سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: عظيم سانحو

باب: --

صفحو : 2

تاريخي، نسلي ۽ لساني سبب پاڪستان لاءِ وفاقي نظام ئي مناسب حڪومتي نمونو ٿي سگھي ٿو. جاگرافيائي ويچار کان بھ رڳو وفاقي نظام ئي ھن ملڪ لاءِ سٺو نظام ٿي سگھي ٿو. پاڪستان جو سانحو بھ انھيءَ سچائيءَ ۾ سمايل آھي، تھ جيتوڻيڪ وفاقيت ئي پاڪستان جي حالتن مطابق مناسب حڪومتي نظام آھي، پر ڇا ڪجي جو گذريل ٽيويھين ورھين کان پاڪستان کي رڳو نالي ماتر وفاقي ملڪ ڪوٺيو پيو وڃي. عملي طور ان کي نيم- وحداني ملڪ طور ئي ھلايو پيو وڃي. ان انتظام جا نتيجا جوکائتا نتيجا نڪتا آھن.

پاڪستان ۾ وفاقيت جي جذبي ۽ گڏجي گھارڻ وارن قانونن کي ذاتي لوڀ جي اڏيءَ تي قربان ڪيو ويو. مضبوط مرڪز جي نالي تي صوبن جا اختيار ايتريءَ حد تائين گھٽايا ويا، جو اھي نيٺ بلڪل ختم ٿي ويا. اسان جي عظيم مذھب اسلام جي نالي تي عام ماڻھوءَ جي انتھائي ڪٺورتا ۽ غيرانساني طريقن سان ڦرمار ڪئي وئي. دنيا جي ڪنھن بھ مسلمان ملڪ ۽ ڪٿي جي بھ مسلمان عوام، اسلام کي ايڏو وڏو ھاڃو نھ پھچايو آھي، جيترو ھتي جي ڪجھھ عوام جي ڌڪاريل سياستدانن، اسلام جھڙي شاندار مذھب جو نالو غلط نموني واپرائي، پاڪستان ۾ غيرمنصفاڻو اقتصادي نظام جوڙڻ سان پھچايو آھي.

اسين اڄ جن ڏچن ۾ ڦاٿل آھيون، تن جو سڀ کان وڏو سبب اھو آھي، جو عوام جي نھايت ڪٺورتا سان ڦرلٽ ڪئي وئي آھي. انھيءَ قسم جي ڦرلٽ مان ھونئن تھ سڄي ملڪ کي ھاڃو پھتو، پر اوڀر پاڪستان کي ان جي سڀ کان وڌيڪ سٽ سھڻي پئي. پاڪستان، دنيا جي غريب ملڪن مان ھڪ سمجھيو وڃي ٿو، پر ان ھوندي بھ ھن ملڪ جا ڪجھھ سرمايدار، دنيا جي شاھوڪار ماڻھن ۾ شامل آھن. پاڪستان جي غريب عوام جي ڦرلٽ، لٽمار ۽ تباھيءَ جو وڏو داستان آھي. اسرندڙ ”ٽين دنيا“ کي ڦرلٽ جي نھ، پر ترقيءَ جي گھرج آھي. اسان جي ھاڻوڪين حالتن ۾ اھو ممڪن ئي نھ آھي، تھ اسان سرمايداراڻي نظام ذريعي ترقي ڪري سگھون. ”ٽين دنيا“ جي اڏاوت رڳو سماجواد ذريعي ئي ٿي سگھي ٿي، پر سماجواد مفادپرستن لاءِ تھ اھو پاراتو آھي، جن مان گھڻا ايئن چاھيندا، تھ پاڪستان ختم ٿئي، تھ ڀلي ٿئي، پر سرمايداري نظام ختم نھ ٿئي.

