سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 12

معاشرتي مسئلا

 ڪردار ڇا کي ٿو چئجي؟ ڪردار جو مطلب هي آهي ته عزت نفس، خودداري جي پختگي ۽ ديانتداري.

انهن سڀني خصوصيتن جو بدرجه اتم موجود هجڻ ڪردار جي بلنديءَ جو دليل آهي.

قوم جي گڏيل مفاد لاءِ فردن جو پنهنجي پاڻ کي قربان ڪري ڇڏڻ ۽ ان لاءِ هر وقت تيار رهڻ بلند ڪردار آهي.

مسلم ڪنوينشن دهلي

17 - اپريل 1946ع

- منهنجو انهن ماڻهن ڏانهن خطاب آهي جن عوام جي مفاد کان بي پرواهه ٿي ذخيرا اندوزي ۽ منافع خوريءَ سان هٿ ڪارا ڪيا آهن. مان انهن کان مطالبو ٿو ڪريان ته هو پنهنجي هن غير فطري ڌنڌي کي فوري طور ترڪ ڪن.

پاڪستان ۾ ذخيرا خورن ۽ نفعي خورن جي لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. اهي قوم جي جسم کي هڪ موذي مرض بڻجي کائي رهيا آهن. انهن کي نيست ونابود ڪيو ويندو. حڪومت جو مقصد اهو آهي ته مملڪت کي هرخيال سان فائدو پهچايو وڃي.

وليڪا ٽيڪسٽائل مل ڪراچي جي افتتاح تي

26 - سيپٽمبر 1947ع

- مان مسلمانن کان چاهيان ٿو ته هو صوبائي تعصب جي بيماريءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن. اهو ياد رهي ته ڪا به قوم ترقي ڪري نٿي سگهي. جيستائين هوءَ هڪ صف ۾ متحد ٿي اڳتي نٿي وڌي.

اسان سڀ پاڪستان جا شهري آهيون. پاڪستان ۾ زندگي گذاريون ٿا. ان ڪري اسان کي ان جو حق ادا ڪرڻ گهرجي. اسان کي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ قربانيون ڏيڻ گهرجن. جيڪڏهن پاڪستان اسان جي جان به گهري ته اها به قربان ڪرڻ  گهرجي. تان ته دنيا ۾ هڪ شاندار ۽ عظيم خوشحال ۽ آسودي مملڪت بڻجي سگهي.

بار ائسوسيئيشن ڪراچي

25 - جنوري 1948ع

- مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته دنيا ۾ اوهان جي ضمير کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ ڪانه آهي. جڏهن اوهان پنهنجي خدا جي حضور ۾ پيش ٿيو، تڏهن نهايت خود اعتماديءَ سان چئي سگهو ته مون تي جي فرض لاڳو هئا سي مون مڪمل ديانت، خلوص ۽ وفاداريءَ سان ادا ڪيا آهن.

مون کي يقين آهي ته اوهان پاڻ ۾ اهڙو جذبو پيدا ڪندا ۽ ان جي مطابق زندگيءَ جي هر ڪم کي تڪميل تي پهچائيندا.

سرڪاري ملازمن کي خطاب - سبي

12 - فيبروري 1948ع

- مان هڪ ڀيرو وري به اوهان کي خبردار ڪريان ٿو ته پاڪستان جي دشمنن جي ڄار ۾ نه ڦاسجو. بدقسمتيءَ سببان اوهان ۾ ڪجهه ففٿ ڪالمسٽ ماڻهو آهن ۽ نهايت افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اهي مسلمان آهن ۽ پنهنجي غلط ڪارين لاءِ پئسا ٻاهران حاصل ڪن ٿا. پر اهي سخت غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهن. هاڻي سندن شر انگيزيءَ کي وڌيڪ برداشت ڪري نٿا سگهون. اسان پاڪستان جي دشمنن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسون.

اسان پاڪ سر زمين تي انهن منافقن ۽ پنجين ڪالم وارن کي ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪنداسون. هرگز نه ڪنداسون.

جي اهو سڀ ڪجهه بند نه ٿيو ته پوءِ مون کي يقين آهي ته پاڪستان جي حڪومت اوهان جي پنهنجي حڪومت آهي، جا اهڙن منافقن کي بي درديءَ ۽ سختيءَ سان چيڀاٽڻ لاءِ سخت تدبيرون اختيار ڪندي، ڇا لاءِ ته اهي ماڻهو اسان لاءِ زهر جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن.

