدگي
پسندن جي حق ۾ سازگار بنائين پيا.
ھندستان جي اھڙن قدمن کان، آزاد بنگلاديش جي
پٺڀرائيءَ ۾ پاڻمرادو شروع ٿيل مظاھرا سمجھي،
لنوائي نٿو سگھجي. اھا سازش ايتري ئي آڳاٽي آھي،
جيتري پاڻ ورھاڱو- ۽ اگرتلا سازش کانپوءِ اھا وڌيڪ
وڌائي وئي آھي. ھندستان جي اوڀر پاڪستان تي سدائين
لالچي نگاھھ رھي آھي، تھ جيئن ان کي پاڪستان جي
تباھيءَ لاءِ واپرائي سگھجي. آنجھاني وزيراعظم
جواھر لعل نھرو، پاڻ اھا پاليسي جوڙي ھئي، تھ اوڀر
پاڪستان سان، باقي پاڪستان کان ڌار رخ اختيار ڪيو
وڃي. انھيءَ ڌار رخ لاءِ اوڀر پاڪستان جي ھڪ ڪروڙ
ھندن جي آبادي ۽ اڀرندي بنگال سان الھندي بنگال جي
نسلي وابستگي بھ ڪنھن حد تائين جوابدار ھئي.
ورھاڱي کانپوءِ جڏھن ھندستان لڏپلاڻ ڪندڙن جي ڇڏيل
ملڪيتن ۽ جائيدادن جا قانون لاڳو ڪيا، تڏھن اھڙي
پاليسي جوڙي، تھ جيئن اھي اوڀر پاڪستان سان لاڳو
نھ رھن. ھندستان، اوڀر ۽ الھندي بنگال جي سرحدي
واپار کي ھٿ ڏني ۽ اوڀر بنگال ۽ ھندستان وچ ۾
اچ-وڃ لاءِ ويزا ۽ پرمٽ جا سخت قانون لاڳو نھ ڪيا.
شروع کان ھندستان جي اھا ڪوشش ھئي، تھ اوڀر بنگال
کي پاڪستان کان ڇِني ڌار ڪجي. جيڪڏھن اولھھ بنگال
۾ ڪميونسٽن جو اثر وڌي نھ وڃي ھا، تھ نڪسل باڙي
ھلچل ۽ ناگا ۽ ميوز قبيلن جون مصيبتون ھندستان کي
پريشان نھ ڪن ھا، تھ ھو ھيلتائين وڌيڪ انتھائي ۽
خطرناڪ قدم کڻي، اوڀر پاڪستان تي چڙھي چڪو ھجي ھا،
پر ھاڻي ھو ڪنھن حد تائين محتاط آھي.
عام چونڊن ۾ عوامي ليگ جي ڪاميابيءَ کانپوءِ،
ھندستاني وزيراعظم ھڪدم عام چونڊون ڪرايون، تھ
جيئن ھو اوڀر بنگال ۾ بغاوت جي پٺڀرائيءَ لاءِ
پنھنجا ھٿ وڌيڪ سگھارا ڪري سگھي. ھندستان ۾ چونڊن
دؤران، الھندي بنگال ۾ پولنگ جي باقاعدگيءَ برقرار
رکڻ جي بھاني، ھڪ لک ويھھ ھزار ھندستاني فوجي
اولھھ بنگال ۾ آڻي گڏ ڪيا ويا. اھو سڀ ڪجھھ ان
گھوٽالي کي سامھون رکندي ڪيو ويو، جيڪو ھينئر
پاڪستان ۾ اڀري چڪو آھي.
30
جنوري تي ھڪ ھندستاني ھوائي
جھاز، جيڪو ڄمونءَ مان اڏاڻو ھو، ڀڄائي لاھور آندو
ويو. ھاڻي اھا ڳالھھ پڌري ٿي چڪي آھي، تھ اھو
سڀڪجھھ اڳواٽ رٿيل منصوبي مطابق ڪيو ويو ھو، تھ
جيئن ملڪ جي ٻنھي حصن وچ ۾ جھازن جي اچ-وڃ بند ڪرڻ
جو بھانو ملي. اھو انھيءَ ڪري ڪيو ويو، تھ جيئن
اوڀر ۽ اولھھ پاڪستان وچ ۾، ھندستاني علائقي مٿان
سڌيءَ طرح اچ-وڃ جو سلسلو بند ٿي وڃي.
