صدر يحييٰ خان اسان کي وڌيڪ ٻڌايو، تھ پاڻ سندس
راءِ ۾ بھترين رستو اھو ٿيندو، تھ ٻئي اڪثريتي
جماعتون پاڻ ۾ ڪا سرچاءُ ڪن. اسان صدر سان ڳالھيون
ڪندي عوامي ليگ جي ڇھن نڪتن جي نقصان تي بحث ڪيو ۽
انھيءَ پروگرام بابت پنھنجا شڪ شبھا پڌرا ڪيا.،
تنھن ھوندي بھ صدر يحييٰ خان کي يقين ڏياريو ويو،
تھ اسان قابل جوڳي ٺاھ تائين پھچڻ لاءِ ھر ممڪن
ڪوشش ڪنداسين، مستقبل ۾ ڍاڪا وينداسين ۽ عوامي
ليگي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪنداسين. ان کان اڳ مون
پنجاب پيپلز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري غلام مصطفيٰ
کر کي شيخ مجيب الرحمان سان رابطي رکڻ ۽ اسان جي
دوري جا ابتدائي انتظام ڪرڻ جي مقصد سان ڍاڪا
موڪليو ھو. صدر يحييٰ خان اسان کي انھيءَ کان بھ
مطلع ڪيو، تھ عوامي ليگ جو اڳواڻ قومي اسيمبليءَ
جو اجلاس ترت گھرائڻ لاءِ سموري بيچينيءَ سان
اوسيئڙي ۾ آھي ۽ ھن صدر کان گھر ڪئي آھي، تھ قومي
اسيمبليءَ جو اجلاس
15
فيبروري تي ڪوٺايو وڃي.
پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ
27
جنوري
1971ع
تي ڍاڪا روانا ٿيا. شيخ مجيب الرحمان سان ڳالھيون
ڪندي اسان سمجھيو، تھ ڇھھ نڪاتي پروگرام بابت ھن
جو مؤقف تمام سخت آھي. شيخ مجيب الرحمان ڪنھن لڪ
لڪاءُ بنا اسان کي ٻڌايو، تھ ڇھھ نڪاتي پروگرام
بابت عوام کيس مختيار بڻائي ڇڏيو آھي، ۽ ھاڻي ھو
تھ ڇھن نڪتن کان ھڪ انچ بھ پوئتي نھ ھٽي سگھندو.
اسان عوامي ليگ جي صدر کي سمجھايو، تھ پيپلز
پارٽي، عوامي ليگ جي ڇھھ نڪاتي پروگرام بابت عوام
کان ڪوبھ اختيار نھ ورتو آھي. اسان کين اھو بھ ياد
ڏياريو، تھ پوري اولھھ پاڪستان ۾ چونڊ ۾ بيٺل
عوامي ليگي اميدوارن کي شڪست ملي چڪي آھي، ۽ سندن
ضمانتون بھ ضبط ٿي چڪيون آھن. اسان پنھنجي مؤقف کي
ورجائيندي چيو، تھ اسان ڦرلٽ کي مستقل طور ختم ڪرڻ
چاھيون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ اسان اھا تجويز بھ ڏني، تھ
ملڪ جي معيشت کي سوشلسٽ سماجواد بنياد تي ھلائڻ جي
سلسلي ۾ آئين ۾ ھڪ خاص فقرو رکيو ويندو، تھ جيئن
سماجواد بنياد تي معيشت کي لازمي قرار ڏنو وڃي.
اسان ڪجھھ ٻيون آئيني تجويزون بھ انھن آڏو رکڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر عوامي ليگي رھنمائن ڇھن نڪتن کي
”جيئن جو تيئن“ قبولڻ بغير وڌيڪ ڳالھين کان صاف
انڪار ڪيو. اسان شيخ مجيب الرحمان کي ان سچائيءَ
کان بھ آگاھ جي ڪوشش ڪئي، تھ اولھھ پاڪستان جي
عوامي راءِ عوامي ليگ جي ڇھن نڪتن خلاف آھي. اسان
کيس چيو تھ اولھھ پاڪستان جي عوام جو اھو عام طور
تاثر آھي، تھ ڇھھ نڪاتي پروگرام پاڪستان کي ختم
ڪرڻ جو پيش خيمو آھي ۽ اسان جي راءِ ۽ عوام جو
اندازو ايترو غلط نٿو ٿئي. اسان شيخ مجيب الرحمان
کي وڌيڪ چيو، تھ شڪست کاڌل جماعتون تھ پنھنجو نقطي
نظر راتورات بدلائي سگھن ٿيون، پر اولھھ پاڪستان
جي اڪثريتي جماعت ڇھن نڪتن کي جيئن جو تيئن قبولي
اولھھ پاڪستان جي عوام جي مفادن جو سؤدو ھرگز نٿي
ڪري سگھي. تنھن ھوندي بھ ڇھن نڪتن جي گھرج جي حد
تائين، اسان ان شرط تي عوامي ليگ سان وڌ ۾ وڌ
سھڪار لاءِ تيار آھيون، تھ ھن ملڪ جي اتحاد ۽
يڪجھتيءَ کي ڪنھن بھ قسم جو نقصان نھ پھچندو ۽ ان
سلسلي ۾ اسان لاءِ ضروري آھي، تھ اسان اولھھ
پاڪستان جي عوام جي احساسن جو اندازو لڳايون ۽
عوامي راءِ ھموار ڪريون. انھيءَ پس منظر ۾ اسان
درخواست ڪئي، تھ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ھڪدم
گھرائن کان اڳ اسان کي مناسب مھلت ڏني وڃي. شيخ
مجيب کي انھيءَ جو يقين ڏياريو ويو، تھ ان درخواست
جو مطلب اھو ھرگز نھ آھي، تھ اسان قومي اسيمبليءَ
جو اجلاس گھرائڻ ۾ غيرضروري دير جي ڪوشش پيا
ڪريون.
نيم وحداني سرشتي کي ھڪ لچڪيدار وفاق جي روپ ۾
بدلائڻ جي حق ۾ اولھھ پاڪستان جي عوامي راءِ کي
ھموار ڪرڻ جو سولو ڪم نھ ھو. گڏوگڏ عوامي ليگ
طرفان ڪجھھ وڌيڪ مطالبن ڏيڻ سبب ھي ڪم وڌيڪ پيچيدھ
ٿي ويو ھو، جن مطابق عوامي ليگ اولھھ پاڪستان جي
عوام تي چاليھھ ارب رپين جي پرڏيھي قرضن مان
اوڻٽيھن ارب رپين ۽ ايڪٽيھھ ارب رپين جي ماليت جا
اندروني قرضن جو بار بھ اولھھ پاڪستان جي عوام تي
وجھڻ جي گھر ڪئي ھئي. عوامي ليگ جي اندازي مطابق
وفاقي حڪومت جي گھرجن جي پورائي لاءِ چوھتر سيڪڙو
رقم مھيا ڪرڻ اولھھ پاڪستان جي صوبن جي ذميداري
ھئي، جڏھن تھ اوڀر پاڪستان جي ڇاونجاھھ سيڪڙو
آباديءَ جو لحاظ کانسواءِ وفاقي گھرجن لاءِ سندس
حصو چوويھھ سيڪڙو رکيو ويو ھو. گڏوگڏ عوامي ليگ
اھا بھ دعويٰ ڪئي، تھ اوڀر پاڪستان طرف کان ملندڙ
رقم بھ اولھھ پاڪستان ڏنڊ جي روپ ۾ ادا ڪري، جنھن
جو مطلب ھي ھو تھ وفاقي گھرجن جو پورو خرچ رڳو
اولھھ پاڪستان انھيءَ وقت تائين برداشت ڪندو رھي
جيستائين عوامي ليگ طرفان اولھھ پاڪستان تي وڌل
ڏنڊ ”بي باق“ نٿو ٿئي. عوامي ليگ جي انھن مطالبن
کي اولھھ پاڪستان جي صوبن جي آئيني ذميداري ڪوٺڻ
جا منصوبا بھ ٺھيا پئي، جيڪو اولھھ پاڪستان لاءِ
ھڪ ناقابل سھب بار ٿئي ھا ۽ ايندڙ ڪيترن ئي ورھين
تائين اولھھ پاڪستان جي صوبن کي ترقي ڏيڻ ناممڪن
ٿي پوي ھا.