عام جلسو - ڊاڪا

21 - مارچ 1948ع

- مان چاهيان ٿو ته اوهان بنگالي، پنجابي، سنڌي، بلوچي ۽ پٺاڻ وغيره جي اصطلاحن ۾ ڳالهه ٻولهه نه ڪريو. مان تسليم ٿو ڪريان ته اهي پنهنجيءَ پنهنجيءَ جڳهه تي وحدتون آهن، پر مان پڇان ٿو ته ڇا اوهان اهو سبق وساري ڇڏيو آهي جو تيرنهن سؤ سال اڳ اوهان کي سيکاريو ويو هو؟

جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته پوءِ مان چوندس ته اوهان سڀئي هت ٻاهر کان آيل آهيو. مان پڇان ٿو ته بنگال جا اصل باشندا ڪير هئا؟ اهي هرگز ناهن جي بنگال ۾ هن وقت رهن ٿا ته پوءِ ائين چوڻ مان آخر ڪهڙو فائدو ٿيندو ته اسان پنجابي آهيون، سنڌي آهيون ۽ پٺاڻ آهيون؟ بلڪل نه چوڻ گهرجي. اسان مسلمان آهيون! اسلام اسان کي اهو ئي سبق سيکاريو آهي- اوهان مون سان يقين اتفاق ڪندا ته اوهان ڇا به هجو ۽ ڪٿي به هجو، اوهان اول ۽ آخر فقط مسلمان آهيو. اوهان هاڻي باقاعده هڪ قوم سان تعلق رکو ٿا. اوهان هڪ وسيع علائقي کي پنهنجي تسلط ۾ آندو آهي، جو هاڻي اوهان جو پنهنجو آهي، نه اهو پنجابين جو آهي ۽ نڪو سنڌين جو آهي نه پٺاڻن جو آهي ۽ نه بنگالين جو. اوهان جي پنهنجي مرڪزي حڪومت آهي، جنهن ۾ انهن جاگرافي وارين وحدتن کي نمائندگي حاصل آهي. ان ڪري جيڪڏهن اوهان پاڻ کي هڪ قوم ۽ هڪ عظيم قوم بنائڻ گهرو ٿا ته پوءِ خدا جي واسطي صوبائي عصبيت کي فور ترڪ ڪيو. صوبائي عصبيت به سـُـني - شيعا فرقيواريءَ وانگر هڪ وڏي مصيبت ۽ عذاب آهي.

عام جلسو - ڊاڪا

21 - مارچ 1948ع

- مان بلڪل صاف طريقي سان اوهان کي انهن خطرن کان آگاهه ڪرڻ گهران ٿو جي پاڪستان جي خاص طرح سان اوهان جي صوبي لاءِ پيدا ڪيا پيا وڃن. پاڪستان جي قيام کي روڪڻ واري ڪوششن ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي شڪست کان پريشان ٿي پاڪستان جا دشمن هاڻي مسلمانن ۾ فساد ۽ اختلاف پيدا ڪري هن مملڪت ۾ انتشار پيدا ڪرڻ گهرن ٿا. سندن ڪوششن هاڻي صوبي پرستي جي وبا ڦهلائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو آهي.

جيستائين اوهان پنهنجي سياست مان هن زهر کي ٻاهر نه ڪڍي سگهندا، تيستائين اوهان پاڻ هڪ حقيقي قوم بڻجي نٿا سگهو.

اوهان لاءِ لازم آهي ته اوهان بنگالي، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پٺاڻ وغيره جون ڳالهيون نه ڪريو، اوهان فقط هڪ قوم آهيو ۽ هڪ ئي مملڪت سان سلهاڙيل آهيو. هيءَ مملڪت نه پنجابيءَ جي آهي ۽ نه بنگاليءَ جي، نه سنڌيءَ جي ۽ نه بلوچيءَ جي آهي.

ڍاڪا- 31 مارچ 1948ع

- جيڪڏهن اسان پاڻ کي بنگالي، پنجابي، سنڌي ۽ بلوچي وغيره . اول مسلمان ۽ پاڪستاني پوءِ سمجهندا رهنداسون. ته ان صورت ۾ پاڪستان يقيناً ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو. ان کي هڪ معمولي ڳالهه سمجهي ائين نظر انداز نه ڪري ڇڏيو، ان فتني جي شدت ۽ غلط امڪانات کان اسان جو دشمن چڱيءَ طرح سان آگاهه آهي.

مان اوهان کي اها تنبيهه ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان، ته هو منڍ کان ئي غلط فائدن وٺڻ ۾ مشغول آهي.

