يوم پاڪستان جي
تقرير
آل انڊيا مسلم ليگ اجلاس- لاهور
23-
مارچ1940ع
]نوٽ:
قائداعظم محمد علي جناح صدر آل انڊيا مسلم ليگ جي
هن اهم ۽ تاريخي تقرير ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته
هندستان ۾ هڪ مرڪزي حڪومت جي بدران ٻن مرڪزي
حڪومتن جي ضرورت آهي. هن تقرير ۾ دستور متعلق،
مسلمانن جي نقطي نظر ۽ رجحانات، چاهه ۽ اتساهه جو
تاريخي پس منظر پڻ پيش ڪيو ويو آهي. (مترجم)[
متن:
سوال آهي ته ايندڙ دؤر جي دستور متعلق مسلمانن جا خيال ڪهڙا
آهن؟ مسلم ليگ جو مطالبو اهو آهي ته جيتري قدر جلد
حالتون گنجائش پيدا ڪن يا وڌ ۾ وڌ جنگ جي پڄاڻيءَ
کان پوءِ هندستان جي ايندڙ دستور جي مسئلي متعلق
نئين سر جاچ ۽ پڙتال ڪرڻ گهرجي. جيئن دستور سنه
1935ع جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي وڃي. هن دؤر ۾
برطانيه حڪومت پاران ڪنهن اعلان يا بيان ڪڍڻ جي
لاءِ التجا ۽ عرضداشت جا اسين قائل نه رهيا آهيون. ڇا لاءِ ته ان قسم جا اعلان ۽ بيان بلڪل بيسود ۽ اجايا آهن.
رڳو بيانن ڪڍڻ جو مطالبو ڪري اوهان برطانيه جي راڄ
کي، هندستان مان خارج ڪرڻ ۾ هرگز ڪامياب ٿي نه ٿا
سگهو.
مجلس دستور ساز: ڪانگريس پاران وائسراءِ کي درخواست ڪئي
ويئي آهي ته
”هو هندستان جي آزاديءَ جو فوراً
اعلان ڪرڻ فرمائي ڪانگريس کي مجلس دستور ساز جي
ذريعي وسيع راءِ دهي واري حق جي بنياد تي جا منتخب
ٿي ويندي،
دستور کي مرتب ڪرڻ وارو حق عطا ڪيو وڃي. ان قسم جي
مجلس دستور ساز يقيناً
اقليتن جي جائز مفاد جي حفاظت ڪندي.“
گانڌي جي چوي ٿو ته جيڪڏهن اقليتون مطمئن ٿي نه سگهن، ته پوءِ
اختلافي مسئلن کي حل ڪرڻ جي غرض سان غير جانبدار
ٽياڪڙ جي حوالي ڪيو ويندو.
منهنجو چوڻ آهي ته اها تجويز نهايت غلط ۽ ناقابل عمل به آهي
۽ ان کان علاوه تاريخي ۽ آئيني حيثيت سان هي
مطالبو نهايت کلڻ جوڳو آهي ته حڪمران طاقت، مجلس
۽ دستور ساز جي حق ۾ پنهنجي حڪمراني وارن حقن کان
دستبردار ٿي وڃي.
انهن سڀني حقيقتن جي قطع نظر فرض ڪري وٺو، ته جيڪڏهن اسان راءِ
دهيءَ جي ان طريقي سان متفق نه رهون، جنهن جي
بنياد تي مجلس جو قيام عمل ۾ اچي سگهي ۽ جيڪڏهن
مجلس دستور ساز ۾ مسلمانن جي نمائنده جماعت جو غير
مسلم اڪثريت سان اختلاف پيدا ٿي پوي ته پوءِ ان
حالت ۾ اهڙين مشڪلاتن جو حل ڪهڙو ٿيندو؟
چيو وڃي ٿو ته مجلس دستور ساز هن وسيع براعظم لاءِ قومي دستور
جي ترتيب ۽ تدوين جي سلسلي ۾ جو ڪجهه به ڪري اهو
آخري هوندو، اسان کي ان سان اختلاف ڪرڻ جو ڪو به
حق حاصل نه رهندو بجز ان جي جو اقليتن جي حفاظت جي
خلاف ڪو فيصلو ۽ مسئلو هجي.
ان طرح جيتوڻيڪ اسان کي صرف اقليتن جي حق
۽ مفاد جي زباني حفاظت جي حد تائين فقط اختلاف
ڪرڻ جي رعايت عطا ڪئي وئي آهي. باقي ان جي فيصلي
جو حق اهو ئي اڪثريت جي قبضي ۾ رهندو. آخر ان مان
ڇا ورندو؟
ان کان علاوه الڳ الڳ چونڊن جي ذريعي پنهنجن نمائندن موڪلڻ جو
حق به ڏنو ويو آهي. اها تجويز ان مفروضي تي مبني
آهي ته جيئن ئي دستور عملي طرح سان نافذ ٿي وڃي
برطانيه جو وجود باقي نه رهندو، جيڪڏهن ان طرح
ناهي ته پوءِ اهو سڀ ڪجهه بي معنيٰ رهندو.
هن تجويز ۾ برطانوي حڪومت کان مسٽر گانڌيءَ جي مطالبن جو مقصد ۽
ماحاصل
اهو آهي ته سڀ کان اول ان امر جو اعلان ڪيو وڃي ته
اسان آزاد قوم جا فرد آهيون. باقي رهيو ڏيڻ وٺڻ جو
سوال سو ان کان پوءِ ٿيندو رهندو.
گفتگو جو اهو انداز ٻڌي ۽ سمجهي ڇا حقيقت ۾ مسٽر گانڌيءَ متعلق
اهو چئي سگهجي ٿو ته هو هند جي آزاديءَ جو واقعي
خواهشمند آهي يا نه؟ حقيقت اها آهي ته برطانوي
حڪومت، باقي رهي يا نه رهي، پر وسيع اختيارات عوام
جي حق ۾ يقيناً
منتقل ٿي ويندا.
هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته مجلس دستور ساز جي اڪثريت ۽
مسلمانن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪنهن وقت اختلاف پيدا ٿي
پوي ته پوءِ امين ۽ ٽياڪڙ مقرر ڪرڻ جو حق ڪنهن کي
ڏنو ويندو؟ بفرض محال ڪنهن اختلافي مسئلي متعلق
متفقه طور ڪنهن ٽياڪڙ ۽ امين جي پيدا ٿيڻ جو امڪان
سامهون اچي ته پوءِ ان صورت ۾ اختلافي مسئلن جو
تصفيو به صادر ٿي پوي، ته پوءِ مان پڇان ٿو ته ان جي عملي نفاذ جي نگراني ڪير ڪندو؟
جو طئي ٿيل شرطن جي روشنيءَ ۾ فيصلي کي عملي طرح
سان نافذ ڪري ڏيکاري.