ان قسم جي اسھپ ۽ تڪراري ذميدارين کي ھن ريت
سولائيءَ سان قبولي نٿو سگھجي. عوامي ليگ اوڀر
پاڪستان جي شاگردن جا يارھن نڪتا پڻ مڃيا ھئا، جن
۾ اولھھ پاڪستان ۾ ذيلي وفاق جوڙڻ جي ھڪ اھڙي
تجويز بھ شامل ھئي، جيڪا ڪنھن بھ حالت ۾ ننڍن صوبن
لاءِ قبول جوڳي نھ ھئي. پيپلز پارٽي اولھھ پاڪستان
۾ ذيلي وفاق جوڙڻ ۽ عوامي ليگ جي ڇھن نڪتن کي ڇڏي
اوڀر پاڪستان جي شاگردن جا مطالبا مڃڻ لاءِ بھ
تيار ھئي.
اھي ئي سبب ھئا، جو ڍاڪا کان موٽندي اسان شيخ مجيب
الرحمان تي زور ڏنو، تھ ھو قومي اسيمبليءَ جو
اجلاس مناسب دير بعد گھرائڻ لاءِ راضي ٿي وڃي، پر
ھن جواب ڏنو، تھ اولھھ پاڪستان جا مسئلا ھن لاءِ
مٿي جو سور نھ آھن. ھو ھن ڳالھھ تي اٽل رھيو، تھ
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ھر حالت ۾
15
فيبروري تي ٿيڻ کپي. عوامي ليگ
جو اڳواڻ اسان جي ڏکيائين کي سمجھندي بھ اھي
سلجھائڻ لاءِ تيار نھ ھو. ھو پنھنجو طريقيڪار جوري
چڪو ھو ۽ اسان جي درخواست سندس رٿا مطابق نھ ھئي.
ھن جي جوڙيل رٿابنديءَ جو مقصد اھو ھو، تھ وڌيڪ
وقت وڃائڻ کانسواءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس
گھرايو وڃي، تھ جيئن ھن کي پنھنجي ڇھھ نڪاتي
پروگرام کي قانوني حيثيت ڏيڻ جو وجھھ ملي ۽ ايئن
ھن چاھيو ٿي، تھ اولھھ پاڪستان جي عوام تي ان آئين
جا اثر پوڻ کان اڳ ۾ ئي عوامي ليگ جي ڇھن نڪتن
پٽاندر ٺاھيل آئين مٿن مڙھيو وڃي. عوام کي ان جو
موقعو ئي نھ ملي، جو ان جي سھيڙ ۽ منظور ڪيل آئين
جا گڻ اوگڻ ڏسي سگھن. ھن جي ڪوشش ھئي، تھ عوام
سندس ٻانھپ قبولي. مجيب الرحمان ڄاتو ٿي، تھ
جيڪڏھن سندس اٿاريل ھلچل جو جوش ۽ جذبو ماٺو ٿي
ويو، تھ ان جا نتيجا سندس حق ۾ ڀوائتا نڪرندا.
شيخ مجيب ھيءَ تجويز بھ پنھنجي اڳيان رکي ھئي، تھ
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ان جي اثرائتي علائقي ۾
ڪوٺايو وڃي، جيئن ھو قومي اسيمبليءَ کي خودمختيار
ادارو ڪوٺي، آئيني ڍانچي جي حڪم کي مڏو ڪري. ان
ريت ھن لاءِ اھو گس کلي وڃي ھا، تھ ھو قومي
اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي اڳواڻيءَ ۾، پنھنجي اڪثريت
سان ٿوريءَ مدت ۾، شايد
23
مارچ کان بھ اڳ، ڇھھ نڪاتي
آئين ملڪ تي لاڳو ڪري. ڇھن نڪتن کي آئيني بچاءُ
ڏين کان پوءِ پاڻ شيخ مجيب الرحمان پاڪستان جو
قانوني وزيراعظم بنجي وڃي ھا ۽ ھٿياربند فوجن ۽
انتظاميا تي ضابطو آڻڻ ۽ اوڀر پاڪستان کي پنھنجي
تابع بنائڻ بعد سندس اڳيون قدم اھڙو ئي ھجي ھا،
جھڙو ڏينھن کان پوءِ رات جو اچڻ لازمي ھجي ٿو.
اسان کي انھن سڀني جوکن جي ڄاڻ ھئي، تنھن ھوندي بھ
ڌيان سان اڳتي وڌڻ تمام ضروري ھو. جڏھن اسان ڍاڪا
مان موٽياسين، تڏھن اسان جو ذھن ھلڪو نھ ھو، پر
اسان آس نھ لاٿي ھئي. واپس پھچڻ بعد اسان پنھنجن
چونڊيل نمائندن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون.
2
فيبروري تي لاھور ۾ وچ ۽ اتر
پنجاب جي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون
۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڪچھري ٿي. سنڌ ۾
پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون ۽ ملڪ جي
سياسي صورتحال تي تفصيلي ڪچھري ڪئي ويئي. سنڌ ۾
پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو اجلاس
4
فيبروريءَ تي ڪراچي ۾ ڪوٺايو
ويو ۽ وچ ۾ عيد جون موڪلون آيون، جنھن بعد
10
فيبروري تي ملتان ۾ ھڪ اجلاس
ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ ملتان ۽ بھاولپور ڊويزنن جي
پيپلز پارٽي جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ان سان گڏوگڏ اسان
اولھھ پاڪستان جي ڪجھھ ٻين جماعتن جي اڳواڻن سان
پڻ ملاقاتون ڪيون.
اسان صدر يحييٰ خان سان بھ ملاقاتن جو سلسلو جاري
رکيو ۽ کيس انھيءَ ڳالھھ کان آگاھ ڪيو، تھ اسان جي
جماعت جا اڳواڻ ڪنھن ترميم ۽ تبديليءَ کانسواءِ
ڇھن نڪتن کي مڃڻ لاءِ آماده نھ آھن. اسان صدر کي
اھو بھ چيو تھ جيڪڏھن حالتون معمول پٽاندر ھجن ھا،
تھ اسان ان لاءِ تيار ھئاسون، تھ تمام تڪراري
مسئلا قومي اسيمبليءَ ۾ ئي نبيريا وڃن، پر جيئن تھ
عوامي ليگ پنھنجو آئين اڳواٽ ئي جوڙي چڪي ھئي ۽
شيخ مجيب الرحمان چاھيو ٿي، تھ قومي اسيمبليءَ رڳو
ان تي مھر لڳائي، اھڙيءَ حالت ۾ اسان وٽ عوامي ليگ
سان گڏ کليل مصالحت کانسواءِ قومي اسيمبليءَ جي
اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ اجايو ھو ۽ قومي اسيمبليءَ جي
رسمي اجلاس ڪوٺائڻ کان اڳ عوامي ليگ جو اسان سان
سرچاءُ ضروري ھو.