اسان جو ملڪ، وڏن واپارين جي اٿاھ لوڀ ۽ اڌ پڙھيل سياستدانن جي ريچڪن ۾ گھيريل رھيو آھي. پاڪستان جي اوائلي ڏھن ورھين ۾ سياستدانن ۽ ڪاموراشاھي گڏجي عوام جي مفادن کي چڱيءَ طرح لتاڙيو. 1958ع ۾ ھٿياربند فوجن کلي عام ھٿچراند ڪئي، ۽ ماضيءَ جي شڪايتن کي مڙيئي ميار لاھڻ وارن اپائن سان ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي. ايوب خان حڪومت جي واڳ وٺڻ مھل گھڻو جوش ۽ جذبو ھو، ڇوتھ تنھن وقت ھٿياربند فوج تي عوام جو ڀروسو ھو. فوج کي ٻنھي ملڪن ۾ ڀليڪار چيو ويو. پوءِ ماڻھن فوج کي قبول ڪيو ۽ سک جو ساھ کنيو. ڪنھن کي بھ اھڙو سٺو وجھھ نھ مليو، جھڙو 1958ع ۾ ايوب خان کي مليو ھو، جنھن ذريعي ماضيءَ جون غلطيون سڌاري، ملڪ کي ترقيءَ جي راھ تي آڻي سگھجي پيو. پر ايوب خان اھو وجھھ وڃائي ڇڏيو. ماڻھن ھن ڏانھن ڏسڻ شروع ڪيو، پر ھو عوامي ماڻھو نھ ھو. ھو محنتي تھ واقعي ھو، پر ساڳئي وقت ”کائو“ بھ ھو، ۽ ھن جي گھراڻي جي فردن راتورات شاھوڪار بنجڻ جي ڊوڙ شروع ڪئي. پاڻ ايوب خان جي شخصيت ۾ ڪيترا الجھاءُ ھئي، ۽ ھو مسئلن کي طاقت سان سلجھائڻ چاھيندو ھو. سڀ کان وڌيڪ، تھ ھن کي اوڀر پاڪستان خلاف زبردست ساڙ ھو. ھن جي دؤر ۾ اوڀر ۽ الھندي پاڪستان جو ڳانڍاپو گھڻو ڪمزور ٿيو. ظاھري طور ھن جي حڪومت سگھاري ڏسڻ ۾ ايندي ھئي، پر ان جا بنياد اندران کوکلا ٿيندا ٿي ويا. ھن جي دؤر ۾ ئي وڏن سرمايدارن جي ڦرلت پنھنجي انتھا کي پھتي. ايوب خان پنھنجي اقتدار جو ڍانچو وڏن سرمايدارن، ڪاموراشاھي ۽ بنيادي جمھوريت جي ٿنڀن تي بيھاريو، جيڪي سڀ عوام دشمن طاقتون ھيون. ھن جي ئي اقتدار جي پڇاڙڪي دؤر ۾ اوڀر پاڪستان جي ويڙھاڪ بنگالي قوميت اڀرڻ شروع ٿي.

1965ع واريءَ پاڪ- انڊيا جنگ، عوام کي وري متحد ۽ ڦڙت ڪيو. پر اھو جوش ۽ جذبو ترت ٿڌو ٿي ويو. اھا قوم، جيڪا سيپٽمبر 1965ع ۾ ھڪ ٿي اٿي ھئي، تنھن جنوري 1966ع ۾ پاڻ کي ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورھايل ڏٺو. پاڪستان جي سوڀ، پاڪستان جي مات ۾ بدلجي وئي. جنوري 1966ع ۾ ايوب خان تاشقند ۾ وڏين طاقتن جي ڪٺپتليءَ بڻجي، انھن جي حڪمن تي عمل ڪري، ھن ملڪ سان غداري ڪئي. تاشقند اعلان سبب الھندي پاڪستان ۾ مايوسيءَ جي لھر ڊوڙي وئي، ۽ اوڀر پاڪستان پاڻ کي نڌڻڪو سمجھڻ لڳو. جيڪڏھن ايوب خان ٻاھرئين دٻاءُ کان جھڪڻ بجاءِ عوام کي ڀروسي ۾ وٺي ھا، تھ ھو الھندي پاڪستان ۾ ذلت ۽ مايوسيءَ کي، ۽ اڀرندي پاڪستان ۾ ھيڪلائپ ۽ نڌڻڪائپ جي سوچ کي ميساري يا ڪنھن قدر گھٽائي ضرور سگھي ھا. پر ايوب خان، ھڪ آمر جيان، جيئن پاڻ ھو، ماڻھن کان نٽائڻ، لنوائڻ ۽ کين اوجھڙ ۾ رکڻ مناسب سمجھيو.