ڇا لاءِ ته اسان سان ته اهو بيان ڪيو پيو وڃي، ته برطانوي سرڪار
جزوي طور تي، توڙي ڪلي طور تي، پنهنجي اختيارات
تان دستبردار ٿي ويندي. ته پوءِ مان پڇڻ ٿو چاهيان
ته فيصلي جي نفاذ لاءِ ٻي ڪهڙي طاقت ڪم ڪندي؟ ان
جو جواب اهو ئي آهي ته هندو اڪثريت، برطانيه جي
سنگينن جي پاڇي ۾ فيصلو ڪرائيندي، يا گانڌي جي
اهنسا جي اصول جي ذريعي، ان فرض کي سرانجام ڏيندو؟
ته ڇا اهڙي صورت ۾ اسان کي ان قسم جي اڪثريت تي ڪو
ڀروسو ٿي سگهي ٿو؟
ان کان علاوه هڪ اهڙي مسئلي جو تصفيو، جو پنهنجي نوعيت جي لحاظ
کان جيتوڻيڪ هڪ معاشرتي معاهدو چئي سگهجي ٿو ۽
جنهن تي ايندڙ دستور جو بنياد رکيو ويندو ۽ جو نون
ڪروڙن مسلمانن تي پڻ اثر انداز ٿي سگهي ٿو، سو ان
قسم جي امين ۾ ٽياڪڙ جي ذريعي طئي ٿي سگهي ٿو؟ پر
باوجود ان جي، ڪانگريس جماعت بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي
چئي رهي آهي، ته آخري حل جي تجويز اها ئي آهي، جا
ڪانگريس پاران پيش ڪئي وئي آهي، جا مٿي بيان ڪئي
وئي آهي.
ڪانگريسين جا لاڙا: چند ڏينهن ٿيا، جو گانڌي جي ڪجهه ڳالهايو
آهي. ان متعلق تشريح ۽ تبصري کان اڳ، مان هت
ڪانگريس جي سياسي ليڊرن جي بيانن متعلق ڪجهه
ڳالهائڻ گهران ٿو، جن مان هر هڪ جو آواز ٻئي ليڊر
جي راءِ کان مختلف آهي.
مسٽر راج گوپال آچاريه مدراس جي اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ آهي:
”هندو- مسلم اتحاد جو واحد حل آهي: گڏيل چونڊون“
هيءَ آهي عقلي روءِ سان ڪانگريس جي هڪ مکيه رڪن مسٽر آچاريه جي تشريح.
هاڻي ذرا بابو راجيندر پرشاد جو بيان ملاحظه فرمايو، اوهان ڏسندا ته اهو
بيان پهرئين کان گهڻو مختلف آهي.
اقليتن جي مسئلي متعلق بابو راجيندر پرشاد جو چوڻ آهي ته:
”جيڪڏهن
برطانوي حڪومت، اسان جي جدائيءَ جي حق کي تسليم
ڪري ته پوءِ اڪثريت ۽ اقليت جا سڀ اختلافات دور ٿي
ويندا.“
هي آهي منطق! ڪير پڇي ته ڀلا اهي اختلاف دور ڪيئن ٿي ويندا؟ ان
تي بابو راجيندر پرشاد ڪابه روشني نه وڌي آهي. ان
سلسلي ۾ وڌيڪ هي ارشاد آهي:
”پر
جيستائين برطانيه جي هٿ ۾ اقتدار جي طاقت آهي،
اختلافن جو وجود باقي رهڻو آهي.“
هي آهي بابوءَ راجيندر پرشاد پاران اختلافن جو حل!
ڪانگريس پاران صاف ظاهر ڪيو ويو آهي ته آئينده ٺهندڙ دستور
اڪيلي ڪانگريس
نه ٺاهيندي. جماعت بلڪ سڀني سياسي جماعتن ۽ مذهبي
ادارن جا چونڊيل
نمائندا ڪانگريس سان شريڪ رهندا. آءٌ ته اهو به چوندس ته ڪانگريس ته ٻه قدم
وڌي اهو به اعلان ڪيو آهي ته ان مقصد لاءِ اقليتون
پنهنجي الڳ الڳ چونڊن جي ذريعي پنهنجا نمائندا
چونڊينديون.
ڪانگريس جي ان دعويٰ سان گڏ اهو به ٻڌڻ گهرجي، ته ڪانگريس پاران
الڳ الڳ چونڊن کي لعنت به سڏيو ويو آهي! ان طرح
سان مذهب ۽ سياسي عقيدي جي خيال کان سواءِ،
ڪانگريس ئي ملڪ جي اڪيلي نمائنده جماعت هوندو. جا
هندستان جي ايندڙ دستوري مسئلن متعلق فيصلا ڪندي
رهندي. ڀلا ان کان وڌيڪ اقليتن کي ٻي ڪهڙي ضمانت
ملي سگهندي؟
بابو راجيندر پرشاد جي قول مطابق جنهن وقت اسان سڀ مجلس دستور
ساز ۾ گهڙنداسون بس ان ئي وقت تي سڀ سياسي ۽ مذهبي
مسئلا خود به خود طئي ٿي ويندا ۽ ٻين اختلافي
رابطن ۽ واسطن جو فوراً
خاتمو ٿي ويندو!هي آهي ڪانگريس جو نقطي نگاهه ۽ هي
آهي بابو راجيندر پرشاد جي ارشاد جو الٽو منطق!
آخر ان کي ڪير سمجهي؟
ان سلسلي ۾ گانڌيءَ جو ارشاد آهي:
”مون
وٽ هندو، مسلمان، پارسي توڙي هريجن سڀ برابر آهن.
مان جڏهن قائداعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪندو آهيان،
تڏهن غير سنجيدگيءَ جو اظهار نه ڪندو آهيان، ڇو ته
هو منهنجو ڀاءُ آهي.“
منهنجو چوڻ آهي ته، بيشڪ بزعم خيوش گانڌي جي مون کي پنهنجو ڀاءُ
سڏي ٿو، پر فرق رڳو ايترو آهي ته گانڌي جي ٽن ووٽن
جو حق رکي ٿو، پر مان صرف هڪ ووٽ جو!