11
فيبروري تي راولپنڊيءَ ۾ صدر
يحييٰ خان سان ملاقات مھل مون صدر کي چيو، تھ
سرچاءُ واسطي عوامي راءِ ٺاھڻ لاءِ اولھھ پاڪستان
۾ اسان جي ڳالھھ مڪمل ٿيڻ ۽ ان سلسلي ۾ الھندي
ڀاڱي جي ٽن چئن وڏن شھرن ۾ عام جلسا ڪوٺائڻ کان
پوءِ ھو ترت قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گھرائي. صدر
کي اھو بھ ٻڌايو ويو، تھ انھن لازمي شرطن جي
پوراءُ کان پوءِ شيخ مجيب الرحمان سان آخري ٺاھ
لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪنداسون ۽ پوءِ صدر جي مقرر ڪيل
تاريخ تي قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شريڪ
ٿينداسون. انھن ابتدائي شرطن جي پوراءُ کانسواءِ
اسان عوام طرفان مڙھيل جمھوري فرض نڀائڻ کان لاچار
رھون ھا. جيڪڏھن صدر پاڻ ايئن سمجھي ٿو، تھ ھو ٻين
پاسن کان مختلف نوع جي ۽ پاڻ ۾ ٽڪرجندڙ مطالبن ۾
ڦاٿل آھي، تھ اھڙيءَ صورت ۾ ھو مناسب مھل ڏيئي،
ٻنھي ڌرين کي پنھنجا فرضء نڀائڻ تي راضي ڪري سگھي
ٿو. اھڙيءَ ريت ھو عوامي ليگ جي اڳواڻ کي مطمئن
ڪرڻ لاءِ ان طرفان قومي اسيمبليءَ جي اجلاس سڏائڻ
واري مقرر ٿيل کان اٽڪل ڇھھ ھفتا پوءِ اسيمبليءَ
جو اجلاس گھرائن جي پڪي تاريخ جو اعلان ڪري سگھي
ٿو. اسان ايئن ٿي سمجھيو، تھ وچ واري رستي ڪڍڻ سان
اسان کي پنھنجي لاءِ گھربل مھلت ملي ويندي ۽ ان
سان گڏ شيخ مجيب الرحمان جو اھو خدشو بھ ڏور ٿي
ويندو، تھ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس گھرائڻ ۾ اجائي
دير ڪنھن سازش جو نتيجو آھي.
ڍاڪا وڃڻ کان اڳ مون ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ھو، تھ
ڇھن نڪتن مان ٻھ نڪتا، جن جو تعلق صحيح معنيٰ ۾
وفاقي ۽ علاقائي مليشيا سان آھي، پيپلز پارٽي لاءِ
قبول جوڳا آھن. اصل ۾ اھي ٻئي نڪتا پاڻ اسان جي
پروگرام ۾ شامل ھئا. جڏھن تھ مرڪزي شعبن بابت ٽئين
نڪتي جو تعلق اصل ۾ باقي بچيل ٽن نڪتن سان آھي.
ڍاڪا مان موٽڻ بعد عوامي راءِ جي اندازي لڳائڻ بعد
اھا اميد ٿي چڪي ھئي، تھ محصولن ۽ ڪرنسي بابت
تجويزن بابت رڳو تحفظ جو يقين ڏيارڻ سان شيخ مجيب
الرحمان سان سرچاءُ ٿيڻ اسان لاءِ سولو ٿيندو.
تنھنڪري انھيءَ اميد پٽاندر صدر کي ڄاڻايو ويو، تھ
ڪجھھ ھفتن جي ڪوششن بعد اسان ان قابل ٿي چڪا
آھيون، جو قومي سالميت کي نقصان پھچائڻ کانسواءِ
اسان ڇھن نڪتن جي گھرن جو پوراءُ ڪري سگھون. تنھن
ھوندي بھ ٻاھرئين واپار ۽ امداد سان لاڳاپو رکندڙ
اھم نڪتن جي گھرجن جي پوراءُ لاءِ اھو ضروري آھي،
تھ اسان کي وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. ھيءَ مھلت ان لاءِ
ضروري ھئي، تھ محصول ۽ ڪرنسيءَ بابت اسان ٺاھ جي
خيال کان اھڙي عمل جوڳي واٽ ڪڍون، جنھن سان
پاڪستان بھ بچي ۽ شيخ مجيب الرحمان بھ پنھنجي جان
ڇڏائي سگھي. اسان کي يقين ھو تھ دستوري قانون ۽
جديد انتظاميا ذريعي اسان ڪنھن اھڙي ٺاھ تي پھچي
سگھياسين ٿي، جنھن ۾ ٻنھي نقطي نگاھن جي تسڪين ٿي
سگھي، يعني قومي اتحاد وارو مقصد بھ ملي ۽ عوامي
ليگ جا مک مطالبا بھ پورا ٿين.
ڇھن نڪتن مان ٽي نڪتا بھرحال ڏکيا ھئا، ۽ انھن تي
تفصيلي بحث ۽ ڊگھين ڳالھين جي گھرج ھئي. محصولن ۽
ڪرنسيءَ بابت ڪنھن اھڙي معقول فارمولا جي گھرج
ھئي، جنھن مطابق ھڪ پاڪستان واري نظريي ۾ رھي،
عوامي ليگ جا مطالبا پورا ڪري سگھجن. سڀ کان وڌيڪ
ڏکئي مطالبي جو تعلق پرڏيھي واپار ۽ پرڏيھي امداد
سان ھو. پاڪستان جي پنھنجي خاص حالتن ۽ مسئلن جي
موجودگيءَ ۾، جيڪڏھن پرڏيھي واپار ۽ پرڏيھي امداد،
صوبن جي اختيار ۾ ھجن، تھ اھو ڪيئن متحد رھي سگھي
ٿو؟- ۽ اھو بھ اھڙيءَ حالت جڏھن ڇھن نڪتن ۾ ٻيا بھ
ڪيترا اھڙا جزا لڪل ھئا، جن جو مڪمل طور مطلب
علحدگي ھو. اسان کي اھا اجائي اميد ھئي، تھ شيخ
مجيب الرحمان لاءِ ڪنھن اھڙي سرچاءُ تي پھچڻ ممڪن
ھوندو، جو ٻنھي ڀاڱن لاءِ قبول جوڳو ھجي. اسان جي
پڇاڙي ايمانداراني ڪوشش کان پوءِ ئي اھو پتو پئجي
سگھيو ٿي، تھ اسان ڪامياب ٿينداسين يا ناڪام- اسان
صدر يحييٰ خان کي وري بھ انھن انيڪ جوکن بابت ڄاڻ
ڏني، جيڪي وسيع سرچاءُ لاءِ ڪنھن آخري ڪوشش ۽ ڪنھن
بنيادي ٺاھ لاءِ عوامي راءِ جوڙڻ کانسواءِ
اسيمبليءَ ۾ وڃڻ وقت سامھون اچي سگھيا ٿي.
راولپنڊي وڃڻ مھل اسان اھو ڀانئيو ٿي، تھ صدر اسان
جي ڏکيائين کي چڱيءَ ريت سمجھي ٿو، ۽ ھو فيبروريءَ
جي پڇاڙيءَ کان اڳ قومي اسيمبليءَ لاءِ ڪنھن بھ
تاريخ جو اعلان ڪندو. بھرحال، صدر ڪابھ قطعي ڳالھھ
نھ ڪئي. جنھن وقت اسان پشاور ۾ پنھنجي پارٽيءَ جي
اڳواڻن سان مشورا ڪري ۽ ٻين اڳواڻن سان ملياسين
پئي، تھ
13
فيبروري تي اعلان ڪيو ويو، تھ
صدر
3
مارچ تي ڍاڪا ۾ قومي اسيمبليءَ
جو اجلاس سڏائي آھي. انھي٤ اعلان تي اسان کي سخت
عجب ٿيو. اسان جي ٻيڙي سير تي ٿي وئي: اسان اڃا
پنھنجا مشورا ئي مڪمل نھ ڪيا ھئا، ۽ نھ ئي اسان
دور رس رعايتن پٽاندر ٺھندڙ آئين لاءِ الھندي حصي
جي عوام کان منظوري ورتي ھئي، تنھنڪري اسان
3
مارچ تي ٿيندڙ قومي اسيمبليءَ
جي اجلاس ۾ شرڪت پنھنجي لاءِ ناممڪن سمجھي. اسان
ھڪدم صدر جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان ٽيليفون تي
ڳالھايو ۽ کيس چيو، تھ انھن ڳالھين سبب، جيڪي رڳو
ٻھ ڏينھن اڳ اسان صدر کي ٻڌائي چڪا ھئاسين، اسان
3
مارچ واري قومي اسيمبليءَ جي
اجلاس ۾ شريڪ ٿي نھ سگھنداسين.
پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڏکي گھڙي
پيپلز پارٽيءَ لاءِ فيصلي جي واٽ سوڙھي ھئي.
