پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ کي خطاب
11
-
آگسٽ 1947ع
جناب
صدر، خواتين ۽ حضرات!
مون کي پنهنجي پهرين صدر جي حيثيت سان چونڊ ڪري اوهان صاحبن جو
اعزاز بخشيو آهي ان سلسلي ۾ مان اوهان سڀني جو دل
جي خلوص سان بي حد شڪر گذار آهيان. هي سڀ کان وڏو
مرتبو آهي جو هيءَ خود مختيار
اسيمبلي پنهنجي طرف کان عطا ڪري سگهي ٿي. پر انهن
رهنمائن جو به ممنون ڪرم آهيان جن منهنجي خدمتن جي
باب ۾ حوصله افزائيءَ ۽ ستائش جا لفظ چيا آهن ۽
پنهجين تقريرن ۾ پنهنجا ذاتي حوالا پيش ڪري منهنجي
پرخلوص جدوجهد جو اعتراف ڪيو اٿن. لهـٰـذا
مان اوهان سڀني مخلص ۽ مهربان دوستن ۽ سياسي
رهنمائن مان هيءَ مخلصاڻي اميد رکي سگهان ٿو، ته
اوهان جي امداد ۽ تعاون سان، اسان هن آئين ساز
اسيمبليءَ کي دنيا جي لاءِ عمدو مثال بنائي پيش
ڪنداسون.
آئين ساز اسيمبليءَ جا مکيه فرائض فقط ٻه ٿي سگهن ٿا.
هڪ محنت طلب ۽ انتهائي محتاط فريضو، پاڪستان جي آئينده لاءِ
آئين جي تشڪيل آهي.
”
ٻيو پاڪستان جي وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ جي
حيثيت سان هڪ ڪامل ۽ جامع، آزاد ۽ خودمختار اداري
جي حيثيت سان پنهنجن منصبي فرضن جي بجا آوري.
جيتوڻيڪ پاڪستان جي وفاقي قانون ساز
اسيمبليءَ لاءِ هڪ عبوري آئين کي منظور ڪرڻ جي
سلسلي ۾ اسان پنهنجون بهترين ڪوششون صرف ڪنداسون.
اوهان کي ڄاڻ آهي ته هن بي مثال انقلاب جنهن جي بدولت هن برصغير
۾ ٻن آزاد ۽ خود مختار رياستن جي تخليق ۽ قيام
وارو نصب العين وجود پذير ٿيو آهي سو ڪيئن ٿيو؟
نه فقط اسان پاڻ حيران آهيون بلڪ منهنجي خيال ۾ پوري دنيا محو
حيرت آهي!
حقيقت اها آهي ته اهڙي بلند نصب العين ۽
ان جي ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد جو ڪو نظير ملي نٿو
سگهي. سڄيءَ دنيا جي تاريخ ۾ ان جهڙو مثال موجود
ناهي.
هن برصغير ۾ جتي هر طرح جا باشندا آباد آهن، اهڙي نصب العين تي
عمل ڪرڻ لاءِ منصوبو“ نظام نافذ ڪيو ويو آهي جو
تاريخ ۾ بي مثال ۽ بي نظير آهي.
ان باري ۾ سڀ کان اهم ترين حقيقت هيءَ آهي ته اسان هيءَ ڪاميابي
نهايت پر امن نموني ۾ هڪ ارتقائي عمل جي ذريعي جو
اعليٰ قدرن تي مشتمل هو، حاصل ڪئي آهي.
هن اسيمبليءَ ۾ پنهنجي پهرين تقرير جي موقعي تي مان في الحال ڪا
اهڙي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان جا ڪامل غور ۽ فڪر جو
نتيجو هجي، پر چند حقيقتون جي اڪثر ڪري ذهن ۾ پيدا
ٿي رهيون آهن، اهي هن موقعي تي ضرور پيش ڪندس.
پهرين ۽ سڀ کان گهڻو اهم حقيقت، جنهن تي مان زور ڏيڻ چاهيان ٿو،
سا هيءَ آهي:
اوهان سڀني کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته اوهان هڪ خودمختار قانون
ساز اسيمبليءَ جا ميمبر آهيو ۽ اوهانکي سڀ
اختيارات حاصل آهن.