گانڌي جي اهو به چوي ٿو ته:
”مون
لاءِ دلي خوشيءَ جوباعث ٿيندو جيڪڏهن هو مون کي
پنهنجي کيسي ۾ جاءِ ڏئي سگهي. هڪڙو زمانو اهڙو به
هو جڏهن مسلمان ڀاءُ کي منهنجو اعتماد حاصل هو، پر
اڄ اها منهنجي بدقسمتي آهي جو اها صورتحال باقي نه
رهي آهي. مان انهن سڀني لکيتن کي ڪونه ٿو پڙهان،
جي اردو اخبارن ۾ شايع ٿي رهيون آهن، شايد مون کي
گاريون ڏنيون وڃن ٿيون.
پر ان جو مون کي ڪو رنج ناهي. اڄ به مون کي اهو
يقين حاصل آهي ته هندن ۽ مسلمانن جي اتحاد کان
سواءِ سوراج جو حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي.“
گذريل ويهن سالن کان وٺي، گانڌي جي، اهو راڳ آلاپيندو آيو آهي.
آخر ۾ گانڌي جي فرمائي ٿو:
”شايد
اوهان مون کان اهو سوال پڇو ته هن مسئلي ۾ مان
لڙائيءَ جو ذڪر ڇو ڪري رهيو آهيان؟ سو جواب ۾
چوندس ته منهنجي لڙائي صرف مجلس دستور ساز لاءِ ئي
آهي“
گانڌي جي، جي انهن لفظن مان شايد اهو تاثر پيدا ڪيو وڃي ته
گانڌي جي، جو لڙائيءَ وارو اشارو شايد برطانيه
ڏانهن آهي. يعني برطانيه سان گانڌي جي لڙائي ڪرڻ
گهري ٿو. مان صاف واضح ڪرڻ گهران ٿو ته گانڌي جيءَ
جو برطانيه سان لڙائي ڪرڻ جو ته ڪو سوال ئي پيدا
نه ٿو ٿئي. ان غلط فهميءَ ۾ نه اچڻ گهرجي.
مان مسٽر گانڌي ۽ ڪانگريس کي اهو ٻڌائڻ گهران ٿو ته گانڌي جي،
جي جنگ هڪ اهڙي مقصد جي لاءِ آهي، جنهن کي قبول
ڪرڻ لاءِ مسلمان تيار ناهن، گويا گانڌي جي،
جي
لڙائي مسلمانن سان ئي آهي ۽ اڳتي به ٿيندي.
مسلمانن کي خبر آهي ته مجلس دستور ساز جو مطلب صرف آهي هڪ ۽ ٽي!
ماڻهن جي ڪنڌ لوڏڻ سان جو ٺاهه ٿيندو، سو اسان جي
دلين کي ان نموني ۾ ملائي نه سگهندو، جو اسان
باهمي اتحاد سان ڪم ڪرڻ جي لائق بنجي سگهون. اهو
ئي سبب آهي، جو مسلمانن وٽ مجلس دستور ساز جو تصور
ئي ناقابل قبول آهي. مزو اهو آهي جو مسلمانن کان
ٽيڻي طاقت جي قبضي ۾ هوندي، گانڌي جيءَ، جي لڙائي
مسلمانن سان آهي ئي ڪانه! سندس لڙائي صرف مجلس
دستور ساز لاءِ ئي آهي! ڇا ڪو عقلمند ماڻهو ان
الٽي قسم جي غلط منطق کي مڃڻ لاءِ تيار ٿيندو؟
مسٽر گانڌي چوي ٿو ته:
”اهي
مسلمان، جي مسلم چونڊن جي ذريعي مجلس دستور ساز ۾
داخل ٿين، جيڪڏهن هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪنهن
مشترڪه مقصد جي
وجود جو انڪار
ڪن ته پوءِ مان مايوس ٿي ويندس. پر ان وقت به مان
کين ساٿ ڏئي سگهندس ڇو ته هو قرآن مجيد جي
تلاوت ڪن ٿا ۽ مون به ان مقدس ڪتاب جو ڪجهه قدر
مطالعو ڪيو آهي.“
هيءَ آهي منتشر خيالي. هڪڙن جو تلاوت ڪرڻ ۽ ٻئي جو ڪي قدر
مطالعو ڪرڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ ۽ انڪار ڪندڙ
مسلمانن سان گانڌي جي، جو ساٿ قائم رکڻ منطق جي
روءِ سان ڪٿي معقول آهي؟
مسٽر گانڌي، مسلمانن جي نقطي نظر کي معلوم ڪرڻ لاءِ مجلس دستور
ساز جو خواهشمند آهي. قيام مجلس کان پوءِ جيڪڏهن
مسلمان انهن سان متفق نه ٿين ته پوءِ هو مايوس ٿي
ويندو پر ان جي باوجود، هو اسان سان ڪو اختلاف نه
ڪندو.
مان پڇان ٿو ته باهمي تعاون ۽ باهمي صلح جي لاءِ اخلاص واري
اظهار جو اهڙو ئي گول مول طريقو ٿيندو آهي؟
مون بار بار چيو آهي ۽ هاڻي به هن پليٽ فارم تان ان جو ٻيهر
ورجاءُ ڪري رهيو آهيان ته مسٽر گانڌي ڪامل
ديانتداريءَ سان اعتراف ڇو نٿو ڪري ته ڪانگريس هڪ
هندو جماعت آهي، ۽ اها صرف هندن جي نمائنده آهي.
ان ڪري مسٽر گانڌي ڇو نه فخر سان ظاهر ٿو ڪري ته
مان هندو آهيان ۽ ڪانگريس کي خالص هندن جي حمايت
حاصل آهي. ڇو ته ان ۾ اڪثريت هندن جي آهي ۽ ان جي
مقابلي ۾ باقي اقليتون اٽي ۾ لوّڻ برابر به ناهن.