الھندي ڀاڱي جي گڏيل پارٽين پنھنجي شڪست جي پلاند
لاءِ پيپلز پارٽيءَ تي ڏند پئي ڪرٽيا. مجيب
الرحمان پنھنجي مؤقف تي اٽل رھيو ۽ حڪومت جو مقصد
سمجھھ کان مٿانھون ھو. اھڙي منجھيل ماحول ۾ الھندي
پاڪستان جي اڪثريت پارٽيءَ لاءِ رڳو اھو رستو کليل
ھو، تھ اھا چئي تھ اسان جو ڇھن نڪتن سان ڪوبھ
واسطو نھ آھي- يا وري ڪو اھڙو سياسي سمجھو ڪري،
جنھن مطابق ڪي مناسب انتظامي ۽ آئيني تحفظات وٺي،
عوامي ليگ کي بھ راضي رکي ۽ پاڪستان جو اتحاد بھ
قائم رھي. الھندي پاڪستان ۾ ڇھن نڪتن خلاف مھم جو
نتيجو بھ غيرمفيد ئي رھي ھا، ڇوتھ ڇھن نڪتن جي
گھر، اوڀر پاڪستان جي اڪٿريتي پارٽيءَ جي گھر ھئي.
پيپلز پارٽيءَ جي اھا ڪوشش ھرگز ڪامياب نھ ٿئي ھا،
تھ اوڀر پاڪستان جي عوام جا خيال راتورات بدلائي
ڇڏي. پيپلز پارٽي وٽ عوامي ليگ خلاف واپرائڻ لاءِ
رڳو ھڪ طريقو ھو، تھ اھا ڇھن نڪتن آڌار آئين جوڙڻ
لاءِ سھڪار کان انڪار ڪري، ان سان ڪو مساوي ٺاھ
ڪري. اھو بھ ڪو مؤثر طريقو تھ نھ ھو، ڇوتھ عوامي
ليگ اڪثريت ۾ ھئي ۽ اھا اسيمبليءَ کان پنھنجو آئين
بحال ڪرائي وٺي ھا. اھا سچائي آھي، تھ الھندي حصي
جي اڪثريت پارٽيءَ جي بحاليءَ کانسواءِ پاس ڪيل
آئين، گھڻو وقت جٽاءُ نھ ڪري سگھي ھا، پر ھڪ ڀيرو
وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، اھو ڀلي ڪيترو بھ وقت ھلي،
پر ملڪ لاءِ نھايت موتمار ثابت ٿئي ھا.
جيڪڏھن اسان عوامي ليگ جي ڪنھن بھ مطالبي مڃڻ کان
بلڪل انڪار ڪريون ھا، تھ پيپلز پارٽيءَ تي اھو
الزام ڌريو وڃي ھا، تھ اھا جمھوريت جي بحاليءَ ۾
رڪاوٽون پئي وجھي، جيڪا ٻنھي حصن جي عوام جي گڏيل
گھر ھئي. ھڪ جمھوري پارٽيءَ طور، جنھن کي تازو
عوام جي شاندار تائيد ملي چڪي ھئي، پيپلز پارٽي
ڪنھن بھ صورت ۾ انھيءَ مطالبي جي مخالفت نٿي ڪري
سگھي. گڏوگڏ پيپلز پارٽي کي اقتدار جي منتقلي ۾
پنھنجو جوکم پڻ ھو. ھڪ اھڙي پارٽي، جنھن کي گھٽ ۾
گھٽ ٻن مک صوبن، پنجاب۽ سنڌ ۾ حڪومتون ٺاھڻيون
ھيون، نٿي چاھيو تھ سندس محنت سان ماڻيل ڪاميابي،
ايئن ضايع ٿي وڃي. انھيءَ ھوندي بھ، شھري اختياري
جي بحاليءَ لاءِ ۽ مارشل لا جي خاتمي لاءِ- جنھن ۾
عوامي ليگ جو بھ حصو ھجي ھا- وري بھ پيپلز پارٽي
کي ئي جمھوريت جي بحاليءَ ۾ رڪاوٽ لاءِ ملزم
ٺھرايو وڃي ھا، جيڪڏھن اھا عوامي ليگ سان ڳالھائڻ
کان انڪار ڪري ھا. جيڪڏھن پيپلز پارٽي عوامي ليگ
جي مطالبن خلاف عدم سھڪار واري ھلچل شروع ڪري ھا،
تھ بھ جمھوريت جي بحاليءَ جي امڪانن جي خاتمي کان
علاوه شايد ملڪ سڌو سنئون ٻن حصن ۾ ورھائجي وڃي
ھا.
انھن حالتن ۾ پيپلز پارٽي انھيءَ ٻڏتر ۾ ورتل ھئي.
ھوءَ شيخ مجيب الرحمان جي ڇھھ نڪتن اڳيان ھٿيار
ڦٽا ڪري، جنھن جو مطلب ھو تھ ڪجھھ مھينن ۾ اوڀر
پاڪستان آئيني طور علحده ٿي وڃي ھا، يا وري کيس
عوامي ليگ جي مطالبن جي مزاحمت ڪرڻي پئي ھا، جنھن
سان جمھوريت جي واپسي ۽ سول حڪومت جڙڻ جو مقصد
جوکي ۾ پئجي وڃي ھا. گڏوگڏ اھو امڪان بھ موجود ھو،
تھ ملڪ جا ٻيا حصا تشدد سان جدا جدا رستن تي روانا
ٿي وڃن ھا. تنھنڪري انتھائي ضرور يھو، تھ ڇھھ نڪتن
تي سياسي ٺاھھ ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، تھ
جيئن جمھوريت بحال ڪرائي سگھجي ۽ پاڪستان کي ٻھ
ٽڪرا ٿيڻ کان بچايو وڃي.
ڇھھ نڪاتي فارمولا علحدگي جو ھڪ ڳجھو فارمولا ھو،
جنھن ۾ ھڪ جي بجاءِ ٻن ڏاڪن تي ڌڪ ھڻڻ شامل ھو.
اسان چاھيو ٿي، تھ عوامي ليگ سان ڪنھن نھ ڪنھن ٺاھ
تي پھچي، ڇھن نڪن جي ٻئي ڌڪ کي روڪي سگھون. ۽ اھا
سوچ اڀاريون، تھ شيخ مجيب الرحمان جي مطالبن سان
معنوي طور سھمت ٿيڻ بغير سندس مطالبا پورا ٿي وڃن
ھا. ھي مقصد اھڙي مؤثر آئيني ۽ انتظامي تحفظ ذريعي
ماني سگھيو پئي ويو، جنھن ذريعي عوامي ليگ پنھنجي
علحدگي جي منصوبي تي عمل نھ ڪري سگھي. اھڙيءَ طرح
اسان گھريو ٿي، تھ ڇھن نڪتن جي ھاڃيڪار ۽ موتمار
نتيجن کي ضابطي ۾ رکون. اسان وٽ اھو ممڪن ھو، تھ
مناسب آئيني ۽ انتظامي تحفظ جي ضمانت تي محصول ۽
ڪرنسي متعلق نڪتي لاءِ گنجائش ڪڍون، پر پرڏيھي
واپار ۽ امداد متعلق نڪتي تي گنجائش ڪڍڻ ڏکيو ھو.
عوامي ليگ جي ھٺ ان سلسلي ۾ آڏو آئي. مالي
ذميدارين جي سوال تي اسان جي راءِ ھيءَ ھئي، تھ ھن
مسئلي کي ھڪ غيرجانبداراڻي ڪميشن ذريعي سلجھائي
سگھجي ٿو. مٿئين مضبوط دليلن آڌار عوامي ليگ جي
اڳواڻن سان تفصيلي ڪچھريءَ بابت اسان جي ڏنل ڪيس
پنھنجو ثبوت پاڻ ڏنو ٿي ۽ اسان اھا اميد رکڻ ۾ حق
تي ھئاسين، تھ قومي اسيمبليءَ اجلاس ڪوٺائڻ کان
اڳ، اسان کي ڳالھين ذريعي مسئلي جو سلجھاءُ ڳولڻ
جو موقعو ڏنو وڃي.