مان اوهان کان به هڪ ڳالهه بلڪل صاف نموني ۾ پڇڻ ٿو گهران ته، جڏهن ڀارت جون سياسي ايجنسيون ۽ ڀارتي اخبارون جن پاڪستان جي مخالفت ڪندي، الائي ڇا جو ڇا لکيو هو، هاڻي اوچتو مشرقي بنگال جي مسلمانن جون دوست بڻجي چوڻ لڳيون آهن ته اوهان بنگالين جا مطالبا جائز آهن ته پوءِ اوهان کي اهو محسوس نه ٿو ٿئي، ته سندن اهو قدم ڪنهن خوفناڪ شرارت ۽ سازش جي ڪري ڪيو پيو وڃي؟ انهن مسلمان ڀاءُ کي ٻئي مسلمان ڀاءُ جي خلاف برغلائڻ شروع ڪيو آهي. ڇا اها سندن خيرخواهي آهي؟

مان اوهان کي صوبائي عصبيت جي زهر کان خبردار ڪرڻ ٿو گهران. جنهن کي اسان جو دشمن پاڪستان ۾ داخل ڪرڻ ٿو گهري.

ريڊيو ڊاڪا تان نشر ٿيل تقرير

28 - مارچ 1948ع

- اوهان کي صوبائي محبت ۽ مملڪت جي محبت ۾ ڪجهه فرق ۽ امتياز ڪرڻ گهرجي. مملڪت جي محبت، بلڪ مملڪت پاران عائد ٿيل فرض، اسان کي اهڙي اعليٰ سطح تي پهّچائي ٿو. جو صوبائي محبت کان بلڪل بالاتر ۽ ماورا آهي. ان سطح تائين پهچڻ لاءِ هڪ وسيع تر بصيرت ۽ بلند تر حب الوطنيءَ جي ضرورت ٿئي ٿي.

مملڪت جي فرض جي تقاضا آهي، ته اسان پنهنجي ذاتي يا مقامي يا صوبائي، مفاد کي عوام جي مفاد جي تابع ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي.

مملڪت جو فرض اول آهي ۽ پنهنجي صوبي پنهنجي ڳوٺ جو فرض بعد ۾ اچي ٿو.

ياد رکڻ گهرجي ته اسان اهڙي مملڪت جي تعمير ڪري رهيا آهيون، جا پوري اسلامي دنيا جي تقدير بدلائڻ لاءِ اهم ترين ڪردار ادا ڪرڻ واري آهي. ان ڪري اسان کي وسيع تر ۽ بلند تر بصيرت جي ضرورت آهي. اهڙي بصيرت جا صوبائيت، قوم پرستيءَ ۽ نسل پرستيءَ جي حدن کان مٿي هجي. اسان ۾ حب الوطنيءَ جو شديد ۽ قومي جذبو پيدا ٿيڻ گهرجي.

اسلاميه ڪاليج پشاور 12 - اپريل 1948ع

- بلوچستان آزاد ۽ بهادر انسانن جي سرزمين آهي، ان ڪري اوهان جي نظرن ۾ قومي آزادي، عزت ۽ طاقت جي لفظن جي خاص قيمت هئڻ گهرجي. هي ملڪي ۽ غير ملڪي هجڻ جون ڳالهيون نه ملڪ لاءِ مفيد آهن ۽ نه ڪو اوهان جي شان وٽان آهن هاڻي اسان سڀ پاڪستاني بڻجي چڪا آهيون.

اسان نه بلوچ آهيون نه پٺاڻ، نه سنڌي آهيون ۽ نه بنگالي، ۽ نه ڪو پنجابي رهيا آهيون. اسان جا احساسات ۽ اعمال سڀ پاڪستاني هئڻ گهرجن.

اسان کي گهرجي ته ڪنهن به ٻئي نالي جي بجاءِ صرف پاڪستاني سڏايون ۽ ان تي ئي فخر محسوس ڪيون.

ڪوئيٽه شهري سپاسنامي جو جواب

15 - جون 1948ع

- اسان چاهيون ٿا ته اوهان خودار ماڻهن وانگر پنهنجن پيرن تي بيهڻ شروع ڪيو، پنهنجي ملڪ جي وسيلن کي ترقي ڏيڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجن خوبين ۽ صلاحيتن کي عملي ڪم ۾ آڻڻ جو ارادو ڪيو.

اوهان کي معلوم آهي ته صوبه سرحد پنهنجي آمدنيءَ سان پنهنجو خرچ پورو ڪري نه ٿو سگهي. پر اسان کي ان جو ڪوبه فڪر ناهي. پاڪستان سرحد پار، قبائلي ڀائرن جي معاشي ۽ معاشرتي حالت کي سڌارڻ جي خاطر هر قسم جي مدد ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار آهي.

قبائلي جرگي پشاور اڳيان تقرير

17- مارچ 1948ع

- هاڻي اسان سڀ پاڪستاني آهيون، نه بلوچ نه پٺاڻ نه سنڌي، نه بنگالي ۽ نه پنجابي.