مان ان حقيقت جي اظهار ڪندي، ڪڏهن به شرم يا ندامت محسوس نه ٿو ڪريان ته مان
مسلمان آهيان ۽ ائين چوڻ لاءِ مان حق بجانب آهيان
۽ مون کي يقين حاصل آهي ته هڪ اکين جي جڏي ۽ انڌي
کي به اهو اطمينان حاصل آهي ته مسلم ليگ کي خالص
نموني ۾ مسلمانن جي حمايت حاصل آهي. هن ۾ مڪر ۽
عياريءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هن ۾ سازش جي ڪهڙي
گنجائش آهي؟ حڪومت برطانيه ۽ مسلمانن کي مغلوب ڪرڻ
لاءِ اهڙن ذليل ذريعن کي اختيار ڪرڻ جي آخر ڪهڙي
مصلحت آهي؟ عدم تعاون جي اعلان ۽ سول نافرماني جي
ڌمڪين ڏيڻ ۾ آخر ڪهڙو فائدو؟ محض مسلمانن جي باهمي
اختلافن ۽ يا متفقه خيالن کي معلوم ڪرڻ لاءِ مجلس
دستور ساز لاءِ ڇو ڪشمڪش کي جاري رکيو ويو آهي؟
مسٽر گانڌي جي، هڪ هندو ليڊر جي حيثيت سان پوري
فخر وچان ٻاهر نڪري، سامهون ڇو نٿو اچي؟ ۽ ڇو نه
مون کي فخر سان مسلمانن جي نمائندي جي حيثيت ۾
مسلمانن جي ترجماني ڪرڻ جي فرض ادائي ڪرڻ ٿو ڏئي؟
جيستائين ڪانگريس جو تعلق آهي، مون کي ان لاءِ فقط
ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي.
حڪومت برطانيه: جيستائين حڪومت برطانيه
جو تعلق آهي، اوهان سڀ واقف آهيو ته اسان جي گفتگو
جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، اهو اڃا بند نه ڪيو
ويو آهي. اسان پاران ڪيترن مفيد ۽ تعميري مقصدن جي
ماتحت يقيني فيصلن جو مطالبو ڪيو ويوآهي. هڪ مقصد
۾ اسان ڪاميابي به حاصل ڪئي آهي.
اوهان کي ياد هوندو ته 1935ع واري دستور
کي ترڪ ڪري، هندستان جي آئينده واري دستوري مسئلي
جي نئين سري سان جاچ پڙتال جو مطالبو اسان ئي ڪيو
هو. ملڪ معظم جي اشاري سان وائسراءِ بهادر پاران
23
-
ڊسمبر تي جيڪو جواب روانو ڪيو ويو آهي ان
جا الفاظ مان اوهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو. چيل آهي:
”اوهان
جي پهرئين سوال جي باري ۾ منهنجو جواب هي آهي ته
ملڪ معظم جي حڪومت جي اشاري ۽ اجازت سان، مون 13-
آڪٽوبر تي جو اعلان ڪيو آهي، ان سان 1935ع جي
دستور جي ڪنهن حصي يا ان جي پاليسيءَ ۽ بنيادي
خاڪي جي جاچ پڙتال ٻاهر ناهي“
ٻين نقطن متعلق اسان جي باهمي گفتگوءَ جو سلسلو جاري آهي ان جا
اهم ۽ بحث طلب مسئلا هي آهن:
1- ملڪ معظم جي حڪومت، هندستان جي مستقبل واري دستور جي بنسبت اسان
جي رضامنديءَ کان سواءِ نه ڪو اعلان ڪري.
2- ۽ نه ڪو ڪنهن مسئلي متعلق، ڪنهن ٻيءَ جماعت سان اسان جي عدم موجودگيءَ ۾
ڪو ٺاهه ڪري.
مسلمانن جي انفراديت: حڪومت برطانيه
پنهنجي
سمجهه آهر، اسان کي ان حقيقت متعلق يقين ڏيارڻ
مناسب سمجهي يا نه سمجهي پر هو ان مطالبي کي يقيناً حق بجانب تصور ڪندي، ته ڏهه
ڪروڙ هندستاني باشندا
جي مسلمان آهن، تن جي آئنده قسمت جو فيصلو ڪنهن
غير جي حوالي ڪري نه ٿو سگهجي. اسان مسلمان ۽ صرف
اسان مسلمان ئي پنهنجي باري ۾ آخري فيصلي جو
اختيار وٺڻ گهرون ٿا، اسان اهو ڪڏهن به گوارا نه
ٿا ڪري سگهون ته برطانيه نهايت جبر ۽ ڏاڍ سان
مسلمانن جي مٿان هڪ اهڙو دستور مسلط ڪري، جنهن جي
تصديق ۽ توثيق پاڻ نه ڪري سگهي؟
انهن حالتن ۾ حڪومت برطانيه کي بجا طور تي مشورو ڏئي سگهجي ٿو،
ته هوءَ هن مسئلي ۾ مسلمانن کي يقين ڏيارڻ ۾
ڪاميابي حاصل ڪري، کين ڪامل امن ۽ اعتماد جي فضا
۾ هموار ڪري، سندن مخلصانه دوستي حاصل ڪري. حڪومت
اسان جي هن مطالبي کي قبول ڪري يا رد ڪري ڇڏي،
اسان کي فقط پنهنجي خداداد قوت ۽ اعتماد تي يقين
ڪامل حاصل آهي. اسان کي خداداد صلاحيتن
تي ڀروسو رکڻ جي ضرورت آهي.
مان ان حقيقت کي وري به واضح ڪرڻ گهران ٿو
ته جيڪڏهن ڪو عارضي صلح، اسان جي مرضي ۽ اعتماد
کان سوا ڪيو ويو ته پوءِ هند جا مسلمان ان لاءِ
رڪاوٽون پيدا ڪندا ۽ ان سلسلي ۾ سڀ ڪجهه ڪري
گذرندا، ڪنهن به مصلحت کي اڳيان رکي پير پوئتي نه
هٽائيندا ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريندا، جو ڪانگريس
۽ برطانيه جي خواب و
خيال ۾ به نه هوندو. هي منهنجي پاران دڙڪو ناهي پر سنجيدگيءَ سان اپيل آهي،
ان تي غور ڪرڻ گهرجي.
مسلمان اقليت ۾ ناهن! جيستائين اسان جي اندروني حيثيت جو تعلق
آهي، اسان ان جو به جائزو وٺي رهيا آهيون. دستور ۽
ان جي تشڪيل جي ماهرن يا دستوري مسئلن سان دلچسپي
رکندڙن پاران اسان وٽ ڪيئي تجويزون پهچي چڪيون
آهن. ان سلسلي ۾ ليگ جي پاران هڪ ذيلي مجلس پڻ
قائم ڪئي وئي آهي، جا وصول ٿيل تجويزن تي تفصيل
سان بحث ۽ غور ڪندي، پر هڪ حقيقت بلڪل واضح آهي ته
مسلمانن کي غلطيءَ وچان
”اقليت“
تسليم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسان ان غلط تخيل کان
ڪافي عرصي کان عادي ٿي چڪا آهيون، ان ڪري ان کي
دور ڪرڻ جي لاءِ ڏاڍي تڪليف محسوس ٿي رهي آهي.