اوڀر پاڪستان جي انتھاپسند اڳواڻن، چين طرفان ڏنل چتاءُ جي ڄاڻي واڻي غلط مغنيٰ ورتي، تھ جيئن پنھنجن ماڻھن کي ٻڌائي سگھن، تھ اوڀر پاڪستان کي پاڪستان جي ھٿياربند فوجن نھ، پر چين جي چتاءُ بچايو آھي. چين جي چتاءُ انڊيا کي اوڀر پاڪستان تي حملي کان تھ پري رکيو، پر ان جو اھو مقصد ھرگز نھ ھو، تھ پاڪستان جون ھٿياربند فوجون، انڊيا جي اڳرائيءَ کي شڪست ڏيڻ جون اھل نھ ھيون. اسان جي ڪامياب رٿابندي پاڻ اسان لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿي، ڇوتھ ايوب خان انھيءَ نازڪ گھڙيءَ تي اوڀر پاڪستان وڃي ملڪ جي گھڻيءَ آباديءَ کي اصل حالت ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. انھيءَ موقعي جو فائدو وٺي، ايوب خان جا مخالف فيبروري 1966ع ۾ لاھور ۾ گڏ ٿيا، جنھن کي آل پاڪستان نيشنل ڪانفرنس ڪوٺيو ويو. ھيءَ اھا ڪانفرنس ھئي، جنھن ۾ شيخ مجيب الرحمان، ايوب خان جي حڪومت جي مقابلي لاءِ پنھنجو ڇھھ نڪاتي فارمولا [1] ڏنو.

ڇھھ نڪاتي فارمولا ٺاھيندڙ بابت ڪيترائي ڌڪا ھنيا ويا آھن. ڪجھھ ماڻھن کي ويساھ آھي، تھ ڪاموراشاھيءَ جي ھڪ فرد- جنھن کي ايوب خان جي ويجھڙائپ ھئي- تنھن اھو فارمولو جويو ھو، تھ جيئن ماڻھن جو ڌيان تاشقند واري گھپلي تان ھٽائي سگھجي ۽ ايوب خان کي بچائڻ لاءِ اوڀر ۽ اولھھ پاڪستان جي ماڻھن ۾ ڏار وجھي سگھجي. اھو بھ افواھ آھي، تھ ڇھھ نڪاتي پروگرام جوڙڻ ۾ ھڪ پرڏيھي طاقت جو ھٿ ھو.

انھيءَ پروگرام جو اصل ليکڪ ڪير بھ ھجي، پر ان جي پراسراريءَ ھوندي بھ پاڪستان تي ان فارمولا جيترو اثر وڌو، تنھن ۾ ڪوبھ شڪ نھ آھي. صدر ايوب خان جي حڪومت، شروع ۾ ڇھھ نڪاتي پروگرام بابت شيخ مجيب الرحمان جي بيانن جو چڱو پرچار ڪيو. پر اپريل 1966ع ۾ جڏھن مٿس ان ڊپ واسو ڪيو، تھ ھي اھڙي جوکائتي ديو جو روپ ڌاري چڪو آھي، جيڪو پنھنجي ڄڻيندڙ کي کائي وڃي ٿو، ۽ اھو سوچي، تھ ھاڻي تاشقند وارو گھوٽالو بھ ختم ٿي چڪو آھي، تنھنڪري صدر ايوب خان، عوامي ليگ تي دٻاءُ وجھي، شيخ مجيب الرحمان کي جيل اماڻي ڇڏيو. پوءِ عوامي ليگ جي اڳواڻ خلاف اگرتلا سازش مقدمو ھلايو ويو.