ھاڻوڪي گھوٽالي، انھن مضبوط لاڳاپن کي کولي پڌرو
ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي ھندستان عوامي ليگ ۽ ان جي
اڳواڻن سان جوڙيا ھئا. ٻاھرين ملڪن ۾ ھندستاني
سفارتخانن، بنگلاديش جو مسئلو ايئن کڻيو آھي، جيئن
اھو انھن جو پنھنجو مسئلو ھجي. آل انڊيا ريڊيو
بنگلاديش جي پٺڀرائيءَ ۾ ڪوڙن جا جٿا نشر ڪرڻ شروع
ڪيا آھن. علحدگي پسندن جي وڏي تعداد ڪلڪتي ۾ وڃي
پناھ ورتي آھي ۽ انھن کي الھندي بنگال ۽ ھندستاني
حڪومت جي مڪمل پٺڀرائي آھي. ھندستان ھگلي نديءَ تي
ھڪ ڳجھو ريڊيو اسٽيشن جوڙيو، جنھن تان بنگلاديش جي
نالي ۾ اعلان نشر ڪيا ويندا ھئا. جيڪڏھن چين
پنھنجو واضح مؤقف اختيار نھ ڪري ھا ۽ ھندستان
الھندي بنگال ۽ آسام ۾ پنھنجي مصيبتن ۾ ڦاٿل نھ
ھجي ھا، تھ ھيستائين ھو اوڀر پاڪستان تي ڀرپور
نموني ۾ فوجي چڙھائي ڪري چڪو ھجي ھا.
ايران ۽ ترڪي جھڙن دوست ملڪن ۽ ايشيا ۾ وچ اوڀر ۽
آفريڪا جي ڪجھھ ٻين ملڪن کانسواءِ، عالمي عملي
انداز، ھڪ اھڙي مسئلي متعلق جنھن جو واسطو رڳو
پاڪستان جي اندروني سرحدن سان ھو، نھايت مايوس
ڪندڙ رھيو آھي. ھيءَ صورتحال
1965ع
واريءَ حالت جي بلڪل ابتڙ ھئي، جڏھن پاڪ- ھندستان
جنگ دؤران، يوگوسلاويا ۽ مليشيا کي ڇڏي، سڄي دنيا
پاڪستان جي انھيءَ حد تائين پٺڀرائي ڪئي ھئي، جو
ھندستان جي آنجھاني وزيراعظم لال بھادر شاستري کي
انھيءَ سچائيءَ کي مڃڻو پيو ھو، تھ ھندستان بنھھ
ھيڪلو بڻجي چڪو آھي.
پرڏيھي وزارت پنھنجا فرض نڀائڻ ۾ قطعي ناڪام رھي.
ان جو رويو نھ رڳو دفاعي، پر شرمناڪ حد تائين
مايوسيءَ وارو رھيو. ڪوبھ ملڪ جڏھن پنھنجي سرگرم
پرڏيھي پاليسيءَ ۾ ڦيرو آڻي، ان کي دفاعي پرڏيھي
پاليسيءَ بنائي ٿو، تڏھن ان سان ائين ئي ٿئي ٿو-
جنھن بھ ملڪ جا معاملا عام ڪاموراشاھيءَ ۽ اھڙن
نااھل فردن جي ھٿن ۾ ھليا وڃن ٿا، جن کي غيرسياسي
حڪومتون پنھنجي مرضيءَ مطابق رکن ٿيون، تھ ان سان
بھ ائين ئي ٿئي ٿو. پرڏيھي کاتو نھ رڳو اڀرندي
پاڪستان جي دردناڪ واقعن جي چِٽائيءَ ۾ ناڪام
رھيو، پر ان ايتري تھ گھل ڪئي، جو ھندستان دنيا جي
عوامي راءِ کي ڪشمير جي جھڳڙي متعلق الجھائڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو. انھيءَ حد تائين، جو ان ڪشمير ۽