مسلمان هرگز هرگز هڪ اقليت تصور ڪري نه ٿا سگهجن.
هو هر حيثيت ۾ هڪ قوم آهن، پر ان هوندي به حڪومت
برطانيه ۽ خاص طرح سان ڪانگريس پاران جا به گفتگو
ڪئي وڃي ٿي، ان جو بنياد اهو ئي آهي ته اسان
مسلمان هڪ اقليت آهيون!
مان وري به چوندس ته مسلمان هرگز اقليتن ۾ شمار ٿي نه ٿا سگهن.
انگريزي نقشي جي اعتبار کان به هندستان جي
وڏن وڏن صوبن ۾ مسلمان ڪثير تعداد ۾ آباد آهن.
مثلاً
بنگال، پنجاب، سرحدي صوبو، سنڌ ۽ بلوچستان.
باقي رهيو اهو سوال ته هندو- مسلم مسئلي جو بهترين حل ڇا ٿي
سگهي ٿو؟ اسان ان مسئلي تي نهايت سنجيدگيءَ سان
غور ڪري رهيا آهيون ۽ ان لاءِ هڪ خاص مجلس جو قيام
عمل ۾ آڻي چڪا آهيون.
دستور جي سلسلي ۾ آخري تجويز ڪهڙي به پيدا ٿئي مان پنهنجو نقطي
نظر اوهان جي اڳيان پيش ڪريان ٿو ۽ ان جي تصديق ۽
توثيق ۾ مشهور ڪانگريسي ليڊر لالا لـجپتراءِ جو
اهو خط پڙهي ٻڌائيندس جو مسٽر سي. آر داس جي نالي
لکيو ويو هو. اهو خط غالباً ٻارنهن يا پندرنهن سال اڳ لکيو ويو هو. هڪ شخص اندر پرڪاش
ويجهڙائيءَ ۾ اهو خط پنهنجي ڪتاب ۾ شايع ڪيو آهي.
ان طرح اهو خط جو اڄ تائين هڪ پوشيده راز وانگر
هو، سو روشنيءَ ۾ اچي چڪو آهي.
لالا لجپتراءِ هڪ تيز فهم سياستدان ۽ وڏو
ڪٽر مهاسڀائي ليڊر هو، تنهن
پنهنجي خط ۾ جو ڪجهه لکيو آهي، ان کي ٻڌائڻ کان اڳ
اهو واضح ڪرڻ ٿو چاهيان، ته جيڪڏهن سامعين منجهان
ڪو هندو هجي، ته پوءِ هو پنهنجي عقيدي ۽ هندومت کي
ترڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندو. قوم پرستيءَ جو
لفظ سياست جي بازيگرن جو هڪ رانديڪو بنجي چڪو آهي.
لالا جي خط ۾ لکي ٿو:
”هڪ
ٻيو به مسئلو آهي جنهن تازو منهنجي دماغ کي الجهن
۾ وجهي ڇڏيو آهي؟ منهنجي اها دلي خواهش آهي ته
اوهان ان تي نهايت سنجيدگيءَ ۽ احتياط سان غور
ڪريو، اهو مسئلو آهي هندو- مسلم اتحاد جو مسئلو.
گذريل ڇهه مهينا مون اسلامي تاريخ جي مطالعي لاءِ
وقف ڪيا هئا. ايتري مطالعي کان پوءِ مان ائين چوڻ
لاءِ مجبور آهيان ته هندو- مسلم اتحاد نه ڪو ممڪن
آهي ۽ نه ڪو قابل عمل. عدم تعاون جي تحريڪ ۾
مسلمان جي اخلاص جي اعتراف ڪرڻ جي باوجود، منهنجو
اهو ئي خيال آهي ته هن نوعيت وارن مسئلن ۾
مسلمانن جو مذهب وڏي رڪاوٽ آهي. غالباً اوهان کي اها گفتگو ياد هوندي جا مون ڊاڪٽر ڪچلو ۽ حڪيم اجمل
خان سان ڪئي هئي ۽ اها گفتگو مون ڪلڪتي ۾ اوهان جي
اڳيان دهرائي هئي. هندستان ۾ حڪيم صاحب کان بهتر
ڪوبه مسلمان ناهي. پر ڇا ڪو مسلمان قرآن شريف جي
خلاف ورزي ڪري سگهي ٿو؟ مون کي اميد آهي ته صرف
هي سبب هجي ته مون شايد اسلامي قانون کي سمجهڻ ۾
ڪا غلطي ڪئي هجي ۽ ان کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ مون
لاءِ اطمينان بخش ٿي نه ٿي سگهي,
ته مون کي منهنجيءَ غلط فهميءَ جو يقين ٿي وڃي ها
ته برابر مان غلط فهميءَ ۾ ڦاٿل آهيان. ليڪن جو
ڪجهه به مون سمجهيو آهي جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته
پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اسان حڪومت برطانيه
جي خلاف ته متحد ٿي سگهون ٿا پر برطانوي طريقي تي
هندستان تي
حڪومت ڪرڻ جي لاءِ اسان ڪنهن به نموني سان متحد ۽
متفق ٿي نه ٿا سگهون. يعني اسان هندستان ۾ جمهوري
طرز جي حڪومت قائم ڪري ئي نه سگهنداسون.“
خواتين ۽ حضرات لاله لجپتراءِ چوي ٿو,
ته هن ملڪ لاءِ جمهوري طرز حڪومت سازگار نه ٿيندي،
ته سندس اهو چوڻ بجاءِ درست! پر ان خط کان ارڙنهن
مهينا اڳ مون ان صداقت کي بيان ڪرڻ جي جرئت ڪئي ته
پوءِ مون تي انهن جي ليڊرن ۽ اخبارن پاران تنقيدن
۽ حملن جا بيشمار طريقا اختيار ڪيا ويا.
لالا لجپتراءِ پندرنهن سال اڳ اها ساڳي ڳالهه چوي ٿو ته:
”جمهوري طريقي سان هندستان تي حڪومت ڪري ئي نه ٿي سگهجي.“
آخر سوچڻ گهرجي، ته ان صورتحال جو علاج ڇا آهي؟
ڪانگريس طرفان ته ان جو علاج اهو آهي ته مسلمانن کي هڪ اقليت جي حيثيت سان
هندو اڪثريت جي ماتحت رهڻ گهرجي.