صدر ايوب خان تاشقند اعلان کان پوءِ اڀريل گھوٽالي کان تھ بچي ويو، پر بنيادي طور حالتون بگڙنديون رھيون، ۽ عوام جيئن پوءِ تيئن ڪاوڙجندو ويو. نيٺ سندن صبر جو پيالو ڇِلڪي پيو. تاشقند کان ڏيڍ ورھيھ پوءِ، سيپٽمبر 1968ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي [2]، ايوب خان جي حڪومت خلاف زبردست بغاوت جي اڳواڻي ڪئي. ان ملڪ جي الھندي ڀاڱي ۾ ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين زبردست ميڙاڪا شروع ڪيا. نومبر جي پڇاڙيءَ ڌاري اوڀر پاڪستان جو عوام ان بغاوت ۾ شريڪ ٿي ويو. فيبروري 1969ع ۾ ايوب خان، شيخ مجيب الرحمان کي جيل مان ڇڏيو، تھ جيئن ھو اڳواڻن جي ان گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگھي، جيڪا ايوب خان پنھنجي اقتدار جي ڊھندڙ ڍانچي کي سھاري ڏيڻ لاءِ ڪوٺائي ھئي. پاڪستان پيپلز پارٽي، گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪيو، ۽ عوام جي طاقت ذريعي ان عظيم آمر کي شڪست ڏيڻ لاءِ پنھنجي جدوجھد وڌيڪ تيز ڪئي.

صدر يحييٰ خان

مارچ 1969ع ۾ صدر ايوب خان منظر تان ھٽي ويو، ۽ اقتدار فوج جي ڪمانڊر انچيف جنرل يحييٰ خان کي سونپيائين. 28 مارچ تي جنرل يحييٰ خان قوم کي ٻڌايو، تھ حالتن ۾ ٺاپر اچڻ شرط ھو جمھوريت بحال ڪندو. اھڙيءَ طرح پاڪستان جي زندگيءَ جي ويھن ورھين ۾ ھتي جي عوام ٻيو ڀيرو مارشل لا لڳڻ ۽ آئين جي معطليءَ جو مشاھدو ڪيو. گڏوگڏ، اقتصادي حالتون ويتر بگڙجنديون ويون. عام گڙٻڙ ۽ ڏڦيڙ واضح طور ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو. جنھن وقت صدر يحييٰ خان اقتدار سنڀاليو، تھ پاڪستان سلھھ جي ھڪ اھڙي مريض جيان ڏسڻ ۾ آيو پئي، جيڪو مرض جي پڇاڙڪي ڏاڪي تي پھچي چڪو ھجي. اڄ کان صديون اڳ، ميڪاوليءَ چيو ھو تھ ”غلط سياسي فيصلا سلھھ جي مرض جيان ٿين ٿا، جنھن جي شروع ۾ سڃاڻپ ڏکي، پر علاج سولو ھجي ٿو، ۽ جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو، تيئن ان جي سڃاڻپ سولي ۽ علاج ڏکيو ٿيندو وڃي ٿو.“

اھو تھ رڳو مستقبل ئي ٻڌائي سگھندو، تھ صدر يحييٰ خان جي حڪومت ۾ ھوشيار ڊاڪٽر جي صلاحيت ڪيتريقدر موجود آھي، جنھن ذريعي اھا پاڪستان جي سلھھ جو علاج ڪري سگھي ٿي. بھرحال، اھا ڪؤڙي سچائي آھي، تھ فوجي حڪومت، جيڪا سياسي بنياد کان وانجھيل آھي، پاڻ کي عجيب مونجھاري ۾ پئي ڏسي. پنھنجو سڄو آڌار ڪاموراساھيءَ تي رکڻ سبب ھاڻوڪي حڪومت ملڪ جي سنگين سماجي ۽ اقتصادي گھوٽالي سان نبيرڻ لاءِ ڪنھن قومي رخ مقرر ڪرڻ جي صلاحيت کان وانجھيل آھي. عوام ۾ پاڙون ھئڻ کانسواءِ ۽ عوام کي حڪومت ۾ ڀائيوار بڻائي، ۽ سندن پٺڀرائي ماڻڻ کانسواءِ، ڪابھ حڪومت ۽ خاص ڪري ھڪ فوجي حڪومت، اھڙي سنگين گھوٽالي کي ھرگز نٿي سلجھائي سگھي، جھڙو اڄ پاڪستان آڏو آھي.