15
فيبروري
1971ع
تي مون پشاور ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس سڏائي، جنھن ۾ ملڪ
سامھون گھوٽالن جو تت ڏنو ۽ چيو تھ، ”اسان
اوستائين قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شريڪ نھ
ٿينداسين، جيستائين اسان کي اھا خاطري نٿي ڏياري
وڃي، تھ اسان جو نقطي نظر ٻڌو ويندو، ۽ جيڪڏھن اھو
نقطي نظر مناسب سمجھيو ويو، تھ عوامي ليگ ان کي
مڃيندي.“ مون اھا ڳالھھ شعوري طور مبھم رکي، تھ
عوامي ليگ کان گھربل پڪ جي نوع ڪھڙي ھئڻ گھرجي. ان
جو مقصد اھو ھو، تھ شيخ مجيب الرحمان پاڻ کي پڌرو
ڪرڻ بغير، اسان جي مطالبي جو جواب ڏيئي سگھي. مون
اھو بھ پڌرو نھ ڪيو ھو، تھ اھا پڪ پاڻ شيخ مجيب
الرحمان ذاتي طور ڪرائي يا ان بابت ڪو کليل نموني
اعلان ڪري. ڪراچي ۽ پشاور جي صحافين مون کان پڇيو
ھو تھ، ”ڇا پيپلز پارٽي اسيمبليءَ جو بائيڪاٽ
ڪندي؟“ تڏھن مون ان جو جواب واضح طور انڪار ۾ ڏنو
ھو. پوءِ اسان عوام سان رابطو ڪيو ۽ صورتحال ۾ لڪل
ڏکيائين جي چِٽائي ڪئي.
21
۽
22
فيبروري تي اسان ڪراچيءَ ۾
پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن جو ٻن ڏينھن وارو ڪنوينشن
گھرايو، جنھن جي خاتمي تي سڀني اڳواڻن قسم کنيو،
تھ ھو جماعت جي فيصلن جا پابند رھندا. پوءِ
28
فيبروري تي لاھور ۾ ھڪ تمام
وڏي عوامي جلسي ۾ مون عوام کي ڀروسي ورتو ۽
پنھنجي اختيار ڪيل مؤقف جي چِٽائي ڪئي. مون عوام
کي ٻڌايو، تھ اسان چاھيون ٿا، تھ ان کان اڳ جو
قومي اسيمبليءَ ڪا ڪارروائي ڪري، اسان ان ڳالھھ جي
ھڪ ڀيرو وڌيڪ ڪوشش ڪنداسين، تھ جيئن عوامي ليگ سان
ھڪ عمل جوڳو ٺاھھ ٿئي. مون چيو تھ جيڪڏھن اسان کي
مٿئين ڳالھين جي پڪ ڪرائي ويئي، تھ اسان قومي
اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار آھيون.
ٻيءَ صورت ۾ جيڪڏھن اھا پڪ نھ ڪرائي ويئي ۽ قومي
اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي نھ ڪيو ويو، تھ پوءِ
120
ڏينھن جي عرصي ۾ آئين جي تياري
متعلق لڳايل پابندي ختم ڪيڇ، تھ جيئن آئين جھڙي
نازڪ مسئلي تي فيصلو ڪندي، وقت اسان کان ٿِڙي نڪري
نھ وڃي. ملڪ جي پھرئين آئين جي تياريءَ ۾ پھريون
دستور ساز اسيمبليءَ ست ورھيھ لڳايا ھئا. جڏھن تھ
ٻي آئين ڍاھيندڙ اسيمبلي
1956ع
جو آئين ٻن ورھين ۾ ٺاھيو ھو. اڄ جا مسئلا اڳي کان
ڪئين ڀيرا وڌيڪ منجھيل ۽ تڪراري بنجي چڪا آھن.
انھن حالتن ۾ انتھائي ضروري آھي، تھ
120
ڏينھن جي ميعاد اندر،
اسيمبليءَ ۾ قبول جوڳو سلجھاءُ ڳولڻ جي مقصد لاءِ
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ملتو يڪيو وڇي يا وري
120
ڏينھن جي پابندي ختم ڪئي وڃي.
آئين جڙي نھ سگھيو، تھ شيخ مجيب الرحمان وقت ھٿن
مان نڪرڻ جو بھانو بنائي، تڪر ۾ اسيمبليءَ کان
آئين جي توثيق ڪرائي وٺي ھا. ھي پھريون موقعو نھ
ھو جو مون آئين جي تياريءَ لاءِ
120
ڏينھن جي مقرر ميعاد کي چئلينج
ڪيو ھو. چونڊ مھم دؤران انيڪ تقريرن ۾ آئون اعلان
ڪري چڪو ھوس، تھ اھو عرصو تمام گھٽ آھي. بدين ضلع
حيدرآباد ۾ ھڪ عوام جلسي کي خطاب ڪندي، مون حڪومت
کان پڇيو ھو، تھ جڏھن حڪومت پاڻ قانوني ڍانچي جي
حڪم جي تياريءَ ۾ چار مھينا لڳايا آھن، تھ پوءِ
نيٺ حڪومت اھا اميد ڇو ٿي رکي، تھ قومي اسيمبليءَ
آئين جھڙي اھم دستاويز کي رڳو
120
ڏينھن جي عرصي ۾ جوڙي سگھندي؟
مون عوام کي ٻڌايو ھو، تھ جيڪڏھن اسان جي ڏنل ڪابھ
تجويز منظور نھ ڪئي ويئي، تھ اسان
3
مارچ تي قومي اسيمبليءَ جي
اجلاس ۾ ھرگز شريڪ نھ ٿينداسين.
اسان پنھنجي معقوليت ۽ سرچاءُ جي جذبي جي اظھار
لاءِ ڪابھ ڪسر باقي نھ ڇڏي. عوام جو ردعمل بھ
انتھائي ھمت ڏياريندڙ ھو ۽ ظاھر ھو، تھ ھو مڪمل
طور اسان جي مؤقف جي پٺڀرائي پئي ڪئي. شيخ مجيب
الرحان ائين چوڻ سان منھنجي تقرير تي پنھنجو ردعمل
ڏيکاريو، تھ ھو ھر ڪنھن جي ڳالھھ ٻڌڻ لاءِ تھ تيار
آھي، پر ڇھن نڪتن متعلق ڪنھن بھ سرچاءُ لاءِ تيار
نھ آھي، جو اھي ”عوام جي ساک پت“ ھئا؛ يعني ڪجھھ
بھ نھ، ۽ ان مان ڪنھن بھ پڪ جو بھانو نٿي پيدا
ٿيو.
الھندي حصي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مؤقف متعلق مثبت
عوامي ردعمل معلوم ڪرڻ بعد، صدر پھرين مارچ تي
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو،
تھ جيئن اڳواڻ ڪنھن ٺاھ تي پھچي سگھن. شيخ مجيب
الرحمان اھو جوکو ڀانئيو، تھ متان ھاڻي آئيني
طريقي سان علحدگي ماڻي نھ سگھي، صدر جي اعلان تي
تشدد سان ڀرپور ردعمل ڏيکاريو.
عوامي ليگ جو ڏوراھون مارڳ
مجيب الرحمان
2
مارچ تي پھرين ڍاڪا ۽ پوءِ
پوري اوڀر پاڪستان ۾ عام ھڙتال جو حڪم ڏنو. ھن جي
اھڙي اعلان تي اوڀر پاڪستان جو عوام رستن تي نڪري
آيو ۽ انتظاميا مفلوج ٿي وئي. ھن جي غنڊن غير
بنگالي آباديءَ جو عام قتل ڪيو. عوامي ليگي اڳواڻ
بنگلاديش جي نالي ۾ حڪم ڏيڻ شروع ڪيا. سرڪاري
ملازمن کي حڪم ڏنو ويو، تھ اھي مرڪزي حڪومت سان
ڪوبھ سھڪار نھ ڪن. بئنڪن کي ھدايت ڪئي وئي، تھ اھي
رڳو عوامي ليگ جي حڪمن مطابق ڏي- وٺ ڪن. پوليس
لاءِ بھ عوامي ليگ حڪم ڏنا. ھاءِ ڪورٽ جي ججن کي
چيو ويو، تھ اھي پنھنجن گھرن اندر رھن. شيخ مجيب
الرحمان ھڪ نؤآزاد ملڪ جي آمر وارو رويو واپرايو.