لالا لجپتراءِ اڳتي هلي لکيو آهي:
”مون
کي اٺ ڪروڙ مسلمانن مان ڪو به خطرو ناهي پر اهي اٺ
ڪروڙ مسلمان، جڏهن افغانستان، مصر،
شام، وچ ايشيا جي مسلم حصن، عرب، عراق، ايران ۽ ترڪيءَ جي
باهٿيار مسلمانن سان ملي
ويندا ته، پوءِ ايتري طاقت سان اسان جو مقابلو ٿي نه ٿو سگهي.
مان پوري اخلاق سان هندو- مسلم اتحاد جي ضرورت ۽
اهميت ۾ يقين رکان ٿو. مون کي مسلمان ليڊرن ۾ به
اعتماد آهي، پر قرآن شريف
۽
حديث جي حڪمن ۽ هدايتن جي باري ۾ ڇا ٿو چئي سگهجي؟
مسلمان قائد ۽ ليڊر ان جي خلاف ورزي ڪري نه ٿا
سگهن، ته پوءِ ڇا اسان کي مايوس ٿيڻ گهرجي.
مون کي اوهان جي دانشمنديءَ مان اميد آهي ته، اوهان هن مشڪل
مسئلي جو ڪو حل پيدا ڪندا.“
هي آهن لالا لجپتراءِ جا پريشان، منتشر ۽ مايوسيءَ وارا خيال!
برطانيه جي غلط فهمي:
خواتين وحضرات: هيءَ هڪ خط آهي جو پندرنهن
سال کن اڳ هڪ وڏي هندو ليڊر طرفان ٻئي وڏي هندو
ليڊر جي نالي لکيو ويو هو، پر موجوده حالتن جي
جائزي وٺڻ کان پوءِ هن وقت تي جيڪي خيالات ان
مسئلي متعلق منهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيا آهن، تن کي مان
اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.
هندستان جي مستقبل متعلق گذريل صدين ۾
برطانوي حڪومت ۽ برطانوي پارليامينٽ بلڪ برطانوي
قوم جي تربيت ڪن اهڙن مقرر ٿيل تصورن ۽ خيالن سان
گڏ ان قسم جي تدريجي نشونما جي تحت عمل ۾ آئي آهي،
جا تربيت سندن لاءِ پنهنجي ملڪي دستور جي ترتيب ۽
تدوين جو بنياد هئي. اڄ دارالعوام ۽ دارالامرا ۽
اسيمبلين جو نظام ان موجب ئي عمل ڪري رهيا آهن.
سياسي مقصدن سان گڏ، جماعتي حڪومت جو نظريو، سندن تصورات جي
اعتبار کان هر ملڪ جي لاءِ بهترين اصول حڪومت ثابت
ٿئي ٿو. ان قسم جي نظرئي جي حمايت ۾ هڪ طرفه توڙي
قومي رعايت جي ڪري، جا فطرتاً
برطانيه جي باشندن لاءِ مرغوب آهي تنهن کيس هڪ
عظيم الشان غلطيءَ جي ارتڪاب تائين پهچايو، جنهن
غلطيءَ جي ارتڪاب کانئن حڪومت هند لاءِ 1935ع وارو
دستور تيار ڪرايو.
برطانيه جا اڪابر ۽ مدبر پنهنجن خيالن ۽ دم پختن ۾ ايتري قدر ته
مست ۽ مگن آهن، بلڪ مستغرق آهن جو بنا ڪنهن سوچ ۽
ويچار جي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان پنهنجن بيانن ۾ اها
اميد ورجائيندا ٿا رهن ته، زماني جي رفتار سان گڏ
هلندي، هڪ ڏينهن هندستان جي اختلافي عنصرن ۾ تعاون
۽ هم آهنگي جو پيدا ٿيڻ لازمي امر آهي.
لنڊن ٽائمز جهڙي مشهور جريدي 1935ع واري دستور هند تي تبصرو
ڪندي لکيو هو ته:
”هندن
۽ مسلمانن جي وچ ۾ اختلاف، صرف مذهبي ناهن، بلڪ
قانوني ۽ ثقافتي اختلاف به آهن. باقي چئي سگهجي ٿو
ته ٻئي ڌار تهذيبن جي نمائندگي ڪن ٿا. بهرحال
زماني سان گڏ توهمات ۽ پراڻن وهمي خيالن جو به
خاتمو ٿي ويندو ۽ هندستان هڪ قومي وحدت ۾ تبديل ٿي
ويندو“
لنڊن ٽائمز جي بيان موجب هڪ قومي حڪومت ۽ قومي وحدت جي راهه ۾
مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون محض وهم جي پيداوار آهن. باقي
هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جي به روحاني معاشي،
تهذيبي، تاريخي ۽ سياسي بنيادن تي اختلاف موجود
آهن، تنهن کي ڏاڍي چالاڪيءَ ۽ سادگيءَ سان
“توهمات” سان تعبير ڪري ائين سطحي ڳالهه ڪري جند
ڇڏائي وئي آهي. مان چوندس ته تعبير جو اهو طريقو،
نه صرف برصغير جي تاريخ ۽ ان جي ماضي جي روايت بلڪ
اسلام جي بنيادي عقيدن ۽ تصورات کان اڻ ڄاڻائيءَ
جو دليل آهي، يا ڄاڻي واڻي، حقيقتن کان منهن موڙڻ
جي غلط ڪوشش آهي. جا هر حال ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي ۽
اڳتي به غلط ئي ثابت ٿيندي.
انهن قومن جي بنسبت جي هزارن سالن کان وٺي هڪجهڙائي جي باوجود
اڄ به اهڙيون ئي مختلف آهن، جهڙيون ماضيءَ جي
زماني ۾ هيون. اها اميد رکي نه ٿي سگهجي ته محض
جمهوري دستور حڪومت عائد ڪرڻ سان يا غير موزون ۽
ناسازگار برطانوي ۽ پارليامينٽري طريقن واري دستور
جي ذريعي سان اهي ٻئي پاڻ
۾
متحد ٿي سگهنديون.
گذريل ڏيڍ سو سالن جهڙي ڊگهي عرصي کان
هندستان لاءِ وحداني طرز حڪومت جي حاصل ڪرڻ لاءِ
جا ناڪامي نصيب ٿي آهي، تنهن کي فقط مرڪزي ۽ وفاقي
حڪومت عائد ڪرڻ سان حاصل ڪري نه سگهبو. جنهن حڪومت
جي ترڪيبي هيئيت ۾ ان قسم جا عناصر شامل هجن، ان
متعلق اهو تصور ئي ڪري نٿو سگهجي ته، ملڪ جي مختلف
قومن پاران ان کي دل جي خوشيءَ سان تسليم ڪيو
ويندو. اهو سڀ ڪجهه فقط ان وقت تي ٿي سگهندو جڏهن
ان جي پٺ تي هڪ سخت فوجي طاقت هجي، جا سنگين ۽
بندوق سان ڪم هلائيندي رهي.