لهـٰـذا
اوهان تي انتهائي اهم ۽ نازڪ ذميداري عائد ٿئي ٿي
ته اوهان پنهنجا فيصلا ڪيئن ٿا ڪريو؟
پهريون تجربو جنهن جو ذڪر ڪرڻ مان هت نهايت مناسب ٿو سمجهان ۽
جنهن متعلق اميد آهي ته اوهان بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي
جي مون سان اتفاق ظاهر ڪندا ته هر حڪومت جو
پهريون فريضو اهو آهي ته هوءَ قانون ۽ نظم و ضبط
جي عملداري قائم رکي سگهي. تان ته ان جي شهرين جي
جان، مال ۽ مذهبي عقيدن جي پوري پوري حفاظت ٿي
سگهي.
ٻي حقيقت جا مان محسوس ڪري رهيو آهيان اها هيءَ آهي، ته سڀ کان
وڏي لعنت جنهن ۾ سڄو هندستان مبتلا آهي، اها آهي
رشوت ۽ ان سان گڏ بد ديانتي. مان ائين چئي نٿو
سگهان ته ٻيا ملڪ ان لعنت کان پاڪ ۽ صاف آهن، پر
منهنجو خيال آهي ته اسان جو حال نهايت برو آهي.
رشوت ۽ بدديانتي واقعي زهر آهن، جن کي پوري سختيءَ سان ختم ڪرڻ
هڪ لازمي امر آهي. مون کي اميد آهي ته هيءَ
اسيمبلي سڀني ممڪن ۽ جائز طريقن سان هن لعنت جي
خلاف عملي ڪاروائي ڪندي.
چور بازاري ڪندڙن کي اڪثر موقعن تي پڪڙيو وڃي ٿو
کين سزا به ڏني وڃي ٿي.
ڪن حالتن ۾ عدالت کان انهن کي قيد جي سزا ملي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن
مٿن فقط ڏنڊ وڌو وڃي ٿو. اسان کي سوچڻ گهرجي ته اڄ
اسان نهايت بدترين حالتن سان منهن مقابل ٿي چڪا
آهيون، اسان غذائي جنسن جي قلت ۽ زندگيءَ جي ضروري
شين جي ڪاميابيءَ
سان مستقل طرح سان گذري چڪا آهيون، اڄوڪي حالتن ۾
چور بازاري، سماج جي خلاف انتهائي سنگين ڏوهه
آهي. ان ڪري اوهان تي پهريون فرض اهو آيل آهي ته
ان ڀيانڪ ڏوهه جون پاڙون پٽي ڇڏيو.
منهنجي خيال موجب معاشري ۾ سڀ کان وڏو ۽
سڀ کان سنگين ڏوهاري جيڪڏهن ڪو آهي ته پوءِ ان کان
به وڏي جرم جو مرتڪب اهو شخص ٿئي ٿو جو چور بازاري
ڪري ٿو. چور بازاري ڪندڙن کي اوهان باخبر سمجهو.
اهي سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا ۽ عام حالتن ۾ ذميدار قسم جا
ماڻهو ئي چور بازاري ڪن ٿا ۽ ٻين کي ستائين ٿا.
منهنجو خيال آهي ته اهڙن کي انتهائي سخت سزا ڏيڻ
گهرجي.
ڇاڪاڻ ته غذائي جنسن ۽ ضروري شين واري ڪنٽرول ۽ ضابطي جو سارو
انتظام ڏوهارين مجرمن جي هٿان تهه وبالا ۽ برباد
ٿي وڃي ٿو ۽ اهي مجرماڻي ذهنيت وارا وسيع پيماني
تي فاقه ڪشي ، احتياج، ايستائين موت جو سبب بنجي
وڃن ٿا.
ٻي ڳالهه، جا مون کي بار بار خيال ۾ اچي رهي آهي سا آهي اقربا
پروري. هيءَ به هڪ لعنت آهي، جا اسان کي ڄڻ ته
ورثي ۾ ملي آهي. تمام گهڻين چڱين ۽ بڇڙين شين سان
گڏ هيءَ لعنت به اسان جي حصي ۾ آئي آهي. ان لعنت
کي به پوريءَ سختيءَ سان چيڀاٽڻو پوندو.
مان هن موقعي تي صاف صاف ظاهر ڪرڻ ٿو چاهيان ته، مان ڪنهن به
قسم جي اقربا نوازي، جانبداري، خيوش پروري يا
پنهنجي ذات جي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ سڌو سنئون يا
واسطي سان اثرانداز ٿيندڙ ڪنهن به ڪوشش کي برداشت
نه ڪندس.