فوج پھرئين ڏينھن ڪجھھ مجبوريءَ تي اپاءُ ورتا، پر
ٻئي ڏينھن اوڀر ڪمان جي جنرل انچارج جي حڪمن تي
اھا پوئت يھٽي وئي ۽ پوءِ شروع ٿيل گڙٻڙ تي ضابطي
لاءِ ان وري ڪابھ مؤثر مداخلت نھ ڪئي. اوڀر
پاڪستان جي گورنر کي، جيڪو سدائين عوامي ليگ جي
ھٿن ۾ پئي کيڏيو، بدلي ڪري، جنرل ٽڪا خان کي ان جي
جاءِ تي رکيو ويو. عوامي ليگ جي ھدايت تي، اوڀر
پاڪستان جي ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، نئين گورنر کي
سندس عھدي جو قسم کڻائڻ کان انڪار ڪيو. فوج جي
منظر تان ھٽڻ کانپوءِ، عوامي ليگ جي ورڪرن ۽ غنڊن
عوام ۾ ڏھڪاءُ ڦھلائڻ شروع ڪيو. ڪيترن غير بنگالين
کي ڪٺورتا سان قتل ڪيو ويو. ڏوھارين کي زبردستي
جيلن مان ڇڏايو ويو. ڪارخانا بند ۽ مواصلات جا
ذريعا معطل ٿي ويا. دڪان ڦريا ويا ۽ گھرن کي
باھيون ڏنيون ويون. سمورن عام انتظام ڊانوادول ٿي
ويا. اقتصاديات کي بھ ٻڙي ڏني وئي. ماڻھن کي چيو
ويو تھ مرڪزي سرڪار کي ڪوبھ ٽئڪس نھ ڏنو وڃي.
عوامي ليگ بنگلاديش جي نالي ٽئڪس وٺڻ شروع ڪيو.
مھاجر، جيڪي
1947ع
۾ ھندستان کان لڏي آيا ھئا،
1971ع
۾ ھڪ ڀيرو وري ان ڌرتيءَ تان پاڙان پٽجي ويا، جنھن
سان سندن اميدون ڳنڍيل ھيون. انھن جي جٿن الھندي
حصي ڏانھن ڀڄڻ لاءِ بندرگاھن، ھوائي اڏن ۽ ريلوي
اسٽيشنن تي گڏ ٿيڻ لڳا. ڪجھھ ڏينھن ۾، دھشتگرديءَ
۽ پروپيگنڊا جي گڏيل اثر ۽ صوبائي حڪومت جي ڌيان
نھ ڏيڻ سبب، شيخ مجيب الرحمان حقيقت ۾ بنگلاديش جو
حاڪم بنجي ويو. سول نافرماني جي نالي ۾ عوامي ليگ
دھشتگرديءَ جو دؤر شروع ڪري، اوڀر پاڪستان ۾
پنھنجي متوازي حڪومت جوڙي ورتي.
ان قسم جي حالتن جو بھرحال خاتمو آڻڻو ھو. مارشل
لا حڪومت کي تيزيءَ سان ڪو اھڙو اپاءُ وٺڻو ھو،
جنھن سان جوکائتي حد تائين بگڙندڙ ھالتن تي ضابطو
آڻي، اھا پنھنجي اٿارٽي جوڙي سگھي. انھيءَ مقصد
سان، صدر
3
مارچ تي ملڪي اڳواڻن کي دعوت
ڏني، تھ اھي
10
مارچ تي ڍاڪا ۾ گڏ ٿي، سياسي
صورتحال تي سوچين ويچارين ۽ قومي اسيمبليءَ جي
اجلاس لاءِ ڪا تاريخ مقرر ڪن. صورتحال کي سامھون
رکندي مون بھ اھا دعوت قبولي. الھندي حصي جي ٻين
سياسي جماعتن جي اڳواڻن بھ شريڪ ٿيڻ قبوليو. پر
مجيب الرحمان ڌڪار واري لھجي ۾ ان کي رد ڪيو،
تنھنڪري اھا ڪانفرنس نھ ٿي سگھي، پر عوامي ليگي
اڳواڻ، اڀر پاڪستان تي وڌيڪ ضابطي رکڻ لاءِ
پنھنجون ڪوششون جاري رکيون. حالتون جيئن پوءِ تيئن
ھٿن مان نڪرنديون ٿي ويون. مرڪزي حڪومت جو حڪم ھلڻ
ئي بند ٿي ويو.
4
مارچ تي مونکي صدر يحييٰ خان
طرفان راولپنڊي اچڻ جو سڏ ٿيو. اسان
5
تاريخ تي صدر سان ڪچھري ڪئي ۽
کيس يقين ڏياريو، تھ انھيءَ شديد گھوٽالي سلجھائڻ
لاءِ اسان اھو سڀ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار آھيون، جيڪو
اسان جي ھٿ وس ھوندو. صدر اسان کي ٻڌايو، تھ جيئن
تھ ھن جي قانوني ڍانچي واري حڪم ۾ انھن جوکن جي
خاتمي لاءِ، جن جي عمل ۾ اچڻ جو اسان کي الڪو ھو،
ڪافي تحفظات موجود ھئا، تنھنڪري اسان کي ان متعلق
وڌيڪ پڪ تي گھڻو زور نھ ڏيڻ گھرجي، جنھن جو
15
فيبروري تي مطالبو ڪيو ويو ھو.
اسان کيس ٻڌايو تھ اسان جي خيال موجب جنھن وقت
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو ويو، اسپيڪر جي
چونڊ ٿي چڪي، اسيمبل خودمختياري اداري ۾ بدلجي
ويندي ۽ پوءِ قانوني ڍانچو بي اٿر ٿي ويندو.
انھيءَ ۾ ڪو شڪ نھ آھي، تھ پاڪستان پيپلز پارٽي
پنھنجي چونڊ مھم دؤران، قانوني ڍانچي کي عوام جي
خودمختياريءَ تي فوقيت ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ھئي، پر
ان وقت اسيمبليءَ جي خودمختياريءَ جو مسئلو ھڪ
اڳلھھ ھئي، پر ان کي علحدگي لاءِ ھڪ ذريعو بنائڻ
قطعي مختلف ڳالھھ ھئي. ان سان عالمي حيٿيت بھ
الجھي ويندي، جنھن سان تسليمي جو مسئلو بھ جڙيل
ھو. اسان صدر جو ڌيان ان ڳالھھ ڏانھن پڻ ڇڪايو،
جنھن وقت ھڪ ڀيري آئيني بل بحال ٿي ويو، تنھن وقت
صدر لاءِ پنھنجي آئيني ڍانچي تي عمل ڪندي، ان جي
بحاليءَ کان انڪار ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. اسان کيس
ٻڌايو، تھ اسان جي خيال موجب، قانوني ڍانچي وارو
حڪم بيجان ڪاغذ بنجي چڪو آھي، پر ھاڻوڪي نازڪ
گھوٽالي کي سامھون رکندي اسان سندس پڪ کي قبولڻ
لاءِ تيار آھيون، پر شرط اھو آھي تھ ھو قوم آڏو
پنھنجي اھا ڳالھھ وري ورجائي.
6
مارچ تي صدر يحييٰ خان قوم کي
خطاب ڪندي اعلان ڪيو، تھ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس
25
مارچ تي منعقد ٿيندو. ھن چيو
تھ ھٿياربند فوجن جي ڪمانڊر انچيف طور ھو پاڪستان
جي سلامتي قائم رکڻ جو پڪو ارادو رکي ٿو، ۽ جن کي
بھ ڪنھن اھڙي آئين جو الڪو آھي، جو پاڪستان جي
سلامتيءَ لاءِ جوکو ٿي سگھي ٿو، تن لاءِ قانوني
ڍانچي ۾ ڪافي پڪ موجود آھي.
7
مارچ تي مجيب الرحمان ڍاڪا ۾
ھڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪيو. ان جلسي ۾ ھن ھٿياربند
فوج جي ڪردار تي تمام گھڻي تنقيد ڪئي ۽ پنھنجي
انھيءَ وچن کي ورجايو، تھ ھو پنھنجي جدوجھد
تيستائين جاري رکندو، جيستائين ھن جا ماڻھو ”ھڪ
آزاد قوم جا آزاد شھري“ نھ بڻيا آھن. ھن بھرحال،
يڪطرفي آزاديءَ جو اعلان نھ ڪيو.