هند جو روهاڱو:
هندستان جو مسئلو ٻن فرقن جي وچ واري نوعيت
جو ناهي بلڪ بين الاقوامي آهي. ان ئي حيثيت سان
غور ۽ فڪر جو محتاج آهي. جيستائين بنيادي حقيقتن
کي معلوم نه ڪيو ويو آهي، تيستائين جو به دستور
مرتب ڪيو ويندو سو نه صرف مسلمانن لاءِ بلڪ هندن
لاءِ ۽ انگريزن لاءِ به خطرن ۽ خدشن ۾ گهيريل
رهندو.
جيڪڏهن حڪومت برطانيه، دل جي اخلاص سان هند جي باشندن لاءِ
مسرت ۽ شادمانيءَ جي آرزومند آهي ته پوءِ اسان
سڀني جي لاءِ صرف هڪ ئي کليل رستو آهي ۽ اهو آهي
هندستان کي قومي آزاد ۽ خود مختار رياستن ۾ تقسيم
ڪرڻ ۽ وڏين وڏين قومن کي ڌار حصن ۾ آباد ٿيڻ جو
موقعو ڏيڻ. ان حالت ۾ ڪوبه سبب معلوم نه ٿو ٿئي ته
اهي آزاد حصا، ڪو هڪ ٻئي جا مخالف ٿي ويندا. بلڪ
اهڙيءَ صورت ۾ ته ملڪ جي طريقه ڪار ۾ مفيد فرق اچي
سگهي ٿو ۽ هڪ ٻئي تي معاشرتي ۽ سياسي دٻاءُ وجهڻ
وارو خيال، توڙي هڪ ٻئي سان رقابت ۽ عناد وارو
جذبو سڀ دور ٿي سگهن ٿا. ان طرح سان ئي بين
الاقوامي معاهدن جي وسيلي سان خير خواهي ۽
همدرديءَ جا جذبا پيدا ٿي سگهن ٿا. اهي سڀ آزاد
حصا نه فقط پاڻ ۾ محبت ۽ تعاون سان هلندا پر
پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان به امن ۽ صلح سان زندگي
گذاري سگهندا.
ان کان علاوه هندستان ۽ هندستان جي وچ ۾ اقليتن جي باري ۾ باهمي
مصالحت جي ذريعي ڏاڍي آسانيءَ سان دوستاڻا معاهدا
حاصل ڪري سگهجن ٿا. جنهن سان مسلمانن ۽ ٻين اقليتن
جي حقن ۽ مفادن جي حفاظت جي ضمانت ملي سگهندي.
گڏيل قومن جو خواب: هي ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ته اسان جا هندو
ڀائر اسلام ۽ هندومت جي صحيح نوعيت معلوم ڪرڻ ۾ ڇو
ناڪام رهيا آهن ؟ هي صرف مذهبي ئي ناهن پر حقيقت
۾ واضح طور تي ڌار معاشرتي نظام آهن. ان ڪري هندن
۽ مسلمانن کي مشترڪ قوميت جي قالب ۾ پلٽڻ محض هڪ
خواب ۽ خيال آهي.
هي ظاهر ڪرڻ ڏاڍي مشڪل ڳالهه آهي ته هندستان قوميت جو تصور
نهايت غلط آهي. ان جو غلط تصور پنهنجين محدود حدن
کان هاڻي گهڻو متجاوز ٿي چڪو آهي ۽ اسان لاءِ
روزانه نون مسئلن ۽ مشڪلاتن جو ڪارڻ ٿي رهيو آهي.
جيڪڏهن اسان بروقت پنهنجي تصورات تي نظرثاني نه
ڪئي ته پوءِ اهو مسئلو سڄي هندستان لاءِ تخريب ۽
هلاڪت جو سبب ٿي ويندو.
هندو ۽ مسلمان، ٻن الڳ الڳ مذهبن، فلسفن، طرز زندگي، معاشرت،
رسوم، ادب ۽ ثقافت سان تعلق رکندڙ آهن. نه انهن ۾
مٽي مائٽي ۽ سڱابندي ٿي سگهي ٿي ۽ نه ڪو اهي ٻئي
پاڻ ۾ ملي جلي کاڌو واپرائي سگهن ٿا.
ٻن مختلف تهذيبن سان سندن تعلق آهي، جي متضاد خيالن ، عقيدن ۽
تصورات تي مبني آهن.
زندگيءَ جي فلسفي متعلق ٻنهين جا عقيدا ۽
فيصلا هڪ ٻئي جي خلاف آهن.
اها به حقيقت آهي ته هندو ۽ مسلم ٻئي قومون پنهنجا تاثرات تاريخ
جي مختلف ماخذات کان حاصل ڪن ٿا. ٻنهي جا رزميه
نظم جدا آهن. اڪثر هڪ قوم جو هيرو ٻي قوم جو دشمن
نظر ايندو، ٻنهي جي فتح ۽ شڪست هڪ ٻئي جي جذبات
لاءِ ايذاءُ
جو سبب بنجي ٿي. اهڙين ٻن قومن کي عددي اقليت ۽
اڪثريت جي مرتبي ۾ رکي هڪ ئي رياست ۾ ضم ڪرڻ سان
تصادم ۽ اختلاف کي وڌائيندو. بيقراري ۽ پريشاني
کان سواءِ ٻيو ڪوبه نتيجو نه نڪرندو . اهڙن مسئلن
جي ڪري متحده قوميت وارو خواب منتشر ٿي ويندو ۽
ملڪ ڀڃ ڊاهه تخريب ۽ شڪست، هنگامه آرائيءَ ۽ فساد
۾ مبتلا ٿي ويندو. جنهن جو علاج
ڪنهن
وٽ به ڪونه آهي.
تاريخ ۾ اهڙا بيشمار مثال ملن ٿا. برطانيه ۽ آئرلنڊ
زيڪوسلوويڪيا ۽ پولنڊ کي ڏسڻ گهرجي. انهن کان
سواءِ ٻيا به ڪيئي اهڙا جاگرافيءَ تي مشتمل ٽڪرا
موجود آهن، جيڪي هندستان جي مقابلي ۾ تمام ننڍڙا
آهن. پر اتي جا باشندا، قومي لحاظ سان مختلف
رياستن ۾ ورهايل آهن. بلقان کي ڏسو! ستن يا اٺن
آزاد رياستن تي مشتمل آهي. پورچوگال ۽ اسپين هڪ
ئي صورت ۾ جزيزه نما ٽڪرا آهن، تاهم هڪ ٻئي کان
الڳ ۽ آزاد موجود آهن.