اسان کي صرف پاڪستاني سڏائڻ تي فخر ڪرڻ گهرجي. اوهان ڪوبه قدم ذاتي يا مقامي پسند ۽ نا پسند جي زير اثر نه کڻو. پاڪستان جي فلاح ۽ بهبود جو خيال رکي عمل ڪريو.

مان ڏسي رهيو آهيان ته پاڪستان جو مستقبل انتهائي روشن ۽ شاندار آهي. پاڪستان، ويجهي زماني ۾ هڪ عظيم مملڪت جي حيثيت سان فتح مندانه انداز سان اڀرندو ۽ دنيا جي عظيم ترين قومن جي صف ۾ شامل ٿي اڳتي وڌندو.

ڪوئيٽه ميونسپالٽي جي آجياڻي ۾ تقرير

15 - جون 1948ع

- هر شخص کي پنهنجي ڳوٺ ۽ شهر سان محبت هئڻ گهرجي ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ محنت ڪرڻ گهرجي. اها تمام سٺي ڳالهه آهي، پر ان کان به تمام سٺي ڳالهه اها آهي ته هر شخص کي پنهنجي ملڪ سان، پنهنجي ڳوٺ ۽ شهر کان وڌيڪ محبت هئڻ گهرجي. مقامي ۽ ذاتي وابستگي به بيشڪ، قدر ڪرڻ جهڙي شيءِ آهي. پر جزي جي قيمت آخر ڪهڙي؟ جيستائين هو "ڪل" سان وابسته نه ٿو رهي. ان جي باوجود هيءَ نهايت حقيقت افروز  ۽ ڳؤري حقيقت آهي، ته ماڻهو قومي مفاد کي سولائيءَ سان نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا. انهن تي مقامي فرقه واراڻه يا صوبائي مفاد کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. پاڪستان کي ترجيح نه ٿي ڏني وڃي. پاڪستان کي عصبيت کان جلد از جلد ڇوٽڪارو ملڻ گهرجي.

اهو سڀ ڪجهه برطانوي ڪنٽرول کان حفاظت ڪرڻ لاءِ صوبائي خودمختياري ۽ مقامي آزادي جا ٿنڀ بڻايا ويا هئا. جنهن کي ڪي ماڻهو اڄ تائين چنبڙيا ٿا اچن. پر هاڻي ته پنهنجي مرڪزي حڪومت آهي، جا بلڪل با اختيار آهي، ان ڪري پراڻن ۽ غلط اصطلاحن تي سوچڻ، ڪمزور سهارن کي چنبڙي پوڻ جي برابر آهي. ياد رهي صوبائي عصبيت توڙي مقامي ۽ ذاتي مفاد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ آهي خودڪشي!

ڪوئيٽه ميونسپالٽي جي آجياڻي ّجي جواب ۾

15 - جون 1948ع

 

---------------

اقليتن جا حق ۽ سندن حفاظت

 اقليت وارا جتي به هوندا، اتي سندن حفاظت ڪئي ويندي. مون هميشه کان اهو يقين ڪيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو، ته منهنجو يقين غلط ناهي. ڪابه حڪومت پنهنجي اقليتن کي اعتماد ۽ حفاظت جي يقين ڏيارڻ کان سواءِ هڪ قدم به ڪاميابيءَ سان کڻي نه ٿي سگهي. ڪابه حڪومت جانبداريءَ ۽ ناانصافيءَ سان قائم رهي نه ٿي سگهي. اقليت سان ظلم ۽ تشدد حڪومت جي بقا جو ضامن ٿي نه ٿو سگهي. اقليتن ۾ انصاف، آزادي، امن ۽ مساوات جو احساس پيدا ڪرڻ هر چونڊيل حڪومت لاءِ آزمائش آهي. ان خصوصيت ۾ اسان دنيا جي ڪنهن به مهذب ملڪ کان پوئتي نه ٿا رهي سگهون. مون کي يقين آهي ته جڏهن وقت ايندو، تڌهن اسان جي مملڪت جي اقليتن کي اسان جي روايتن، ثقافت ۽ اسلامي تعليم مان نه صرف انصاف ۽ سچائي ملندا، بلڪ کين اسان جي ڪريم النفسي ۽ عاليٰ ظرفيءَ جو ثبوت به ملي سگهندو. اسان سوديبازيءَ جا هريل ناهيون. اسان صرف عمل تي يقين رکون ٿا ۽ صرف تدبر ۽ عملي سياست تي اعتماد رکون ٿا.