6
مارچ جي رات جو صدر يحييٰ خان،
شيخ مجيب الرحمان ڏانھن ھڪ نياپو موڪليو، تھ جيئن
ھو مستقبل ۾ عوامي ليگ سان وري ڳالھايون ڪرڻ لاءِ
تيار آھي، تنھنڪري ھو ڪنھن بھ انتھائي قدمن کڻڻ
کان باز رھي. شايد اھو نياپو ئي ھو، جھن کي ھڪطرفي
آزاديءَ جي اعلان کان روڪيو. بھرحال، شيخ مجيب
الرحان پنھنجي تقرير ۾ چار نوان مطالبا ڪيا. ھن
ھڪدم مارشل لاءِ ھٽائڻ ۽ اقتدار عوام جي نمائندن
کي منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ھن وڌيڪ اھو بھ
مطالبو ڪيو، تھ اوڀر پاڪستان ۾ فوج جي ڪيل
گوليبازيءَ بابت جاچ ڪئي وڃي ۽ فوجن کي بئرڪن ۾
واپس موڪليو وڃي. ھن چيو تھ ھو
25
مارچ تي سڏايل قومي اسيمبليءَ
جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي رڳو تڏھن ’ويچاريندو‘،
جڏھن سندس اھي چار مطالبا قبوليا ويندا.
ھڪ سنگين قسم جو تعطل پيدا ٿي چڪو ھو، جنھن کي
توڙڻ لاءِ
10
مارچ تي مون شيخ مجيب الرحمان
کي ھيٺين تار موڪلي:
”پنھنجي ملڪ ۾ تازو جيڪي واقعا ٿيا آھن، تن مونکي
گھرو صدمو رسايو آھي ۽ آئون انتھائي پريشان آھيان.
ھاڻوڪي گھوٽالي ۾ جن ماڻھن پنھنجون جانيون وڃايون
آھن، تن جو پڻ مونکي دلي ُک پھتو آھي. ڏکويل
گھراڻن سان منھنجي دلي ھمدردي آھي. اسان پاڪستان
لاءِ ھڪ نئون نظام چاھيون ٿا- ھڪ اھڙو نظام جنھن ۾
ھڪ انسان ھٿان ٻئي انسان ۽ ھڪ علائقي ھٿان ٻئي
علائقي جي ڦرلٽ جو خاتمو ٿئي. اچوت ھ ڪوشش ڪريون
تھ جيئن ان قسم جو نئون نظام نھ رڳو آئين ۾، پر
پاڪستان جي دلين ۾ پڻ پيدا ٿئي. پاڻ انتھائي سنگين
گھوٽالي ۾ ڦاٿل آھيون. ملڪ جو مستقبل جوکي ۾ آھي.
پاڻ ٻنھي تي وڏي جوابداري اچي ٿي. جنھن تباھيءَ جو
پاڻ کي خطرو سامھون آھي، تنھن کي ٽارڻ لاءِ اھو
سڀڪجھھ ڪرڻ گھرجي، جو انساني طور ممڪن ٿي سگھي ٿو.
اھو پنھنجو گڏيل مقصد ھئڻ گھرجي، تھ جيئن پاڪستان
بچي سگھي ۽ صلح ۽ ترقيءَ جو ھڪ اھڙو رستو تيار
ٿئي، جنھن تي ھلي، ملڪ جا ٻئي حصا پنھنجو ڀرپور
ڪردار نڀائي سگھن.
”ھاڻوڪي نڀاڳي گھوٽالي، مون ۾ اھو يقين پيدا ڪيو
آھي تھ اسين ھڪ اھڙي ڏاڪي تي پھچي چڪا آھيون، جتي
پاڪستان جي ٻنھي حصن کي ڪنھن گڏي سرچاءُ تي پھچڻ
گھرجي، تھ جيئن ملڪ کي بچائي سگھجي- ۽ ملڪ کي ڪنھن
بھ قيمت تي، لازمي طور بچائڻو آھي.
”ھاڻوڪي گھوٽالو سلجھائڻ لاءِ، ٻنھي حصن جي عوام
کي ھڪ ٻئي ويجھو آڻڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
گذريل ٽيويھن ورھين دؤران جيڪي تلخيون ۽ غلط
ڪاريون ٿيون آھن، تن جي مٽائڻ لاءِ پڻ ھر مڪن ڪاوش
ڪرڻي پوندي. پاڪستان جي عوام جي تحاد ۽ سالميت جي
بچاءُ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻي پوندي، تھ جيئن ھو
ڀائرن جيان ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي اڳتي وڌي سگھن. ھاڻوڪو
گھوٽالي جي خاتمي لاءِ، آئون ھڪ ڀيرو وري ڍاڪا
اچي، توھان سان ملڻ لاءِ تيار آھيان، تھ جيئن ڪو
اھڙو گڏيل سلجھاءُ ڳولي سگھون، جيئن آئين جي
تياريءَ لاءِ اسيمبليءَ جو ڪم جاري رھي سگھي. عوام
کي ۽ تاريخ کي ائين چوڻ جو موقعو نھ ڏيون، تھ انھن
اسان کي ناڪام ڪيو.“
ان کان ٻھ ڏينھن پوءِ عوامي ليگ جي جنرل سيڪريٽري
تاج الدين منھنجي انھيءَ نماڻي گذارش کي کلئي عام
ڌڪار مان ٿڏي ڇڏيو، ۽ چيو تھ عوامي ليگ انھيءَ تار
تي ويچارڻ لاءِ بھ تيار نھ آھي.
عوامي ليگ پنھنجي بغاوت واري رستي تي ھلندي رھي.
اولھھ پاڪستان جا ماڻھو اوڀر پاڪستان جي صورتحال
تي سخت پريشان ۽ گھٻرايل ھئا. مجيب الرحمان
بنگلاديش جي نالي حڪم ڏيندو رھيو، جن مان ڪجھھ
ھندستان سان واپاري لاڳاپا ٻيھر رکڻ بابت بھ ھئا.
قائداعظم جي تصويرن کي باھ ڏني وئي ۽ ڪيترن ھنڌن
تي پاڪستان جي جھنڊي بيحرمتي ٿي. بنگلاديش جي قومي
تراني طور رابندرناٿ ٽئگور جو ”امر سونار ديش“
ويچار ھيٺ ھو. حڪومت جي ضابطي ھيٺ ڪم ڪندڙ ريڊيو ۽
ٽيليويزن اسٽيشنن عوامي ليگ جي ھدايتن ھيٺ ڪم ڪرڻ
شروع ڪيو. ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي ھڪ ھال تان ”اقبال“
جو نالو ھٽائي، ان کي ”ٽئگور“ جي نالي ڪيو ويو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڏانھن ھڪ درخواست
موڪلي وئي، تھ بنگلاديش کي عالمي اداري ۾ داخلا
ڏني وڃي. لنڊن ۾ انتھا پسند بنگالين، بنگلاديش جي
پٺڀرائيءَ ۾ مظاھرا ڪيا. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي
ھيڊڪوارٽرن آڏو پاڪستان جو جھنڊو ساڙيو ويو.
بنگالي شاگردن، آمريڪا ۾ ڪوشش ڪئي، تھ جيئن
واشنگٽن ۾ سفارتخاني ۽ نيويارڪ ۾ مستقل ايلچي خاني
تي قبضو ڪن. اوڀر پاڪستان ۾ فوج تان ٺٺوليون ڪيون
ويون، گاريون ڏنيون ويون ۽ جنھن ڏينھن کان عوامي
ليگ بغاوت شروع ڪئي، تنھن ڏينھن کان بنگالي
انتھاپسندن انھن کي ذليل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اھو سڀ
ڪجھھ
25
مارچ تائين روڪ ٽوڪ بنا ٿيندو
رھيو.