جڏهن به مون کي معلوم ٿيو، ته اها روش اختيار ڪئي ويئي آهي يا
ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي اثر ۽ دخل سان ڪٿي گهٽ ته ڪٿي
وڌ موجود ٿي چڪي آهي ته، پوءِ ياد رکڻ گهرجي ته،
يقيناً
اهڙي ذليل حرڪت مان ڪڏهن به برداشت ڪري نه سگهندس
۽ ان لاءِ سخت قانوني ڪارروائي
جو حڪم ڏيندس.
مون کي اهو به معلوم آهي، ته ڪجهه ماڻهو هندستان جي ورهاڱي سان
متفق ناهن ۽ پنجاب ۽ بنگال جي ورهاڱي سان به اتفاق
نه ٿا رکن . ان جي خلاف گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي. پر
هن وقت جڏهن ورهاڱي کي منظور ڪيو ويو آهي، تڏهن
اسان سڀني جو فرض آهي ته وفاداريءَ سان ان فيصلي
تي قائم رهون ۽ جو معاهدو يقيني ۽ اصولي طرح سان
ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي تسليم ڪرڻ لاءِ اسان سڀ ٻڌل
آهيون، ان جو دل سان احترام ڪريون ۽ ان جي مطابق
عمل ڪريون.
اوهان بزرگن کي ياد رکڻ گهرجي، ته جو انقلاب اسان ۽ اوهان جي
هوندي ظاهر ٿيو آهي، ان جو تاريخ ۾ ڪو به مثال نه
ٿو ملي، جيئن مون هن کان اڳ به ظاهر ڪيو آهي.
محترم بزرگو! جنهن به هنڌ تي هڪ فرقي جا ماڻهو اڪثريت ۾ هجن ۽
ٻئي فرقي وارا اقليت ۾ هجن ته ان صورتحال ۾ انهن
ٻنهي فرقن جي وچ ۾ جنهن طرز ۽ انداز جا احساسات
پيدا ٿي سگهن ٿا، انهن کي چڱي طرح سان سمجهي سگهجي
ٿو. ليڪن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جو ڪجهه به ٿي
چڪو آهي ڇا ان جي برعڪس ٿيڻ ممڪن يا قابل عمل هو
به يا نه؟ ورهاڱو ته هر حال ۾ ٿيڻو هو.
هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن ۾ آبادي جا ڪيئي اهڙا حصا موجود
آهن، جي ان سان متفق نه ٿيندا ۽ ان کي پسند به نه
ڪندا هوندا.
مان ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته ان مسئلي جو ٻيو ڪو به معقول ۽
مفيد حل هو ئي ڪونه. مون کي يقين آهي ته مستقبل جي
تاريخ مان ئي اڳتي هلي هن مسئلي جا تائيد ۽ توثيق
پيدا ٿي ويندي.
وڌيڪ هيءَ ته وقت گذرڻ سان گڏ خود اسان جي تجزين مان اها حقيقت
ثابت ٿي ويندي ته هندستان جي آئيني مسئلي جو واحد
حل اهو ئي هو جو عمل ۾اچي چڪو. متحده هندستان جو
ڪو به تصور قابل عمل ثابت نه ٿئي ها مان ۽ ان
نتيجي تي پهتو آهيان ته ان جو نتيجو اسان لاءِ
خوفناڪ تباهيءَ جي صورت ۾ نڪري نروار ٿئي ها.
اهو به ممڪن آهي ته ورهاڱي وارو نظريو درست ثابت ٿئي پر اهو به
امڪان آهي ته اهو نظريو واقعي درست نه هجي، پر مان
ته ائين ئي چوندس ته ان جي حقيقت ايندڙ زماني ۾
ظاهر ٿيندي ته اهو نظريو غلط هو يا درست هو.
بهرحال هيءَ ڳالهه ناممڪن هئي ته ان ورهاڱي جي دوران هڪ يا ٻي
رياست جي اندر اقليتن جي معاملي کي نظرانداز ڪيو
وڃي ها. اهو هڪ ناگريز سوال هو. جنهن جو هاڻي ڪو
به حال ناهي. سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ اسان ڇا
ڪريون؟
پاڪستان جي عظيم رياست کي جيڪڏهن اسان آسودو، خوشحال ۽ دولت مند
بنائڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي عوام جي اصلاح ۽
فلاح ڏانهن پورو پورو توجهه ڏيڻو پوندو ۽ ان مان
به عام ماڻهن خاص طرح سان نادار، مفلس، بيروزگار،
بيمار ۽ مقروض آباديءَ جي فلاح جو ڪم سڀ کان مقدم
رهندو.