اجلاس مسلم ليگ - مدراس

اپريل 1941ع

- منهنجو هميشه کان اهو يقين رهندو آيو آهي ته مان حق ۽ سچائيءَ تي آهيان. منهنجو اهو به خيال آهي، ته ڪا به حڪومت تيستائين ڪامياب ٿي نه ٿي سگهي. جيستائين اها اقليتن جي دلين ۾ سلامتيءَ  جو احساس ۽ اعتماد پيدا ڪري نه ٿي سگهي. جيڪڏهن حڪومت جي پاليسي، اقليتن جي حق ۾، ناانصافي، بدديانتي ۽ ظلم تي ٻڌل هوندي ته پوءِ اهڙي حڪومت ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه سگهندي. هر حڪومت لاءِ فيصله ڪن امتحان اهو آهي ته عوامي حڪومت جي ماتحت اقليتن کي، ان امر جو احساس هجي ته ساڻن ديانتداريءَ ۽ انصاف سان سلوڪ ڪيو ويندو.

اقليتن جي معاملي ۾، اسان مسلمان دنيا جي ڪنهن به مهذب حڪومت کان پوئتي نه رهنداسون. مون کي يقين آهي ته جڏهن وقت ايندو، تڏهن اسان جي وطن ۾ آباد اقليتن وارا اهو ڏسي سگهندا، ته اسان جا مسلمان حاڪم نه صرف انصاف پسند ۽ فياض آهن، پر انتها درجي جا ديانتدار به آهن.

ڀلا ائين ڇو نه ٿيندا، اسلام جون روايتون ئي اهڙيون آهن. اسلام جي تعليم ئي اها آهي. اسلام مسلمانن کي وراثت ۾ اها ئي روايت ڏني آهي.

اجلاس مسلم ليگ - مدارس

اپريل 1941ع

- اسان جي اها منشا ناهي، ته پاڪستان جي قيام سان گڏ اختلاف ۽ جهيڙا شروع ٿي وڃن. اسان جي سامهون تمام وڏو ڪم آهي. ان طرح هندن کي، جي اسان جا برادران وطن آهن، انهن کي به پنهنجي مملڪت ۾ گهڻو ئي ڪم ڪرڻو پوندو. پر جيڪڏهن هنن اسان جي اقليتن سان بدسلوڪي شروع ڪئي ته پوءِ پاڪستان هڪ  خاموش تماشائيءَ وانگر پري کان ڏسندو نه رهندو. جيڪڏهن گليڊسٽون جي زماني ۾ برطانيه اقليتن جي حفاظت جي آڙ ۾ آمريڪا ۾ مداخلت ڪري ٿي سگهي، ته پوءِ جي هندستان ۾ اسان جي اقليتن تي ظلم ڪيو ويو، ته پوءِ اسان جي مداخلت ڪرڻ کي ڇو نه حق بجانب چئي سگهبو؟

مسلم ليگ ڪنوينشن - دهلي

17 - اپريل 1946ع

- جيڪڏهن اوهان اسان کي حيوان نه ٿا سمجهو، ته پوءِ ياد رکڻ گهرجي ته مسلمان پنهنجين اقليتن سان بهترين ۽ فياضانه سلوڪ ڪندا رهندا.

پرڏيهي اخباري نمائندن سان ملاقات

14- نومبر 1946ع

- پاڪستان ۾ اقليتن جي پوري پوري حفاظت ڪئي ويندي، خواه ان جو تعلق ڪهڙي به فرقي سان هجي، انهن جو مذهب، عقيدو ۽ ايمان پاڪستان ۾ بلڪل سلامت ۽ محفوظ رهندو. کين عبادت جي آزادي هوندي. ان ۾ ڪابه مداخلت نه ڪئي ويندي. کين رنگ ۽ نسل جي اعتبار کان پاڪستان جي شهري هجڻ جو حق هوندو.

پريس ڪانفرنس نئين دهلي

14 - جولاءِ 1947ع

- وقت سان گڏ هي اڪثريت ۽ اقليت جا سمورا جهيڙا توڙي هندو فرقي ۽ مسلمان فرقي جا اختلاف ختم ٿي ويندا. ڇو ته خود مسلمانن ۾ به فرقا آهن. پٺاڻ، پنجابي، شيعه ۽ سني وغيره . هندن ۾ برهمڻ، ويش، کتري ۽ شودر وغيره. ان طرح منجهن بنگالي ۽ مدراسي جو چڪر الڳ آهي.