اڀر پاڪستان جي مسئلن کي ھڪ قطار ۾ سڌو آڻي
بيھاريو آھي، جيتوڻيڪ اھڙي ڪابھ ڳالھھ نھ آھي-
اوڀر پاڪستان پنھنجي مرضيءَ سان پاڪستان جو اٽوٽ
انگ بڻيو آھي، جڏھن تھ ڪشمير جو مستقبل اڃا نبيرڻو
آھي، ۽ اھا ڳالھھ ھندستان جو پھريون وزيراعظم،
پنڊت جواھرلعل نھرو بھ مڃي چڪو آھي. بھرحال،
پاڪستاني عوام کي بي ڊپو رھي، ان جي ڪا خاص ڳڻتي
نھ ڪرڻ گھرجي. انھن کي ھن گھوتالي مان مستقل طور
ھڪ سبق پرائڻ گھرجي. پنھنجي آزادي برقرار رکڻ لاءِ
کين پاڻ جدوجھد ڪرڻي آھي، ۽ ھر قسم جي پرڏيھي
مداخلت کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رھڻو آھي. تاريخ
عوام جي اھڙين ڪاميابين جي داستانن سان ڀري پئي
آھي، جيڪي پنھنجي قوم جي قسمتن جون واڳون پنھنجي
ھٿ ۾ وٺي، ھن قسم جي ٻاھرينءَ مداخلت جو مڙس
ماڻھوءَ ٿي مقابلو ڪن ٿا. جنھن ريت پاڪستاني عوام،
صحيح رھنمائيءَ ھيٺ متحد ٿي اٿي کڙو ٿيو ۽ پنھنجي
گھر ٻڌڻ جو پڪو پھھ ڪيو، تنھن وقت ڪوبھ پرڏيھي اثر
۽ دٻاءُ، کين پنھنجي مقصد ماڻڻ کان روڪي نھ
سگھندو. جيڪڏھن اسان جو عوام خبردار نھ آھي، تھ
پوءِ اسان پرڏيھي اثرن کان پاڻ بچائي نھ
سگھنداسين. ڪي بھ مشھور اڳواڻ، عوام کي بتال ٿيڻ
نھ ڏيندا، بلڪ اھا عوام ۾ اجتماعيت جو روح ڦوڪي،
کين ڪنھن بھ گھوٽالي مان ڪاميابيءَ سان ڪڍي ايندا.
قانوني ڍانچي جون ڪوتاھيون
ھن کان اڳ گذريل ٽيويھن ورھين جي عرصي ۾ ڪيل
ڪوتاھين ۽ غلط اندازن جي مواد جو مختصر ذڪر مٿي ٿي
چڪو آھي، تھ ڪيئن سنگين سياسي غلطين ۽ سرمايداريءَ
جي اٿاھ ڦرلٽ، پاڪستان کي ٻن ٽڪرن ۾ ورھائڻ جي
ويجھو آندو. صدر يحييٰ خان جي حڪومت، غلطين جي
انھيءَ گڏ ٿيل ڍڳ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اھا
پاڻ ھڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي. اھا پاڻ بھ غلطين کان آجي
نھ رھي سگھي. آئون تھ انھيءَ حد تائين بھ چوڻ لاءِ
تيار آھيان، تھ صدر يحييٰ خان عام چونڊون تھ نيڪ
نيتيءَ سان ڪرايون، پر سياسي واقعا ايترو تھ تڪڙا
واقع ٿيا، جو اھي سمورا ان ڍانچي ۾ سمائجي نھ
سگھيا، جيڪو ھن پاڻ ڏنو ھو.