28 آڪٽوبر تي صدر يحييٰ خان قوم آڏو ھڪ اسڪيم رکي، جنھن ۾ اقتدار فوج کان منتقل ڪري، عوام جي چونڊيل نمائندن کي سونپڻ جو وقت ڏنو ويو ھو. انھيءَ رٿا جو اعلان ڪندي ھن ٻھ ٻيا اھم فيصلا پڻ ڪيا: ون يونٽ ٽوڙي تاريخي صوبا جوڙڻ ۽ اوڀر ۽ اولھھ پاڪستان ۾ مساوي نمائندگيءَ (پيرٽي) ختم ڪرڻ. [3] پيرٽي بدران ”ھڪ ماڻھو، ھڪ ووٽ“ جي جمھوري اصول مطابق اوڀر پاڪستان کي قانون ٺاھيندڙ اسيمبليءَ ۾ آباديءَ جي بنيادن تي اڪثريت جو حق ڏنو ويو. ساڳئي وقت صدر يحييٰ خان اھو بھ اعلان ڪيو، تھ جنوري 1970ع کان سياسي سرگرميون بحال ڪيون وينديون، تھ جيئن سياسي جماعتون ان سال جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ مھم ھلائي سگھن. پوءِ 3 مارچ 1970ع تي صدر يحييٰ خان آئيني ڍانچي [4] جو حڪم لاڳو ڪيو، جنھن ۾ چيو ويو ھو، تھ آئين پنجن اصولن تي جوڙيو ويندو. ھتي اھو ڄاڻائڻ بھ ضروري آھي، تھ مرڪز جي اختيارن بابت اصول ۽ صوبائي خودمختياريءَ جون حدون، عوامي ليگ جي ڇھن نڪتن سان ٽڪراءُ ۾ ھيون. گڏوگڏ آئين جي تياريءَ لاءِ ھڪ سؤ ويھھ ڏينھن جي حد پڻ رکي وئي ھئي. ان آرڊر مطابق صدر کي اھو بھ اختيار ڏنو ويو ھو، تھ ھو آئين کي منظور يا رد ڪري سگھي ٿو.

7 ڊسمبر 1970ع تي قومي اسيمبليءَ لاءِ ۽ 17 ڊسمبر 1970ع تي صوبائي اسيمبليءَ لاءِ عام چونڊون ٿيون. پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ٿيل عام چونڊن جا نتيجا سڄيءَ دنيا وٽ پھچي چڪا ھئا. اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي ليگ کي وڏيءَ اڪثريت سان سوڀ ملي ۽ اولھھ پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مؤثر ۽ نمايان سوڀ ماڻي. قومي اسيمبليءَ ۾ مجموعي طور 313 جايون ھيون، جن مان اوڀر پاڪستان جي ھڪ اوڻھتر جاين مان ھڪ سؤ ستھٺ جايون عوامي ليگ کٽيون. اھڙيءَ طرح اولھھ پاڪستان لاءِ قومي اسيمبليءَ جي 144 جاين مان، جن مان ڪجھھ قبائلي علائقن لاءِ مخصوص ھيون، پاڪستان پيپلز پارٽي 88 جايون کٽيون. تنھن ھوندي بھ ٻنھي پارٽين مان ڪابھ پارٽي ملڪ جي ٻئي حصي مان ڪابھ سيٽ کٽي نھ سگھي. اھڙيءَ طرح عام چونڊن جي نتيجي جي نتيجي طور ٻھ وڏيون سياسي پارٽيون اڀري آيون: اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ ۽ الھندي ڀاڱي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي. ٻين سمورين جماعتن کي زبردست شڪست آئي.