جيڪڏهن اوهان مون کان سوال ڪيو ته پوءِ مان ائين ئي چوندس ته هندستان جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ کي حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اها ئي رهي آهي. جي اها نه هجي ها ته پوءِ اسان اڄ کان گهڻو اڳ آزادي حاصل ڪري چڪا هجون ها. ڪا به قوم ڪنهن ٻيءَ قوم، خاص ڪري چاليهن ڪروڙن واري قوم کي محڪوم بڻائي نه ٿي سگهي ۽ نه ڪو ڪابه طاقت اوهان کي ايتري ڊگهي عرصي تائين غلام بڻائي سگهي ها. اوهان غلامي ۾ رهيا، صرف ان رڪاوٽ جي ڪري، اسان کي ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.

اوهان اڄ آزاد آهيو، اوهان عبادت لاءِ پنهنجن مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. اوهان پنهنجين مسجدن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ آزاد آهيو، اوهان مملڪت پاڪستان ۾ پنهجي عقيدي پٽاندر، پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو، اوهان خواه ڪهڙي به مذهب، فرقي يا عقيدي سان تعلق رکندا هجو، مملڪت جي نظام کي ان سان ڪو به واسطو ناهي.

تاريخ جا ورق شاهد آهن ته ڪجهه وقت اڳ انگلينڊ ۾، حالتون اڄوڪي هندستان کان به بدتر پيدا ٿي چڪيون هيون.

رومن ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ هڪ ٻئي جا جاني دشمن هئا، اڄ ڪلهه به اهڙا ملڪ موجود آهن، جن ۾ رنگ يا نسل جا امتياز اڃا تائين قائم آهن ۽ هڪ مخصوص فرقي تي پابنديون وڌيون وڃن ٿيون.

خدا جو شڪر آهي ته اسان اهڙي زماني جو آغاز نه ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ ٻن فرقن مان ڪنهن به هڪ سان ڪنهن قسم جو خاص امتياز روا رکيو ويو هجي. جڏهن ته ڪنهن هڪ فرقي کي ٻئي فرقي تي رنگ ۽ نسل جي حيثيت سان ترجيح نه ٿي ڏئي سگهجي.

اسان ان بنيادي اصول سان پنهنجي ڪم جو آغاز ڪري رهيا آهيون ته اسان سڀ هڪ ئي مملڪت جا شهري آهيون ۽ اسان جا حق هڪجهڙا آهن. انگلينڊ جي ماڻهن کي به وقت سان گڏ اصل حقيقتن کي محسوس ڪرڻو پيو هو، ۽ پنهنجي حڪومت پاران وڌل ذميوارين ۽ فرضن کي سرانجام ڏيڻو پيو هو. ان فرقه پرستيءَ جي باهه مان کين رفته رفته لنگهڻو پيو هو. اڄ اوهان چئي سگهو ٿا ته انگلينڊ ۾ نه آهن، ڪيٿولڪ ۽ نه آهن پروٽسٽنٽ. اتي جنهن شيءِ جو وجود آهي، سا آهي، شهريت. اتي هر شخص شهري آهي. انگلينڊ جو شهري، هڪجهڙو شهري، پوري قوم جو هڪ فرد. اسان کي به هر وقت اهو نصب العين اڳيان رکڻ گهرجي. وقت گذرڻ تي اوهان پاڻ ڏسندو ته نه هندو، هندو رهندو ۽ نه مسلمان، مسلمان رهندؤ. مذهب جي معنيٰ ۾ نه، پر سياسي معنيٰ ۾، جڏهن هر شخص مملڪت جو شهري هوندو.

پاڪ دستوريه کي خطاب - ڪراچي

11 - آگسٽ 1947ع

- شهنشاهه اڪبر، جيڪو غير مسلمانن سان رواداريءَ وارو سلوڪ رکيو، سا ڪا نئين ڳالهه ناهي، ان جو تعلق تيرهن سو سال اڳ واري دور سان آهي. جڏهن اسان جو پيغمبر رسول الله صلي الله عليه وسلم نه فقط زباني لفظن سان بلڪ پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان يهودين ۽ عيسائين سان بهترين سلوڪ ڪيو ۽ اهو سڀ ڪجهه ان وقت ڪيو ويو، جڏهن هو مفتوح ۽ مغلوب ٿي چڪا هئا. سندن ايمان ۽ عقيدي جو نه رڳو خيال رکيو ويو، پر ان جو احترام ڪيو ويو.

مسلمانن جي پوري تاريخ اهڙن انساني ۽ عظيم اصولن سان ڀريل آهي. جن جي تقليد ڪرڻ گهرجي.