28
مارچ
1969ع
تي قوم ڏانھن نشر ڪيل پنھنجي خطاب ۾ صدر يحييٰ خان
چيو ھو، تھ مارچ
1970ع
جي پڇاڙي ڌاري، ھو ھڪ رٿ آڻيندو، جيڪا ”عارضي
قانوني ڍانچي جي روپ ۾“ ھوندي ۽ ان مطابق ”قومي
اسيمبليءَ جون چونڊون“ ڪرايون وينديون. بھرحال،
قانوني ڍانچي جو حڪمنامو، جيئن مارچ جي پڇاڙيءَ ۾
لاڳو ٿيو، عارضي ھجڻ کان گھڻو اڳتي وڌيل ھو ۽ ان
جي پنھنجن لفظن ۾، ان ۾ رڳو صدر ئي ترميم ڪري
سگھيو ٿي. گڏوگڏ ان جي مواد، ان جي جوڙجڪ ھڪ
”آئيني“ ڍانچي جي حڪم جھڙي بڻائي ڇڏي ھئي. انھيءَ
صورت ۾ پڻ، بھرحال حڪمنامي ۾ ڪيترائي تضاد موجود
ھئا. ان جو مطلب ھو تھ مارشل لا جي چڙھت برقرار
رھي، ۽ ساڳئي وقت، ان ۾ ايئن بھ چيل ھو تھ ان جي
پاڇي ھڪ قومي اسيمبليءَ ۾ عوام جا نمائندا ملڪ
لاءِ آئين جوڙيندا. تاريخ جي اڀياس مان پتو پوي
ٿو، تھ اھڙي قسم جون ٻِٽيون ۽ ھڪ ٻئي سان گڏ ھلندڙ
طاقتون، خوشگواريءَ سان ھڪٻئي جي بقا طور گڏ رھن،
ايئن ڏکيو ٿئي ٿو. آمريت ۽ جمھوريت جون ڌارائون ھڪ
ٻئي کان مختلف ۽ متضاد ٿين ٿيون، جن کي عملي طور
ھرگز گڏائي نٿو سگھجي. اِھو اڳواٽ ڏسڻ گھربو ھو،
تھ ٻھ ”ھڪ جھڙيون“ طاقتون، ھڪ عوام جي ۽ ٻيءَ فوجي
جنتا جي، ساڳئي وقت حاڪم نٿيون رھي سگھن. حڪمنامي،
اسيمبليءَ جي خودمختياريءَ تي پڻ پابندي وجھندي،
صدر کي اھو اختيار ڏنو ھو، تھ ھو اسيمبليءَ طرفان
منظور ڪيل آئين جي بحاليءَ کان انڪار ڪري سگھي ٿو.
شايد ان وقت اھو اندازو نھ لڳايو ويو، تھ ڪنھن بھ
اڪيلي فرد لاءِ، پوءِ چاھي اھو ڪيترو بھ طاقتور ڇو
نھ ھجي، جمھوريت جي اجازت کانسواءِ قومي اسيمبليءَ
جي ڪيل فيصلي کي رد ڪرڻ، ناممڪن ھوندو. جمھوريت
سان اھڙي قسم جي ڏاڍائي ڪنھن حتمي گھوٽالي کي
ڀڙڪائي سگھي ٿي.
قانوني ڍانچو انھيءَ خيال کان جامع ۽ گھڻرخو ھو،
جو ان جي ابتدا ۾ آئين جا بنيادي اصول ۽ پنج
بنيادي اصول جوڙيا ويا ھئا، جن تي آئين جو بنياد
بيھڻو ھو. ان ۾ ڪيترن نمونن سان قومي اسيمبليءَ جو
طريقيڪار پڻ چِٽو ڪيو ويو ھو، جن ۾ اسيمبليءَ جي
آفيسرن، طريقيڪار جي قائدن ۽ ڪورم بابت چِٽائي ٿيل
ھئي، پر پنھنجي جامعيت ھوندي بھ قانوني ڍانچو
ناڪام رھيو. ان ۾ راءِ شماريءَ جي طريقيڪار جو ھڪ
وڏو خال، رعايت طور اسيمبليءَ جي فيصلي لاءِ ڇڏيو
ويو ھو. قدرتي طور اسيمبلي پنھنجي خودمختياري ۽
آئين جي تياريءَ ۾ سھوليت خاطر سادي اڪثريت جو
طريقو واپرائي ھا، جيڪو لازمي طور قانوني ڍانچي کي
چئلينج ڪري ھا ۽ اسيمبلي ۽ حڪومت وچ ۾ ٽڪراءُ ٿي
پئي ھا. آرڊر ۾ ھڪ وفاقي ۽ پارليامينٽري سرشتي
واري حڪومت جي گنجائش تھ رکي وئي ھئي، پر ان ۾ ھڪ
اھم سوال اڻ فيصل ڇڏيو ويو ھو، تھ وفاقي اسيمبلي
ھڪ ايوان واري ھوندي يا ٻن ايوانن واري- ان کان
وڌيڪ اھم ڳالھھ اھا تھ صوبائي خودمختياريءَ جھڙو
اھم موضوع، آخري تجزيي ۾ خالي ۽ کليو ڇڏيو ويو ھو،
۽ ان تي چونڊ مھم جي ھڪ ڊگھي عرصي جي اجازت ڏئي،
ان کي ھڪ ڌماڪيدار موضوع بڻايو ويو ھو. شايد اوھي
غلطيون، انھن غلط انداز سبب ٿيون، تھ قومي اسيمبلي
ننڍڙين اختلافي جماعتن جو ميڙاڪو ھوندي ۽ ڪابھ
ايڏي وڏي پارٽي اڀري نھ ايندي، جيڪا اسيمبليءَ تي
ڇانئجي وڃي ۽ پنھنجي مرضي مٿس مڙھي سگھي.