پر اسان وٽ انهن سڀني حقيقتن کي نظرانداز ڪندي، اتحاد هند ۽
متحده قوميت جي پردي ۾ جنهن جو ملڪ ۾ ڪو وجود ئي
ناهي، هڪ مرڪزي حڪومت جي قيام لاءِ ناڪام ڪوشش ڪئي
پئي وڃي.
اسان ڄاڻون ٿا ته هر زماني ۾ هندستان هميشه هندو ۽ مسلم-
هندستان ۾ ورهايل رهندو آيو آهي.
هندستان جي موجوده مصنوعي يا نام نهاد اتحاد جي تاريخ، صرف
برطانوي حڪومت جي قيام لاءِ تراشي وئي آهي. جنهن
جي بقا، برطانوي هٿيارن ۽ سنگينن جي مرهون منت
آهي.
پر ملڪ معظم جي حڪومت جي تازي بيان جي مطابق، برطانوي دؤر حڪومت
جو خاتمو هن ملڪ ۾ ايتري ته عظيم الشان تباهي ۽
خونريزي آڻيندو جنهن جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ ملڻ
مشڪل آهي.
متحده قوميت مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ جو ڪو
ادنيٰ مثال مسلمانن جي هڪ هزار سالن واري حڪومت ۾
ڪڏهن نه ڳولي سگهبو. يقيناً ايڏي خونريزي ۽ قتل و
غارت جي سرچشمه
متحده قوميت واري نظام کي ڪڏهن به معقول چئي نه
سگهنداسون.
ڇا ڏيڍ سو سالن جي حڪومت کان پوءِ انگريزن پاران اهڙيءَ تباهيءَ
تي ڪا اک کلندي! ڇا انگريز لاءِ اها فخر جهڙي
ڳالهه ٿيندي؟ ان طرح هتي جا هندو ۽ مسلمان هڪ ٻئي
کي تباهه ۽ هلاڪ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا؟ ۽ هڪ ٻئي جا
ڪنڌ وڍيندا؟
مسلمانن جو فيصلو:
مسلمانن جو صاف لفظن ۾ فيصلو ٻڌڻ گهرو ٿا
ته پوءِ اهو رڳو ايترو آهي ته هندستان جا مسلمان
هندستان جي ڪنهن به اهڙي دستور کي ڪڏهن به قبول
ڪرڻ لاءِ تيار ٿي نه ٿا سگهن، جنهن ۾ فقط هندو
اڪثريت جي حڪومت ئي هجي .
هندن ۽ مسلمانن کي جمهوري نظام جي ماتحت متحد ڪرڻ ۽ اقليتن تي
زبردستيءَ سان ان نظام کي مڙهڻ سنئون سڌو هندو
راڄ جي برابر آهي.
جمهوريت جو اهو قسم جو ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ جو
انتهائي مقصد آهي سو ته مڪمل طرح سان ملڪ ۾ تباهي
آڻيندو.
ڪانگريس جڏهن صوبائي حڪومت هٿ ڪري اڍائي سال راڄ سنڀاليو هو اهو
نهايت بدترين، امن سوز، انسان دشمن، تخريبي ۽ غير
ترقي يافته دؤر ثابت ٿيو هو. اسان کي اهو اڍائي
سالن وارو ڪانگريسي راڄ اڄ تائين ياد آهي. جيڪڏهن
ان هوندي به ان غلط تجربي کي دهرائڻ لاءِ ڪانگريس
هاءِ ڪمانڊ آماده
آهي ته پوءِ ان جي نتيجي ۾ بغير خانه جنگي
(Civil
war)
جي ٻيو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟
گانڌي جي پاران سکر جي هندن کي مشورو ڏنو ويو هو ته:
”تشدد
توڙي عدم تشدد جي زور تي هو پنهنجي پاڻ حفاظت ڪن.
هندو تشدد جو جواب تشدد سان ڏين. جيڪڏهن ائين
ڪامياب نه ٿين ته پوءِ وطن کي ترڪ ڪرڻ لاءِ تيار
رهن. پاڻ ۾ تنظيم پيدا ڪن جي دفاعي ڪم سنڀالي.
حملن کان بچاءَ ڪري.“
گانڌي جي، جي ان رٿ ۽ تجويز ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي جو باهمي قتل و
غارت ۽ خانه جنگيءَ لاءِ ميدان هموار ڪري سگهي
ٿو.
جيئن عام طرح سان غلط فهمي پيدا ڪئي وئي آهي، ته مسلمان هن ملڪ
۾ اقليت ۾ آهن. اها ڳالهه بلڪل غلط ۽ لغو آهي.
مسلمان هر حيثيت سان خواه ڪهڙي به اصطلاح ۽ تعريف جي تحت هجي،
هڪ قوم آهن. مستقل، آبرومند ۽ آزاد قوم. ان ڪري،
اهڙي مضبوط ۽ جدا قوم لاءِ سندس الڳ، آزاد،
خودمختيار ۽ پنهنجو ملڪ هئڻ گهرجي.
اسان هڪ آزاد قوم جي حيثيت سان پنهنجن سڀني پاڙيسري ملڪن سان
امن ۽ اتحاد سان زندگي بسر ڪرڻ گهرون ٿا.
اسان جي اها خواهش آهي ته مسلمان روحاني، ثقافتي،
معاشي، معاشرتي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ پنهنجي صوابديد
۽ پنهنجي مخصوص نصب العين جي تحت پنهنجي صلاحيت جي
اعتبار کان ڪامل نموني ۾ ترقي ڪري سگهي.
ديانتداريءَ ۾ ڪروڙها مسلمانن جي اهم ترين مفاد جي
تقاضا اها آهي ۽ اسان تي اهو مقدس فرض عائد ٿو ٿئي
ته اسان اهڙو ڪو باعزت حل تلاش ڪريون جو سڀني لاءِ
منصفانه ثابت ٿئي. پر بزدلاڻين ڌمڪين کان ڊڄي اسان
ڪڏهن به پنهنجي مقصد کان هٿ کڻي نه ٿا سگهون. اسان
پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر مشڪلات سان
مقابلو ڪنداسون. اسان هر قرباني ڏيڻ لاءِ بلڪل
تيار ۽ خبردار آهيون.
|