پاڪ دستور ساز اسيمبليءَ کي خطاب - ڪراچي

14 - آگسٽ 1947ع

- هن مبارڪ موقعي تي اسان پنهنجن انهن ڀائرن، ڀينرن کي وساري نه ٿا سگهون، جن پنهنجو سڀ ڪجهه پاڪستان جي قائم ڪرڻ لاءِ قربان ڪري ڇڏيو آهي. اسان خدا تعاليٰ کان دعا ٿا گهرون ته جي شهيد ٿي ويا آهن، خدا انهن کي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ جي مظلوم ٿي چڪا آهن، تن کي پنهنجي مهربانين جي پاڇي ۾ رکي. انهن مظلومن ۽ شهيدن جي يادگيري ڪڏهن به اسان جي دلين مان وسري نه ٿي سگهي.

اسان پاڪستانين لاءِ هن عيد جي خوشي، مسرت جو سبب نه بڻجي سگهي آهي. اسان جا اهي مسلمان ڀائر جي هندستان ۾ اقليت جي حيثيت سان رهجي ويا آهن، اسان کين يقين ٿا ڏياريون ته اسان کين ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون . انهن جي مدد ۽ خوشحاليءَ لاءِ اسان وڏين قربانين ڏيڻ کان به نه ڪيٻائينداسين. ڇا لاءِ ته منهنجي خيال ۾ اهي مسلم اقليتي صوبا ئي هئا، جن پاڪستان لاءِ سڀ کان اول  پيش قدمي ڪئي. پاڪستان متعلق سندن ڪيل امداد کي مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان. مون کي اميد آهي ته پاڪستان جا مسلم اڪثريتي صوبا به ان حقيقت کي نه وساريندا ته مسلم اقليتي صوبن تي پاڪستان جو دليراڻو ۽ تاريخي تحريڪ ۾ هر اول دستي وارو ڪم ڪيو آهي.

پيغام عيد - 8 - آگسٽ 1947ع

- پاڪستان يا هندستان ۾ آباد مختلف مذهبن ۽ عقيدن وارين اقليتن جا فرد، ڪنهن خاص عقيدي يا مذهب، نسل يا طريقي جي ڪري شهريت جي حقن کان محروم ٿي نه ٿا سگهن.

مون هر هر اهو واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جي اقليتن جا افراد برابريءَ وارا حق رکن ٿا. کين اهي حق ۽ رعايتون حاصل رهندا، جي پاڪستان ۾ ڪنهن ٻئي فرقي کي حاصل هوندا. پاڪستان هميشه ان پاليسيءَ تي ڪاربند رهندو ۽ پنهنجي غير مسلم اقليتن ۾ سلامتيءَ ۽ اعتماد جو احساس پيدا ڪندو رهندو ۽ جو ڪجهه به ممڪن ڪري سگهجي ٿو اهو ضرور ڪيو ويندو.

ڪراچي - سيپٽمبر 1947ع

- هندستان جي مسلمان ڀائرن کي منهنجي اها نصيحت خيال ۾ رکڻ گهرجي، ته هو ان مملڪت جا سچا وفادار رهن. ان سان گڏ کين پنهنجي لاءِ نئين سر تنظيم ڪرڻ گهرجي ۽ صحيح قسم جي قيادت پيدا ڪرڻ گهرجي. جا صحيح اصولن تي سندن رهنمائي ڪري سگهي. مون کي هندستان جي حڪومت ۾ به اها ئي اميد آهي ته جي ماڻهو پنهنجي وحشياڻه ۽ غير انساني حرڪتن سان هندستان جي مسلمانن کي نابود ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومت، تن کان مرغوب نه ٿيندي ۽ نه ڪو پنهنجي نالي تي داغ لڳڻ ڏيندي.

جي اقليت جي مسئلي جو آخرڪار حل وسيع پيماني تي، آباديءَ جو انتقال ئي تجويز ڪيو وڃي ته پوءِ ان کي حڪومت جي سطح تي طئي ڪرڻ گهرجي ۽ نه ان کي خون پياڪن غنڊن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏڻ گهرجي.

پاڪستاني فوجن کي خطاب

11 - آڪٽوبر 1947ع

- ڀارت جي مسلمان اقليت تي جو ڪجهه به اڄ ڪلهه گذري رهيو آهي، ان جو دنيا کي علم ٿي چڪو آهي، ان جي پيش نظر اهو ناممڪن آهي ته پاڪستان هڪ خاموش تماشائيءَ وانگر ويٺو ڏسي ته ڇا ڇا ٿي رهيو آهي؟

هڪ پرڏيهي، اخبار نويس سان ملاقات

25 - آڪٽوبر 1947ع

- اسلام جي اصولن، هر مسلمان کي اهو سيکاريو آهي ته هو رنگ ۽ نسل جي فرق ڦير کان سواءِ پنهنجي پاڙيسري اقليتن جي حفاظت ڪري.  هندستان ۾ مسلمان اقليتن سان جو  غير انساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اهو نظرانداز ڪرڻ گهرجي ۽ اسان کي پنهنجي مملڪت جي اقليتن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ منجهن سلامتيءَ جو احساس پيدا ڪرڻ گهرجي. ان قسم جي فرض شناسيءَ کي ئي پنهنجي وقار ۽ عزت جو مسئلو بڻائڻ گهرجي.