حڪومت پنھنجي جمھوريت جي بھاليءَ واريءَ رٿا مطابق
صوبائي خودمختياريءَ جي مطالبي جي اھميت سمجھڻ ۾
ناڪام رھي. اھا ھيءُ مطالبو پورو ڪرڻ لاءِ ڪيترا
ٻيا طريقا واپرائي سگھي ٿي. ھڪ طريقو اھو بھ ٿي
سگھيو ٿي، تھ مارشل لا لاڳو ڪرڻ کان ھڪدم پوءِ،
صدر يحييٰ خان صوبائي خودمختياريءَ جي حدن جي
مقرريءَ جھڙو اھم مسئلو نبيرڻ لاءِ، سياسي اڳواڻن
جي ھڪ ڪانفرنس ڪوڍائي ھا. حڪومت طرفان اڳواڻن کي
ھڪ قسم جو نوٽيس ڏيڻ کپندو ھو ۽ کين ٻڌائڻ کپندو
ھو تھ اھا ون يونٽ ۽ برابر نمائندگي (پيئرٽي) وارو
اصول ختم ڪرڻ ۽ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آھي،
پر شرط اھو آھي، تھ خودمختياريءَ جي مسئلي تي ٺاھ
ڪيو وڃي، نھ تھ- اھو شرط سياسي اڳواڻن کي
خودمختياريءَ بابت ڪو حل ڳولڻ لاءِ مجبور ڪري سگھي
ھا. ٻيءَ صورت ۾ کين جمھوريت جي بحاليءَ جي راھ ۾
رڪاوٽون وجھڻ سبب عوامي ڌڪار ۽ ڏک توڙي ڪاوڙ جو
شڪار ٿيڻو پوي ھا. ون يونٽ ۽ برابر نمائندگيءَ جا
اصول جيئن تھ عوام ۾ نھايت خوار ھئا، تنھنڪري
اڳواڻن کي انھن کي سدائين لاءِ برقرار رکڻ جو
جوابدار سمجھيو وڃي ھا. سياسي اڳواڻن کي ڪنھن نھ
ڪنھن ٺاھ تي پھچڻ لاءِ ضرور مجبور ڪيو وڃي ھا.
خودمختياريءَ جي حد متعلق ٺاھ ٿيڻ کانپوءِ، آئين
جي باقي اصولن تي ”عام راءِ“ وٺي سگھجي ھا، جنھن ۾
عوام کان ھر اصول متعلق واضح طور پڇي سگھجي ھا، تھ
ھو ان کي قبولين ٿا يا وري کيس رد ٿا ڪن. آئين جا
اصول ھڪ ڀيرو عوامي راءِ ذريعي نبيرڻ کانپوءِ آئين
جو مسودو لکڻ لاءِ ھڪ آئيني ڪميشن جوڙي سگھجي ھا.
آئين جو آخري مسودو ھڪ ڀيرو وري عوام جي راءِ وٺڻ
خاطر ريفرينڊم طور سامھون آندو وڃي ھا، ۽
خودمختياريءَ جي درجي متعلق اڳ رٿيل سمجھوتي
پٽاندر، اڳواڻن کي آئين متعلق پنھنجا ويچار پڌرا
ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ھا. اھڙيءَ طرح جوڙيل آئين
کان پوءِ عام چونڊون ڪرائي، چونڊن بعد ھڪدم اقتدار
عوام جي چونڊيل نمائندن کي سونپيو وڃي ھا. ٻيءَ
صورت ۾ عوامي راءِ ذريعي مليل ڄاڻ، آئين جي اصولن
۽ خودمختياريءَ متعلق ٺاھ کي آئيني صورت ڏيئي،
آئين ٺاھيندڙ اسيمبليءَ کان بحال ڪرائي، بعد ۾
اسيمبليءَ کي قانون ٺاھيندڙ اداري ۾ بدلائي سگھجي
ھا، جيئن قانوني ڍانچي ۾ رٿيو ويو ھو. |