جيڪڏهن اوهان ماضيءَ جي دؤر جي تلخين کي فراموش ڪري، ان دؤر جي
ناخوشگوارين کي دفن ڪندا ۽ باهمي تعاون ۽ محبت سان
ڪم جي شروعات ڪندا ته پوءِ اوهان جي ڪاميابي يقيني
آهي. جيڪڏهن اوهان ماضيءَ جي روش کي بدلائڻ ۾
ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پاڻ ۾ ميل ميلاپ واري جذبي سان
تعميري ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ ان جا مفيد
۽ مثبت نتيجا نڪري سگهن ٿا.
اوهان کي اهو به سوچڻ گهرجي ته اوهان مان هر شخص خواه اهو ڪهڙي
به فرقي جو هجي، ماضيءَ ۾ ٻئي فرقي واري شخص جي پاران پيدا ڪيل تلخيءَ کي جيڪڏهن
فراموش ڪري نه ٿو سگهي ته پوءِ لازمي طرح سان هت
باهمي تعلقات ڪشيده ئي رهندا.
ان مسئلي جي نوعيت ڪجهه به هجي، ٻئي فرقي جي ماڻهوءَ جو رنگ،
نسل، خاندان، ذات ۽ مذهب ڪهڙو به هجي،پاڪستان ۾
رهڻ ڪري اهو شخص هن رياست جو معزز شهري ئي تصور
ڪيو ويندو. ان لاءِ رياست وٽ حق، مراعات ۽ فرض به
اهي ئي آهن، جي اوهان مسلمان باشندن جا آهن .
جيڪڏهن اوهان ان صورت ۾ هڪ ٻئي سان باهمي تعلق
تعاون کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو ته پوءِ ياد رکو ته
اوهان جي ترقيءَ جي ڪابه حد ۽ انتها ناهي.
دوستو ۽ بزرگو! مان پنهنجي ڳالهه ان کان وڌيڪ شد ۽ مد سان چئي
نه ٿو سگهان، جا عرض ڪري چڪو آهيان. تمام ضروري
آهي ته اسان جذبه اخلاص سان پنهنجو ڪم شروع ڪريون.
ياد رکڻ گهرجي ته وقت جي گذرندي اڪثريت وارا فرقا توڙي اقليت
وارا فرقا، هندو فرقا توڙي مسلمان فرقا سڀ باهمي
رشتي ۾ پوئجي ويندا ۽ رياست جا هڪ جهڙا شهري شمار
ڪيا ويندا.
رنگ، نسل، ذات پات، ڇوت ڇات، زبان، خاندان جا سارا ويڇا ۽
امتياز ختم ٿي ويندا. ڇا لاءِ ته جيستائين مسلمانن
جو تعلق آهي، انهن ۾ به ڪيئي گروهه آهن: پٺاڻ، پنجابي ، شيعه ۽ سني وغيره.
ان طرح هندن ۾ برهمڻ، کتري، ويش ۽ شودر ان کان علاوه بنگالي ۽
مدراسي وغيره اختلاف موجود آهن.
اصل ۾ اوهان جيڪڏهن مون کان سوال ڪيو ته پوءِ مان ته اهو ئي
چوندس ته هندستان جي آزاديءَ جي رستي ۾ سڀ کان وڏي
رڪاوٽ اهائي فرقه بندي هئي. جيڪڏهن اهي فرق ۽
امتياز نه هجن ها ته پوءِ اسان ماڻهو اڄ کان گهڻو
اڳ آزاد ٿي وڃون ها.
ڪا به طاقت ڪنهن قوم کي سا به پنجاهه ڪروڙ باشندن واري متحد قوم
کي غلام بنائي نه ٿي سگهي، ڪوبه فرد اوهان کي فتح
ڪري نه ٿي سگهيو. بشرطيڪ تفرقي واري گندي ۽ ذليل
صورت نه هجي ها.
لهــٰـذا
ان تجربي مان اسان کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. آئون هت
ظاهر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته اوهان اڄ آزاد آهيو،
اوهان پنهنجن مندرن ۾ وڃي سگهو ٿا، اوهان کي پوري
آزادي حاصل آهي، اوهان مسجدن ۾ وڃي سگهو ٿا، ڪير
به اوهان کي روڪي نه سگهندو، پاڪستان جي رياست ۾
جيڪو به اوهان جون عبادتگاهون آهن، اوهان انهن ۾
آزاديءَ سان وڃي سگهو ٿا.
اوهان جو ڪو به مذهب، ذات يا مسلڪ ۽ مشرب ٿي سگهي ٿو، پر رياست
جي ڪمن سان ان جو ڪو به تعلق ناهي.