مان هر ان مسلمان کي جنهن کي پاڪستان جو فلاح ۽ بهبود دل سان پيارو آهي. ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هو انتقام کان پاسو ڪن ۽ صبر ۽ تحمل سان ڪم ڪن.

ياد رکڻ گهرجي ته انتقام ۽ قانون جي خلاف ورزيءَ مان اسان کي ڪو به فائدو پهچڻو ناهي. جي ائين جائز رکيو ويو ته پوءِ آخرڪار مملڪت جي عمارت جا بنياد ڪمزور ٿي ويندا. جنهن مملڪت کي تعمير ڪرڻ جي حسرت اوهان ورهين کان وٺي دل ۾ سانڍيندا آيا آهيو.

جلسه عام - لاهور

30 - آڪٽوبر 1947ع

- مان هڪ ڀيرو وري به سڀني مسلمانن تي اهو واضح ڪرڻ ٿو گهران ته هو لاقانوني عناصر، ففٿ ڪالمسٽ ۽ فسادن جي ذميوار غنڊن ۽ انهن جي گروهن کان پنهنجن هندو پاڙيسرين کي بچائين ۽ سڀني اقليتن ۾ اعتماد ۽ حفاظت جو احساس پيدا ڪن.

پاڪستان تي غنڊن، لاقانونيت پسند گروهن ۽ ففٿ ڪالمسٽن کي حڪومت ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. پاڪستان تي باضابطه آئيني حڪومت جي حڪمراني هئڻ گهرجي.

حڪومت پاڪستان، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ عناصر کي سخت کان سخت سزا ڏيندي.

ڪراچيءَ جي فسادن متعلق بيان - ڪراچي

9 - جنوري 1948ع

- پارسي اقليت وارا ڏاڍا خوش نصيب ماڻهو آهن جي قتل وغارت جي هنگامن ۽ فسادن کان بچي ويا آهن. حالانڪ ٻين ڪيترن فرقن تي مصيبتون اچي چڪيون آهن، ائين يقين سان چئي سگهجي ٿو ته مستقبل ۾ به پارسي فرقي وارا خوف ۽ فسادن جي نقصانن کان محفوظ رهندا.

انهن پنهنجي تنظيمي قابليت، هوشياري ۽ محنت سان اڳ ۾ ئي ملڪ ۾ هڪ مقام حاصل ڪري ورتو آهي. انهن جي تجارتي تجربي ۽ ذهانت لاءِ پاڪستان هڪ سٺو ميدان ثابت ٿي سگهي ٿو. خاص طرح سان ڪاروبار، تجارت، صنعت ۽ حرفت ۾ کين اڃا به اڳتي وڌڻ گهرجي.

پاڪستان کي دنيا جي عظيم ترين مملڪت بڻائڻ ۾، پاڪستاني قوم کي دنيا جي عظيم قومن ۾ شامل ڪرڻ ۾، پاڪستان کي خوشحال سرزمين بنائڻ ۾، وفادار ۽ سچن شهرين جي حيثيت سان پارسي فرقي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

پارسين پاران ڏنل آجياڻي ۾ خطاب

3 - فيبروري 1948ع

- اسان پنهنجن انهن اعلانن تي قائم آهيون ته هر فرقي جي ماڻهن کي پاڪستان جو شهري تصور ڪيو ويندو ۽ انهن جا حق برابريءَ وارا قائم رهندا. اقليتن جي حفاظت ڪئي ويندي ۽ اهي پاڪستان ۾ امن ۽ امان سان رهي سگهندا.

مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته پست حال وارين قومن جي خوشحاليءَ لاءِ اسان جي دلين ۾ خاص طرح سان شفقت ۽ خيرخواهيءَ جا جذبات موجود آهن.

صدين کان زمانو اوهان کي لتاڙيندو آيو آهي، ان ڪري ٻين فرقن جي مقابلي ۾ اوهان وڌيڪ مدد ۽ همدرديءَ جا حقدار آهيو.

مون هميشه اوهان جي مفاد جي حمايت ڪئي آهي ۽ آئنده به ائين ئي ڪندو رهندس.

پٺتي پيل قومن جي وفد کي جواب - ڊاڪا

28 - مارچ 1948ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org