اولھھ پاڪستان جي ھارايل ۽ مايوس اڳواڻن انھيءَ
صورتھال مان پوري فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. سمورين
ڳالھين لاءِ انھن پيپلز پارٽيءَ تي تھمت ڌرڻ چاھي.
پريس، جيڪا گھڻو ڪري وڏن سرمايدارن جي ھٿن ۾ ھئي،
اھڙي قسم جي حملن ۾ سندن مڪمل ساٿ ڏنو، تھ جيئن
عوام جي خيالن کي الجھائي، مونجھارو پيدا ڪيو وڃي.
ھر قسم جو الزام پيپلز پارٽيءَ تي ڌري، ان کي
قربانيءَ جو ٻڪرو بنائڻ لاءِ ڪابھ ڪسر نھ ڇڏي وئي.
پنھنجي انھيءَ ناپاڪ ڪوشش ۾، اولھھ پاڪستان جي
اڪثريتي پارٽيءَ کي بدنام ڪرڻ لاءِ، پاڪستان جي
مستقبل کي بھ وساريو ويو. پيپل زپارٽي ۽ ان جي
چيئرمين خلاف ڪوڙا ۽ گمراھ ڪندڙ افواھ اٿاريا ويا.
ايئن بھ چيو ويو تھ پيپلز پارٽيءَ طرفان اقتدار ۾
حصي وٺڻ لاءِ ضد سبب ئي اھو گھوٽالو ٿيو آھي.
مفادپرستن جي گماشتن اھو ڪوڙ بھ گھڙي ڦھلايو، تھ
اسان جون ڳالھيون عوامي ليگ سان انھيءَ ڪري ٽٽي
پيون، جو مجيب الرحمان پرڏيھي مامرن جو کاتو پيپلز
پارٽيءَ جي چيئرمين کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو.
جيڪڏھن سوال رڳو کاتن جو ھجي ھا، تھ مجيب الرحمان
پنھنجي ڇھن نڪتن جي قبوليت عيوض پيپلز پارٽيءَ کي
ھر قسم جي آڇ ڪري ھا. گڏوگڏ، اھا ڪھڙي نھ بيعقليءَ
واري ڳالھھ ھئي، تھ ھڪ شخص، جيڪو جمھوري ووٽ ذريعي
اولھھ پاڪستان جو غيرتڪراري اڳواڻ بڻجي چڪو ھجي،
جنھن
1966ع
۾ ملڪي مفاد جي بچاءُ خاطر پرڏيھي وزارت کي پاڻ
ٿڏي ڇڏيو ھجي، اھو پنجن ورھين کان پوءِ وري ساڳئي
عھدي لاءِ پنھنجي ملڪ کي قربان ڪري ڇڏي!
الھندي حصي جي انيڪ سياستدانن مطالبو ڪيو، تھ
مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي سمورا اختيار ھڪدم عوامي
ليگ کي منتقل ڪري ڏنا وڃن. مجيب الرحمان کي ”ٻنھي
حصن کي ڳنڍيندڙ آخري ڪڙي“ ڪوٺيو ويو. اھرو مطالبو
اھو سارو عرصو جاري رھيو. ھن موقعي تي مجيب
الرحمان کي سمورو اقتدار منتقل ڪري ڏيڻ، اندروني
طور ڇھن نڪتا مڪمل طور قبولڻ برابر ھو. الھندي
پاڪستان جا ڪيترا سياستدان کلي عام ڇھھ نڪتا، جيئن
جو تيئن قبولي چڪا ھئا. مجيب الرحمان کي ھمٿائڻ
وارا اھي سمورا سياستدان بھ ايترو ئي جوابدار آھن،
جيترو ھن انھن جي ھمت افزائي تي عمل ڪيو. ان جي
نتيجي طور پيدا ٿيل رتوڇاڻ لاءِ پڻ ھو ايترا ئي
جوابدار آھن. اھي ساڳيا سياستدان، ھاڻي ٿورو ئي
اڳ، پنھنجي ڪيل ڪارروائين کان نھ رڳو انڪاري ٿي
چڪا آھن، پر کين اھا بھ ھمت ٿي آھي، جو ھنن
پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف، ڪجھھ ڳالھين ذريعي، اھا
مھم شروع ڪئي آھي، تھ ھن ھڪ پاڪستان جو مفاد قربان
ڪري، عوامي ليگ سان سياسي ٺاھ جي ڪوشش پئي ڪئي.
12
مارچ تي صدر يحييٰ خان ڍاڪا
ڏانھن ويندي ڪراچي پھتو ۽ مون
14
تاريخ تي ساڻس ملاقات ڪئي. مون
پنھنجو مؤقف وري ورجايو ۽ تازن واقعن بابت کيس
پنھنجي خيالن کان آگاھھ ڪيو. مون کيس ٻڌايو، تھ
مجيب الرحمان طرفان
7
مارچ تي ڏنل اچر مطالبا اسان
کي اصولي طور قبول آھن، پر جيڪو عارضي يا مستقل
ٺاھ ٿيندو، سو اسان جي اجازت سان ٿيندو. الھندي
پاڪستان ۽ ان بعد سڄي ملڪ جي مفاد جي بچاءُ جي
ذميداري اسان تي آھي. صدر کي ٻڌايو ويو، تھ جيتري
قدر گوليبازي بابت جاچ ۽ فوجن جي بئرڪن ۾ واپسي
وارن مطالبن جو عتلق آھي، اھي ھڪدم قبولي سگھجن
ٿا. باقي مارشل لا ھٽائن ۽ چونڊيل نمائندن کي
اقتدار منتقل ڪرڻ وارا ٻھ مطالبا بھ اسان کي قبول
ھئا، پر اقتدار جي انتقال ۽ مارشل لا ھٽائڻ جي
نوعيت متعلق، گڏيل سرچاءُ جي بنيادن تي اڃا ڪي
تفصيل نبيرڻا ھئا. انھيءَ سبب اسان جي شرڪت
کانسواءِ ڪي بھ ڳالھيون ڪامياب ٿي نھ سگھنديون. ھن
کي ٻڌايو ويو، تھ جيڪڏھن مجيب الرحمان اسان سان
نتيجي ڀرپور ڳالھيون ڪرڻ تي راضي ٿئي، تھ پوءِ
اسان ڍاڪا وڃڻ لاءِ تيار آھيون.
انھيءَ ڏينھن منجھند جو مون ڪراچيءَ ۾ ھڪ عوامي
جلسي کي خطاب ڪندي پنھنجو مؤقف ورجايو. مون چيو،
تھ اقتدار ٻنھي اڪثريتي پارٽين کي منتقل ٿيڻ گھرجي
۽ اسان ڪنھن بھ ٺاھ لاءِ تھ تيار آھيون، پر اھو
پاڪستان کي قربان ڪري نھ ڪيو ويندو. عوام طرفان ان
تقرير جو ڀليڪار ڪيو ويو، پر دشمن پريس ۽ اسان جي
مخالفن ھاسيڪار ان کي بگاڙي، ائين پڌرو ڪيو، تھ
مون ٻھ پاڪستان پئي گھريا. نھ رڳو پريس، پر سمورن
مفاد پرستن گڏجي عوام ۾ انھيءَ قسم جو مونجھارو
جيارڻ چاھيو. ان لاءِ ھر قسم جي ڪوشش ڪئي وئي، تھ
جيئن پيپلز پارٽيءَ کي اڪيلو ڪيو وڃي، ان کان
لنوائجي ۽ گھوٽالي لاءِ کيس جوابدار ڪوٺجي. بدنام
سياستدان ۽ شڪست کاڌل جماعتون انھن سان گڏجي ڪورس
پيپلز پارٽي خلاف راڳ ڳائڻ لڳيون. ٻئي ڏينھن
منجھند جو مون ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڄاڻي واڻي منھنجي
تقرير کي ٽوڙي مروڙي ڇپڻ جي سخت نندا ڪئي ۽ پنھنجو
اھو مؤقف وري ورجايو، تھ مرڪز ۾ اقتدار ٻنھي حصن
جي اڪثريتي جماعتن کي ۽ صوبن ۾ ھر صوبي جي اڪثريتي
جماعت کي منتقل ٿيڻ گھرجي. |