اوهان کي چڱيءَ طرح سان معلوم آهي ۽ تاريخ مان ظاهر آهي ته ڪجهه
عرصو اڳ برطانيه ۾ به هندستان جي موجوده حالتن کان
وڌيڪ بدتر حال هو.
رومن ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ فرقن جي گڏيل
ڪشمڪش، قتل ۽ خونريزيءَ جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو هو.
ٻئي فرقا
هڪ ٻئي کي عذاب ۾ مبتلا ڪري چڪا هئا. اڄ به دنيا ۾
ڪي اهڙيون رياستون موجود آهن، جن ۾ ڪنهن فرقي جي
خلاف امتياز جي روش قائم ڪئي وئي آهي ۽ ان جي خلاف
پابندي به لڳائي وئي آهي.
خدا جو شڪر آهي جو اسان پنهنجو آغاز اهڙي دؤر ۾ نه ڪيو آهي.
اسان پنهنجي ابتدا اهڙي دؤر کان ڪئي آهي، جڏهن ٻن
فرقن جي وچ ۾ ڪنهن به فرق ۽ امتياز کي جائز نه
رکيو ويو آهي. هڪ ذات يا هڪ عقيدي ۽ ٻي ذات ۽ ٻئي
عقيدي جي ماڻهن ۾ ڪابه تفريق جائز نه رکي وئي آهي.
اسان پنهنجن معاملن جو آغاز ان بنيادي اصول سان ڪري رهيا آهيون
ته اسان سڀ هڪ رياست جا شهري آهيون ۽ هڪ ٻئي سان
برابري ۽ برادري رکندڙ آهيون.
برطانيا جي باشندن کي وقت گذرڻ کان پوءِ
نيٺ حالاتن جي حقيقتن جو مقابلو ڪرڻو پيو ۽ ان
سلسلي ۾ برطانيه پاران جيڪي ذميداريون ماڻهن تي
لاڳو ڪيون ويون، ماڻهو انهن کي پوري ڪرڻ لاءِ دل ۽
جان سان ڪوشش ڪرڻ لڳا. ۽ ا\ين هڪ هڪ ڪندا. ماڻهو
پنهنجين ذميدارين کي پورو ڪندا آيا.
اڄ اوهان بجا طور تي چئي سگهو ٿا ته رومن ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ
پنهنجو ڌار ڌار ڪو وجود نه ٿا رکن. حقيقت اها آهي
ته هر شخص برطانيه جو شهري آهي، هڪ ٻئي سان برابري
رکندڙ شهري آهي، ۽ ان طرح سڀ فرد گڏجي هڪ قوم جا
رڪن بنجي چڪا آهن.
منهنجو خيال آهي ته ان حقيقت کي مثال طور آڏو رکڻ ضروري آهي.
اوهان پاڻ ڏسندا ته ڪجهه عرصي کان پوءِ هت هندو،
هندو نه رهندا ۽ مسلمان، مسلمان نه رهندا. مان
هيءَ ڳالهه مذهبي معنيٰ ۾ نه ڪري رهيو آهيان، ان
ڪري ڪا به غلط فهمي پيدا ٿيڻ نه گهرجي. ڇا لاءِ ته
اها حقيقت هر فرد لاءِ ذاتي عقيدي جي حيثيت رکي ٿي.
پر مان اها ڳالهه رياست جي شهري ۽ باشندي هئڻ جي بنياد تي سياسي معنيٰ ۾ ڪري رهيو
آهيان.
حضرات! مان اوهان جو وڌيڪ قيمتي وقت وٺڻ نه ٿو گهران ۽ ان اعزاز
جو وري به شڪريو ٿو ادا ڪريان، جو اوهان مون کي
تفويض ڪيو آهي.
مان هميشه انصاف ۽ ديانت وارن اصولن مان رهنمائي حاصل ڪندو
رهندس ۽ سياسي اصطلاح ۾ اهي اصول تعصب ۽ بدخواهي،
ٻين لفظن ۾ جانب داري ۽ اقربا نوازيءَ کان پاڪ
هوندا ۽ يقيناً
اوهان جي امداد ۽ تعاون سان مون کي يقين آهي ته
پاڪستان، دنيا جي عظيم ترين ملڪن مان هڪ مثالي ۽
منفرد ملڪ بنجي ويندو . مهرباني.
- مرڪزي آئين ساز اسيمبلي - ڪراچي 11- آگسٽ 1947ع |