ٻارھن مھينن جي ڊگھي چونڊ مھم ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پنھنجو پورو زور ملڪ جي اقتصادي مسئلن ۽ آزاد پرڏيھي پاليسيءَ تي ڏنو. ان جو حملو خاص طور ملڪ جي ھاڻوڪي اقتصادي حالتن تي ھو. ھن پارٽي اھو مؤقف ورتو، تھ پاڪستان جو آئين صحيح معنيٰ ۾ وفاقي نموني جو ھئڻ گھرجي. ۽ پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل محترم جي. اي. رحيم ان مقصد لاءِ آئيني اصولن بابت ھڪ مونوگراف لکيو. پاڪستان پيپلز پارٽي ڇھن نڪتن کي چونڊ مھم ۾ گھٽ وڌ چوڻ بجاءِ انھن کي رد ڪري ڇڏيو ھو. پارٽي ان ڳالھھ تي پڻ زور ڏنو، تھ عوامي ليگ جي ڇھھ نڪاتي فارمولا مان اوڀر پاڪستان جي ڦرلٽ جو خاتمو آڻي نٿو سگھجي. ان مسئلي جو سلجھاءُ اھو آھي، تھ سڄي پاڪستان ۾ سماجواد سرشتو لاڳو ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي پنھنجي وجود ۾ اچڻ واري ڏينھن کان وٺي لڳاتار انھيءَ مؤقف تي اٽل آھي.

ڇھھ نڪتا

عوامي ليگ جي ڇھن نڪن مان پھريون نڪتو جيتوڻيڪ پاڪستان کي ”صحيح معنيٰ ۾“ وفاق بنائڻ سان لاڳاپيل آھي، تنھن ھوندي بھ ان جو ڇھھ نڪاتي فارمولا ڳجھي طرح ڪنفيڊريشن جو منشور ھو، جنھن ۾ آئيني طور اڀرندڙ عليحدگي پسنديءَ لڪل ھئي. ڇھن نڪتن ۾ پرڏيھي مامرا ۽ دفاع سميت سمورا شعبا مرڪزي حڪومت کان کسيل ھئا. جڏھن تھ پرڏيھي مامرن بابت پرڏيھي واپار ۽ پرڏيھي امداد جا مطالبا ڪري، مرڪز جا اختيار وڌيڪ گھٽايا ويا ھئا. ٻيا شعبا جن ۾ ڪرنسي ۽ ٽئڪس بھ شامل آھن، صوبن جي اختيار ۾ ڏنا ويا ھئا. حقيقت ۾ اھا اچرج ۾ وجھندڙ آئيني رٿا ھئي. ھن فارمولا جي پيڙھ تي بيھاريل مرڪزي حڪومت ھر قسم جي سچن پچن اختيارن کان وانجھيل ۽ نڌڻڪي ٿي وڃي ھا، جنھن جا پنج ئي صوبا مرڪز تي داٻو ويھارين ھا ۽ ھرڪو صوبو پنھنجي ننڍڙي قوميت وٺيو ويٺو ھجي ھا ۽ کين ٻاھريون طاقتون پنھنجي منھن نچائينديون رھن ھا.


[1]   ڇھھ نڪاتي فارمولا جو متن، جيئن پھرين ڇپيو، ۽ پوءِ ان ۾ ڦيرڦار ڪري، جيئن عوامي ليگ جي چونڊ منشور طور ظاھر ڪيو ويو، ضميمي نمبر ھڪ طور ھن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آھي.

[2]   پاڪستان پيپلز پارٽي، جنھن کي ھتي ”پيپلز پارٽي“ ڪوٺيو ويو آھي، ڊسمبر 1967ع تي لاھور ۾ جوڙي وئي. ان جا مول متا ھئا: اسلام اسان جو دين آھي؛ جمھوريت اسان جي سياست آھي؛ سوشلزم اسان جي معيشت آھي؛ ۽ اقتدار جو سرچشمو عوام آھي.

[3]   پيرٽيءَ جو مطلب ھو، تھ وفاقي قانون جوڙيندڙ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي ٻنھي ڀاڱن ۾ آباديءَ پٽاندر ھڪجھڙي نمائندگي. اھا 1956ع وارن ٻنھي آئينن ۾ شامل ڪئي وئي ھئي.

[4]   1970ع جي قانوني ڍانچي واري آرڊر (ليگل فريم ورڪ آرڊر) جا مک ٽڪرا ضميمي نمبر 2 طور ڏنا ويا آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: